قدم گاه مولا علي عليه السلام حيدرآباد سنڌ

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ محمدجوادعسڪري طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2011۔

  1. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    .قدم گاه مولا علي عليه السلام حيدرآباد سنڌ جو تعارف
    مرزا امام علي بيگ .
    سنڌ جي قديمي شهر حيدرآباد ۾ قدم گاه مولا علي عليه السلام هڪ اهڙي زيارتگاه آهي جتي روزانو ڪيترا ئي پانڌيئڙا پنهنجي آقا جي قدم مبارڪن جو درشن ڪري پنهنجا نيڻ ٿڌا ڪندا آهن هي قدم گاه ٽالپرحڪمرانن جي دور ۾ايران مان سنڌ ۾ آيا جنهن جي لاءِ چند روايتون آهن جيڪي ميرزا امام علي بيگ سندس ڪتاب ” سنڌ جي عزاداري “ ۾ص 263 کان 267 ذڪر ڪيون آهن جن کي هتي نهايت ئي اختصار سان پيش ڪجي ٿو
    1_ مرحوم ميرزا گل حسن بيڱ احسن ڪربلائي جي روايت جيڪا 1954ع ۾ ”مهراڻ جون موجون “ ۾ چاپ ٿي
    سال 1258 ھ ۾ علامه عظامي ايران جي معرفت مير نصير خان ٻين تحفن سان ڱڏ هيٺيان ٻه مقدس ڪتاب شاه ايران لاءِ ڏياري موڪليا جيڪي هن وقت تائين ڪتب خاني رضويه (مشهد ) ۾ رکيل آهن 1_قرآن ڪريم مطلا ، ڪاتب ملا علي بروجردي تاريخ 7 ذي الحجه 1245 ھ 2_ تفسير خلاصته المنهج ڪاتب حسن بن جعفر بن يعقوب ڪشميري ماه شعبان 1245 ھ
    شاه ايران وري حضرت علي عليه السلام جا قدم مبارڪ هڪ قرآن مطلا ٻه شالون ايراني ٻه پيالا چينئ جا جنهن تي گلڪارئ جو تمام سٺو ڪم ٿيل هو تحفي طور ڏانهس ڏياري مو ڪليا ( مهراڻ جون موجون مرتب سيد حسام الدين راشدي . پاڪستان پبليڪشن ڪراچي 1956 ع ص 89 )
    2 _ مرحوم مير ڪرم علي خان ٽالپر تاجدار سنڌ ايران جي بادشاه جي معرفت حضرت علي عليه السلام جو دستخط قران روضه مشهد مقدس ۾ رکڻ لاءِ تحفي طور موڪليو ايران جي بادشاه فتح علي شاه قاچار پنهنجي ايلچي اسماعيل هٿان مرحوم مير ڪرم علي خان ٽالپر ڏي موجوده قدم شاه ءِ دلدل جي سنب جي نشان وارا پٿر ٻه ايراني شالون شاهنامه فردوسي ......... ٻه پنج هزاري قرآن مجيد ۽ هڪ تلوار تحفي طور موڪليا (جبلن تي قدمن جا نشان زنده معجزا آهن، محمد هاشم خان عرف ميوه خان انجمن اماميه سنڌ 1964 ع ص14 )
    3_ سن (1219 ھ _1804ع) ۾ شهزادي مير ڪرم علي جي سفارش تي ٽالپر سرڪار سيد ثابت شاه کي ايران ڏي سفير ڪري موڪليو شاه صاحب پاڻ سان مير صاحبن طرفان شهنشاه ايران لاءِ گھوڙا قلمي قرآن مجيد بيش بها جواهر جڙائو تلوارون ۽ شڪيلا ( تلوار جي ميان ۾ ننڍو خنجر ) وغيره کڻي ويو ايران ۾ پهچڻ شرط شاه صاحب پهرين آستانه قدس ( مشهد مقدس )جي زيارت کان شرفياب ٿيو پوءِ دار الحڪومت ايران ڏي روانو ٿيو جتي فتح علي شاه قاچار جي دربار ۾ شاه صاحب ميرن جون سوغاتون ڏئي ۽ سفارتي فرائض پورا ڪيا بادشاه جي مدح قصيدو ۾پڙهيو ۽ سنڌ ۾ واپس اچڻ کان اڳ شاه جي مدح ۾ ثابت علي شاه وري ٻيهر قصيدو پڙهيو فتح علي شاه قاچار قصيدا ٻڌي ثابت علي شاه کي انعام اڪرام سان نوازي سنڌ ڏانهن واپس وڃڻ وقت مير صاحبن لاءِ جيڪي ناياب تحفا ڏنا تن مان مندرجه ذيل قابل ذڪر آهن
    ڪاشان جا ريشمي دوشاله . چيني جا منقس چار وڏا شاه ڪاسه ، جڙائو هٿيار ، مطلا قرآن مجيد ۽ مختلف ڪتاب انهن کان سواءِ حضرت علي عليه السلام جي قدمن وارو پٿر ۽ حضرت ثامن الحجج علي بن موسي الرضا عليه آلاف التحيه والسلام جو خط ڪوفي ۾ لکيل قرآن مجيد جنهن جو پهريون اڌ مير صاحب ڏي موڪليائون جو اڄ تائين ٽالپري ڪتب خانه ۾ محفوظ آهي ۽ قرآن جو پويون اڌ حصو شاه ايران پاڻ وٽ رکيو جيڪو هن وقت آستانه قدس جي رضويه ميوزم۾ موجود آهي ( ڪليا ت سيد ثابت علي شاه ڪربلائي . ميرزا عباس علي بيگ ص 63)
    4_.......... مولا علي جا هي قدم ايران جي بادشاه فتح علي شاه قاچار 1805 ع مطابق 1220 ھ ۾ پنهنجي ايلچي شاه اسماعيل هٿان مير ڪرم علي خان ٽالپر ڏانهن موڪليا جن سان گڏ دلدل جي سنب جو نشان وارو پٿر پڻ آهي . ( دينيات پهريون ڪتاب . مولانا غلام رضا سريوال . مدرسه باب العلم حيدر آباد ص 12 )
    ميرزا صاحب جي پنهنجي تحقيق
    قدم ڱاه مولا علي عليه السلام جنهن کي عام طور ”شاه جا قدم “ سڏيو ٿو وڃي اهي مير ڪرم علي خان جي دور حڪومت ۾ ايران مان سنڌ ۾ آندا مير صاحبان انهئ متبرڪ شئ کي بطور زيارت پنهنجي حڪومت جي تخت ڱاه پڪي قلعي حيدرآباد ۾ هڪ زيارت ڱاه ٺهرائي اتي نصب ڪرايا . مذڪوره قدم مبارڪن جي هفتي جا ڇھ ڏينهن مير صاحبان ۽انهن جا خاص مصاحب زيارت ڪندا هئا ۽ جمعي جي ڏينهن عام ماڻهن کي زيارت لاءِ موقعو ڏنو ويندو هو جيڪي جمعي جي ڏينهن جي نمازکان مغرب جي نماز تائين زيارت ڪندا هئا .
    مير محمد نصير خان ٽالپر آخري تاجدار سنڌ جنهن پنهنجي دور حڪومت ۾ عزاداري ۽ علم پاڪن جي نصب ڪرڻ ۾ تمام گھڻو واڌارو آندو ان اهي قدم ڱاه پڪي قلعي مان کڻائي موجوده هنڌ تي نصب ڪرايا ۽ ان جي مٿان هڪ بهترين سهڻي نموني سان زيارت ڱاه ٺهرائي انهئ زيارت گاه جي اتر طرف مير صاحبان جي امام بارگاه هئي جنهن کي هن وقت هوم اسٽيڊ هال چيو وڃي ٿو جتان مير صاحبان ۽ سندس مصاحب ۽ ٻيا سامعين مجلس ختم ٿيڻ بعد اچي قدم جي زيارت ڪندا هئا مارچ 1906 ع ۾ موجوده پڪي قلعي ۾ گولو ڦاٽو جنهن ڦاٽڻ سان قلعي جي ارد گرد جيڪي جايون هيون تن کي نقصان پهتومگر قدم گاه واري جاءِ جي هڪ سر به پنهنجي جاءِ تان نه اکڙي اهاڳالھ باعث برڪت ۽ هڪ معجزو سمجھي ان وقت جا عام طرح هندو ۽ غير شعه مسلمان به قدم گاه جي زيارت لاءِ اچڻ لڳا
    خلاصو ڪندڙ۔۔ نائب علي ڪميلي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: قدم گاه مولا علي عليه السلام حيدرآباد سنڌ

    تمام بهترين معلومات آهي ادا

    اسان جهڙن فقيرن لا۽

    توهان کي جس هجي جو توهان ان مضمون کي سنڌ سلامت فورم جي دوستن سان ونڊ ڪيو

    اهڙيون ڪوششون هميشه جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: قدم گاه مولا علي عليه السلام حيدرآباد سنڌ

    ادا تمام سٺو مضمون آهي معلومات جي حساب سان، مگر ان تاريخي عنوان تي اڃان به تحقيق جي ضرورت آهي جيڪا شايد ايندڙ وقت ۾ ڪي اڪابر ۽ علم دوست ان ڪم کي هٿ ۾ کڻن۔ سنڌ ۾ ماتم جي مختصر تاريخ بابت مون ڪجهه وقت پهرين هڪ مضمون وڊيوز جي صورت ۾ پڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو جنهن کي ڏسڻ لاء توهان هن عنوان تي ڪلڪ ڪري اهي وڊيوز پڻ ڏسي سگهو ٿا جنهن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ ماتم ۽ ماتمي جاين جو احوال ڏنل آهي۔۔۔۔۔۔ سنڌ ۾ ماتم جي شروعات ۽ تاريخ وڊيوز رپورٽ
     
  4. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: قدم گاه مولا علي عليه السلام حيدرآباد سنڌ

    مهربان ڀاءُ وگهيا صاحب اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان هن عاجز ٻانهي جي تحرير کي پسند ڪيو
    اوهان جي وڊيو آء ُ وڏي شوق سان ڏٺي تمام سٺي ۽ مفيد معلومات هئي ان لاء اوهان جي مهرباني ادا
    الله پاڪ اوهان جو مددگار
    سدائين گڏ
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: قدم گاه مولا علي عليه السلام حيدرآباد سنڌ

    ادا تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي ۔
     
  6. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    تمام بهترين ونڊ
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا سهڻي ونڊ
     
  8. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان جا دوست ڀي اهڙيون ڳالهيون ونڊ ڪري رهيا آهن ،جن جو ڪو انت نه پار . ٿورو ايترو ته سوچين ته حضرت مولا علي رضي الله عنه کي ڀلا ٻيو ڪو ڪم ڪار ئي ڪو نه هيو ڇا ؟ جو رڳو پاڻ پٿرن تي ويٺي قدمن جا نشان ٿي چٽيا ته جيئين ايندڙ وقت جا سنڌي انهن جون زيارتون ڪن . بابلا هي ڪمپيوٽر دور واري دنيا آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو