رضوان گل جو ڇپيل نئون ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “
رضوان گل سان دوستيء جي شروعات ته فيس بوڪ تان شروع ٿي جڏهن هو لاڙڪاڻي جي تصويري تاريخ ۽ لاڙڪاڻي جون ادبي ۽ سياسي شخصيتون نالي البم ٺاهي رهيو هو. مان سندس ڪيل ڪم ڏسي کيس داد ڏيڻ ۽ دوستيء لاء دعوت موڪلڻ کان نه رهي سگهيس۔ ان کانپوء رضوان پنهنجي وال تي هڪ پوسٽ لکي هئي ته هر ضلعي جي حوالي سان هي ڪم ڪرڻ لاء دوست اڳتي اچن. مان پنهنجي آفيس جي مصروفيت سبب خاموش هوس ۽ انتظار ڪري رهيو هوس ته ڪو ٻيو دوست اڳتي اچي پر ايئن ڪونه ٿيو ۽ مان ئي کيس ميسيج موڪليو ته مون وٽ ڪجهه مواد آهي ضلعي خيرپور بابت. پاڻ خوش ٿيا ۽ ڪجهه تصويرون ٽيگ ڪري موڪلين ۽ باقي تصويرن لاء مان به ڪوشش شروع ڪري ڇڏي.
اتان رضوان سان دوستي شروع ٿي ۽ پوء جڏهن سنڌ سلامت جي دوستن سان لاڙڪاڻي ۾ سائين ماجد سان ملاقات ڪئي ته اتي رضوان ، سندس والد سائين بشير شاد ۽ سندس ڀاء ادا احسان دانش سان نه صرف ملاقات ٿي پر هنن تمام گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ بهترين مانجهاندو ڪرايو ۽ اڻ کُٽ پيار ۽ خلوص ڏنو. رضوان جا سنڌ جي ادبي شخصيتن تي لکيل پروفائيل اخبارن ۽ رسالن سان گڏ سنڌ سلامت تي به پڙهندا رهياسين.
پاڻ مونکي فون ڪري پنهنجي نئين ڇپايل ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “ موڪلڻ لاء ايڊريس گهريائون ۽ ڪجهه ڪاپيون مونڏي ۽ ٻين دوستن جيئن ذوالفقار بهڻ، سائين بيدل مسرور ۽ سائين هدايت بلوچ لاء پڻ موڪلي ڏنن. ڪتاب ته مون هڪ ساهيء ۾ پڙهي پورو ڪيو مونکي هي ڪتاب نه پر موتين جي مالها لڳي جنهن ۾ سنڌ جي املهه ماڻڪ موتين کي هڪ جاء تي سهيڙيو ويو آهي.
سندس هن ڪتاب ” ساهت ڏيهه جا سرجڻهار “ ۾ سنڌ جي 32 عظيم ادبي شخصيتن تي سوانهي خاڪا ۽ مضمون لکيل آهن. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو ڇپايو آهي ۽ ڇپائيندڙ رياضت ٻرڙو آهي. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ لکيو آهي جڏهن ته سائين سوڀو گيانچنداڻي ۽ بيدل مسرور جا ڏنل رايا پڻ ڇپيل آهن.
هن ڪتاب ۾ علامه آئي آئي قاضي، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، عبدالحئي قائل، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، انيس انصاري، نجم عباسي، جمال ابڙو، استاد بخاري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امر جليل، ذوالفقار راشدي، قمر شهباز، تاجل بيوس، طارق اشرف، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، وفا ناٿن شاهي، ثميره زرين، انور پيرزادو، ڊاڪٽر ملڪ نديم، خيرالنساء جعفري، قاضي مقصود گل، ڪيهر شوڪت ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، رزاق مهر، ادل سومرو، زيب سنڌي، طارق عالم ابڙو ۽ اياز گُل جهڙن سنڌ جي مهان اديبن ۽ ڏاهن تي سوانحي خاڪا لکيل آهن.
بظاهر ننڍڙو نظر ايندڙ هي ڪتاب بي بها موتين سان سمايل آهي جنهن کي پڙهڻ کانپوء اسان کي پنهنجي سنڌ سان شناسائي ٿي ٿئي ته سنڌ ڪهڙن ڪهڙن ۽ ڪيترن گلدانن ۽ خوشبوئن سان ڀري پئي آهي. هن ڪتاب ۾ رضوان گل سادي ۽ نج سنڌي ٻولي استعمال ڪرڻ سان گڏ مضمون جي مناسبت سان چونڊ شعر پڻ شامل ڪيا آهن جن هن ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.