”سهڻي“ سنڌياڻي هئي

'سنڌياڻي' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    26 مئي 2011ع جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ غلام محمد ميرجت جو خط بعنوان ”سهڻي ڪير هئي؟“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن پڇيو آهي ته سهڻي اصل ڪٿي جي هئي؟ (سنڌ يا پنجاب جي؟) ان حوالي سان آئون اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته، سهڻي اصل سنڌ ڄائي سنڌي هئي، ذات جي ”ساميٽيو“ هئي، سندس والد جو نالو ”جرڪت ساميٽيو“ هو. ميهار جو نالو ”ساهڙ“ ۽ ذات جو ”نڱامڙو“ هو. ساهڙ جي پيءُ جو نالو ”ڄام گهنور“ هو. نڱامڙن ڄامن جي ڪيٽي بندر کان ميرپور ساڪري تائين حڪومت هئي. ڏم ذات جو ”واهوچو“ هو. سهڻي نه گجرات (پنجاب) جي هئي ۽ نه ئي سندس پيءُ جو نالو ”تلاءُ ڪنڀر“ هو، نه ئي ڪو ميهار بخارا جو عزت بيگ هو. سنڌ ۾ اڄ به اهي مٿيون ذاتيون ساميٽيا، نڱامڙا ۽ واهوچا موجود آهن. لطيف سائينءَ ڪنهن به ڌارئي عشقيه داستان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو ناهي. لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل ماڳ مڪان، وڻ ٻُوٽا، دريا وغيره جو تعلق سنڌ سان آهي، نه ڪي پنجاب سان. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به چناب، راوي ندين جو ذڪر ٿيل ناهي. مهراڻ، لوهاڻو ڍورو، پٽيهل سنڌ ۾ آهن. ”سهڻي- ميهار“ جون قبرون سنڌ (شهدادپور) ۾ آهن. سهڻيءَ جي قبر شهدادپور جي ڀرسان، سهڻيءَ جي مقام ۾ آهي. سهڻيءَ جو مقبرو نوابشاهه جي اڳوڻي ڪليڪٽر حامد علي ٺهرايو هو. ميهار جي قبر شهدادپور شهر ۾ سيد الله اوڀائي شاهه جي پاڙي ۾ آهي. اهي سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته سهڻي سنڌياڻي هئي. شاهه لطيف جي سورمي سهڻيءَ جو پنجاب سان ڪو تعلق ناهي. باقي اسان جا ڪجهه محقق ٻاهران آيل لٽيرن کي هيرو ۽ سنڌ جي هيروز کي ڌاڙيل، سرڪش، بلوچ کي سماٽ ته وري سماٽ کي بلوچ لکن ٿا، ۽ حد ته اها آهي ته ناتر کي ”ايرانڻ“ لکيو اٿن!

    رمضان ”دلدار“ چڍڙ/ماتلي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ”سهڻي“ سنڌياڻي هئي

    تمام ڪارائتي ڄاڻ آھي
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”سهڻي“ سنڌياڻي هئي

    ادا تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي ۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ”سهڻي“ سنڌياڻي هئي

    ادا تما م سٺي معلومات ڏني اٿو
    اهڙيون تاريخي معلومات ڏيندا رهو
     
  5. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ”سهڻي“ سنڌياڻي هئي

    سائين توهان تمام بهترين ڄاڻ ڏني انهي لاء لک لک مهربانيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو