سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي مصروف ترين نوڪري مان اڄ خوش قسمتي سان ڪجهه وقت مليو ته فورم تي ڪجهه تبديلي عمل ۾ آندم۔۔۔ ڪجهه ته دوستن نوٽ به ڪئي هوندي۔۔۔ ان هوندي به سمورن دوستن لاءِ تفصيل لکجي ٿو۔۔۔۔

    سنڌ سلامت وڊيوز ڳولا
    هاڻي توهان سنڌ سلامت تي رهي ڪري ئي جيڪڏهن ڪنهن يوٽيوب وڊيو کي ڳولڻ چاهيو ته بس سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي اچي سائيڊ بار جي ٻيون نمبر بلاڪ ۾ سنڌ سلامت وڊيو ڳولا تي ڪو به خاص لفظ يا ڪي ورڊ لکو ۽ ڳولا تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ توهان جي برائوزر ۾ اضافي ٽيب کُلي ايندو جتي توهان جي مطلب جي ڳولا جا نتيجا هوندا۔۔۔

    سنڌ سلامت فيس بوڪ تي
    سنڌ سلامت جو فيس بوڪ پيج جو لنڪ ۽ ان پيج کي پسند ڪندڙن کي ڏيکاريو ويو آهي ۔۔۔ هوئن ته تعداد موجود آهي پر سنڌ سلامت جي چاهيندڙن جو تعداد 16 رينڊم طور ظاهر ٿيندو رهندو۔۔۔ سنڌ سلامت تي ايندڙ اهي رڪن جن اڃان تائين فيس بوڪ پيج جو ڦيرو نه ڀريو آهي سي هتان ئي پيج جو ڦيرو ڀرڻ کان سواءِ پسنديدگي جو اظهار ڪري سگهندا۔۔۔

    سنڌ سلامت ايپليڪيشن
    سنڌ سلامت ڪيبورڊ ايپليڪيشن جنهن جي ذريعي توهان نه صرف بغير ڪنهن انسٽالر جي سنڌي لکي سگهندو پر پريڪٽڪس ڪندي پنهنجي لکڻ جي رفتار کي وڌائي پڻ سگهو ٿا۔۔۔ هتي انهن فيس بوڪ رڪنن جون تصويرون ۽ لنڪس رينڊم طور ظاهر ٿيندا جن کي هي ايپليڪيشن پسند آئي آهي۔۔۔

    سنڌ سلامت فائيل اپلوڊر
    سنڌ سلامت تي ايندڙ رڪن فورم تي مختلف سافٽويئر، ڊرائيور يا ڪي فائيلز گهرڻ جي درخواست موڪليندا رهندا آهن ۔۔۔ رڪن موٽ ۾ جواب موڪليندي ڪافي گوگلنگ ڪندا آهن تڏهن ڪو لنڪ ملندو آهي۔۔۔ پر اڪثر دوستن وٽ اهڙا سافٽويئر يا فائيلز سندن ڪمپيوٽر ۾ موجود رهندا آهن پر جيئن ته سنڌ سلامت فورم تي اهڙن فائيلز کي اپلوڊ جي سڌي سهولت موجود نه آهي ان ڪري اهڙن دوستن جي سهولت لاءِ هي اپلوڊر لڳايو ويو آهي ۔۔۔ جنهن جي ذريعي هاڻي توهان ڪا به فائيل يا سافٽويئر پنهنجي ڪمپيوٽر تان اپلوڊ ڪري لنڪ ڪاپي ڪري سنگت سان ونڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت تصوير اپلوڊر
    ان باوجود جو نئين موضوع موڪلڻ دوران يا تحرير جي تفصيلي جواب ۾ تصوير کي اپلوڊ ڪرڻ لاءِ ٽني پڪچر اپلوڊر لڳايل آهي پر ڪافي دوست يا ته سمجهڻ ۾ ڏکيائي يا وري ڪنهن سبب ڪري استعمال ڪرڻ ۾ الجهن محسوس ڪري رهيا هئا ان ڪري انهن دوستن جي سهولت خاطر هتي هڪ اضافي پڪچر اپلوڊر لڳايو ويو آهي جتي آرام سان تصوير اپلوڊ ڪري لنڪ حاصل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔

    دوستو ان کان سواءِ گوگل ڪسٽم ڳولا جي ڪوڊ کي سنڌ سلامت ڳولا سان ملائيندي هڪ اضافي ڪوڊ پڻ ٺاهيو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي مٿي نيوبار جي پٽي تي ڳولا ۾ لڳايو ويو آهي ۔۔۔ جنهن کان پوءِ اهي دوست جيڪي گوگل ڪسٽم ڳولا کي درست طريقي يا وري سنڌي انسٽال نه هجڻ ڪري استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن۔۔۔ مٿين ڳولا کي استعمال ڪري سگهن ٿا جتي ڪو خاص لفظ لکي جڏهن انٽر پريس ڪيو ويندو يا وري ڀرسان موجود زوم شيشي تي ڪلڪ ڪيو ويندو ته برائوزر جو هڪ اضافي ٽيب کُلي ويندو جنهن تي ان لفظ سان متعلق سنڌ سلامت جا ايندڙ سمورن موضوعن جا لنڪس اچي ويندا۔۔۔۔ جنهن سان سنڌ سلامت تي ڳولا جي يقيني هوندي۔۔۔

    اميد ته سنڌ سلامت جي هي تبديلي پڻ دوستن کي پسند ايندي۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

    مهربانيون ادا رشيد

    فورم جي نواڻ سٺي لڳي ۽ ان سان گڏ هوم پيج تي ڪجهه تصويرون به ڏسڻ لاء مليون۔ ان کانسواء وڊيو، فائل اپلوڊنگ ۽ پڪچر اپلوڊنگ جا اضافي بلاڪ به وڻيا جن جي ضرورت هئي۔ اميد ته دوستن کي وڌيڪ آسانيون پيدا ٿينديون۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

    يار رشيد ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا چوندي اهو چئبو ته اوهان هر وقت پنهنجي ذهني نچوڙ مان سنڌ سلامت لا جيڪي عملي قدم کڻندا رهندا آهيو، اهي اسان لا حيرانڪن سان گڏ خوشي جو باعث به هوندا آهن، جيتوڻيڪ پنهنجو رشتو سنڌ سلامت سان هر حال ۾ قائم رهڻ وارو آهي پر تنهن هوندي به اوهانجي طرفان سنڌ سلامت جي دوستن کي نيون نيون سهولتون ميسر ڪرڻ ۽ سنڌ سلامت جي اوطاق کي پر شوق ۽ پر ذوق ٺاهڻ جون ڪاوشون من موهيندڙ آهن ۔۔۔

    ڪالهه سنڌ سلامت کي ور ور ڪري تازو ڪرڻ سان هر دفعي نئين نواڻ نظر اچڻ لڳي، انڪري آ چپ رهيس ته ڀل اوهان ڪم ڪندا رهو ۔۔۔

    ڪنهن به نظرئي، تنظيم يا اداري ۾ جمود خاتمي جو سبب ٿيندو آهي پر جنهن تنظيم ۾ نئين نواڻ ۽ وقت جي ضرورتن مطابق بدلا ٿيندو رهندو آهي ته انجو جياپو به وڌندو رهندو آهي، اوهانجون اهي ڪاوشون سنڌ سلامت کي اڳ کان اڳري ڪرڻ لا ساراه جوڳيون آهن ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي هڪ ادني رڪن جي حيثيت سان آ اوهانجو ٿورائتو آهيان ۽ سنڌ سلامت جي ڪارڪنن کي واڌايو ڏيندس ته سندن هٿن ۾ سنڌ سلامت هڪ مڪمل ويب سائيٽ جي حيثيت سان موجود آهي، سنڌ جا سڄڻ هن ويب سائيٽ ذريعي سنڌ ۽ سنڌيت سان لاڳاپيل علم، ادب، سائنس ۽ دنيا جا ٻيا سڀ علم هڪٻئي سان ونڊ ڪري پاڻ ملهائي سگهن ٿا ۔۔۔

    نه وڍي، نه وڪـــڻي، نه کڻـــي ۾ کاري،
    اهــج سهــج ساهــميون، ڌريــان نه ڌاري،
    سائي پر پاري، جا گهر سمي جي سپجي۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

    مهرباني ادا رشيد

    تمام لاجواب تبديلي اهي

    تمام بهترين اضافي فيچرس آهن

    ان فيچرس مان ڪافي دوستن کي فائدو ملندو

    لاجواب ڪوشش آهي

    سدائين گڏ
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

    ماشاءالله ! اوهان جون ڪاوششون داد جي قابل آهن ۔ آئي ڏينهن فورم تي ڪا نه ڪا نواڻ آڻيو پيا جيڪي اکين کي سرور بخشن ٿيون ، رب سائين شل فورم کي بري نظرن کان بچائي ، لک شابشون هجن اوهان کي ، اهي ڪاوشون جاري رکندو اچو۔
    لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي ۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

    ادا رشيد صاحب اسلام عليڪم
    ادا فورم تي ڪجهه نواڻ سان گڏ تبديليون به پڻ نظر پيون اچن تمام سٺو پيو لڳي ان سان گڏ تصويرون پڻ هيون
    تمام بهترين ادا ۔
     
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

    قرب توهان جا ادا رشيد جو هن سهڻي فورم تي ڪجه اضافو ڪيو آهي۔
    توهان جي مهرباني
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

    دنيان جي تيزيء سان گڏ تبديلي ضروري هوندي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سالامت تي نواڻ ڏاڍي خوبصورت لڳي مون جهڙن لاء تصوير اپلوڊ ڪرڻ ء، يوٽيوب تي وڃڻ به هڪ ڏکيو ڪم هيو هاڻ سڀ ڪجهه سامنهو پيو آهي تمام آساني ٿي وئي ۔۔۔۔۔ ان سان گڏوگڏ ادي رشيدجي ذميواريء جو احساس به ٿيو ته پنهنجي مصروف نوڪريء باوجود تمام سٺي نموني انتظام هلائي رهيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔


    تمام بهترين
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه اضافي تبديليون۔۔۔۔۔

    تمام لاجواب تبديلي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو