سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دوستو سلام

    ڪراچيء جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪا وندر ملي وڃي ته اها غنيمت لڳندي آهي۔ سچل ڳوٺ ڪراچيء ۾ سنڌي ماڻهن جي قلعي وانگر هڪ وسندي آهي۔ گذريل ڇنڇر ۽ آچر تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي ۽ سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان سچل ڳوٺ جي گرائونڊ تي ملاکڙي جا مقابلا ڪرايا ويا۔

    هن مقابلن ۾ سنڌ جي نامور ملهه پهلوانن حصو ورتو ۽ پنهنجي پهلواني ۽ داء پيچن سان اڳلي پهلوان کي زير ڪري مقابلو کٽندا رهيا۔ هڪ پهلوان کي ته ايڏو ڌڪ آيو جو سندس وات مان رت آيو پر پوئين ملهه دسي مقابلو کٽي ورتائين۔ ملهن پنهنجي حرفتن پنهنجي اٽڪلن ، پنهنجي داء پيچن جهڙوڪ جانٺا، جاڙا جانٺا، ٻلهڻ، مولڙي، اندرين، ٻاهرين، ڪينچي، ڇڪي، ڦيراٽي، اڙِي ذريعي خوب وارا ڪيا ۽ ماڻهن کان داد حاصل ڪيو۔

    ملهن کي سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي وڏي تعداد ۾ موجود ماڻهن خوب داد ڏيڻ سان گڏ انعام اڪرام به ڏيندا رهيا۔ هن مقابلي جو مک مهمان تاج محمد وساڻ هو جڏهن ته سنڌ اسپورٽس بورڊ جو سعيد صاحب، سگا سچل جو صدر سراج الدين ميمڻ، سگا سچل جو جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنه کان علاوه جسقم جو بشير خاصخيلي جن هئا. مقابلن جي آخر ۾ کٽندڙ ملهن کي انعامن سان نوازيو ويو. مون سان گڏ سنڌ سلامت جا ميمبر غلام مرتضى وساڻ، نويد ڪلوڙ ۽ محترم رسول بخش دائودپوٽو پڻ گڏ هيا.
    [/JUSTIFY]

    ڌرتي ٽي وي جي مهربان دوست ۽ نوجوان رپورٽر فيض محمد بليدي جي رپورٽ پيش آهي :







    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون ونڊ ڪجن ٿيون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    سائين وساڻ صاحب۔سنڌ جي قديم راندين مان ملاکڙي جو پنهنجو تمام وڏو مقام حاصل آهي۔هن جو طريقو پرڻي رومين جي زماني واري ڪشتي جيڪا قيدين جي وچ ۾ ڪرائي ويندي هئي سان ملندڙ ۽ جلندڙ آهي۔هن اسان جي ثقافتي راند کي حڪومت جي طرفان همٿ افزائي ٍجي تمام سخت ضرورت آهي۔هن قسم ٍجا ميل ملاکڙا هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ٿيڻ گهرجن۔
    جيڪڏهن توهان صحتمند معاشرو چاهيو ٿا ته هن قسم جي راندين کي فروغ ڏيڻو پوندو جيئن سچل ڳوٺ جا سڄڻ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت ملاکڙا ڪرائي ،ان کي ڪراچي جهڙي ميگا شهر ۾ روشناس ڪرائي رهيا آهن۔اهڙي نموني هر ڪنهن کي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ملاکڙي جي مقابلن جا پروگرام رکي نئين ٽهي کي ان راند جا آداب سيکارڻ پوندا۔ايئن نه ٿئي ته اسان جي پياري سنڌ جي هي قديم راند پنهنجي اهميت وڃائي ويهي۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    سنڌ جي ڌرتي جيتري پراڻي آهي اوتريون ئي سنڌ جون رانديون آهن سنڌ ۾ هون ته تمام گهڻيون رانديون آهن مثلن۔۔۔ ونجهه وٽي، بلورين، اک ٻوٽ ، ڪوڏي ڪوڏي، ٻيلهاڙو، اٽي ڏڪر ۽ ٺڪريءَ راند ، تاپوءَ وغيره ۔۔ اهي رانديون ته سنڌ جون مشهور رانديون آهن. مگر هي رند ملهه واري ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ۽ اهيا رند مان تمام ًگهڻي شوق مان ڏسندو هئس ، مگر اهو به جڏهن دادو ۾ هوندو هئس، هت ته ڪڏهن اهڙو موقعو ناهي مليو، ۽ ادا سليمان وساڻ صاحب توهان به ان راند کي ڏسڻ لاء اسان کي ڪا دعوت به ڪا نه ڏني، ادا هن راند ملهه ملاکڙو جا ته منهنجا پنهنجا مائٽ به پهرين جوڙ جا پهلوان آهن جنهن ۾ هي نالا قابلِ ذڪر آهن ۔۔ محمد صالح وگهيو، غلام نبي وگهيو عرف غلام نبي ڊکڻ، صادق وگهيو، فضل وگهيو وغيره جيڪي سنڌ جي مختلف ميلن تي پڻ پنهنجي پهلواني جو مظاهرو ڪري چڪا آهن خاص ڪري قلندر شهباز رح جي ميلي ۾ ۽ امير پير جي ميلي تي، ادا وساڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان اسان جي سنڌ جي پياري راند ملهه ملاکڙو جي رپورٽ پيش ڪئي آهي، جيڪا سنڌ جي هڪ سهڻي شهر ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ ڪئي وئي آهي، سچل ڳوٺ اسان جي ڪراچي جو مثالي ڳوٺ آهي جنهن ۾ سنڌ جي نج ثقافت جو اولڙو نظر پيو ايندو آهي، سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون جي يوسيءَ ۾ هڪ اهم ڳوٺ جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن ته ڪراچي جي نقشي ۾ هڪ ماڊل ڳوٺ جي حيثيت ماڻي چڪو آهي۔۔۔سچل ڳوٺ جو جڏهن به ڪو ذڪر نڪرندو آهي، ته مون کي پنهنجو ماضي ۾ سچل ۾ گذاريل ڏينهن ياد ايندا آهن سچل ڳوٺ اسانته اسان جون ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن جنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، سچ پڇو ته مون کي پنهنجو ماضي وارو سچل ڳوٺ ۾ گذاريل وقت ياد اچي ويو، ادا وساڻ صاحب 2001ع جي ڳالهه آهي ۽ مان پنهنجي ڪجهه دوستن سان گڏ سچل ڳوٺ ۾ ڪٽپر چونڪ وٽ هڪ پالارين جي جڳهه ۾ رهندو هئس، جنهن ۾ منهنجا باقي دوست هي هئا، محترم دوست نياز ملاح، پٺاڻ خان ٻاٽ، ظفر جوڻيجو، ۽ ڪالم نويس ڪامريڊ خادم ٿهيم جو ڀاءُ محترم دوست لياقت علي ٿهيم صاحب ۔ادا مون کي ياد آهي ته اسان سچل ڳوٺ ۾ گوڙ گمسان کان پري سڪون جي زندگي گذاريندا هئاسين، ۽ رات جو ماني کائڻ کانپوء مان ۽ منهنجو دوست لياقت ٿهيم سچل ڳوٺ کان موسميات تائين روزانه واڪ ڪندا هئاسين، ۽ ان واڪ دوران اسان کي گفتگو ۽ ڪچهري لاء هڪ پرُ سڪون ماحول ملندو هو ۽ اسان سچل ڳوٺ کان موسميات تائين خوب ڪچهري ڪندا هئاسين،
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    اوهان سڄي سنگت کي ڏسي ۽ سچل ڳوٺ ۾ سنڌ جي سهڻي راند ملاکڙو ڏسي اصل دل خوش ٿي وئي ۽ پنهنجي ڪمي محسوس ڪيم ۔۔۔۔

    هن ٻوسٽ جي ماحول ۾ سهڻا ڪم ڪري سائين تاج محمد وساڻ سميت سڀني دوستن ۽ راندين جي شعبي وارن کي واڌايون ۔۔۔

    ڪراچيءَ شهر ۾ سنڌ ۽ سنڌيت کي اجاگر ڪرڻ واريون ڪوششون ساراه جوڳيون آهن

    سلام دوستن کي،

    ڪاش سنڌ جون اهي ثقافتي رانديون هميشه وڌن ويجهن ۽ ترقي ڪن

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    اِهو وڙُ ويڙهيچن جو قائم رکن قرب کي۔
    سائين سچل ڳوٺ وارن جي قرب،محبت ۽مٺاس جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي۔ ڪجه دوستن جو ڪمال آهي جو مختلف سوچن، خيالن ۽مختلف پارٽين جي ماڻهن کي محبت جي مٺ ۾ ميڙي مڙئي قرب ڀري ڪچهريءَ کي قائم رکيون پيا اچن۔ خدا اسان سمورن سنڌين کي اها هدايت ڏي ته هو سچل ڳوٺ وارن کان سبق سکي ائين سموري سنڌ جي خدمت ڪن ته اسان کي ائين پٽڪي ،روڄ ۽ راڙي ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي ۽ڌاريان اسان جي سنڌ جي ائين ونڊ۽ورهاست نه ڪن۔
     
  7. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    ادا سگا وارن کي سلام ههڙي سنڌي ثقافت کي ياد رکڻ لئ ڏاڍو وڻيو ۽ اميد ته وري جلد ڪنهن موڪل واري ڏينهن تي اهڙو پروگرام ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    سائين ميمڻ صاحب مهربانيون

    ملهه راند سنڌ جي ثقافتي ۽ روايتي راندين مان آهي۔ فيس بوڪ تي ملاکڙي واري شيئرنگ کانپوء هڪ دوست حيرت مان پڇيو آهي ته ڇا ڪراچيء ۾ ملاکڙو ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان دوست کي صرف اهو چيم ته اوهان هي تصويرون ۽ وڊيو ڏسو۔

    سنڌ جي هن روايتي راند کي عام ڪرڻ لاء حڪومتي ڪوشسون ناڪاري آهن۔ ڪرڪيٽ جهڙي راند تي لکين رپيا انعام ڏنا وڇن ٿا پر سنڌ جي اصلي راندين کي وساريو ويو آهي۔

    لک قرب اوهان جي حوصلامند ڪمينٽس جا
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    ادا وساڻ اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته مان به ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملهه جو سٺو پهلوان آهيان۔۔۔ ڪاش جي اوهان مونکي پهريان انهي ڳالهه جي سڌ ڏيو هان ته مان به مقابلي ۾ شريڪ ٿيان هان۔۔

    ملاکڙي جون تصويرون ونڊ ڪري دل باغ بهار ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    واهه ادا شيئرنگ ڪري دل خوش ڪري ڇڏيوَ، مون سمجهيو ته اوهان کي به ملهه وڙهندي ڏسنداسين۔۔ پر اوهان ته ڪرسيءَ تي ويٺا آهيو، خير، ادو زاهد چوي پيو ته پاڻ ڏاڍو هوشيار آهي ملهه وڙهڻ جو، کيس انشاءَالله۔۔ ادا طاهر سنڌيءَ سان ملهه وڙهائينداسين​
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    مهرباني ادا ممتاز

    اوهان جا ٿورا جو اوهان هي تفصيلي راء ۽ ملهه بابت سٺي معلومات سان گڏ سچل ڳوٺ سان پنهنجي يادن جو ذڪر ڪيو آهي۔ مان پاڻ گهڻو مصروف هئس ۽ ملاکڙي کان ٿورو اڳ پهتو هوس۔ پوء به اوهان کان معافي ٿو وٺان جو اوهان دوستن کي اطلاع ڏئي نه سگهيس۔

    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي هر سال ملاکڙي جو اهتمام ڪندي آهي ۽ انشاء الله زندگي رهي ته ايندڙ سال ملاکڙي ۾ سنڌ سلامت به تعاون ڪندي ۽ سڀ دوست گڏ هوندا۔ ٿي سگهيو ته ادا طاهر سنڌي ۽ ادا زاهد سومرو کي به ميدان ۾ لاهينداسون۔
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    ادا سنڌ جي ثقافتي روايتي راند جي باري ۾ ٻڌي ء ان جون تصويرون ڏسي دل خوش ٿي وئي
    تمام بهترين ۔
     
  13. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    تمام بهترين ونڊ ادا مان ڪافي ڏينهن کان ان رپورٽ جي انتظار ۾ هئس۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    سائين نثار سلام

    سچل ڳوٺ جي هر پروگرام ۾ اوهان جي ڪمي محسوس ڪندا آهيون ۽ اوهان سان هر پروگرام ۽ ان جون تصويرون شيئر به ڪندا آهيون۔ سچل ڳوٺ جي سڄاڻ دوستن کي شاباس هجي جيڪي هن قسم جي صحتمند پروگرامن جي سهائتا ڪن ٿا ۽ پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪن ٿا۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    مهرباني اوهان جي عبدالڪريم چانڊيو صاحب

    ان ڏينهن ملاکڙي ۾ مان اوهان کي گهڻو مِس ڪيو۔ ان ڏينهن پهرين مئي جي ريلي ۾ شرڪت سبب اوهان جي ڪمي سڀني دوستن کي محسوس ٿي۔ واقعي سائين اها سچل ڳوٺ جي سڄاڻ دوستن جي همت ئي آهي جو هو ان قسم جا صحتمند ۽ سرگرمين وارا پروگرام ڪندا رهن ٿا۔
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    مهرباني اوهان جي

    هن ملاکڙي جي مقابلن کي سڀني سان گڏ اوهان به خوب دلچسپيء سان ڏٺو۔ انشاء الله ڪوشش ڪبي ته هن قسم جا ايونٽ هر سال منعقد ڪرائجن۔
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا


    يار زاهد واقعي اوهان کي هجڻ گهربو هو ۔۔۔۔۔۔

    ملاکڙو زبردست رهيو ۽ ها هاڻي جلد ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا ٿيندا۔ تياري ڪري ڇڏ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    يار اسد ڇو ٿو مذاق ڪرين ۔۔۔۔۔۔۔

    ننڍي هوندي ملاکڙو، ونجهوٽي، ٻلهاڙو ۽ ٻيون کوڙ ساريون رانديون کيڏيون آهن پر هاڻي پاسراٽيون ڀڃرائڻ جو شوق ناهي۔ زاهد لاء ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا پيا ڪرايون ۔۔۔۔ اوهان کي به دعوت ڏبي۔۔۔
     
  19. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    ادا سليمان ادي زاهد جي ميار اوهان تي بجا آهي مطلب اوهان تي ٽڪي چڙهي ادا ۔۔۔
    تمام بهترين ونڊ تمام بهترين ڪوشش باقي ادا دهلن وارا نظر ڪونه پيا اچن تصويرن ۾ يار ڌمال کان سواء ڪوڏي اسان جهونن کي مزو نه ڏيندي آهي ۽ مهنجي خيال ۾ ته پهلوان کي به ووڌيڪ مزو ايندو آهي جي دهلن وارا به هجن ته ۔۔۔
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل سنڌ جي روايتي راند ملهه جا مقابلا

    مهرباني ڀاء رياض

    اوهان سان جڏهن ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا وند ڪبا ۽ زاهد سومرو به سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهندو ته اواهن وڌيڪ خوش ٿيندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو