فاطمه ڀٽو - ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ باغي شاعره جي جنم ڏڻ تي کيس واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    فاطمه ڀٽو : ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ باغي شاعره

    محمد سليمان وساڻ

    پاڪستان جي سياست ۽ پاڪستان جي ٺهيل دستور ۽ سياسي ريتن کان نفرت ڪندڙ ۽ گهري سوچ رکندڙ باغي شاعره ، ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ بين الاقوامي سياست تي ڳوڙها تجزيه ڪندڙ محترمه فاطمه ڀٽو کي سندس 29 هين سالگرهه تي سنڌ سلامت پاران واڌايون پيش ڪريون ٿا۔

    29 مئي 1982 تي افغانستان جي شهر ڪابل ۾ مير مرتضى ڀٽو جي جلاوطنيء دوران جنم وٺندڙ فاطمه ڀٽو زندگيء ۾ خوشيون گهٽ ۽ ڏک گهڻا ڏٺا آهن۔ پُر اعتماد انداز سان ڳالهائيندڙ ۽ پنهنجي جذبن کي شاعري ۽ ڪالمن ذريعي بيان ڪندڙ فاطم ڀٽو جي لفظن ۾ تلخي ته ضرور هوندي آهي پر ان کي پيش ڪرڻ جو انداز شائسته هوندو آهي. هُن جنهن پنهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ته ڪانه ڏٺي پر ان کي عوام جي اکين ۾ آيل لڙڪن سان ضرور ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. هوء جنهن جي شهزادن جهڙي چاچي شاهنواز ڀٽو کي جلاوطنيء دوران شهيد ڪيو ويو ۽ جنهن جي پيء مير مرتضى ڀٽو کي سندس گهر ڀرسان پنهنجي ئي ڀيڻ جي حڪومت ۾ بيدرديء سان قتل ڪري شهيد ڪيو ويو. هوء جنهن جي ڏاڏيِ ڏکن سان وڙهندي گذري هجي ۽ جيئري ئي موت جهڙي زندگي گذاريندي هجي، هوء جنهن جي ڏاهي پڦيء کي ملڪ جي قاتل اسٽيبلشمينٽ، لکن ماڻهن جي مجموعي ۾ شهيد ڪرائي ڇڏي ان جي لهجي ۾ تلخي ته ضروري هوندي. سندس ڏکن واري ڪيفيت شاهه لطيف جي هنن سٽن سان ڪيڏي ٿي ٺهڪي:

    سِرجيس ته سور، سامائي ته سُک ويا،
    اهي ٻئي پور ، مون نماڻيء نصيب ٿيا۔

    سندس دردن جو داستان, سندس احساس، سندس جذبا سندس شاعريء جي مجموئي صحرا جون سرگوشيون Whispering of desert ۽ Songs of Blood & Swords مان واضح آهن. سندس شاعري ڪيڏي پختي آهي ، هن جا خيال ڪيترا گهرا آهن اهو صرف اهو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو جنهن سندس ڪتاب ، مضمون ۽ ڪالم پڙهيا هجن.

    اڄ سندس جنم ڏينهن تي ذهن جي يادگيرين تي ڀٽو خاندان سان ٿيل ظلمن جي داستان سان گڏ هنن جي دليري، ڏاهپ، ارڏائي ۽ اصول پرستي بار بار دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙي رهي آهي. دعا آهي ته سنڌ جي هي نياڻي خوشيون ڏسي ۽ سندس نظريي وارو معاشرو قائم ٿئي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فاطمه ڀٽو - باغي شاعره جي 29 هين جنم ڏڻ تي کيس واڌايون

    اسانجون دعائون ۽ همدرديون ساڻس گڏ آهن، سنڌي پي جي ڌي هجڻ سبب پنهنجو هٿ به سندس جي مٿي تي آهي، پر ان گهراڻي سنڌ لا ڪيترو سوچيو آهي ۽ اڳتي ڪيترو سوچي ٿو؟ اها ڳالهه اهم آهي ۔۔۔

    محترمه فاطمه پڙهيل ڳڙهيل ضرور آهي پر سنڌ ۽ سنڌيت لا ڪيترا جذبا رکي ٿي؟ دنيا جي ڄاڻ ۽ پاڪستان جي ڄاڻ ته رکي ٿي پر سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي علم سان ڪيتري شناسائي اٿس،ا ها ڳالهه اسان لا اهم آهي

    محترمه کي االله پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: فاطمه ڀٽو - باغي شاعره جي 29 هين جنم ڏڻ تي کيس واڌايون

    [​IMG][/center][/img]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: فاطمه ڀٽو - باغي شاعره جي 29 هين جنم ڏڻ تي کيس واڌايون

    ادا اسان جي طرفان به ادي کي واڌايون ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فاطمه ڀٽو - باغي شاعره جي 29 هين جنم ڏڻ تي کيس واڌايون

    ڌڻي کيس سلامت رکي۔
    سائين نثار ابڙو صاحب جن جي ڳالهه کي وڌائيندي عرض ڪندس ته اديءَ جا ليک، ڪالم آءُ پڙهندو رهندو آهيان جيڪي وقتن فوقتن اخبارن جي زينت بڻجندا رهن ٿا، جن ۾ واضح طور اديءَ جي خيالات ۾ سنڌ سمايل آهي، جنهن ۾ سنڌ سان عشق وارو نعتو ۽ جذبو ۽ سنڌ تاريخ کان سندس گهِرو مطالعو واضح نمايان هوندو آهي۔
    ها البته سندس سياسي سفر جي باري ۾ مونکي ايتري ڄاڻ نه آهي۔
    باقي اها ڳالهه ته اٽل آهي ته ڀٽو ۽ زرداري خاندان جو هاڻ گڏ ٿيڻ مشڪل نه بلڪِ ناممڪن آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فاطمه ڀٽو جي 31هين سالگرهه جي مناسبت سان اڄ ساڳيو ليک روزانه سڪار ۾ ڇپيو۔​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فاطمه ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽي جي نياڻي، 29 مئي، 1982ع تي جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم آمريڪن اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. گريجوئيشن ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا جي برنارڊ ڪاليج مان ۽ ماسٽرس اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. فاطمه ڀٽو هڪ سٺي ليکڪا ۽ شاعره آهي. سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن مان پهريون “Whispers of the Desert” سندس انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، اُها شاعري هن 15 سالن جي عمر کان وٺي ڪئي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي پيءُ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽي جي يادن کي احساساتي روپ ڏنو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ’8:50 am‘ آهي، جيڪو 8 آڪٽوبر 2005ع تي اترين علائقن ۾ آيل زلزلي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان بابت آهي. هي ٻئي ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان ڇپايا ويا آهن. هوءَ پاڪستان جي وڏين اخبارن، جنگ ۽ انٽرنيشنل نيوز ۾ هفتيوار ڪالم به لکندي رهي آهي. هن تازو لبنان جي دوري دوران اسرائيلي حملن متعلق هفتيوار ڊائري به لکي آهي. مير مرتضيٰ ڀٽي 1982ع ۾ افغانستان مان پهرين شادي ڪئي هئي، جنهن مان فاطمه ڀٽو ڄائي. ان گهر واريءَ کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ پاڻ ٻي شادي غنويٰ سان ڪيائين. جنهن فاطمه ڀٽو جي پرورش هڪ ماءُ وانگر ڪئي. هوءَ پنهنجي پيءَ جي جدوجهد کي اڳيان وڌائي رهي آهي. شهيد محترمه بينظير جي شهادت تائين پاڻ سندس تمام گهڻو ويجهو رهي ۽ محترمه شهيد به مير مرتضيٰ جي هن نشانيءَ کي سدائين جيءَ ۾ جايون ڏيندي هئي. جنهنڪري فاطمه ڀٽو کي پنهنجي پڦيءَ جي شهادت جو سخت صدمو رسيو. هن وقت هوءَ ماءُ سان گڏ پيپلزپارٽيءَ (شهيد ڀٽو) سان وابسته آهي. فاطمه ڀٽو جو نئون ڪتاب ‘Songs of Blood & Sword’ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جو مهورت تازو اپريل، 2010ع ۾ ڀارتي شهر بئنگلور ۽ ڪراچيءَ ۾ ڌار ڌار ٿيو.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
  8. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    سائين وا قعي هن نياڻي تي سنڌ ڌرتي کي فخر آهي. سندس پيدائش 29 مئي 1982 جي حساب سان عمر 32 سال هجڻ کپي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جي ها سائين ... مٿين تحرير به هڪ سال پراڻي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو