تاج بلوچ - هڪ شاعر، اديب، تجزيه نگار ۽ نقاد (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    تاج بلوچ - هڪ شاعر، اديب، تجزيه نگار ۽ نقاد (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)


    سليمان وساڻ

    سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ، اديب، تجزيه نگار ۽ نقاد محترم تاج بلوچ کي سندس جنم ڏڻ تي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران جنم ڏينهن جون واڌايون ۽ کوڙ ساريون دعائون. محترم تاج بلوچ جو نالو ياد ايندي ئي مونکي سندس غزل جو هيٺيون شعر ياد ايندو آهي جيڪو مون شايد اسي جي ڏهاڪي ۾ پي ٽي وي جي مشاعري ۾ ٻڌو هو.

    بند کڙڪيون مينهن کان ۽ شام تنهنجي شهر ۾
    پوء ڀي سو سو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾

    سال ٿيا ڪو ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو
    گُم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾

    تاج بلوچ جو پورو نالو تاج محمد بُلو (جتوئي) آهي، جڏهن ته ادبي دنيا ۾ تاج بلوچ جي نالي سان مشهور آهي. هن ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بُلي ۾ 25 مئي 1940ع تي جنم ورتو. اڄ اهو تاج بلوچ سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي جنهن سوجهري جهڙي رسالي ذريعي ڪيترن ئي نون شاعرن ۽ اديبن کي روشناس ڪرايو آهي. تاج بلوچ حسناڪين ۽ جماليات جو شاعر آهي. هو بيباڪ ليکڪ ۽ تنقيد نگار آهي. ڪيترائي سال پاڪستان تيليوزن جي خبرن واري شعبي سان سلهاڙيل رهيو. ريڊيو پاڪستان تي شروعاتي دور ۾ آر جي طور خدمتون ڏيندو رهيو. ڪراچي ۾ ئي جڏهن سندس ملاقات اياز قادري سان ٿي ته هو کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو، جتي هن سکيو ۽ سيکاريو. سندس شاعريء ۽ تخليق جا 6 مجموعا ڇپجي چڪا آهن :

    درد جو صحرا (4 ڇاپا 1970، 1987،1984 ۽ 2011ع)
    خوشبو جو زهر(4 ڇاپا 1979، 1987، 1997 ۽ 2011ع)
    لفظن جو ماتم (3 ڇاپا 1994، 1997ع ۽ 2011ع)
    دل جزيرو اداس سپنن جو (2 ڇاپا 2002ع ۽ 2011ع)
    چچريون چچريون خواب (2011ع)
    جديد ادب جو تجزيو (2014ع)

    تاج بلوچ سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي ۽ سندس رهنمائي ۾ ڪيترائي نوجوان ادبي ميدان ۾ سکيا وٺي ۽ پچي راس ٿي نروار ٿي نڪتا آهن. پاڻ سوجهرو رسالي جا ايڊيٽر آهن جنهن جو سنڌي ادب ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. ڪراچيء جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ رهن ٿا. دعا آهي ته پاڻ خوش هجن ۽ زندگيء جون اڻ کُٽ بهارون ماڻن ۽ سنڌي ادب ۾ سونهري بابن جو اضافو ڪندا رهن.

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 مئي 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تاج بلوچ - هڪ شاعر، اديب، تجزيه نگار ۽ نقاد (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)

    ڌڻي شل خوش رکين۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر تاج بلوچ جو پورو نالو تاج محمد بُلو (جتوئي) آهي، جڏهن ته ادبي دنيا ۾ تاج بلوچ جي نالي سان مشهور آهي. هن ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بُلي ۾ 25 مئي 1940ع تي جنم ورتو. خزاني کاتي ۾ مختلف ضلعن ۾ ٽريزري آفيسر رهيو. تاج بلوچ جو شمار غزل ۽ نظم جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس شاعري جا چار مجموعا ڇپيل آهن: (1) ’درد جو صحرا‘ (1970ع)، (2) ’خوشبو جو زهر‘ (1987ع)، (3) ’لفظن جو ماتم‘ (1994ع)، (4) ’دل جزيرو اداس موسمن جو‘ (2004ع) .

    تاج بلوچ جي فن تي ٽماهي مهراڻ جي ’سوانح نمبر 1990ع‘ ۾ مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته، ”تاج بلوچ جي تخليق (شاعري) ۾ اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ بهترين غزل گو شاعر لاءِ لازم ٿي سگهن ٿا. سندس انداز بيان ۾ شوخي، دليري، بيباڪي، پختگي ۽ برجستگي آهي. تاج فني نقطئه نگاهه کان جماليات ۽ خمريات جو شاعر آهي، سندس فن ۾ قديم ۽ جديد خيالات ۽ فن جي آميزش آهي. ننڍن بحرن ۾ سندس دل ۾ چڀندڙ بيتن ۾ عجيب جنبش آهي. “

    تاج بلوچ سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ماهوار ”سوجهري“ جو چيف ايڊيٽر آهي، جنهن جا 100 کان مٿي پرچا ڪڍي چڪو آهي. هن وقت سندس رهائش گلشن اقبال، ڪراچيءَ ۾ آهي .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاج بلوچ کي جنم ڏڻ جون واڌايون

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو