جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    عورت جي توڙي مرد جي زندگي جا ٽي دور آهن مرد جا دور آهن پٽ، مڙس ۽ پي ۽ عورت جا ٽي دور آهن ڌيء ، زال ۽ ماءُ.

    هر دور جي پنهنجي اهميت آهي انسان جو انهن ٽنهي دورن جو پنهنجوعليحده امتحان آهي . گهڻي ڀاڱي چيو ويندو آهي ته ڀلو پٽ ڀلو مڙس ۽ ڀلو پيء هوندو آهي ان ريت ڀلي ڌيء ڀلي زال ۽ ڀلي ماءُ هوندي آهي . هر رشتي جي ڪائنات ۾ پنهنجي پنهنجي حيثيت هوندي آهي . هي ماءُ جنهن جي فطرت ۾ گهڻي ڀاڱي قرباني هوندي آهي اها هر قسم جي قرباني ڏيندي آهي . اسان وٽ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جي پيء مري وڃي ته زال اولاد جي ڪري گهڻي ڀاڱي شادي ان لاءِ نه ڪندي آهي جو هن کي پنهنجي اولاد جي مستقبل جا تحفظات هوندا آهن . اوهان اندازو نه ٿا هڻي سگهو ته سڄي عمر بکيو رهڻ مذاق ناهي .
    جڏهن عورت جو ڪردار ڌيء جو هوندو آهي ته اها پيء جي لاءِ رحمت هوندي آهي ۽ جڏهن زال جي ڪردار ۾ هوندي آهي ته تڏهن مڙس جو اڌ ايمان هوندي آهي ۽ جڏهن ماء جي روپ ۾ هوندي آهي ته ان جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي .

    نبي سائين جي حديث مبارڪ آحي ته جنت مشڪلاتن ۾ گهريل آهي . جي جنت مشڪلات ۾ گهريل آهي ته ان ماء ڪيتري قرباني ڏني هوندي جنهن جي پنهنجي پيرن هيٺان جنت اچي ويندي آهي. ڪنهن شخص وٽ جڏهن دولت آئي ته ان چيو ته آء دنيا جا سڀ احسان جيڪي جن جن مونتي ڪيا آهن انهن کي لاهڻ ٿو چاهيان . هي جڏهن سڀني جا احسان لاهي آخر ۾ ماءُ وٽ پهتو ته ماء هن کي چيو ته ٺيڪ آهي پر تون هڪڙو ڪم ڪر جيئن بچپن ۾ تون منهنجي پاسي ۾ سمهندو هئين ائين هڪڙي رات قميض لاهي تون منهنجي پاسي ۾ هڪڙي رات سمھ . هن همراه چيو ٺيڪ آهي . رات جو سمهڻ وقت هن جي ماء پنهنجو بسترو پاڻي سان آلو ڪري ڇڏيو جڏهن هي همراه اچي ستو ته هن کي جسم ۾ عجيب ڪيفيت ٿي ته هن ماء کي چيو امان هي ڇاهي مان هن ڀڳل بستري تي ڪيئن سمهان ته ماء چيس اهو وقت ياد ڪر جڏهن ته سرد راتين ۾ پيشاب ڪندو هئين ۽ آءُ تو کي خشڪ جاء تي سمهاريندي هيس ۽ سڄي رات سردي جي حالت ۾ تنهجي پيشاب جي آلي جاءِ تي ستي رهندي هيس. هاڻي تون ٻڌاء تو وٽ منهنجي احسان جي ڪيتري قيمت آهي . ڇا تون مونکي ان تڪيلف جي ڪا قيمت ڏئي سگهندين جا ان وقت مونکي ٿيندي هئي جڏهن تو منهجي پيٽ م پاسو بدليندو هئين يا منهنجي پيٽ ۾ پنهنجي لتن جو ڇڙهيون هڻندو هئين.ڇا تو وٽ منهنجي انهن قربانين جي قيمت آهي ؟؟ جيڪي ڪريون مون تو خاطر ڪيون ته جيئن هي شي مونکي ناهي کائڻي جو هن سان توکي پيٽ ۾ سور ٿيندو هن شي کائڻ سان تنهنجو پيٽ خراب ٿيندو وغيره . ته ان همراه ماءُ جي قدمن ۾ ويهي ڪري چيو ته نه جيجل منهنجي اها حيثيت ڪانهي جو مان تنهنجي ڪنهن هڪ قرباني جي قيمت ادا ڪري سگهان۔

    حضرت موسى عليه السلام پروردگار کان سوال ڪيو ته پروردگار ڇا ڪو اهڙو ماڻهون به آهي جنهن جو جنت ۾ هن وقت منهنجي برابر مقام هجي . وحي نازل ٿي ها بلڪل آهي ۽ اهو ڪاسائي آهي حضرت موسى عه ان شخص وٽ مهمان ٿيڻ چاهيو . جڏهن حضرت موسى عه ان ڪاسائي جي دڪان تي پهتو ۽ جڏهن پاڻ عه ان وٽ مهمان ٿيا ته هن سڄي ڏينهن ۾ هن جو ڪو اهڙو خاص عمل نه ڏٺو جنهن عمل جي بنياد تي هن شخص جو مقام جنت ۾ هڪ پيغمبر جي برابر هجي . پاڻ عه ان شخص وٽ رات رهڻ جي اجازت گهريائون ۽ هن ڪاسائي وٽ مهمان ٿيا. جڏهن رات جو هي همراه حضرت موسى عه سان گڏ گهر پهتو ته هن شخص جي گهر ۾ هڪ ڏول ٽنگيل هو هن همراه هن ڏول کي جڏهن هيٺ لاٿو ته ان ۾ هڪ ضعيف خاتون هئي جا اکين کان نابين هئي هٿن پيرن کان معذور انتهائي ضعيف هئي هن ان عورت کي لاٿو هن کي هٿ منهن ڌورايو ۔ جڏهن ماني جو وقت آيو ته حضرت موسِى کي ان شخص چيو توهان ماني کائو آء امڙ کي ماني کارائي پوءِ ماني کائيندس. حضرت موسى ان شخص کي چيو نه ماني تون ۽ آء گڏجي کائينداسين پهريان تون امڙ کي ماني کاراءِ جڏهن هن ماءُ کي ماني ٿي کارائي ته حضرت موسى عه کي ٻڌايائين ته منهنجي گهر ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي ان لاءِ صبح جو آءُ ڪم تي وڃڻ کان پهريان امڙ کي وهنجاري ماني کارائي ڏول ۾ مٿي ان لاءِ ٽنگي ويندو آهيان جو هتي ڪئي جانور آهن ته جيئن اهي هن کي ڪو نقصان نه پهچائين . ۽ شام جو موٽي وري اچي سندن خدمت ڪندو آهيان. جڏهن ڪاسائي ماءُ کي ماني کارائي بس ڪئي ته هن ڪجھ پٽ کي چيو حضرت موسى عه چيو امڙ ڇا ٿي چوي ته ڪاسائي ٻڌقيو ته امان دعا ٿي ڏئي خدا قيمت ۾ تنهنجو حشر موسى سان ڪري .حضرت موسى عه چيو بيشڪ آءُ موسى پيغمبر آهيان تنهنجي ماءُ جي دعا قبول ٿي چڪي آهي پروردگار مونکي اها بشارت چني آهي ته تنهنجو حشر مون سان گڏ ٿيندو .

    هڪ سالڪ ٻڌايو ته هڪ پير وٽ جڏهن به ڪو شخص دعا لاءِ ايندو هو ته هو چوندو هو بابا ماءُ پي زنده اٿئي ۔ جي چوندو هو ته جي زنده آهن ته پير سائين چوندا هيا سڀ کان وڏا پير و مرشد والدين آهن جي ماءُ جي هجئي ته اڃان به وڌيڪ ڇو جو جيڪا دعا دل مان نڪرندي آهي اها ئي الله وٽ قبول ٿيندي آهي ۽ اولاد جي حق ۾ ماءُ پي کان وڌيڪ ڪو دل سان دعا نه ٿو ڪري سگهي . مون مقتل جي روايت ۾ ڪاٿي پڙهيوهو ته امام حسين عه جڏهن پنهنجي جوان پٽ علي اڪبر عه کي ميدان ۾ موڪليو ته سندن والده دروازي تي بيٺي ڏسي پئي حضرت علي اڪبر ٻه ڀيرا واپس آيو ته بيبي الله جي بارگاه ۾ دعا ڪئي پروردگار منهنجي قرباني قبول ڪر . امام حسين عه گهرواري کي چيو توهان مسلئي عبادت تي وڃي دعا ڪريو جو اولاد جي حق ۾ سڀ کان وڌيڪ دعا ماءُ جي قبول ٿيندي آهي .

    ان ماء جو ڪو متبادل ڪونهي جنهن اولاد جي ٿاٻي تي پنهنجو پاڻ ڦٽو ڪيو ان ماءُ جو متبادل ڪونهي جنهن جي محبت جو مظهر خدا جي محبت جو مظهر هجي ، ڇو جو اسان اڪثر اهو ٻڌو آهي ته الله ماء کان ستر ڀيرا وڌيڪ پيار ڪرڻ وارو آهي خدا ڪنهن ٻئي جي محبت سان تشبِيهه ناهي ڏني ان لاءِ ماء ئي خدا جي محبت جو مظهر آهي . حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي ” ان ماء اڳيان ڪڏهن زبان نه هلائينداڪريو جنهن ماءُ اوهان کي ڳالهائڻ سيکاريو آهي“ . ماءُ جي محبت فطرتي محبت آهي جنهن جي ضرورت ۽ حقيقت کي هر مذهب مڃيو آهي .

    ماءُ ته ماءُ هوندي آهي اها جانور جي ماءُ هجي يا انسان جي ماءُ هجي . اولاد جي لاءِ هيڻي ماءُ ڏاڍي کي چنبو وهائي ڪڍندي آهي . توها اڪثر ڏٺو هوندو ته ڪڪڙ ٻلي کان فطرت جي حوالي سان ڊڄندي آهي پر جڏهن ٻلو هن جي ٻچي ڏي ڏسندو آهي ته ان کي رانڀوٽو هڻي وٺندي آهي . الله جي بندگي جي وجه جنت دنيا ۾ جنهنج ڪنهن به مذهب ۾ بندگي جو جيڪو خيال آهي اهو خدا جي رضا سان جڙيل آهي ۽ الله جي رضا جو مقصد جنت . خدا ان جنت کي ماءِ جي قدمن ۾ رکي ڇڏيو آهي .

    بس هن مشهور واقعي تي اجازت گهرندس ته حضرت موسى عه جي والده جو جڏهن انتقال ٿي ويو ته پروردگار حضرت موسى عه کي چيو موسى هاڻ پنهنجا قدم سنڀالي هلجان ڇو جو اڄ ان جون دعائون تو سان گڏ ناهن جيڪا چوندي هئي پروردگار منهنجي موسى جي پارت اٿئي .

    اڄوڪي ظلم جي هن دور ۾ جڏهن اسان ڏسون ٿا ته ماڻهون ان ماء کي ستائين ٿا انهن مائرن تي هٿ کڻن ٿا . ته هي جانور کان به بدتر نظر اچن ٿا . خدا سڀني جي مائرن کي قيامت تائين زنده رکي.

    ڪنهن چيو هو ته بهرين مائرون بهترين قومن کي جنم ڏينديون آهن ۔۔۔ آمين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان


    سهڻا دوست، تمام سهڻي ڀيٽا ڏني اٿوَ ۔۔۔ ماءُ جي هستي تي ڳالهائڻ ائين آهي جيئن سج جي روشنيءَ کي ڪنهن ٿانوَ ۾ بند ڪجي ۔۔۔ پاڻ وٽ لفظ ناهن ۔۔۔

    سلام دنيا جي سڀني امڙين کي ۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    [JUSTIFY]ڏاڏل سائين قرب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي جيڪڏهن منهنجي نظر ۾ آهي ته اها ماء آهي۔ ماء ڏک سهي ، اهنجون سهي به پنهنجي ٻچڙي لاء ڇا ڇا نه ٿي ڪري ۔۔۔۔ مون لاء هر ڏينهن ماء جو ڏينهن هوندو آهي جو مونسان امڙ جون دعائون گڏ هونديون آهن۔ اوهان تمام بهترين ليک ونڊ ڪيو آهي جنهن کي پڙهڻ سان منهنجون اکيون ڀرجي آيون آهن۔ ليک ۾ پروف جون گهڻيون غلطيون هيون جيڪي مان سڌاري ڇڏيون آهن۔ اوهان کي عرض ته ليک موڪلڻ کان پهرين ۽ پوء ضرور پڙهندا ڪيو ۽ ضروري ترميم ڪندا ڪيو۔

    قاضي فيض محمد جو هڪ شعر ٿو ياد اچي:

    چار ٻچڙا ماء اڪيلي، سابه ٽولي ياد آ
    ڄاڻ جوڌا جوان ٿيا، ٻاجهه ٻولي ياد آ
    [/JUSTIFY]
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    [​IMG]


    ۔


    ماء هڪ اهڙي نعمت آهي، جنهن جو قدر شايد مون جهڙا (يتيم مسڪين ) ماڻهون ئي ڄاڻن جنهن جي ماء جهڙي نعمت حال حيات نه آهي، ماء اهو گهاٽو وڻ آهي، جنهن هيٺان جون مهيني جي سج جي به تپش اثر ناهي ڪندي ۽ ماءُ هر تپش کي پاڻ برداش ڪري اسان مٿان گهاٽي ڇانو ميسر ڪندي آهي۔ جنهن جهڙو ڪو دنيا ۾ ٻيو مثال ئي ڪونهي۔ ماءُ اها هستي آهي جنهن تي لکڻ لاء ڪي دفتر گهرجن باقي هنن هڪ ٻه پيجن تي سندس عظمت جو ذڪر اچي ڪو نه ٿو سگهي، ماء جي هستي لاء مون ڪجهه وقت اڳ به هڪ ونڊ ونڊ ڪئي هئي جنهن کي پڻ هت ونڊ ڪجي ٿو
    عظيم هستي ماءُ
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    سائين توهان جا لک لائق جو اوهان اسانجون غلطيون دُرست ڪيون حَيقت اها آهي جو منهنجي مشين جي حالت به ان ساڙوٽي جيان آهي ته ٻين سان ٺيڪ آچر فقير سان ٽانڊو۔ وري چوٿون ڏينهن آهي ڏينهن ۾ ٻه چڪر ٿو ونڊو ڪريان جنهن وقت مون هي لکيو ٿي ان وقت بجلي قريب الاغائب هئي جلدي جلدي ۾ پوسٽ ڪيم جنهن لاءِ غلطيون گهڻيون هيون تواهان جا احسان جو توهان اسان جون غلطيون درست ڪيون اڳتي به اوهان کان اهڙي اميد رکنداسين۔
    وسلام
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان




    سائين توهان جا لک لائق جو اوهان اسانجون غلطيون دُرست ڪيون حَيقت اها آهي جو منهنجي مشين جي حالت به ان ساڙوٽي جيان آهي ته ٻين سان ٺيڪ آچر فقير سان ٽانڊو۔ وري چوٿون ڏينهن آهي ڏينهن ۾ ٻه چڪر ٿو ونڊو ڪريان جنهن وقت مون هي لکيو ٿي ان وقت بجلي قريب الاغائب هئي جلدي جلدي ۾ پوسٽ ڪيم جنهن لاءِ غلطيون گهڻيون هيون تواهان جا احسان جو توهان اسان جون غلطيون درست ڪيون اڳتي به اوهان کان اهڙي اميد رکنداسين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    سائين ممتاز اوهان جا قرب واقعي اها حقيقت آهي ته ماءُ جو ذڪر ٻن پيجن تي اچڻ جي برابر نه آهي ماءُ هڪ قائنات آهي ان جي حقيقت ، ان جا احساس قائنات ۾ ماء ڄاڻي ٿي ٻيو ڪنهنجي وس ۾ ناهي ماءُ جي حقيقت جي تفسير الفاء نه ٿا ڪري سگهن الفاظن اها قوت ڪاٿي جا ماءُ جي احساس کي پاڻ ۾ سموهي سگهن۔
    وسلام
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    ادا ڏاڏل صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجن الفاّظن کي پسند ڪيو، هڪ عرض ڪندو هلان ته اوهان سنڌي جي سورتخطي ۾ ڪجهه غلطيون ڪري رهيا آهيو، جنهن ڏانهن ڌيان ڏيارڻ منهنجو قومي فرض آهي، ادا اگر توهان کي ڏکيو لڳي ته ان لاء مان هٿ ٻڌي توهان کان اڳواٽ ئي معذرت ٿو ڪريان، مثلن توهان لفظ لکيو آهي ۔۔۔۔قائنات جڏهن ته اهيو هيئن۔۔۔ ڪائنات لکيو وڃي ته منهنجي خيال ۾ درست لڳندو۔ مهرباني،
     
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    سائين غلط به اسان ڪيون ۽ ٻاهون به اسان اڳيان ٻڌو اهو ته توهان ناانصافي ٿا ڪريو اد واقعي گهڻي عرصي کان پوءِ لکڻ جي ڪري اهي غلطيون ٿين ٿيون ۔ سائين تنقيد براءِ اصلاح منهنجو حق آهي اوهان سڀني دوستن ته منهنجي اصلاح ڪريو توهان جا لک لائق ۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    ادا هاڻي تصحيح جي ڳالهه نڪتي آهي ته لفظ صورتخطي ٿيندو آهي نه ڪي سورتخطي

    وڌيڪ ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان پر منهنجي سنڌي سٺي هوندي آهي انڪري پڪ سان چوان ٿو۔ باقي ادا ممتاز سنڌي ادبي بورڊ جي ڪنهن ڪتاب مان رفرنس وٺي سگهي ٿو۔ مان سمجهان ٿو اسان کي اهڙيون تصحيحون ڪرڻ کپن جيئن اسان سنڌيء کي بهتر ۽ سهني نموني لکون۔
     
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    سائين اوهان بلڪل صحيح چيو هن ظلم جي مهنگائي جي دور ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي سمجهائي پر جي ڪو هن ظالم دور ۾ ڪنهن جي اصلاح ڪري ته ان جي مهرباني ۔
    سائين آڀُ اوهان ٻنهي مانوارن جو دلي ٿورائتو آهيان ۔
    وسلام
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    ادا توهان جي مهرباني، باقي توهان صحيح آهيو ۽ اهيا منهنجي غلطي آهي ۽ اهيو منهنجي علم ۾ به هو مگر خبر ناهي ڇو مان به غلطي جي نشاندهي ڪندي غلطي ڪري ويس، سو ان لاء هٿ ٻڌي معذرت ٿا ڪيون، اميد ته اهڙيون اوڻايون ٻڌائيندا رهندا ته جيئن هي بندو ڪجهه سکي سگهي، مهرباني الله اوهان کي خوش رکي۔
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    ادا سليمان توهان صحيح پيا چئو مهرباني
     
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    دوستو فورم تي ايڊيٽرس جي ذميداري آهي ته دوستن جي صورتخطي کي سبب سان درست ڪن ۔۔۔ پر ايڊيٽرس شايد ان ڪري درستگي نه ٿا ڪن ته اسان وٽ اصلاح وٺڻ به هرڪو نه ٿو ڄاڻي ۔۔ ۽ پنهنجي غلطي کي غلط رنگ ڏئي ناراضگي جي اظهار ٿو ڪري ۔۔۔ پر دوستن کي ياد ڏياريندو هلجي ته سنڌ سلامت جو اهو پڻ منشور آهي ته سنڌي ٻولي کي درست صورتخطي سان دنيا جي سامهون آڻجي ۔۔۔ ان لاءِ رڪنن کي درست سنڌي لکڻ جي گذارش ڪجي ٿي گڏ ايڊيٽر حضرات کي پڻ پنهنجي ذميداري نڀائڻ جي هڪ دفعو ٻيهر هدايت ڪجي ٿي۔۔۔
    دوست ڏاڏل ۽ ممتاز جن جي مهرباني جن پنهنجي لکڻ جي غلطين کي درست ڪرڻ جي حامي ڀري ۔۔۔ واپس موضوع جي اهميت ڏانهن ٿو اچجي ۔۔
    منهنجي نظر ۾ ماء جي ممتا ۽ ان جي پرورش ۽ اولاد جي محبت جي لازوال جذبي جو قدر هڪ ڏينهن ته ڇا پر پوري زندگي به ادا ڪندو رهجي ته گهٽ آهي۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ماءُ کي ڀيٽا ڏيندي ارشاد فرمايل آهي ته ”جنت به ماءُ جي قدمن ۾ آهي“

     
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جيجل ماء جي ڏينهن جي حوالي سان

    سائين سمان صاحب اڄ روئاري ڇَڏَيُوُ ۔ اسان جي معاشري ۾ سڀ کان وڏو هاڃو هي آهي جو اسان وٽ ماءُ کي فقط عورت سمجهيو ويندو آهي ۔ اڄ ڪله ميڊيا ۾ آئي ڏينهن اهڙن واقعن جي ڀرمار آهي ماڻهون مائرن تي الزام ڏئي ، ننڍين ڳالهين تان ان ماءُ تي هٿ کڻندا نظر پيا اچن جن هن جي هٿن کي سڌو ڪيو هو، جنهن هن جي جوان ٿيڻ جا خواب ڏٺا ها اڄ اها ماءُ ان پٽ اڳيان بي وس نظر پئي اچي ۔ جيڪا ماءُ خدا جي محبت جو مظهر آهي اڄ ان سان اهڙي ويڌن آحي جنهن تي انسانيت به شرمنده آحي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو