رات مري ويا ايسين وارا

'مزاحيه شاعري' فورم ۾ جاويد نواز طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ٿيندا تنگ گهڻو ويچارا
    رات مري ويا ايسين وارا

    مس ته وريو آ مڇرن وارو
    ٿيندو لپاٽن جو وسڪارو
    ڏيندا تن کي ڏاڍا ڏارا
    رات مري ويا ايسين وارا

    بجلي جي اکٻوٽ لڳل آ
    ٻارن جو ڪيهاٽ مچيل آ
    ويل ۾ گهر جا ڀاتي سارا
    رات مري ويا ايسين وارا
     
  2. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: رات مري ويا ايسين وارا

    ها ادا اهي تادي آهي اسان سان گرمين جي موسمن ۾ پر ادا ڇا ڪجي انهن سان منهن ته ڏيڻو آهي ​
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: رات مري ويا ايسين وارا

    واهه واهه واهه واهه
     
  4. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: رات مري ويا ايسين وارا

    ادا بهترين شاعري ۽ بلڪل سهي ڳالهه ته ايسين وارن سان ته واقعي به حالت ٿيندي آهي ڇو ته هو نارمل موسم جا عادي نه هوندا آهن ۽ عام ماڻهو تي الله جي رحمت مڇر هجن يا گرمي ۾ ڪپڙا پسي وڃن پر گهوگهرا اهڙا هڻندو جو لڳندو ته ڪو سڀ ڍور ڍڳا کپائي بي اونو ٿي ستو آهي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رات مري ويا ايسين وارا

    يار جاويد ڳالهه ئي نه پڇ ۔۔۔۔۔

    رات 8 بجي لائيٽ وئي ته وري 2 بجي آئي ۽ وري 3 بجي وئي ته صبح تائين ڪونه آئي هئي ۽ مان آفيس هليو آيس۔

    هتي اچي خبر پئي ته اڄ اي سي پلانٽ به ڪم ڪونه پيو ڪري ۽ پکا به ڪونهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس يار ڇا ڪجي۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو