اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ، چند ڪلاڪ پهرين هي شاعري لکي اٿم ان جي غريباڻي چترڪاري ڪري سڀ کان پهرين توهان دوستن سان ونڊ پيو ڪريان ، توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس

    اسان اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون (نثاراحمدناز)
    [​IMG]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    واهه سائين واهه بهترين ونڊ آهي ۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    پيارا ادا رياض حُسين گُلال تنهنجون مهربانيون جو اسان جِي هن غريباڻي شاعري کي تو پنهنجي دل جو آواز ڄاڻي بهترين ونڊ قرار ڏنو هن غزل جا اڃان ٻه ٻيا به ٻه وڌيڪ بند هُئا جيڪي ڊزائن جي خوبصورتي جي ڪري توهان سڀني دوستن سان ونڊ نه سگهيس دل چوي ٿي ته پنهنجو هي مڪمل غزل توهان سان شيئر ڪري ڇڏيان۔
    مُنهنجو مُڪمل غزل
    اسان اولاد سنڌڙِي جا ، سدائين سر بُلند آهيون
    سپر سينا ڪري سنڌ لئه ، ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون

    ڪيو سِر ساهه جن صدقو، امڙ جيجل مِٺِيءَ سنڌ تان
    دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون

    دِروهين لئه اسان ٽانڊا ۽ پنهنجن لئه ٿڌيون هيرون
    ڪريون ڪاوڙ ته رُڪ آهيون، جي مُرڪون ٿا سُڳند آهيون

    قسم آزاد قومن جو، جياپو ٿا رُڳو چاهيون
    وڏي ويڙهاند ويرِيءَ سان ڪرڻ نڪتا ته پنڌ آهيون

    بڻِي ٻيجل ٻُرايون ٿا، هڻي اڄ سَينَ سِرِڙَنِ جِي
    تَپي سنڌ لئه ڏياچو جا تِکِي هاڻي سا تند آهيون

    لکايون خُون پنهنجي سان چِٽو نروار سنڌ نالو
    ڪروڙن کان مٿي آهيون ڀلي سمجهو جي چند آهيون

    اسان لاڙِي ۽ اُترادِي ٿَرِي ڪاڇِي سنڌِي سُهڻا،
    نرالي نينهن جا مالڪ ها، سائين جو سوڳند آهيون

    اسين ڪارا اسين ڪوجها ، رهون ٿا “ناز” جِي دل ۾
    شُڪر مولا بَجا لاهيون، جو پِرِيَنِ کي پسند آهيون​


    اميد ته مُنهنجو هي مُڪمل غزل توهان سڀني دوستن کي پسند ايندو
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين اوهان جا سدائين الفاظ لفظن م مور جي حيثيت رکندا آهن۔
    وسلام
     
  5. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    تمام سهڻا خيال سائين نثار ناز
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    محترم ادا ڏاڏل شينو توهان جون دلي مهربانيون جو اسان جي غريباڻي لفظن کي مور جي حيثيت ڏني اٿوَ لک لائق ادا
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    محترم وحيد کوسو صاحب جو احسان مند آهيان جو کين مُنهنجي هن شاعري ۾ سُهڻا خيال نظر آيا لک لائق ادا۔
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين تمام بهترين اوهان جي تخليق ۽ ڊزائين
     
  9. مزمل چانڊيو

    مزمل چانڊيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مئي 2011
    تحريرون:
    149
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    واھ سائين واھ تمام بهترين
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    محترم عاشق سولنگي جو مهربانيون جون کين اسان جي هي شاعري ۽ ڊزائين سُٺي لڳي ۔لک لائق ۽ ٿورا ادا۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسان اولاد سنڌڙِي جا سدائين سربُلند آهيون (غزل) نثاراحمدناز

    ادا مزمل چانڊيو توهان جون مهربانيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو