سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جا سمورا ساٿيو.. اسلام عليڪم

    سڀ کان پهريان خدا تعالي جا لک احسان جنهن جي عنايت سان سنڌ سلامت جي فورم کي وي بليٽن فورم تي ڪاميابي سان منتقل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو ... هي ڪم ايترو آسان ان ڪري به نه هيو جو سنڌ سلامت جو گذريل ورجن ڪافي پراڻو هو ... ان کان علاوه هي هڪ مختلف ۽ ساڄي کان کاٻي زبان هجڻ ڪري ڊيٽابيس کي سنڀالڻ اهو به ان طرح ته ڪوبه رڪن يا ان جون تحريرون ضايع نه ٿي سگهن واقعي هڪ مشڪل ڪم هيو...
    ان کان علاوه وي بليٽن جو 4 ورجن پنهنجي پراڻي ورجن کان ڪافي حد تائين مشڪل ثابت ٿيو.. جنهن ۾ ادا عامر ضياء چارڻ جي تيار ڪيل پراڻي اوپن پيڊ پڻ ڪم جي لائق نه هئي... ان ڪري مسلسل جستجو ڪندي هڪ نئين جاوا اسڪرپٽ تي مشتمل ڪي پيڊ تيار ڪئي وئي.. جنهن ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو ته هي پيڊ هر برائوزر سان مطابقت رکندڙ هجي وري هن پيڊ کي مختلف ٽيڪسٽ ايريا تي لڳائڻ کان سواءِ هن دفعي ان ڳالهه جو پڻ اهتمام ڪيو ويو ته پيڊ سان گڏ هڪ ورچوئيل ڪي بورڊ پڻ ڏنو وڃي جنهن کي استعمال ڪندي رڪن کي آساني سان پتو پئجي سگهي ته سنڌي لکائي لاءِ ڪيبورڊ جا اکر انگريزي ڪيبورڊ جي ڪهڙي اکر تي رکيل آهن....
    ڪي پيڊ جو اهو ڪم بار بار جي ناڪامي کان پوءِ آخرڪار ممڪن ٿي سگهيو ان سلسلي ۾ هڪ دفعو ٻيهر مان ادا عامر ضياء چارڻ جو پڻ انتهائي مشڪور آهيان جو انهن پنهنجي مصروف شيڊيول مان وقت ڪڍي مدد ڪئي..
    فورم کي اپڊيٽ جي اعلان کان پوءِ هڪ خيال هيو ته تجرباتي ڪم وانگر آن لائين ڪم آسان هوندو پر اهو ڪم تمام ڏکيو ثابت ٿيو جنهن جو اهم سبب گذريل ورجن تي مختلف موڊيفڪيشن لڳائي دوستن جي لاءِ سنڌ سلامت فورم کي آسان بنائڻ هيو.. ان ڪري بار بار جي ناڪامي کي ڏسي گذريل ورجن تي انسٽال ٿيل سموريون موڊيفڪيشنس ختم ڪيون ويون جنهن کان پوءِ ڪاميابي طرف قدم وڌي سگهيو... ان سلسلي ۾ دوستن کي گذارش آهي ته گذريل ورجن جي مقابلي ۾ هن ورجن ۾ ٿي سگهي ٿو ڪجهه شين جي گهٽتائي محسوس ٿئي جنهن لاءِ دوستن کي گذارش آهي ته اطلاع ڏيندا رهن ... جنهن حد تائين ممڪن ٿي سگهيو اهڙين موڊيفيڪيشنس کي ٻيهر وي بليٽن 4 جي قابل بڻائيندي لڳايو ويندو...
    سنڌ سلامت فورم کي نئين ورجن تي منتقل ڪرڻ کان پوءِ فورم جي پوشاڪ کي پڻ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي چونڊ جي لاءِ خاص ڪوششون ڪيون ويون ته جيئن دوستن جي اميدن تي پورو لهي سگهجي... ان سلسلي ۾ جنهن اسٽائيل جي چونڊ ڪيم ان جي پورائي ۽ سجائي ۾ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت جي گرافڪس ماهرن محترم خليل ڀٽو المعروف ابوزين ۽ محترم اسدالله ڀٽو المعروف ابو واصف جن جو پڻ انتهائي مشڪور آهيان جن پنهنجي طبيعت جي ناسازي ۽ مصروفيت باوجود سنڌ سلامت لاءِ وقت ڪڍي توقع کان به وڌيڪ بهتر نتيجا سامهون آندا.. ۽ موجوده لباس جي جوڙجڪ ۽ تزئين آرائش ۾ سندن مسلسل محنت وسارڻ جوڳيون نه آهن...
    فورم کي اپڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ دوستن جي فرمائيشن کي نظر ۾ رکندي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي ته فورم تي ڪجهه اهڙي نواڻ آڻجي جنهن سان دوستن کي آسانين کان سواءِ ڀرپور تفريح، معلومات سان گڏو گڏ مختلف دوستن سان رابطن جو آسان ذريعو بڻائجي ان ڪري مشهور سوشل سائيڊ فيس بوڪ کي سامهون رکندي سنڌ سلامت فورم ۽ فيس بوڪ کي ملائڻ ۽ مطابقت رکڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي آهي...
    موجوده سنڌ سلامت فورم تي توهان کي جتي ڪجهه ڳالهين جي گهٽتائي نظر ايندي (جنهن کي وقت جي حساب سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي) اتي ڪافي نيون ۽ وڻندڙ شيون پڻ نظر اينديون جنهن ۾ وائي بيا سائيٽ جي مدد سان هڪ اهڙو ٽولبار تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي استعمال ڪندي توهان ڪافي محظوظ ٿيندو ... جهڙوڪ؛

    فيس بوڪ ڪنيڪٽ؛
    هن اختيار کي استعمال ڪندي توهان پنهنجي فيس بوڪ يا مختلف سوشل پروفائيلز کي هاڻي سنڌ سلامت تي رهي ڪري پڻ اپڊيٽ ڪري سگهندا...

    سنڌ سلامت لنڪ مينو:
    هن ٽولبار تي سنڌ سلامت فورم جي مختلف ڪيٽيگرين کي نظر ۾ رکندي هڪ مينو کي ترتيب ۾ آندو ويو جنهن کي استعمال ڪندي دوست آرام سان پنهنجي پسند جي ڪيٽيگري کي فورم تي گهمندي ڪنهن به جاءِ تان ايڪسيس ڪري سگهندا...

    فيس بوڪ لائيڪ بٽڻ:
    فيس بوڪ جو لائيڪ بٽڻ جيڪو پهريان هر موضوع جي پهرين تحرير تي لکيل هو هاڻي ٽولبار تي رکيل آهي... جنهن دوست کي سنڌ سلامت جو موضوع پسند اچي اهو فيس بوڪ لائيڪ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري نه صرف پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪري سگهي ٿو پر پنهنجي فيس بوڪ پروفائيل تي پڻ اپڊيٽ ڪري سگهي ٿو...

    يوٽيوب چينل:
    سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي سلسلي ۾ سائين نثار احمد ناز انتهائي محنت سان سنڌ سلامت چينل بڻايو آهي ... يو ٽيوب جو هي سنڌ سلامت چينل هر عام خاص جي لاءِ عام ڏيکارڻ لاءِ چينل کي هتي ئي واضح رکيو ويو آهي...

    فيس بوڪ پيج:
    سنڌ سلامت جو فيس بوڪ پيج جنهن کي پسند ڪندڙن جو تعداد وڌي رهيو آهي ... ۽ سنڌ سلامت جي خاص لکڻين کي هن صفحي جي زينت پڻ بڻائبو آهي... کي هتي لنڪ طور رکيو ويو آهي... ان فيس بوڪ پيج تي ٿيندڙ اپڊيٽس کي ڏسڻ ۽ سنڌ سلامت تي رهي ڪري ئي لائيڪ ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي راءِ موڪلڻ جو خاص انتظام ڪيو ويو آهي...

    سنڌ سلامت چيٽ:
    گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ سلامت جي رڪنن طرفان مسلسل اسرار کان پوءِ آخرڪار سنڌ سلامت چيٽ جو اضافو عمل آندو ويو آهي ... ياد رهي ته هي اضافو عارضي آهي جيڪڏهن دوستن هن عمل کي سٺو سمجهيو ته جاري رکيو ويندو ٻي صورت ۾ سنڌ سلامت چيٽ ختم ڪئي ويندي... سنڌ سلامت چيٽ تي فيس بوڪ يا ياهو جي ذريعي لاگ ان ٿي نه صرف رڪن سنڌ سلامت تي موجود رڪنن سان چيٽ ڪري سگهندو پر جيڪڏهن هو چاهي ته پنهنجي ياهو يا فيس بوڪ رڪنن سان چيٽ به بغير فيس بوڪ يا ياهو تي ويندي چيٽ ڪري سگهي ٿو... هتي ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته رڪن جي پرائيويسي محفوظ رهي ... ان ڪري جيڪڏهن ڪو رڪن چاهي ته سنڌ سلامت چيٽ تي اهڙي نموني اچي سگهي ٿو جو هو چيٽ جو معائنو به ڪري ۽ چيٽ لسٽ ۾ پاڻ کي مصروف رکندي لڪيل به رکي...

    سنڌ سلامت جو دعوتنامون
    هڪ اهم اپڊيٽ جيڪا دوستن اڳيان آندي ويئي آهي سا آهي. سنڌ سلامت جو دعوتنامون... جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي دوستن کي سنڌ سلامت فورم تي لوگو جي هيٺان ”دوستن کي ٻڌايو“ جي اختيار کي استعمال ڪندي دعوتنامان موڪلي سگهن ٿا. موٽ ۾ ايندڙ رڪن ان جي رڪن جي حوالي (ريفرر) ذريعي ايندو ۽ سنڌ سلامت جو ريڪارڊ سندس ريفرر جو پڻ اندراج رکندو...
    مختصر وقت ۾ سنڌ سلامت فورم تي ڪافي اپڊيٽ جو ڪم ڪيو ويو آهي پر اڃان ڪافي ڪم رهيل آهي جيڪو وقت سر ڪيو ويندو... خاص طور توهان کي فورم تي ڪافي جڳهين تي انگريزي لکيل نظر ايندي جنهن کي آهستي آهستي سنڌيءَ ۾ تبديل ڪيو ويندو...
    هتي هڪ دفعو ٻيهر مان مٿي ٻڌايل دوستن جو ۽ انهن سڀني دوستن جو ۽ خاص طور محترم سليمان وساڻ ۽ سائن نثار ابڙو جن جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجي مسلسل رهنمائي، صلاحن ۽ مشورن جي سلسلي کي جاري رکيو ۽ فورم جي اپڊيٽنگ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو...
    سنڌ سلامت تي رهيل ڪم جي لاءِ انتظاميا ڪجهه وقت وڌيڪ گهري پئي پر دوستن جي بي انتها اسرار ۽ مسلسل ڪالز کي نظر ۾ رکي سنڌ سلامت کي هڪ دفعو ٻيهر آن ڪيو پيو وڃي ... اميد ته فورم تي نظر ايندڙ خامين کي عارضي طور نظرانداز ڪيو ويندو جنهن کي جلد از جلد ختم ڪيو ويندو...
    توهان جا رايا اسان جي لاءِ انتهائي قيمتي آهن اميد ته انهن کي جاري رکندو...
    والسلام
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    جادوگر سائين! توهان ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو۔۔۔ اصلي صبح لاڪون جيڪو انتظار هيو اهو سجايو ويو۔۔۔۔۔ باقي سائين توهان ۽ سڄي سنگت جي ڪوششن کي مولائي جا ٻئي هٿ مٿي ڪري سلام۔۔۔ ۔ڪروڙين سلام۔۔۔۔

    اوطاق جو نئون روپ ڪافي وڻندڙ آهي۔۔۔۔ اصلي مست آهي۔۔۔ (مست انڊيا ۾ سٺي کي چوندا آهن)۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر سائين سڄي سنگت جون ڪاوشون سراهڻ جوڳيون آهن۔۔۔۔
     
  3. مقصود احمد زهري

    مقصود احمد زهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 مارچ 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فورم جي اپڊيٽ تي مبارڪباد

    ادا السلام عليڪم ياعلي مدد!

    ادا رشيد سمون صاحب اوهان جي محنت ڏسي دل نه رهي سگهي ۽ پنهنجي دل کي جهليندي به اوهان کي سنڌ سلامت جي اپڊيٽ تي مبارڪ پيش ڪريان ٿو۔۔۔۔ جيئن ئي مون سنڌ سلامت کوليم ته نئين تبديلي ڏسڻ ۾ آئي ۽ دل باغ بهار ٿي پئي۔۔۔ بس دل ۾ واه واه جا نعرا بلند ٿيڻ لڳا۔۔
     
  4. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    ادا رشيد اڄ جئ سنڌ سلامت تي ڦيرو ڏنم ته اصل سنڌ سلامت کي چوڏها چنڊ لڳا پيا ها ماشاالله خوب محنت ڪئي آهي انهي جو توهانکي ۽ جنهن به دوستن حصو ورتو آهي الله اجورو ڏيندو
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    سائين عبدالرشيد پيارا توهان جي محنت کي سلام آهي واقعي نئون لڪ تمام دل وڻندڙ آهي ديده زيب خوش نمائي سان گڏ ڪافي اضافي فيچرز به شامل ڪيل آهن هڪ ڳالهه جيڪا تازي نظر ۾ آئي ته پهريائين اوپيرا ۾ بيڪ اسپيس ۽ لفظ ۽ ڪم نه ڪندو هو هن ورجن ۾ ڪم ڪري پيو اها تمام خوش آئين ڳالهه آهي خاص ڪري انهن دوستن لاء جيڪي اوپيرا استعمال ڪن ٿا ڪافي ساريون ٻيون به خوبيون آهن جيڪي وقت سر نمايان ٿينديون ته ساراهه جي زمري ۾ اينديون۔ اوهان کي ۽ جن دوستن هن ڪم ۾ توهان جي مدد ڪئي انهن کي مبارڪ آهي اميد ته وقت جي تقاضا ئن سان گڏو گڏ پاڻ به اڳتي قدم وڌائڻ جي ڪوشش جاري رکي ٻين قومن وانگر پاڻ کي زنده هجڻ جي ثبوت ڏيڻ جي هر ممڪن جدوجهد جاري رکبي۔
    الله تعالى توهان جي هن بي لوث محنت کي قبول فرمائي ۽ ان جو اجر به عطا فرمائي جو قوم جي خدمت مخلوق جي خدمت يقينا عبادت آهي۔
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    ماشاءالله! الله تعالى هن سهڻي فورم کي بري نظر کان بچائي ، ڇو ته پهرين نظر سان ئي اسان جي دلين کي موهي ڇڏيو.

    ادا عبدالرشيد صاحب اوهان ۽ ذميدار انتظاميه کي مان دل جي گهرائي سان مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو .

    جئين ته اوهان جا نوان آپشن مون آزمايا ناهن تنهن هوندي به هن جي ساراه ڪرڻ لاءِ دل بي چين ٿئي پئي ۽ مونکي پڻ اميد آهي ته اوهان جون ڪوششون داد جي مستحق آهن .

    باقي جي ڳالھ ۾ ڪو رايو قائم ٿيو ته ضرور ونڊ ڪبو .

    آخر ۾ وري به مان سڄي سنگت کي دل جي گهرائين سان مبارڪ باد ٿو ڏيان .

     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    سڀ کان پهريان ته دوست رشيد کي سلام نه ڪرڻ ناجائزي ٿيندي ۽ سندس همٿ ۽ محنت کي نه ساراهڻ سج کي پٺي ڏيڻ جي برابر ٿيندو، دوست رشيد سمون ڪو واندو شخص نه پر پنهنجي نوڪري جي حساب سان اسان سڀني کان مصروف ترين ماڻهون آهي، ان هوندي به جهڙي طرح سان دوستن سان دوستيون نڀائيندي، نوڪري جا جهنجهٽ کڻندي ۽ ٻين مصروفيتن سان منهن ڏيندي، سنڌ سلامت جي لا سوچيندو ۽ اڳ کان اڳري ڪرڻ جون ترڪيبون هنڊائيندو رهندو آهي ۽ هڙ ۾ پيل گهڻو مال هن اوطاق جي چانهن پاڻيءَ تي خرچ ڪري ڇڏي ٿو ۔۔۔

    پهريان پهريان جڏهن دوست رشيد موجوده وي بليٽن 4 تي منتقلي ۽ نئين شڪل جو ذڪر ڪيو ته اسين سوچيو ته ڪا ڳالهه ناهي بس هڪ ٻه ٽي ڪم ٿي ويندو پر جڏهن ڪم ۾ هٿ وڌو ويو ۽ ڪجهه موقعن تي اسانکي به شامل ڪيو ويو ته خبر پئي ۽ وات مان بي اختيار نڪتو ” هل ته چري“ هي ته ٻٻر جي ماکي لاهڻي آهي ۔۔۔ ڪي ڳالهيون ڇا سچ پڇو ته رشيد جون سمجهايل سڀ شيون منهنجي مغز ۾ آلجبرا جيئن ڦرنديون هيون ۽ پو مڙئي ويٺي ها ها ها ڪري جان ڇڏائيندي رشيد کي همٿائڻ کان علاوهه ڪجهه ڪري نه سگهيس۔۔۔۔

    رشيد جي همٿ کي سلام جو سندس وات، همٿ، دماغ ۽ کيسو هلندو رهيو ۽ اڄ هي خوبصورت سنڌ سلامت نئين ويس ۽ وڳي ۾ اسانجي سامهون آهي ۔۔۔

    آ سنڌ سلامت جي سموري انتظاميه سميت سنڌ سلامت جي سڀني رڪنن کي واڌايون ڏيانٿو ۽ اميد ڪريانٿو ته دوست اڳ کان اڳرا ٿي سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت ڪندا ۽ پاڻ ملهائيندا رهندا ۔۔۔ ۽ دوست رشيد جي محنت جو ڦل سنڌي ٻوليءَ تائين رسائيندا ۔۔۔

    لک شاباسون ڪم ڪندڙ دوستن کي ۔۔۔ واڌايون انتظاميه ۽ سنڌ سلامت جي پيارن رڪنن کي ۔۔۔

    محبت پائي مـــن ۾ رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سرواڻ ادا رشيد سمون سان گڏ سموري ساٿ کي مبارڪون

    جڏهن مان سنڌ سلامت تي سرگرمي شروع ڪئي هئي ته پهرين ملاقات جنهن دوست سان ٿي هئي اهو رشيد سمون ئي هو۔ جنهن جي واتان هيڏيون ساريون ڳالهيون ٻڌي مان پريشان ٿي ويو هوس ته ڪٿي منهنجو راز نه کلي ته مونکي ڪمپيوٽر بابت ڪا ڄاڻ ڪونهي پر هن دوست جيڪو همٿايو ان جو مثال ڪونه ٿو ملي۔ اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن شايد ڪو اهڙو موقعو هجي جو ڪنهن ڏينهن اسان جو فون تي رابطو نه ٿيو هجي۔

    سنڌ سلامت لاء سندس اڻ تڻ ڏسي مونکي به خيال ٿيندو هو ته ڪو ڪردار ادا ڪجي ۽ پنهنجي آهر ننڍڙيون ڪوششو ورتيون پر جڏهن اها خبر پئي ته هاڻي وي بليٽن 4 کانسواء ڪو چارو ڪونهي ته ان تي منتقل ٿيڻ جو فيصلو ٿيو۔ اسان رشيد سان وعدو ڪيو ته اسان به اوهان جو ساٿ ڏينداسون ۽ ڪجهه ڪم اسان به ڪري وٺنداسون پر جڏهن ڪم شروع ٿيو ۽ رات جا ٽي ٿيندا رهيا ته پاڻ ڀڄي وياسون ۽ سڄو ڪم رشيد کي ئي ڪرڻو پيو اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان هر موقعي تي سندس لفظي ساٿ گهڻو ڏنو۔

    ان دوران محترم ابو واصف ، ابو زين ۽ عامر ضياء جو ذڪر نه ڪرڻ به بي واجبي ٿيندي جن ڪي پيڊ، سنڌ سلامت لوگو تي اهم ڪم ڪيو۔ علي علي جو خاص ذڪر به ڪرڻ گهرجي سندس وڙ جو وي بليٽن 4 جو اسڪرپٽ وٺي ان جي پي مينٽ به ڪري ورتائين۔

    سائين نثار ابڙو جا به خاص ٿورا جن هن ڪم ۾ ساٿ ڏنو ۽ اسڪائيپ تي ويهي کلائيندا به رهيا ۽ مون وانگر ها ها ۽ واهه واهه ڪري ادا رشيد کي همٿائيندا رهيا جو مان 12 بجي کانپوء سندن ساٿ ڇڏي وڃي سمهي پوندو هوس۔

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ جا به ٿورا جن سنڌ سلامت جو ساٿ ڏنو ۽ نئين اپڊيٽ جو انتظار ڪندا رهيا خاص ڪري ادا طاهر سنڌي ۽ فقير ڦلپوٽو ان ۾ پيش پيش رهيا ۽ فون تي به رابطو ڪندا رهيا۔ سائين ڏاڏل جا به ٿورا جن به پنهنجي مڪمل ساٿ جو وعدو ڪيو ۽ رابطي ۾ رهيا۔

    پر آخر ۾ وري به ادا رشيد کي سلام جنهن هن ڪم کي توڙ پهچايو ۽ پنهنجي ذاتي مصروفيتن باوجود فورم کي وقت تي وي بليٽن 4 تي منتقل ڪيو۔ فورم جي نئين ورجن تي منتقلي سبب ڪجهه شيون اڃان اپڊيٽ ٿينديون ۽ ڪجهه مسئلا به ايندا جن کي جلدي حل ڪبو۔

    دوستن کي گذارش ته پنهنجا رايا، شڪايتون هن لنڪ تي موڪليندا رهن جيئن فورم جي سونهن ۾ اڃان اضافو ڪجي۔

    مهرباني
     
  9. فقير محسن

    فقير محسن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2011
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    398
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    ڏاڍي خوشي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اسلام عليڪم دوستو
    اڄ جي ڏينهن مون هن ويب کي وزٽ ڪيو ۽ ڏٺم ته هن ويب جو نقشو ئي بدلجي ويو آهي۔۔ پر هاڻ ته تمام ڀلي ويب نظر اچي رهي آهي روح کي خوشي ڏيڻ جهڙي ۔۔۔ مان سمجهان ٿو اڳتي هلي هي ويڀ انڃا سوهڻي ٿندي۔۔۔ مان هر آچر جي ڏينهن ڪجهه ٽائيم به ڪڍي هن ويب تي چڪر لڳائيندو آهيان پر هاڻ اها ڪوشش آهي ته مان هن ويب تي هر روز وزٽ ڪيان ۔۔
    پر اڄ مان تمام خوش ٿيو آهيان هن ويب کي ڏسي اميد ته اوهان هن ويب کي انڃا وڌيڪ سهڻو ڪندا۔۔۔
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڏاڍي خوشي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    فقيرن جي بادشاهي جو خئير ۔۔۔۔ اوهانجو ته نالو ئي فقير آهي، فقيراڻيون وصفون پڻ ۔۔۔۔ لک ٿورا جو اوهان سنڌ سلامت جي نواڻ پسند ڪئي جيتوڻيڪ هن نواڻ ۾ ڪيتريون ئي سهولتو مهيا ٿيل آهن ۽ ڪجهه هلڪيون ڦلڪيون ڏکيائون پڻ آهن پر وقت سر اهي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ سنڌ سلامت وقت سر وڌيڪ آسان ۽ سهڻي من موهڻي ٿيندي رهندي ۔۔۔

    اوهانجي روزاني چڪر واري سخا اسان لا خوشي جو باعث ٿندي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    سائين اسلام عليڪم ادا
    ادا سائين پهريان ته سنڌ سلامت کي ڪاميابي سان اپڊيٽ ڪرڻ تي مبارڪباد ٿو پيش ڪريان
    ادا تمام بهترين باقي رهي ڳالهه هڪڙي ته هي سيٽنگ ٿوڙي سمجهه ۾ گهٽ ٿي اچي جيڪا آهستي آهستي سهي ٿي ويندي ۔
    مهرباني
     
  12. عبدالقيوم سڪندري

    عبدالقيوم سڪندري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ننگرپارڪر
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    سائين۔ السلام عليڪم
    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي مبارڪباد ، توهان دوستن جي وڏي محنت آهي ، سنڌ جي اها خدمت توهان جي محبت جو ثبوت آهي ۔
    حافظ عبدالقيوم مهر
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    وعليڪم السلام !
    سنڌ سلامت کي وي بليٽن جي اپڊيٽڊ ورزن تي منتقل ٿيڻ تي ادا رشيد سميت تمام سنگت کي دل جي گهرائين سان مبارڪون هجن، ٻيو ته هي ڪم ڪو آسان نه آهي، ڇو ته هي هڪ سنڌي فورم آهي، انگريزي فورم هجي ها ته منتقلي صرف ٻن ٽن ڏينهن جو قصو هئي، پر سنڌ سلامت خالص سنڌي ۾ ترجمو ڪيل هئي ان کي اپڊيٽ ٿيل ورزن تي منتقل ڪرڻ ۾ جيڪي ڏکيائيون پيش آيو هونديون انهن جي مون کي ته ڇا پر ڪمپيوٽر جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکندڙ هر ماڻهو کي خبر هوندي، ادا رشيد پنهنجي مصروف ترين نوڪريءَ مان ايترو وقت ڪيئن ٿو ڪڍي اها ڳالهه دماغ کي ڦيراٽيون ٿي پارائي ڇو ته اسان بيروزگار هوندي به سنڌ سلامت کي ايترو وقت نه ٿا ڏئي سگهون، واقعي ۾ سائين رشيد ”جادوگر“ ٿو لڳي، سائين جن جڏهن به ملندا آهن يا فون تي ڳالهائڻ هوندو اٿن فقط سنڌ سلامت جي ڳالهه هوندي اٿن ۽ ڇو نه هجي ڇو ته هي فورم خالص سندن ئي محنت جو نتيجو آهي جنهن ۾ علي علي، عامر ضياءَ، ابو واصف، ابو زين، نثار احمد ناز، نثار ابڙو، سليمان وساڻ جهڙي دوستن جون ڪاوشون به لاتعداد آهن۔۔ سنگت کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪو ڏجن ٿيون۔۔۔ اسان ته سَکڻين ڳالهين کان علاوه ڪجهه ڪري ڪونه سگهيا آهيون۔۔
     
  14. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    السلام عيلڪم

    سنڌ سلامت جي وي بلٽن 4 تي منتقلي ۽ ان کان بعد ادر رشيد جي مسلسل محنت سان ان جو سنڌي ترجمو يقينن نيٽ تي سنڌي ٻولي جي ڪنهن وڏي انقلاب کان گهٽ نه آهي ...
    وي بلٽن جي
    نئي لباس جي کان وٺي ڪري وي بليٽن 4 ۾ موجود نون فيوچرن سان گڏوگڏ هر شي تمام سٺي آهي ليکن مهنجي خيال ۾ ڪي بورڊ شايد گوگل ڪروم کي سپورٽ نٿو ڪري ان ڪري ان ۾ اڃا ڪم جي ضرورت آهي
    ادي سليمان جي ڳاله وانگر اسان گهڻو صرف همٿ افرازئي ئي ڪندا رهيا سي ادر رشيد جي اها به لفظي باي باقي سنڌ سلامت جو اهو اسٽايل جو انتخاب کان بعد رات جو سننگت کي خدا حافظ چوڻ کان بعد ان فورم جي نواڻ بابت تبصرن ۽ تجزين ۽ ان ۾ موجود نواڻ ۽ مختلف شين بابت اسان جو به ساٿ رهيو پر ايندڙ ڪجه ڏينهن ۾ مان نيٽ تي ئي نه اچي سگهيس ۽ ائين جو فورم کي دوستن سامهون ان حالت ۾ اندو يو تام سٺو لڳو اسان ان کي اڻ مڪمل حالت ۾ ڏٺو هو پر اڃ جڏنهن ان کي مڪمل صورت ۾ ڏٺو ته تمام سٺو لڳو
    مان اڃ ڪله تمام گهڻو مصورف هجڻ ڪري فورم کي ۽ نيٽ کي ٽايم نه ڏئي سگهيو آهيان انشآء الله زندگي آهي ته دوستن سان ڪچهريون يپون ڪبيون .. باقي انشآء الله باقي مون کي اهو ئي لڳي ٿو ته شايد مان هاڻي سنڌ سلامت کي ٽايم نه ڏئي سگهان يا وري نيٽ کي ئي ٽايم نه ڏئي سگهان مهنجون دعائون ۽ سنڌ سلامت سان هر قسم جو تعاون رهندو باقي ٿي سگهي ٽايم نه ڏئي سگهون ۔۔
    مهنجي طرفان ادي رشِد ادي سليمان سائين نثار ناز نثار ابڙو صاحب ادي عامر ابو واصف فقير صاحب ادي مست ۽ بِين تمام دوستن مهربانن ۽ ميمبرن کي کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن جن جي سڌي اڻ سڌي طريقي سان سنڌ سلامت کي اپڊيٽ ڪرڻ وابسبتگي رهي
    ..
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    وعليڪم السلام
    ادا عبد الرشيد، اوهان جي هي ٿريڊ ماشاءَ الله وي بليٽن 4 تي سرسري نه بلڪِ جامع روشني وجهي ٿي، مون اوهان جي هي ٿريڊ پهرين ڏينهن پڙهي هئي، پر مون چيو ته في الحال هن ورزن کي ڏسون پوءِ هن ٿريڊ تي رپلائي ڪبو۔
    سڀ کان پهرين ته دنيا جي سڀني سنڌين کي دنيا جي پهرين سنڌي مڪمل جامع فورم جي وي بليٽن 4 تي منتقلي جون واڌايون۔
    ٻيو ته دنيا جي سڀني سنڌين کي دنيا جي پهرين سنڌي مڪمل جامع فورم جي سالگره مبارڪ۔
    باقي رهي ڳالهه وي بليٽن 4 جي ته ان کي آهستي آهستي سمجهڻ کان پوءِ ان شاءَ الله وقت سان گڏو گڏ ڳالهيون ٿينديون، ڪجهه ٿيون به آهن۔
    في الحال هن ورزن جي شروعات آهي ان ڪري ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي۔
    ايترو ضرور چوندس ته فيچر جي لحاظ کان هي ورزن ضرور وڌيڪ اهميت وارو آهي، پلس ۾ پوين ورزنن جي مينٽيننٽس به بند ٿي وئي، پر حقيقت دلي ٻڌايان ته سنڌ سلامت جي هن کان اڳ واري پوشاڪ وڌيڪ من موهيندڙ هئي، بحرحال پوشاڪ تي ته هاڻ به ڪم ڪري وڌيڪ سهڻو بڻائي سگهجي ٿو۔
    ادا سليمان وساڻ جا ٿورا جو عاجز کي پنهنجي تحرير ۾ ياد ڪيائون۔
    سنڌ ۽ سنڌيو! صدا سلامت هجو۔۔۔
    سدائين گڏ۔
     
  16. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    ادا رشيد مبارڪ هجي توهان کي
    جڏهن مان سنڌ سلامت کولي ته نئين نظر آئي مان حيران ٿي ويس ۽ مونکي ڪجه به سمجه ۾ ن پيو اڄي ته مان لاگ آن ڪيئن ٿيا
    مهرباني ادا هي به خوبصورت آهي
     
  17. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    محترم ڀاء رشيد سمون کي لک لک مبارڪون

    سندس ڪيل اوجاڳا، راتين جو دير تائين جاڳڻ ۽ وري اسان جهڙي اڻ ڄاڻ کان به صلاحون وٺڻ، سليمان وساڻ ۽ ادا نثار ابڙي جي به ننڊ ڦٽائڻ ۽ وري اسڪايپ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي پاڻ کي تازو توانو ڪرڻ ۽ وچ ۾ وري ادا نثار جا آمريڪي بادام کائڻ انهن سڀني ڳالهين جو مان گواهه آهيان۔ ادا رشيد اوهان کي جس هجي۔

    سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم کي به مبارڪون هجن مون کي اميد آهي ته هي بي لوث دوستن جي ٽيم پنهنجا مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ويندي
     
  18. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    السلام عليڪم سنگت کي

    سڀ کان پهريائين ته ادا رشيد کي مبارڪون هجن جنهن ڏينهن رات محنت ڪري سنڌ سلامت فورم کي وي بليٽن تي 4 تي ڪاميابي سان منتقل ڪيائين اهو هڪ ڪارنامو آهي جيڪو هڪ وقت تائين صرف ۽ صرف ادا رشيد ئي ڪري ڏيکاريو آهي کيس ان محنت تي سلام ۔۔۔

    ان محنت ۾ سندس ٻانهن ٻيلي رهيو آهي ادا عامر ضيا چارڻ ان جي به ڳالهه ڪرڻ تمام ضروري آهي

    ادا علي علي جي محنت پڻ ساراهڻ جوڳي آهي جو هو پرديس ۾ رهي ڪري پڻ سنڌ ۽ سنڌيت جي لا۽ پاڻ پتوڙي رهيوآهي


    ڊزائين جي حوالي سان سنڌ سلامت فورم کي هڪ بهترين پوشاڪ پهرائڻ ۾ ادا ابو زين ۽ ادا ابو واصف جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي کيس پڻ فقير پاران مبارڪون هجن

    ان سڄي محنت ۾ ان سڄي پراسس ۾ ادا سليمان وساڻ صاحب ساڻن رابطي ۾ رهيو ان جي پڻ محنت ساراهڻ لائق آهي

    سائين ابڙا صاحب توهان کي پڻ مبارڪون هجن

    سائين ابڙا صاحب هي هڪ تمام وڏو مشڪل مرحلو هيو جنهن کي ادا رشيد پنهنجي محنت سان ممڪن بنايو آهي صرف ۽ صرف
    اسان سنڌين جي لا۽ ته جيئن اسان کي هڪ بهترين پليٽ فارم مليل هجي ۽ اڄ ان پليٽ فارم جي ڪري ئي هڪ ٻئي کي چڳي نموني سان

    سڄاڻو هڪ ٻئي جا دوست ۽ ڀائر آهيون

    الله ڪري هي سلسلو هيمشه متل هجي

    آمين

    سدائين گڏ
     
  19. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    دوستن جي ايتري ساري محنت سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان محبت جو ڏيک ڏيئي ٿي۔۔۔۔
    نئين ورجن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي،
    اوهان سمورن دوستن کي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪجن ٿيون۔۔۔۔
     
  20. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت فورم جي وي بليٽن 4 تي ڪاميابي سان منتقلي۔۔۔

    Congrats to All sindhsalamat.com Team...........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو