ننڍي عمر ۾ ڪنوار بڻائڻ جي ڪوشش کان بچي ويل تانيا ۽ صابره جا لڙڪ

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ٻارڙا ۽ گل هن ڪائنات جي فطري سونهن آهن ۽ اسان جي هن سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ حقن جي پائمالي عورتن ۽ ٻارن جي ٿئي ٿي، جنهن جو تازو مثال نوابشاهه ڀرسان کڏهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ عزت مگسي ۾ پيش آيل انسانيت سوز واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو، جتي 9 سالن جي گلن جهڙي معصوم نياڻي تانيا مگسي ڌيءَ قادر بخش مگسي جي زبردستي 40 سالن جي عمر واري شخص امين مگسي سان نڪاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان واقعي کانپوءِ هتان جي ساڃاهه وندن ۽ علمي ادبي حلقي ۾ اها ڳڻتي ڏٺي وڃي ٿي ته ساهتي پرڳڻي جو درجو رکندڙ ضلعي ۾ ان قسم جو جاهلاڻو ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي وارو ڪم ٿئي ٿو ته پوءِ اسان جي سماج ۾ گلن جهڙن ٻارن خاص طور تي نياڻين جي زندگي ڪيتري محفوظ هوندي، جڏهن هڪ 9 سالن جي ٻارڙي جنهن جي عمر اڃا پوپٽن جي پويان ڊوڙڻ ۽ گڏين سان راند ڪرڻ واري هجي، انهي جي مرضي ۽ خواهشن کي ڪچليندي سندس والدين ئي ان کي جيئري جهنم حوالي ڪندا هجن ۽ نابالغي واري عمر ۾ کيس ڪنوار بڻائڻ جو زبردستي ڀوائتو خواب ڏيکارين، تڏهن انساني ۽ ٻارڙن جي حقن وارين تنظيمن جون دعوائون ڌوڙ ٿيندي نظر اچن ٿيون. اسان جي بي حس سماج اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، جنهن ڪري هاڻ ته ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون ڪيترين ئي غلط ريتن رسمن جي ور چڙهي ڀوڳي رهيون آهن، جن جا ڪيس ميڊيا تائين نٿا پهچي سگهن پر نوابشاهه جي ڳوٺ عزت مگسي جي رهواسڻ معصوم گلن جهڙي سادي نياڻي تانيا يقينن خوش نصيب آهي جو سندس ڪيس ميڊيا تائين پهچي ويو ۽ غلط رسمن کان بچي وئي، تانيا روئندي پنهنجا احوال ٻڌائي ٿي ته مون کي زبردستي هٿن ۽ پيرن تي ميندي هڻي ونواهه ۾ ويهاريو ويو، مون کي ٻڌايو ويو ته تنهنجي شادي آهي پر مون کي اها به خبر نه آهي ته شادي ڇا آهي؟ هن چيو ته مون کي بچايو وڃي، جڏهن ته سندس امڙ مسمات سوني جو چوڻ هو ته منهنجي مڙس ويڳي پٽ جي شادي عيوض منهنجي معصوم نياڻي جي شادي 40 ورهين جي امين سان ڪرڻ پئي چاهي پر هن معصوم جي دانهن الله جي درٻار ۾ قبول ٿي جو سندس زندگي بچي وئي، ڏک مان ڳوڙها ڳاڙيندي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته الائي ڪڏهن اسان ماڻهن جي هنن غلط ريتن رستمن مان جان ڇٽندي ۽ معصوم گلن جهڙيون نياڻيون پنهنجي خوش زندگي گذارينديون، جڏهن ته تانيا جي پيءُ قادر بخش جو چوڻ آهي ته ڏي وٺ جي سڱابندي ٿيل آهي، مون تانيا جو سڱ امين کي ڏنو پر چيو ته وڏي ٿيندي ته پوءِ ڏيندس پر انهن دٻاءُ وڌو ته ڇوڪري اسان جي آهي، ننڍي وڏي اسان کي ڏيو، جنهن بعد مجبوري ۾ ها ڪيم. هوڏانهن علائقي واسين جو اهو به چوڻ هو ته تانيا رڙيون ڪندي رهي پر سندس ڪير به ٻڌڻ وارو نه هو پر اوچتو پوليس ڇاپو هڻي سندس جان بچائي ورتي، پوليس يقينن هڪ ساراهه جوڳو قدم کڻي تانيا کي هڪ غلط رسم جي ور چڙهڻ کان بچائي ورتو آهي پر اڳتي به اها انهي سچائي سان اهڙن ماڻهن خلاف قدم کڻي اهڙن ريتن رسمن کي ختم ڪري ته شايد پوليس تي ماڻهن جو اعتبار بحال ٿي پوي، جڏهن ته پوليس تانيا کي سڪرنڊ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن بعد عدالت تانيا ۽ سندس امڙ جي بيانن کانپوءِ سندن مرضي موجب تانيا کي پنهنجي مامي محمد بخش مگسي وٽ رهڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ جيڪڏهن تانيا کي زبردستي پرڻايو ويو ته انهي مٿان ڏهه لک رپيا ڏنڊ هوندو.

    The Kawish Group of Publication

    امير چانڊيو
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ننڍي عمر ۾ ڪنوار بڻائڻ جي ڪوشش کان بچي ويل تانيا ۽ صابره جا لڙڪ

    جيتوڻيڪ اهڙا واقعا سنڌ يا پوري دينا ۾ ٿين ٿا ۽ اهڙن واقعن جو ڪو گهڻو تعداد به ناهي هوندو پر تنهن هوندي به اهڙا ڏوهه نه ٿيڻ گهرجن ۽ جهالت واريون ڪاروايون بند ٿيڻ گهرجن ۔۔۔ مون وٽ ته دنيا جي ٻين ملڪن جون تصويرون آهن جن ۾ 10 کان 12 سالن جون ڇوڪريون امڙيون ٿي ويون آهن ۔۔۔

    عورت جي جوان ٿيڻ جي عمر هوندي آهي، انکانپو ان جي شادي ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن هو ڪنهن مقصد ۾ مشغول ناهي ته، انجو سهڻو مثال آهي حضور ڪريم صلي الله وسلم جن بيبي عائشه رضي الله تعالا عنه سان انوقت شادي ڪئي جڏهن هو بالغ ٿي ۔۔۔

    اڄ جي هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڇوڪري شهر ۾ رهي ٿي ۽ تعليم يا ڪنهن ٻي مقصد ۾ مشغول آهي ته سندس شادي جي تڪڙ ناهي هوندي پر جيڪڏهن ڇوڪري ڳوٺ ۾ رهي ٿي ۽ تعليم يا ڪنهن مقصد سان ناهي ته والدين سندس جلد شادي ڪرائيندا آهن ته ڀل شينهن ڪلهي چڙهي پنهنجي گهر واري ٿي وڃي ۔۔۔ ڇاڪاڻ گهر ۾ جوان ڇوڪري کي گهڻو عرصو ويهارڻ سٺو ناهي لڳندو ۔۔۔

    منهنجي را ۾ ته:
    1۔ ڇوڪري جي شادي سندس رضا خوشي سان ٿيڻ گهرجي ۽ سندس جوان ٿيڻ کانپو ٿيڻ گهرجي ۔۔۔
    2۔ پيٽ نالي ڪرڻ پڻ دين جي خلاف آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڇوڪري جي يا ڇوڪري مرضي شامل ناهي هوندي ۔۔۔
    3۔ ڏي وٺ واري شادي ۾ پڻ ٻنهي يعني ڌي يا پٽ جي رضامندي ضروري آهي ۔۔۔
    4۔ پئسن واري معاملي ۾ ڪجهه ڪنوار جا والدين ڇوڪري جي والدين کان شادي جو خرچ گهرندا آهن ۔۔۔ ان معاملي ۾ جيڪڏهن حقيقت آهي ته ٺيڪ پر ڪيترن ماڻهن انکي رواج ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ ڇوڪريون پئسا وٺي ڏين ٿا ۔۔۔ جيڪو پڻ دين جي خلاف آهي حرام آهي ۽ سماج ۾ براين جو ڪارڻ پڻ ۔۔۔ اهو به بند ٿيڻ گهرجي ۔۔۔
    5۔ ڪنهن مرد جي زنا واري گناه جي بدلي ۾ نياڻي قربان ڪرڻ يا ان جو سنڱ ڏيڻ پڻ دين جي خلاف آهي ۽ حرام آهي ۔۔۔ اهڙيون رسمون پڻ جهالت جي پئداوار آهن ۔۔۔ جيڪي بند ٿيڻ گهرجن

    دعا آهي ته سنڌ ۾ ديني، سماجي ۽ شعوري ترقي جون راهون کلن ۽ جاهلانه رسمون ختم ٿين ۔۔۔ آمين
     
  3. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: ننڍي عمر ۾ ڪنوار بڻائڻ جي ڪوشش کان بچي ويل تانيا ۽ صابره جا لڙڪ

    ادا اوهان جي مشورن جا ٽپس انتهائي وڻندڙ
    ادي محدثه اوهان جي ونڊ به لائق تعريف
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ننڍي عمر ۾ ڪنوار بڻائڻ جي ڪوشش کان بچي ويل تانيا ۽ صابره جا لڙڪ

    اوهان جي رائي سان 100 مان 200 فيصد متفق سائين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو