سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جا دوستو۔۔۔!
    مون کي اهو لکندي انتهائي افسوس پيو ٿئي ته سنڌ سلامت فورم تي اڄ ڪجهه نامعلوم عرب هيڪرس طرفان حملو ڪيو ويو ۔۔۔ جئين ته ان وقت آ پنهنجي نوڪري تي فرض نڀائي رهيو هيم ۽ سائيٽ تي موجود نه هئڻ ڪري ان بابت ترت آگاهي نه وٺي سگهيس ۔۔۔ پر سنڌ سلامت جا مهربان محترم سليمان وساڻ، محترم عامر ضياء چارڻ ۽ محترم طاهر سنڌي موبائيل پيغامن کانسواءِ ڪال ڪري آگاهي ڏني ته ڪجهه عرب هيڪرس سنڌ سلامت سائيٽ هيڪ ڪئي آهي۔۔۔ ۽ سندن پيغامن ۾ لکيل آهي ته جيئن ته هن سائيٽ ذريعي هڪ خاص مذهبي فرقي جي نمائندگي ڪئي پئي وڃي۔۔ پيغامن ۾ ان فرقي بابت وضاحت ۽ ڪجهه فتوائن جو وڊيوز لنڪس طور تي پڻ ڏنل آهن۔۔۔

    ٽائيم گهٽ هئڻ ڪري محترم عامر ضياء چارڻ کي ڪجهه هدايتون ڏئي ان تي عمل ڪرڻ جي درخواست ڪيم ۔۔ ۽ جڏهن وقت مليو ته ان وقت تائين محترم علي علي فعال ٿي چڪو هو۔۔۔ جنهن هيڪرس طرفان ان ڀرپور حملي جو دفاع ڪندي ريڪوري جي ڪوشش ڪئي۔۔
    پر جيئن ته حملو ڊيٽابيس تي ڪيو ويو هو ان ڪري سائيٽ کي ريڪور ڪرڻ ڪافي مشڪل هيو ان باوجود سندس ڪوشش رنگ لاتو ۽ سنڌ سلامت سائيٽ هڪ ڪلاڪ اندر ئي ريڪور ڪئي وئي۔۔۔

    جتي ريڪوري سان خوشي ٿي اتي هڪ ڳالهه جو ڏک پڻ رهجي ويو ته سنڌ سلامت فورم تي آيل گذريل 3 ڏينهن جون تحريرون، موضوع، ايندڙ رڪن ۽ ٻيو مواد ضايع ٿي ويو۔۔۔

    هتي سڀني دوستن اڳيان وضاحت ڪندي ٻڌائيندو هلجي ته سنڌ سلامت فورم تي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي ته مذهبي ڇڪتاڻ کي روڪيو وڃي ۽ فرقا واريت بجاءِ اسلام جي حقيقي عڪس کي سڀني مسلمان ڀائرن اڳيان آڻجي ته جيئن مسلمانن ۾ محبت ۽ ايڪو پيدا ٿئي۔۔۔
    ان کانسواءِ هتي سنڌي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ڪري هر مسلمان توڙي غير مسلم کي کليل دعوت ڏنل آهي ته جئين هُو پنهنجي ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۾ اسان سان ساٿ نڀائي سگهن۔۔۔
    جيئن ته سنڌ سلامت ڪنهن خاص فرقي يا گروهه بجاءِ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ۽ نمائندا آهي۔۔ جنهن کي ڪجهه ماڻهون شايد سمجهي نه سگهيا آهن۔۔۔

    خير دوستن کي هن حملي جي آگاهي ڏيڻ کان سواءِ اهو به ٻڌائجي ٿو ته سنڌ سلامت جي سيڪيورٽي کي هڪ نئين ترتيب ڏيندي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي ته جيئن آئنده اهڙن حملن کي بچي سگهجي۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    ادا ! ڏاڍو ڏک ٿيو ان ڳالهه جي خبر سان ته اسان جي هن محبتي اڱڻ تي ڪجهه ظالم هيڪرن حملو ڪيو، جس آهي ادا رشيد، علي علي ۽ عامر ضياءَ کي، جنهن وقت سر سٺي نموني ريڪوري ڪري ورتي۔۔ مون وٽ ان وقت بجلي نه هئي ان ڪري مون کي خبر نه پئجي سگهي، وري جيئن ئي آن لائن ٿيس ته اها خبر پڙهيم۔۔۔ اهڙي ماڻهن کي ڇا چئجي؟؟؟؟۔۔۔ سنڌ سلامت اسان سنڌين جي فورم آهي ۽ هتي هر ڪنهن کي پنهنجي اظهار جي آزاديءَ جو حق آهي پر ايتري حد تائين جو ٻئي ڪنهن جو عقيدو يا دل آزاريو نه وڃي۔۔ ۽ ان مثالي رويئي جي ڪري هي فورم سنڌي دوستن جي وڏي ۾ وڏي فورم بڻجي چڪي آهي۔۔ هن ويب سائيٽ سان اسان سڀني جو دل جو ناتو آهي ، هن کي ٿوڙو نقصان ٿو پهچي ته اسان جي دل تي ڌڪ ٿو لڳي۔۔۔۔ ​
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    بس بابا شڪر ٿيو جو سنگت سجاڳ هئي اسان واري نيشنل فقير وانگر ننڊ نه هئي جن وقت سر اطلاع ڏنو ۽ اسان دوستن ملي ڪري فورم کي ريڪيور ڪري ورتو باقي بابا جتي گهر ٺهندا آهين اتي چوريون به ٿينديون آهين اتي ڌاڙآ به لڳندا آهين سو انٽر نيٽ جي دنيا ۾ به هيڪنگ ۽ اٽيڪ ٿيڻ ڪا تعجب جي ڳاله نه آهي سو اهي جنگيون پيون هلنديون دوستن ادي سليمان وساڻ ۽ سائين نثآر ابڙي ۽ ادي عامر جن جا لک ٿورا جن وقت سر اطلاع ڏئي ڪري ۽ محنت ڪري فورم جي وڌيڪ ڊيٽا ضايع ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ اسان سان ساٿ ساٿ رهيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    سائين آءُ ته ڊڄي ويس ته هي ڇا آهي الائي صرف منهنجي مشين ۾ خرابي ٿي آهي يا ڪنهن ٻئي کي به ان خودڪش جون اکيون ڏيکاريون ويون آهن ۔ بس سائين خدا پيو خير ڪري باقي يار هنن جو پروگرام ته الائي ڇا ٿي لڳو۔ پر ادا هي علم ئي آحي جنهن سان اسان پنهنجي قوم و ملڪ جي خدمت ڪري سگهون ٿا هي علمي ميدان اهي ڪاش جي اهي عرب هيڪر اهڙا حملا مغرب جي ويب سائيڊن تي ڪن ها ۽ سندن اها جستجو مسلانن جي خلاف نه پر مسلمانن جي لاءِ هجي ها ته اڄ عالمِ اسلام ۾ اسان کي اهڙا ڏينهن نه ڏسڻا پون ها ۔ بحرحال جس اهي انهن دوستن کي جن انهن ڌاڙيلن جو مقابلو ڪيو ۽ اسانجو اڱڻ اسان کي ڪجھ نقصان کان پوءِ وري واپس مليو۔جيئو ۽ جيئندا رهو ڪمانڊو۔
    وسلام
     
  5. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    مذهبي انتهاپسند هتي به پهچي پيا۔۔۔۔۔۔۔!!!!!! مار ڪا خدا جي پوي انهن تي، سنڌ سلامت سڀني جو گڏيل فورم آهي انهي تي ڪنهن هڪ فرقي جي نمائندگي ڪهڙي طرح سان ٿي رهي آهي اهو ته چوڻ ئي غلط آهي پر هم پر الزام تو ويسي بهي هين ايسي بهي سهي وانگر ڀلي زور لاهي وٺن، اسان سنڌ سلامت عرب ڦوروئن کان بچائڻ تي سڄي سنگت کي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ اڳتي لا نيڪ تنمائن جو اظهار ڪريون ٿا
     
  6. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    ادا رشيد انتهائي افسوس جي ڳاله آهي الهي ڇو اسان سنڌين سان هر جڳهي تي زيادتي ٿئي ٿي اسان ته هميشه محبت جو پيغام ڏيون ٿا پر پو به اسانکي ان جي ابتڙ حاصل ٿئي ٿي الهي انهن عربن کي اسان مان ڪهڙي تڪليف پهتي آهي بغير ڪنهن ڳالهين جي هنن ايترو وڏو قدم کنيون اگر اسان وٽ ڪا اهڙو موضو آيو آهي ته اسانکي گهٽ ۾ گهٽ آگها ته ڪن پر شايد هنن کي اهيا ڪريل هرقت ڪرڻي هئي جيڪو هنن ڪئي بهر حال هن سنڌي فورم تي توهان ۽ توهان جهڙا ٻيا دوست جيسين آهن تيسين هن سنڌ جي سهڻي اڱڻ کي ڪو لهر لوڏ نه ايندو
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    سائين بيحد افسوس جي ڳالهه آهي مون وٽ ته نيٽ جو مسئلو آهي ڪافي ڏينهن کان نيٽ ڪنيڪٽ نه ٿي ٿئي ڪنهن ڪنهن وقت 15 20 منٽ ڪنيڪٽ ٿيڻ بعد وري ڊي سي بهرحال دوستن جي مهرباني جن هن حملي کان پنهنجي پياري فورم کي بچائي ورتو۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    [JUSTIFY]دوستن کي سلام

    مان ان وقت ادا رشيد سان سنڌ سلامت ڊاٽ نيٽ جي اپڊيشن جي باري ۾ ڳالهائي رهيو هوس ۽ جيئن ئي فون بند ڪري سنڌ سلامت ڏانهن وريس ته سنڌ سلامت غائب هئي ۽ عربيء ۾ لکيل پيغام ۽ گهڻو ڪجهه لکيل هو جيڪو مونکي سمجهه ۾ ڪونه پي آيو۔ محمد بن قاسم جي دور ۾ عربن جي سنڌ تي ڪيل حملي کانپوء هي هڪ ٻيو وڏو حملو هو۔ ان وچ ۾ مان ڪوشش ڪئي ته ادا رشيد سان رابطو ڪيان پر شايد هو ڪٿي مصروف هئا ۽ فون ڪونه پي اٽينڊ ڪين مان فوري طور تي ادا عامر ضياء کي اطلاع ڏنو جنهن ويب سائيٽ کي بند ڪري اپڊيشن وارو پيغام هلايو، ادا طاهر به ان وچ ۾ ڪال ڪئي۔

    ادا علي علي سان اسڪائيپ تي رابطو ڪري ٻڌايم جنهن تڪڙا قدم کڻندي ريڪوري جي ڪوشش شروع ڪئي تيستائين سائين نثار ابڙو، ادا رشيد ۽ ادا عامر به آنلائن آيا ۽ ريڪوريء جون ڪوششون شروع ٿيون ۽ جلد ئي سنڌ سلامت کي ريڪور ڪيو ويو پر 23 مئي 2011 جي آخري تحرير کانپوء جي ڊيٽا ضايع ٿي چڪي هئي۔ دوستن خاص ڪري ادا عامر، ادا علي علي ۽ ادا رشيد جي کنيل ترت قدمن جي واکاڻ ڪجي ٿي ۽ ان دوران علي علي ۽ ادا رشيد جي شائسته گفتگو مان به خوب لطف اندوز ٿياسين۔

    خير دوستن کي خاص ڪري ادا رشيد ۽ ادا عامر کي عرض ته فورم جي سيڪيورٽء لاء ڪي جوڳا اپاء وٺن ۽ ڊيٽا کي اپڊيٽ ڪري محفوظ ڪرڻ جو به ڪو سولو ، آسان ۽ جٽادار طريقو ڳولهي لهن۔[/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    ادا مون اڳي به چيو هو اسان جا ويري جام آهن۔ پر عربن اهو ڪم ڪيو اهو سمجهه کان ٻاهر آهي۔ بهرحال ٿوري گهڻي زخمي سنڌسلامت کي واپس ڏسي خوشي ٿي رهي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    ٻيون سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي۔
    اڄ عربن کي به ضرور خبر پئجي وئي ته سنڌي دماغ رکن ٿا ۽ ٌذهين آهين، ڪجهه نقصان ٿيو پر ريڪور ڪري ورتو سين۔
    مون ته سڀ کان پهرين انتظاميه کي فون ڪئي پر شايد مصروفيت جي ڪري ڪال اٽينڊ نه ٿي۔
    عرب هيڪر جو پيغام واضح هو مون سارو پڙهيو سارو پيغام پڙهڻ ۾ به 5 منٽ کن لڳي ويا، پر افسوس جو هن هيڪر جي ڪنهن نشاني جو پتو نه لڳائي سگهيس نه ته انتظاميه جو مترجم بڻجي ساڻس رابطو ضرور ڪجي ها۔
    3 ڏينهن جي ڊيٽا ڪيڏي هوندي جنهن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها 30 منٽن اندر ان هيڪر ان ڊيٽا جو صفايو ڪري ڇڏيو۔
    دوستو!
    مان سمجهان ٿو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان سنڌي پاڻ هر ميدان ۾ لهي پئون، هاڻ اسان سنڌين کي پروفيشنل بڻڻو پوندو، هاڻ سنڌين کي هيڪر بلڪِ ماهر هيڪر به پيدا ڪرڻا پوندا تاڪِ ٽيڪنالاجي جي جنگ وڙهڻ جهڙا ٿيون ۽ اڳين هيڪرن سان ڳالهيون به ڪري سگهون ته هو ڇو ٿا اسان تي حملا ڪن۔
    پر اسان آهيون جو صرف ناچ گانن ۽ شاعرين (شاعرن سان معذرت سان) ۽ صرف واه واه ۽ فضول ڪمن ۾ لڳا پيا آهيو، اسان کي ٽيڪنيڪل دماغ به پيدا ڪرڻا پوندا۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    سڄي انتظاميه کي دل جي گهرائن سان مباڪون هجن۔ واقعي الحمدلله اسان کي فخر آهي جو اسين سنڌين وقت سان گڏ ڪلهي ۾ ڪهلو ملائي هلڻ جهڙا ٿيا آهيون ۔ هيڪرن جي زد ۾ اچڻ کان پوءِ به پنهنجي فورم کي بچائڻ يقينن وڏي داد ۽ ساراه جوڳي ڳاله آهي ۔ توڻي جو ٿورو نقصان ٿيو جو ٽي ڏينهن جي ڊيٽا ضايع ٿي آهي پر مان سمجهان ٿو جيڪر انتظاميه کي بر وقت اطلاع ملي ها ته ضرور اهو مواد به بچائي سگهجي ها ۔
    الحمدلله اسان جو سدا بهار فورم زنده آهي اسين پاڻ ۾ وري گڏ ٿيا آهيون ، الله تعالى کان دعا آهي ته هن سهڻي فورم کي بري نظر کان بچائي تا قيامت قائم ۽ دائم رکي ،
    آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    واه ادا واه يار جڏنهن ماڻهون ٽينشن ۾ هوندو آهي ته اهڙا پيارا جملا ۽ پياريون ڳالهيون غصي ۾ منهن مان نڪري وينديون آهين بابا بس يار ان ۾ به پيار هوندو آهي جيڪو رِشيد ئي محسوس ڪري سگهي ٿو هههه ۔۔۔ اوهان سڀني دوستن جي ساٿ جي مهرباني باقي اسان جي ڳالهين مان سنگت لطف اندوز ٿيندي آهي اها اڄ خبر پئي مطلب هاڻي ادي رشيد کي ۔۔۔۔:hitwall::hitwall:۔۔ يار بس دعا ڪريو ته مرندي مرندي به دوستن کي کلائي وڃون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔:bounce-grn::bounce-grn:۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    دوستن جي همٿ ۽ ڏاهپ سان جان بچي لک کٽياسون ۔۔۔ آءُ جڏهن ڪالهه آنلائين ٿيس ته سليمان وساڻ پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو“ ” ابا ڪم لهي ويا“ آءُ ته اصل ڏڪي ويس جڏهن سنڌ سلامت جي هيڪ جو ٻڌايائين ته مونکي لڳو ته ڄڻ سنڌ سلامت تي دهشتگردن جو اهڙو ئي حملو ٿيو آهي جهڙو مهراڻ نيول بيس تي ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو هو ۔۔۔

    پر پوءِ سنڌ سلامت جي ڪمانڊوز مڙسي ڪري هيڪرن کي پڪڙي وڌو ۽ سنڌ سلامت کي آزاد ڪرايو ويو ۔۔۔ تاڙيون

    واه واه ٿي وئي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ باقي سنگت اميد ته هاڻ اهڙا تالا وٺندي جن جون ڪنجيون ڪنهن دهشتگرد جي هٿ نه لڳنديون ۔۔۔

    سنڌ سلامت سدا سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    الله تعالي سنڌ سلامت ۽ انهن سڀني فورمن جي حفاظت فرمائي جيڪي مسلمان قوم ۾ دور حاضر جي تقاضائن جي جي مطابق مسلمان ۾ سجاڳي پيدا ڪري رهيا آهن
    دوستو گذيل ڪيترن ئي ڏينهن کان وي بليٽن جا فورم هٽ لسٽ تي آهن
    گذريل ڏينهن ۾ پاڪ ڊآٽ نيٽ کي به هيڪ ڪيو ويو جڏهن ته اتي هرفرقي کي کي مڪمل آزادي جڏهن افسوس سان چوڻو ته پوي ته سنڌ سلامت تي مخصوص قسم جي مذهبي سوچ رکندڙن کي انتظامي طور تي سپورٽ حاصل آهي
    پاڪ نيٽ کانپو اردو مجلس فور کي سويڊن جي هيڪرن هيڪ ڪيو پر ڊيٽابيس محفوظ رهيو
    ان کان انهي ساڳئي گروپ صراط الهدي فور تي ڪافي حملا ڪيا پر انتظاميا جلدي جاڳي پئي انهن سمورن چور دروازن کي بند ڪيو ويو ، گوگلنگ ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو سويڊن جي انهي گروپ ڪافي وي بليٽن فورم کي هٽ ڪيو آهي بهرحال سنده سلامت جي خلاف هيڪرن جي اها ڪوشش قابل مذمت آهي
    هيڪرن جي ڪوششن کي ناڪام ڪرڻ سان گڏ سنڌ سلامت کي مخصوص مڪتبه فڪر جي جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي الله تعالي اعلي انتظاميه کي توفيق عطا فرمائي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    مونکي ادي طاهر ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ۔۔۔۔۔۔۔ ڇو جو منهنجو سسٽم بند هيو ۔۔۔۔۔ اڄ ڪلهه هي هڪ عام ڳالهه ٿي وئي آهي آئي ڏينهن مختلف ملڪن جي وڏين وڏين سائٽن تي حملا ڪيا وڃن ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔ هي حملو به مهراڻ بيس تي حملي کان گهٽ ڪونه هيو شابس هجي انهن دوستن کي (خاص ڪري سليمان وساڻ کي جس هجي جو هو پنهنجون انتظامي ضميواريون تمام سٺي نموني نڀائي رهيو آهي) جنهن بروقت انتظاميه کي خبر ڪري وڏي نقصان کان بچايو۔۔۔۔

    ڇا انتظاميه لاء اهو ممڪن نه آهي ته گڏوگڏ ڊيٽا ڪنهن ٻئي هند به سيو ٿيندي رهي ته جئين وقت سر ڪم اچي سگهي ؟؟؟؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    تمام اهم سوال آهي، منهنجي خيال ۾ بلاگ به اهڙي قسم جي سهولت ڏيندا آهن، پر اسان ان شاءَ الله هر ڪم ۾ انتظاميه جو ساٿ ڏيڻ لاءِ حاضر آهيون۔
     
  17. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    ادا سائين ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي ادا شابس هجي ادا علي علي ادا رشيد ء ادا عامر جن همت ڪري رڪور ڪري ورتو
     
  18. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    سائين ڏاڍي ڏک واري ڳا له هئي پر الله سائين ڪرم ڪيو جو هنن هيڪرن جي هٿان توهان پنهنجي انٿڪ محنت سان سنڌ سلامت کي ريڪور ڪري ورتو نيٺ هنن هيڪرن جو منهن ڪارو ٿيو اهي الله سائين جا لک لک احسان آهن ۔۔۔مولا سڀ چڳي ڪندو ۔۔علي علي
     
  19. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    درويش جيڪو اڄ ڪلهه دنيا ۽ دوستن کان ڪٽيل آهي ان کي پڻ ان معاملي جي ڪا ڪل ئي ڪانه پئي۔۔ يعني ته هڪ دفعو ٻيهر ۽ ساڳئي طريقيڪار سان ۽ ساڳئي وجهه ڄاڻائي هن محبتي اڱڻ تي بلڊوزرن ڪاهه ڪيو۔۔۔
    شابس آهي انتظاميا جي مصروف هجڻ باوجود سجاڳ ۽ فڪرمند دوستن کي جن وقت سر انهن بلڊوزرن جي ٽائرن مان هوا ڪڍي ڇڏي۔۔ خير هڪ ڏک ڀري ڳالهه آهي ته اسان جي فورم کي مذهبي رنگ ڏنو وڃي پيو۔۔ پر اسان کي ان ڳالهه جي به پڪ آهي ته هتي موجود تمام ميمبر ان ڳالهه کان واقف آهن ته سنڌ سلامت فورم ڪنهن به فرقي يا مسلڪ کي هٿي نه پيو ڏئي۔۔ هتي موجود سڀئي دوست ان ڳالهه جا اکين ڏٺا شاهد آهن ته هن فورم تي علم، ادب، سکيا، اخلاق، شاعري، مزاح ۽ سياست سميت حالات حاضرا جهڙين موضعن سان ڀرپور آهن سڀ کان وڌيڪ هتي جا تمام دوست ايئن محسوس ڪندا آهن جيئن هو سالن کان وٺي هڪ ٻئي جا واقف هجن، ڀل هنن هڪ ٻئي کي ڏٺو ئي ڇو نه هجي۔۔
    خير شڪر آهي ته فورم جي رڪوري وقت سر ٿي وئي گڏ و گڏ 3 ڏينهن جو قيمتي مواد ضايع ٿيڻ تي ڏک پڻ ٿئي ٿو۔

    الله انهن هيڪرن کي هدايت ڪندو۔۔


    دعا ۾ ياد
    سدائين گڏ۔۔




    ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي عرب هيڪرس جو حملو۔۔۔۔!

    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾۔۔

    عرب ٻروچن کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن سنڌي فورم ۾ ڇا پيو وهي واپري۔۔ بس جن جي پيٽ ۾ هميشه سور رهندو آهي ۽ تڪليف ۽ بيچيني واري زندگي گذارييندا رهندا آهن، هن ڪم ۾ اهي ئي سنڌي شريڪ آهن۔۔ تڏهن ته مون هميشه چيو آهي ته مُلائيت جي سوچ رکندڙ وٽ ڪڏهن به سنڌ يا سنڌي جي اهميت نه ٿي ٿي سگهي۔۔ انهن جو ڪم آهي ڪفر، شرڪ ۽ بدعت جون فتوائون ڏيڻ۔۔ ڪا به نيڪي جي اميد انهن مان نه ٿي ڪري سگهجي۔۔ عرب ٻروچن جي ويس ڌاري۔۔۔اسان پاڻ هن ڪڌي ڪم ۾ شريڪ آهيون، هن فورم ۾ رهي ڪري هن کي بند ڪرڻ جي سوچ۔۔ :hitwall:

    شرم تم ڪو مگر آتي نهين ۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو