سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    6 جون سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ جو جنم ڏڻ آهي۔ سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پارن سائين هدايت بلوچ کي سندس جنم ڏڻ تي واڌايون۔

    نامياري شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي.

    هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو.

    ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا به ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ به سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن.

    پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ٻه دفعا سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏجاڻين ۾ امريڪا ۾ به شرڪت ڪئي اٿس.

    هدايت بلوچ سنڌ سلامت تي ۽ خاص ڪري مون تي گهڻو مهربان رهيو آهي ۽ اسان جي رهنمائي پڻ ڪئي اٿس جنهن لاء سندس لک قرب۔ فيسبوڪ تي گهڻو سرگرم رهندڙ ۽ ٻين کي همٿائڻ وارو هدايت بلوچ ڪجهه ڏينهن اڳ اسان سان گڏ الزامن جي گهيري ۾ به رهيو پر سنڌي ٻوليء جي واڌاري لاء اهي سڀ سور سهي اسان سان سدائين گڏ رهيو۔

    دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي زندگيء جون اڻ کُٽ بهارون مسڪرائيندي گذاري۔۔۔۔آمين۔

    سندس ڪجهه چونڊ شاعري هتي ونڊ ڪجي ٿي:


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]






     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ناليواري شاعر ۽ ليکڪ محترم هدايت بلوچ کي سندس جنم ڏڻ تي واڌايون

    سائين محترم هدايت بلوچ جهڙو ڏسڻ جو سهڻو تهڙو ڳالهائڻ جو ۽ وري تهڙي ئي سندس ٽور، هدايت بلوچ جي شاعري سماج جو آئينو هوندي آهي جنهن ۾ آسانيءَ سان سماج اندر ٿيندڙ گهٽ وڌايون ڏسي سگهبيون آهن ۔۔۔

    هدايت بلوچ جڏهن لطيف سرڪار تي ڳالهائيندو آهي ته سندس چهري جو تجسس ۽ سندس جسم جي ڦڙتي ڏسڻ وٽان هوندي آهي، لطيف جي پيغام ۾ ائين گم ٿي ويندو آهي جيئن ڪو غواص سمنڊ ۾ گوتو هڻي گم ٿي وڃي ۔۔۔

    سنڌ جي سهڻي شاعر ۽ انسان کي رب العالمين وڏي ۽ صحتمند ڄمار عطا ڪري ۔۔۔ آمين

    ٿورا سائين سليمان! اوهان هميشه سنڌ جي سڄڻن کي ياد ڪري اسانکي به پاڻ سان شريڪ ڪري قومي فرض ويٺا نڀايو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀلوڙ شاعر، سهڻي ليکڪ، لطيف جي پارکو ۽ نفيس انسان سائين هدايت بلوچ کي جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جنم ڏينهن جي مناسبت سان
    سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ
    محمد سليمان وساڻ

    هن سان منهنجي پهرين ملاقات چوڪنڊي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي پهرين ورسيء جي موقعي تي ٿي هئي. سندس شاعري، ڪالم پڙهيا هئا ۽ نالو به ٻڌل هئو. خاموش ، ماٺيڻو، قداور ، کلمک، دل جو صاف ۽ سهڻي سڀاء وارو اهو شخص هيو هدايت بلوچ. ساڳي شام ريجنت پلازا ۾ تاجل بيوس جي ورسيء جي مناسبت سان رکيل تقريب ۾ هن پنهنجا تاثر پيش ڪيا ۽ پوء فيسبوڪ ذريعي جڏهن کيس تقريب جون تصويرون موڪليم ته خوش ٿيا ۽ اتان دوستيء جي شروعات ٿي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن سدائين، پيار ، مرڪون، پنهنجائپ ڏيڻ سان گڏ سدائين رهنمائي ڪندا رهيا آهن.

    نامياري شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي. هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي هو سنڌين سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ لکڻ جو ڪم به جاري رکيائين.

    ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا به ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ به سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن. هن وقت پاڻ روزانه مومل جا ايڊيٽر آهن. سندس غزل گهڻو مشهور آهن.
    فائدن حاصل ڪرڻ وارن جي ناهيون لسٽ ۾
    پر قسم سان ٿا چئون، بي فائدا ناهيون اسين
    پيار کان انڪار آهي ڪفر، ڪافر ڪير ٿئي
    پر هدايت حاڪمن جي ها ۾ ها ناهيون اسين
    هدايت بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا ۽ سدائين ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ٻه دفعا سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏجاڻين ۾ امريڪا ۾ به شرڪت ڪئي اٿس.​
    هدايت بلوچ جي هڪ ٻي خوبي آهي سوشل ميڊيا خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ماڻهن، سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ. پاڻ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جا چيئرمين ۽ روح روان آهن. سڄي سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين ۾ باقائدگي سان حصو وٺندا رهن ٿا. هدايت لطيف جو پارکو آهي ۽ هو لطيف جي پيغام کي سمجهڻ سان گڏ دوستن کي سمجهائيندو رهندو آهي. ساڻس گڏ مختلف تقريبن ۾ شامل رهندي اها ڳالهه اڪثر محسوس ڪئي اٿم ته جڏهن به اسٽيج تان لطيف سائين جا بيت صحيح تلفظ سان پيش ناهن ٿيندا ته سندن چهري جي ڪيفيت تبديل ٿيندي آهي ۽ پاڻ افسرده ٿي ويندا آهن ته اسان اڃان تائين لطيف کي نه پڙهيو آهي نه سمجهيو آهي. سندس شاعري به سنڌ، سونهن، سچ ۽ پيار جي گرد گهمندي محسوس ٿيندي آهي.​
    اسان جو حال پڇي ڏس ڀلي ستارن کان،
    توهان جي ياد ۾ شبِ روز ڇا چوان گذريا؛
    ستِم ته پنهنجي جَڳهَه نيٺ يَرَ! سِتم آهن،
    اسان تي تنهنجا ڪَرم ڀي مِٺا گِران گذريا!
    ______________​
    روزانه سُڪار جي ادبي صفحي ڏات ۾ 7 جون 2012 تي ڇپيو​
    _________​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم سائين هدايت بلوچ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔۔۔

    هدايت بلوچ جي شاعري پڙهڻ لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    محترم سائين هدايت بلوچ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔۔
     
  8. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان پنهنجي اداسائي، توڏانهن ئي کڻي آيس
    صدين جي نراسائي، توڏانهن ئي کڻي آيس
    ڪنهن وقت نراسن کي، ڪا آس ته ڏيندو ڪر

    خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ
    هدايت بلوچ
    کي جنم ڏڻ جون واڌايون


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو