ڊاڪٽر خان محمد پنهور: سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    ڊاڪٽر خان محمد پنهور: سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار
    تحرير: عبدالمجيد پنهور​

    ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن،. سندس محبتون ۽ گُڻَ اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي.
    هن کي سنڌ جي مشاهيرن سان ته ڄڻ عشق هئو ۽ ان جو وڌيڪ احساس هن کي معاشري جي بي حسي وڌيڪ احساس ڏياريندي هئي. ان جي ڪري ئي هن شيخ عبدالمجيد سنڌي سان وڌيڪ تعلق جوڙيو. شيخ صاحب برِصغير جي سياست جو سرواڻ هئو پر انتهائي سادو ۽ سٻاجهو انسان هئو. شيخ سنڌي ڊاڪٽر پنهور جو رول ماڊل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. شيخ صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي هلندي ڊاڪٽر پنهور صحافت کي ئي پنهنجو مشن بڻايو. هن سياست بجاءِ سماج سڌارڪ طور معاشري ۾ تبديلي لاءِ جاکوڙيو. سندس چوڻ هئو ته سياست اسان جهڙن ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر آهي. هن سِگا ۾ پڻ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ سِگا ۾ سرگرمين دوران سندس مَحور ۽ مرڪز عام ماڻهن جي تعليم ۽ انهن ۾ سجاڳي رهيو. صحافت هجي يا سماجي خدمتن جو شعبو، ڊاڪٽر پنهور ٻنهي شعبن سان ڀرپور نموني نڀايو. وسيلن جي اڻهوند، ماڻهن جي بيجا اختلافن ۽ تنقيدن جي باوجود ڊاڪٽر پنهور بنا ڪنهن سان شڪايت ڪرڻ جي خدمت واري پنهنجي ڌُن ۾ اڳ کان اڳرو رهيو. ڪامورو ٿيڻ جي بجاءِ هن استاد ٿيڻ کي ترجيح ڏني. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو. صحافت جي نامياري استاد پروفيسر ذڪريا ساجد چواڻي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ٿيڻ سان سنڌ جي نوجوانن کي صحافت پڙهڻ ۽ سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. اهڙي ريت سماجي شعبي ۾ ڊاڪٽر پنهور اتساهه ۽ نواڻ پيدا ڪئي. هن عام ۽ باشعور ماڻهن کي سماجي ڪمن لاءِ همٿايو.

    هڪ طرف هن جي تجويز تي سِگا جي پيلٽ فارم تان صحت جو سال، تعليم جو سال، ساهت سال، ڳوٺ سڌار سال ڪري ملهايو. صحت سال جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون. وڏن فزيشن ۽ سرجن انهن ڪئمپن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ۽ انهن کي دوائون ڏنيون. تعليم جو سال ملهائڻ لاءِ ڊاڪٽر پنهور سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهتو. ان سان ماڻهن ۾ تعليم لاءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ پيدا ٿي. ڳوٺن جي ماڻهن پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. سنڌي ساهت سال 1981ع ۾ سنڌي اخبارن خاص نمبر شايع ڪيا، نوان ڪتاب شايع ٿيا ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نئون اتساهه پيدا ڪيو. 1982ع ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد رکيو. ڳوٺ سڌار جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر پنهور هر ڳوٺ ۾ ويو. سندس ڳوٺاڻي ترقيءَ جي جذبي سنڌ جي هر ٽهيءَ کي ته اتساهيو پر سنڌ جي بزرگن هن سجاڳي واري ڪم ۾ عملي طور حصو ورتو. ڊاڪٽر پنهورپنهنجي ساٿين ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، روشن ٻگهيو، رسول بخش گچيرائي ۽ اسان جهڙن ننڍڙن ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ سماج جي ترقي واري قافلي ۾ هر شعبي جي ماڻهن کي شامل ڪرڻ سندس وڏو ڪمال هئو. ڊاڪٽر پنهور سڀني ڪمن لاءِ ٽيم ٺاهيندو هئو پر هو پاڻ به سڄي عمر هڪ ورڪر رهيو. هڪ سادو، سٻاجهو، اتساهيندڙ ۽ محنتي ماڻهو ۽ اهڙو ماڻهو جنهن جي اسان کي ،اسان جي سماج کي کوٽ محسوس ٿيندي رهندي. هو سڀني جو دوست ۽ همدرد هئو ۽ سڀ کيس پنهنجو سمجهندا هئا. هن جو پنهنجي دوستن سان سدائين محبت ڀريو ورتاءُ هوند هئو، اهو ڀلي سڪندر ميمڻ هجي يا شمشير ، هدايت يا تاجل هجن. دوستن سان دوستي جي حوالي سان هڪ واقعي بابت ٻڌائيندو هلان ته: ڪجهه دوستن اسلام آباد ۾ سندس ڪم بابت سخت اختلاف ڪيو ۽ ايتري تنقيد ڪئي جو هو ٻارڙن وانگر روئي پيو هئو، پر ان جي باوجود مون کي خبر آهي ته هو سدائين انهن دوستن سان ساڳي عزت ۽ محبت سان هلندو هئو. سنڌيونيورسٽي ۾ نوڪري دوران پڻ هن کي الاهي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. پر ان جي باوجود هن ان تڪليف جو جواب ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري ڏنو. سنڌي صحافت کي سنڌي سماج جي ترقيءَ جو اهم مورچو سمجهندو هئو. جڏهن سنڌي رسالن ۽ اخبارن جا اشتهار بند ٿي چڪا هئا ته ڊاڪٽر پنهور سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي جماعت ٺاهي، سنڌي صحافت تي سيمينار ڪرايا. سنڌي صحافت ۾ سنڌي ڪمپيوٽر جي استعمال جي سلسلي ۾ سنڌي صحافت تي ٿيل سيمينار کان شروعات ٿي هئي. انهيءَ سيمينار لاءِ مهتاب اڪبر راشدي جي سربراهي ۾ سنڌالاجي پاران تاريخي سنڌي اخبارن جي نمائش لڳائي وئي هئي، جڏهن ته ماجد ڀرڳڙي جنهن کي سنڌي ڪمپيوٽنگ متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، ان سنڌي ڪمپوزنگ تي پريزنٽيشن ڏني هئي . ڊاڪٽر پنهور جي ڪم ۾ سچائي هئي. هو اڪيلي سِر هڪ اداري جو ڪم ڪندو هئو. سندس ڪم مان ائين لڳندو هئو ته هو اڪيلو شخص نه پر هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي. هن ۾ ماڻهن کي سيکارڻ جو هڪ ڏانءُ هئو. ڊاڪٽر پنهور ادارن ٺاهڻ ۾ ۽ ٽيم ٺاهڻ ۽ ٽيم کي گڏجي کڻي هلڻ ۾ تمام گهڻو يقين رکندو هئو. سندس گهڻ پهلوئي سرگرمين جو بنيادي مقصد سنڌجي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، ٻڌي پيدا ڪرڻ، انهن کي سماج لاءِ اتساهڻ هئو. هو هڪ عملي ماڻهو هئو. سندس هر عمل ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم لاءِ ئي هوندو هئو. ڏهه سال مسلسل بيماري ۾ رهڻ جي باوجود نه هن ۾ سماج مان ڪا نا اميدي پيدا ٿي ۽ نه ئي ڪڏهن هن کي سماج سڌارڪ يا استاد هجڻ تي پاڻ کان ڪنهن قسم جي شڪايت. ڪڏهن ڪڏهن معاشري جي بي حسي جي ڳالهه نڪرندي هئي ته ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ سندس اکين جي ڪنڊ مان ڳوڙها ڪري پوندا هئا. سنڌ ۾ ڊاڪٽر پنهور جون خدمتون سدائين ياد رهنديون هيون، هو سنڌ جو خاموش خدمتگار هو.

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
    ______

    خان محمد پنهور بي لوث سماج سڌارڪ

    ثمينه ميمڻ

    سنڌي سماج جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ توڙي تعليمي ميدان ۾ ويجهي ماضيءَ ۾ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن ۾ سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ذڪر انتهائي سٺن لفظن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور 27 جون 1949ع تي جنم ورتو، ٻالڪپڻ کان جواني تائين بنا ٿڪ ڀڃڻ جي، بنا ساهه پٽڻ جي، بنا ڪنهن ميار، پنهنجي مشن ۾ جنبيل رهيو، صحافت ۽ سماجي ڪم سندس رڳن ۽ روح ۾ سمايل هئا. ڳوٺ کان ويندي ڪراچي پوءِ حيدرآباد واري آخري سفر جي پڄاڻي ڄام شورو ۾ ڪيائين، تعليم جو سلسلو به مسافريءَ دوران طئي ڪيائين. پرائمري تعليم آراضي شهر، مڊل ڀان سعيد آباد، مئٽرڪ دادو، بي.اي هالا ڪاليج، ايم.اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين.
    قدرت ڊاڪٽر پنهور کي پيدا هڪ غريب گهر ۾ ڪيو، پر کانئس وڏا ۽ بهترين ڪم ڪرايائين. محبت پڻ ملڪ جي ناميارن شخصيتن وٽان سکڻ جو ڏانءُ هن کي قدرت طرفان خاص عطئي طور نصيب ٿيو هو. ڪنهن سان ڪيئن ڪاوڙ ۾ ڳالهائجي اهو هن کي آيو ئي ڪونه.
    زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهنِ ۾ صحافت سان پيچ اٽڪايائين ۽ آخر تائين صحافيءَ واري زندگي گذاريائين، شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري زماني ۾ شيخ صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ واري آڇ تي اچي سنڌ يونيورسٽي وسايائين، نوان دوست نوان ساٿي گڏجي صحافت جي شعبي کي مچايائين. انهيءَ دوران ڪيترائي رسالا ۽ ميگزين، سندس ادارت ۾ نڪتا. سرتاج، مارئي، ٻالڪ، نئون نياپو، سنڌي پبليڪيشن ۽ پارس کي آخر تائين اولاد وانگر پيار ۽ پاٻوهه سان ڏسندو ۽ ان لاءِ صلاحون ڏيندو هو، اهو ڀلي نواب شاهه ۾ نئين روشني اسڪولن واري پروجيڪٽ سان هجي يا جناح اسپتال جي آءِ سي يو ۽ 16 وارڊ ۾ هجي، پر اهو ئي جملو پارس جو ڇا ٿيو. سدائين سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن سان رهيو ۽ انهن جي ئي واٽ تي هلندو رهيو.
    شيخ عبدالمجيد سنڌي ته سندس روحاني مرشد هئو، پيري مريدي جو قائل ته ڪونه هئو. پر شيخ سنڌيءَ سان جيڪا عقيدت هئي انهن جي ذڪر لاءِ ڪي لفظ مهيا ڪونه آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان سندس محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آخري ڏينهنِ ۾ اسپتال جي بستري تي هوندي، سندس ڳالهائڻ واري سگهه جواب ڏيئي چڪي هئي، بيوسي ۽ بي حسي واري اسان جي هن سماج ۾ اسان وائڙن وانگر ڪڏهن ڊاڪٽرن، ڪڏهن انتظاميه، ڪڏهن پاڻ کي پئي پاراتو ڏنوسين، انهيءَ ڏينهن ۾ شايد اپريل مهيني جا پهريان ڏينهن هئا، اسان آزمودي خاطر پڇندا هئاسين. ڀائو شيخ صاحب جي ورسي پئي اچي ڪارڊ توهان جي نالي سان ڇپائڻا آهن، پر اسان کي شيخ صاحب جي تاريخ چڱي طرح ياد ڪونهي، پوءِ اسان کيس ڪا ٻي تاريخ ٻڌائيندا هئاسين، ڀلي کڻي ڪيڏي به غشيءَ جي حالت ۾ هجي، آهستي اکيون کولي چچريل آواز ۾ ٻڌائيندو هئو 24 مئي. سندس ان ئي حالت ۾ هڪ دفعو سندس استاد پروفيسر ذڪريا ساجد کيس ايل.ايم.سي اسپتال ڏسڻ هليو، ساڳيو ئي حال بند اکيون ”خان مين ذڪريا ساجد هون“ گهڻي ڪوشش جي باوجود جڏهن آواز ساٿ ڪو نه ڏنو ته اکين مان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي استاد جي ڀليڪار لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ائين تاج جوئي وارن سان آيل ”ڪونج“ جي ايڊيٽر سرڳواسي هري موٽواڻي سان پڻ ملي ”چچريل آواز ۾ ساڻس حال احوال ورتائين. پير حسام الدين راشدي طرفان ڏنل ڪئمرا ۽ ريڊيو سڄي عمر ياد رکيائين، سائين جي.ايم.سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حاتم علوي، قاضي فيض محمد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پير علي محمد شاهه راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، سائين ايڇ ايم خواجه، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر سليمان شيخ، هدايت بلوچ، تاجل بيوس، منصور عالم، سڪندر ميمڻ، رسول بخش گچيراڻي، روشن ٻگهيو، خالد شمس الحسن، خير محمد کوکر، ناز سنائي آخر تائين جيستائين سينسز ۾ هئا سندس حافظي تي رهيا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو جڏهن به تذڪرو ڪندو هو ته انتهائي احترام سان. شيخ صاحب جي آخري ڏينهنِ جو تذڪرو ائين ڪندو هو ته شيخ صاحب هڪ دفعي ڀلجي پيا ۽ اسان کيس ڳولڻ لاءِ سخت پريشان هجون ۽ وري چوندو هو شيخ صاحب جڏهن سخت ضعيف ٿي پيا ته نماز به اشارن سان پڙهندا هئا. شيخ صاحب جي راهه تي هلندي آخر تائين انتهائي غريبي حال ۾ پنهور صاحب زندگي گذاري. سدائين سرڪاري گهر ۾ رهيو پڇاڙي ۾ جڏهن حافظو ڪمزور ٿي ويس ته ڪيتريون ڳالهيون ڀلجي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نوڪري جي رٽائرمينٽ جي درخواست ٻه ٻه دفعا يونيورسٽي انتظاميه کي ڏيئي ايندو هئو. بيماريءَ جي بستري تي اشارن سان نماز ادا ڪندو هئو.
    سنڌ ڳوٺ سڌار سنگتن جان ساٿي پراڻا دوست سڀ کيس نالن سان ياد هوندا هئا. جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئي ته سڀني نوجوانن کي انتهائي محبت سان سمجهائڻ، رهنمائي ڪرڻ اهڙي نموني جو سندس ان حڪم تي باقاعدي پيروي ڪن. شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي جيڪا شيخ صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي قائم ڪيائين، ان جي پليٽ فارم تان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ، سندس ڪم کي نوجوان نسل کي روشناس ڪرائڻ، سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن جي ياد ۾ ميڙاڪا ڪرائڻ، سنڌي صحافت جي حوالي سان قومي ليول تي سمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ، سنڌي ٻولي، سنڌي ساهت، سنڌي ادب، سنڌي سماج جي ڀلائيءَ جي لاءِ هر وقت تڙپ، هر وقت جستجو سندس زندگيءَ جو وڏو مقصد هئو، جيستائين صحت ساٿ ڏنس آخر تائين جتي به ويو هر دوست کي ڳولي ان سان مليو، بنا ميار جي ڪير سندس خيال ڪري ٿو نٿو ڪري، ڪير هن سان ملڻ آيو نه آيو، ’اهين دي او ڄاڻي سانون اپڻي توڙ نڀاوڻ ڏي.
    اسان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندا هئاسين ڀائو هُو ته توهان کي فون تي به ڪونه ٿا پڇن ته علامه مشرقي جو مثال ڏيندو هئو، ٻڌائيندو هو ته جڏهن علامه مشرقيءَ کان سندس سڀ ساٿي ۽ دوست پاسيرا ٿي ويا ته هو انهن کي خط لکي هدايت ڪندو هو ته فلاڻا تون فلاڻون ڪم ڪري ڇڏجان، فلاڻا تون فلاڻي کي هيئن چئجان. ڪنهن علامه صاحب کي چيو ته اهي ته هاڻي توهان کي ڇڏي ويا آهن ته جواب ڏيندو هو ته بابا انهن ڇڏيو آهي اسان ته ڪونه ڇڏيو آهي نه. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو خاص نعرو هوندو هئو. پڙهو اڳتي وڌو، ڪنهن کان پڇندو هئو. ”بابا ڇا پڙهيو آهين ۽ چوندو هو سائين ايم.اي ڪئي آهي. هن سبجيڪٽ“ ۾، ته چوندو هوس ”بابا ايم.فل ۾ داخلا وٺ، پوءِ پي.ايڇ.ڊي ڪري اڳتي وڌو، رڙهو ٻين کي مدد ڪيو انهن کي اڳتي وڌايو“.

    ڊاڪٽر خان محمد پنهور سڄي زندگي صاف ۽ سٿري نموني گذاري آخر تائين بيمار هوندي ڪنهن کي ميار نه ڏنائين، پر وري به ٻين جو خيال ڪيائين. ڊاڪٽر خان محمد پنهور گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هئو، صحافت، ادب ۽ سماج، ساهت ۽ ٻين شعبن ۾ هميشه محنت سان نالو ڪمايائين ۽ انهن سان نڀايائين. 27 مئي 1999ع تي صبح جو سوا اٺين وڳي، ايل.ايم.سي حيدرآباد جي آءِ.سي.يو وارڊ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. شل نوجوانن کي سندس رهيل مشن کي پورو ڪرڻ جي توفيق ڏئي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 مئي 2015
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,837
    ورتل پسنديدگيون:
    2,482
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڊاڪٽر خان محمد پنهور: سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار

    عبد المجيد پنهور جو سٺو ليک ڊاڪٽر خان محمد جي سوانح تي ٿورا ونڊڻ لاءِ سليمان۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڊاڪٽر خان محمد پنهور: سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار

    ڊاڪٽر پهنور جهڙا ٿورا به ماڻهون سنڌ ۾ هجن ته اسانجي حالت شايد اهڙي نه هجي ها ۔۔۔ ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌيت جو عاشق هو ۽ سندس ڪيل خدمتون هميشه ڳائبيون رهبيون ۔۔۔

    سلام سنڌ جي سڄڻن کي ۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    اڄ ڊاڪٽر خان محمد جي ورسي آهي۔​
    اسان سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌ جي هن خاموش خدمتگار، عالم، اديب ۽ سماج سڌارڪ کي سلام پيش ڪيون ٿا۔ قاصي منظر حيات صاحب پاران پيش ڪيل ڀيٽا:​
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    767
    ورتل پسنديدگيون:
    1,883
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين سليمان وساڻ اوهان کي لک شاباسون آهن، اوهان اهڙن لازوال ماڻهن جي يادگيري اسان کي ڏياريندا آهيو۔۔۔
    زنده دل قومون پنهنجن جوڌن کي هميشه ياد رکنديون آهن۔۔۔ جيڪي به سنڌ ۽ سنڌي لاء ڪجهه ڪن ٿا اهي اسان جا امر جوڌا آهن۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ڊاڪٽر خان محمد جهڙي هيرو کي اسين سلام ڪريون ٿا جن اسان جي سنڌ لائي ڪيتريون خدمتون ڪيون۔​
    الله پاڪ انهن کي جنت جا اعلا مقام عطار فرمائي۔​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عالم، اديب، سماج سڌارڪ ۽ صحافت سان واڳيل سنڌ جي امر ڪردار ڊاڪٽر خان محمد پهنور جي ورسيء تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    754
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    لک قرب سمورن دوستن جا سميت ادا سليمان وساڻ جي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    مرده پرست آهيون اسين ،ڄاڻُون به ٿا ته هڪ ماڻهو ڇا ڇا نه ٿو ڪري سگهي پوء به اسين ڪجهه نه ٿا ڪريون ،ها ڀيٽا ڏئي پنهجو بار لاهي ڇڏيون ٿا،
    اسان اهڙن امر ڪردارن کي ياد ڪري سمجهون ٿا وڏو ڪم ڪيو آ،،،،،،،پر نه،،،، اسان انهن کي ياد ڪونه ڪيو آهي ،،،،،،،اهيو انهن جو ڪردار آهي ،انهن جي جستجو آهي انهن پاڻ پتوڙيو آهي تڏهن امر ڪردار بنجي ويا آهن ،۽ اسان لاء ياد بنجي ويا آهن،
    جڏهن ته انهن جي ورڻ ڪا به وسونهن ڪانهي ۽ اسان وٽ ٻيو ڪو به فرد ڪونهي ،
    جي ڪو آهي به ته شايد انهن جي مرڻ جي انتظار ۾ آهيون ته جيئن ان جي ورسي ملهائي سگهون ان کي ڪا ڀيٽا ڏئي سگهون،
    يا رَبَ ڪريم اسان جي حال تي رحم فرماءِ،اهڙن محسنن جي مغفرت فرما انهن کي جنت ۾ جڳه عطا فرماء آمين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عالم، اديب، سماج سڌارڪ ۽ صحافت سان واڳيل سنڌ جي امر ڪردار ڊاڪٽر خان محمد پهنور جي ورسيء تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔

    [​IMG]
     
  11. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    هو هڪ عملي ماڻهو هئو.
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خان محمد پنهور: نه وسرڻ جهڙو شخص

    عظيم سنڌي

    خان محمد پنهور صاحب ڄائو نپنو وڏو آراضي ۾ ٿيو. جتي جئندل شاھ جو راڄ مٿان وڏو دٻدٻو ۽ رعب تان به هو. ڪوڙل شاھ به سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ جيلن وارو وزير جئندل شاھ جو پٽ هو. شاھ صاحبن طرفان سندن وڏڙن جي ٻه چار ايڪڙ زمين تي قبضي کانپوءِ لڏي اچي مورو سڪونت اختيار ڪيائون. سڀ کان وڏو ڀاءُ خان محمد پنهور ايريگيشن مورو ۾ دارغو هو. اهو ئي سندس لڏي اچڻ جو سبب هو. تمام مسڪين هئا وڏن ماڻهن سان پڄڻ هنن جي وس ڪو نه هو. هي ۱۹۶۶-۶۷-۶۸ جا سال هئا. ايوب شاهي لوڏنن ۾ هئي. ون يونٽ خلاف سڄي قوم ڀڙڪو کائي اٿي ۴ مارچ کانپوءِ وڌيڪ ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيو. ۽ گدائي جو اهو شعر گونجڻ لڳو ته لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي. نوجوان ساٿيو. سنڌ جا وارثو.
    انهيءَ اٿل ڀٿل ۾ خان محمد پنهور پنهنجي دوست سڪندر الزمان سڪندر مورائي سان گڏ تحريڪ کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي. موري لڏي اچڻ وقت مسواڙي جاءِ به سڪندر جي پاڙي ورتائون. ٻئي هڪ ٻئي جا سچ پچ ته ڀائرن جهڙا مثالي دوست ۽ هم عمر هئا. مورو ۾ سڄي سنڌ کان اول فاطمعه جناح جي حق ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڇاھٺ ستھٺ ۾ شاگردن سان گڏ جلوس ناصر مورائي جي اڳواڻي ۾ نڪتو جنهن کان پوءِ تمام جلد سڪندر زمان ميمڻ، خان محمد پنهور، غلام محمد مگسي، مظهر ميمڻ، محبوب مورائي جي اڳواڻيءَ ۾ جلوس نڪتو. جنهن نه رڳو مورو پر سڄي سنڌ ۾ اٿل پٿل مچائي ڇڏي.
    هنن ئي دوستن جي گڏيل ڪوشش سان هوشو ڊي مورو ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ حيدر بخش جتوئي، باقر شاھ، رسول بخش پليجو، ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز، ڄام ساقي، اختر بلوچ، رياض بلوچ وغيره شريڪ ٿيا.
    مورو جي هنن تحريڪن ۾ خاڪي جويو، مولانا عزيزالله ٻوهيو، هارون سومرو، غلام النبي مورائي، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائي، نصر الله ميمڻ (سنڌي) وغيره وغيره جي اهم ڪردار تحريڪ کي اوج ڏئي ڇڏيو آخر ون يونٽ ٽٽو تحريڪ رنگ لاتو.
    خان محمد پنهور کي ان سڄي عمل ۾ مون اڻٿڪ محنتي ۽ سچي ورڪرن جي حيثيت سان نه رڳو ڏنو پر تمام گهڻو متاثر به ٿيس. مورو رهڻ دوران منهنجي هن سان دوستي سڪندر الزمان، قمرالزمان ۽ عزيز شيخ جي ڪري ٿي جا مرڻ گهڙي تائين قائم ۽ دائم رهي.
    مون خان محمد پنهور کي هلندي به ڏٺو ته اڏامندي به ڏٺو. هو غريب هوندي به سنڌ جي گهڻ پاسائين شخصيت هيو. اها نعمت به قدرت طرفان ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندي آهي هر ڪنهن جي هي وس جي ڳالهه ناهي.
    سال ۱۹۷۳ع ۾ جڏهن پنهور صاحب عبرت اخبار ۾ نوڪري ڪندو هيو ۽ هن سان گڏ لال بتي اسپتال حيدرآباد جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي عيادت ڪرڻ لاءِ گڏ وياسين ته راشد مورائي به اسان سان ساٿ ۾ گڏ هيو.
    خان محمد پنهور جي هيءَ شيخ صاحب سان تفصلي پهرين ملاقات هئي جا شيخ صاحب ڊاڪٽرن جي منع باوجود ۾ اسان سان ڪئي ملاقات دوران محمد عثمان ڏيپلائي ظفر حسن، ڊاڪٽر قادر بخش ڪاندڙو به ايندا ويا.
    اها ئي منهنجي پهرين ۽ آخري شيخ عبدالمجيد سنڌي سان ملاقات هئي. سنهڙو اڇو ململ جو پهراڻ سادي هرک جي شلوار ناس جي دٻلي جا هو هر هر ڏيندو ٿي رهيو.
    هيءُ هند ۽ سنڌ جو وڏو دماغ هو جنهن لاءِ سائين جي ايم سيد لکيو ته آءٌ پنهنجي سياسي رهنمائي شيخ عبدالمجيد سنڌي کان وٺندو رهيس. ڪيڏو وڏو نالو ڪيڏي وڏي سادگي ڪمال اهو ته هن سڀ ڪجهه هوندي ڪجهه به نه ٺاهيو. پنهنجو شاهوڪار مذهب هن سندس چواڻي ته مسلمانن جي خدمت لاءِ اختيار ڪيو. هن اسان سڀني کي اسپتال ۾ ميار ڏيندي چيو چٽي طرح ياد اٿم. محمد عثمان ڏيپلائي ڏانهن اشارو ڪندي. اي بابا ڏيپلائي تون به ته منهنجي خلاف لکندو هيئن نه اوهان اسان شيخن کي اڃا مسلمان هجڻ لاءِ تيار ئي ناهيو. شيخ ميجب ۽ شيخ اياز تي به اڃا تائين ڪافر جون تهمتون آهن. شيخ صاحب پنهنجي مستي ۾ ڳالهائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اڄ مون سان سنڌ جا نوجوان ملڻ آيا آهن مان ڏاڍو خوش آهيان.
    خان محمد پنهور شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پنهنجي وت ۽ وس آهر تمام گهڻي خدمت ڪئي سو به تڏهن جڏهن قوم شيخ صاحب کي مڪمل وساري ڇڏيو هيو.
    شيخ صاحب تي کوڙ ڪتاب، انٽرويو مطلب ته اٿندي ويهندي پنهور صاحب جي زبان تي رڳو شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. هو ڄڻ ته شيخ صاحب جي گهر جو ڀاتي هجي ويندي مرڻ گهڙي تائين ڪلهي ڪانڌي ٿي شيخ صاحب کي مڪلي تي ابدي آرامي ڪري آيو.
    پنهور صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا سماجي ۽ سياسي ڪم ڪيا. جن تي ويهي ويچاربو ته کوڙ سارا ڪاغذ ڪارا نيرا ڳاڙها ساوا ٿي ويندا. ان سان گڏ پنهور صاحب کوڙ سارن رسالن ۾ نه رڳو ڪم ڪيو پر پاڻ رسالا به ڪڍيائين. کوڙ ساريون نوڪريون به ڪيائين روشني اسڪول نواب شاھ، ضلع آفيسر دوران جا ان هن سان گڏ ضلعي پوري اندر اسڪول کولڻ سان گڏ همڻ وقت به گڏ هوندو هيس. هو ننڊ جو دشمن هر وقت ڪم ئي ڪم. آخر ۾ مان هن سان گڏ هلڻ کان لنوائيندو هيس.
    فقير طبيعت جو تمام محبتي ماڻهو هو. هن سڄي سنڌ ۾ پيار ورهايو. اسان جي زندگي سڌارڻ سنوارڻ ۾ به خان محمد پنور جو وڏو ساٿ رهيو آهي مورو سندس گهر هو جنهن کي حيدرآباد ڪراچي ۽ دادو جيان خاص اهميت ڏيندو رهيو.
    هن جي صدقي سڄي سنڌ جي کوڙ سارن سڄاڻ شخصين سان ڄاڻ سڄاڻ وڌي هو ئي سنڌ جون نامور شخصيتون مورو ياترا لاءِ وٺي آيو. جن ۾ هري موٽواڻي، نند جويري، نند ڇڳاڻي، ڊاڪٽر الهواريو محمدي، محمد ابراهيم جويو، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڄام ساقي، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، شمشير الحيدري، تاجل بيوس، اڪبر قاضي وغيره، هو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ميمبرن مان هيو. پر سگا جي ساٿين جو هن ڏانهن رويو ڪڏهن به درست نه رهيو. اهو ئي سبب هيو جو هن ڳوٺ سڌار سنگت ٺاهي ۽ سالن دوران سگا کان سرگرمي هٽائي ڳوٺ سڌار سنگت ۾ ڪم ڪندو رهيو.
    سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبي صحافت جو باني چيئرمين به رهيو. هن جي محنت همت ۽ قلم سان سچ پچ ته حيدرآباد ۾ ڪل سنڌ ملاکڙو ٿيو جنهن ۾ مير رسول بخش ٽالپور گورنر سنڌ، ايس ايم عباسي شريڪ ٿيا. هن ئي ملاکڙي ۾ پهلوان غلام سرور جتوئي، سڀني پهلوانن مٿان سرسي حاصل ڪري ملهه جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”چيمپيئن سنڌ پاڪستان“ جو اعزاز ماڻيو.
    ننڍي عمر ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري، کيس برين ٽيومر ٿيو. ٽي چار دفعا آپريشن کان پوءِ به بيماري ۾ بهتري نه اچي سگهي. هر طرح جي يادداشت خان محمد پنهور کان موڪلاڻي وئي. ان هوندي هو پنهنجي موري واري گهر کان منهنجي دڪان تائين بلڪل اڪيلو صحيح سلامت ايندو رهندو هو. واپسي تي آءٌ سندس گهر وٺي ويندو هيس.
    آخري ملاقات پنهور صاحب سان ڄامشوري واري سندس سرڪاري گهر ۾ اسلم عباسيءَ سان گڏ ٿي. جتي بيڊ تي آءُ هن کي هٿ ۾ هٿ ڏئي ويٺو رهيس ۽ اسلم کي پنهنجي دوستي ۽ ڪم جي باري ٻڌائيندو رهيس. اکيون کولي هو مونکي گهوري گهوري ڏسندو رهيو پر هو ڪجهه چوڻ کان لاچار هو. ان کان ٻئي ڏينهن تي ادي نسيم پنهور جو اهو ڏک ڀريو ڏوراپو به آيو. ته سنڌي ماڻهو پنهور صاحب کي وساري ويٺا آهن. پنهور صاحب ته سڀ ڪجهه پنهنجي قوم لاءِ ڪيو پر اڄ کيس ٻچن جي رهڻ لاءِ گهر به ڪونهي.
    آخر هو ڏنل هٿ ۾ هٿ الڳ ڪري ۲۷ مئي تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پنهور صاحب سنڌ لاءِ هڪ مثالي شخصيت سان گڏ محبت جو فرد نه پر ادارو هيو. هر ڏينهن پنهور سان پيار ڪندڙن جو تعداد وڌندو ٿو رهي. سڪندر زمان، ادي نسيم پنهور ۽ عبدالمجيد پنهور جي ڪوششن سان هر سال خان محمد پنهور ٽرسٽ طرفان سندس شاندار ورسي به ملهائي وڃي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو