چهري جي غير ضروري وارن لاءِ ڪجهه ٽپس

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    . کنڊ، ليمي جو رس ۽ پاڻي کي مڪس ڪري هڪ پيسٽ ٺاهيو ۽ ويڪس وانگر چهري جي غير ضروري وارن تي لڳايو، 10 کان 15 منٽن کانپوءِ ڌوئي ڇڏيو، اهو ئي عمل هفتي ۾ ٻه ڀيرا ورجايو، وار ختم ٿي ويندا. 2. هڪ کائڻ وارو چمچو ليمي جي رس ۾ چار چانهه وارا چمچا ماکي ملائي غير ضروري وارن تي لڳايو، 10 کان 15 منٽن کانپوءِ پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، اهو ماسڪ به هفتي ۾ ٻه ڀيرا لڳايو. 3. توهان کي گهرجي ميٽ (ملتاني مٽي)، کٻڙ جي وڻ جي کونئر، ميڊيڪيٽڊ ابٽن ۽ گلاب جو عرق، سموريون شيون مڪس ڪري پيسٽ ٺاهيو ۽ چهري جي غير ضروري وارن تي لڳائي تقريبن اڌ ڪلاڪ لاءِ رهڻ ڏيو، پوءِ ميڊيڪيٽڊ عرق گلاب سان ڌوئي وٺو. 4. چار چمچا موئسچرائزنگ مِلڪ يا لوشن ۾ مٽر جي داڻن جي برابر وٽامن اي ڪريم وجهي رات جو سمهڻ کان اڳ چهري تي لڳائي سمهي وڃو ۽ صبح جو اٿي ڌوئي وٺو ، 30 ڏينهن تائين اهو ئي عمل ڪريو. 5. چهري تي غير ضروري وارن کي لڪائڻ لاءِ اڪثر عورتون بليچ استعمال ڪنديون آهن، ان بدران رات جو سمهڻ کان اڳ 2 چانهه وارا چمچا تازي ليمي جو رس جنهن ۾ اڌ چانهه جو چمچو کنڊ مڪس ڪري چهري تي لڳايو ۽ صبح جو ڌوئي وٺو، هفتي ۾ ٽي کان چار ڀيرا لڳايو، ٻن مهينن تائين روزانو اهو ئي عمل ڪندا رهو.
    رينا علي
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: چهري جي غير ضروري وارن لاءِ ڪجهه ٽپس

    تمام سٺي ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو