منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران منهنجو ٽنڊو محمد خان
    ۾ مينا بازار لڳائي وئي​


    رپورٽ نثاراحمدناز
    سنڌ سلامت جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم گذريل اپريل 2011ع تي منهنجو ٽنڊو محمدخان فيسٽوول ملهايو ويو جنهن ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پڻ هڪڙي خوبصورت مينا بازار لڳائي، جيئن ته انهن ڏينهن منهنجو ايڪسيڊينٽ ٿيو هو ۽ منهنجي پير ۾ شديد تڪليف هُئي، مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن جي چئيرپرسن محترما راحيلا خاصخيلي سان منهنجي ڪمينٽ مينٽ ٿيل هُئي ته ان مينا بازار ۾ سنڌ سلامت 2011 ع واري ڪيلينڊر جو هڪڙو اسٽال پڻ لڳايو ويندو پر پير جي شديد تڪليف جي ڪري مان پنهنجا سنڌ سلامت وارا ڪيلينڊر ۽ هڪڙو بينر سنڌ سلامت جو بروقت اتي پهچائي ڪونه سگهيس ڪالهه محترما راحيلا خاصخيلي جيڪا اسان جي سنڌ سلامت جي ميمبر پڻ آهي ان سان ملاقات ٿي، ته مونکي شڪايت ڪندي چيائين ته سائين نثار توهان منهنجو ٽنڊو محمدخان واري فيسٽوول ۾ غير حاضر هُئا ، سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2011 ع جو هڪڙو اسٽال پڻ آخر وقت تائين توهان جو منتظر هو پر توهان ان ۾ پنهنجو مٽيريل ڪونه موڪليو ، مون کلندي جواب ڏنو ته بابا راحيلا توکي ته خبر آهي ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو ايڪسيڊينٽ ٿيو هو ۽ منهنجي پير ۾ فريڪچر ٿي پيو هو ، شديد تڪليف هُئي ، چوڻ لڳي ته ها، انهي ءَ ڳالهه جي خبر اسان کي هُئي ، خير مون کيس سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2011 ع ڏنو ته پاڻ خوش ٿي، چوڻ لڳي ته توهان جو پراڻو ڪيلينڊر اڃا ن تائين منهنجي آفيس جي ديوار تي لڳو پيو آهي ، هاڻي توهان هي نئون ڪيلينڊر ڏنو آهي ته پراڻو ڪيلينڊر لاهيان ٿي. مون کيس چيو ته اپريل واري مينا بازار ڪيئن رهي چوڻ لڳي ته سندس توقع کان به وڌيڪ اها مينا بازار ڪامياب رهي هُئي ، مون ٿڌا ساهه ڀريندي چيو ته ڪاش اها مينا بازار مان سنڌ سلامت واسطي ڪوريج ڪريان ها، پاڻ چوڻ لڳي ته ڇو ٿا گهٻرايو انهي مينا بازار واريون تصويرون سندس يو ايس بي ۾ موجود آهن ، جيڪڏهن توهان چاهيو ته سنڌ سلامت وارن دوستن سان اڃان به ونڊ ڪري سگهو ٿا، مان ڏاڍو خوش ٿيس ، منهنجو ٽنڊو محمد خان واري فيسٽوول جون تصويرون ۽ مومل ڊيولپمينٽ ٽنڊو محمد خان پاران لڳايل مينا بازار واريون تصويرون محترما راحيلا خاصخيلي جي تعاون سان توهان سڀني دوستن سان شيئر پيو ڪريان . اميد ته پسند اينديون.

    [/justify]


    [​IMG]

    [​IMG]
    منهنجو ٽنڊو محمدخان فيسٽوول جو بينر جيڪو گورنمنٽ گرلز ها اسڪول ٽنڊو محمد خان جي بلڊنگ تي آويزان هو ان کان علاوه مومل ڊيولپيمنٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران مينا بازار ۾ لڳايل اسٽال تي لڳل بينر

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئرپرسن ۽ سنڌ سلامت جي ميمبر محترما راحيلا خاصخيلي مينا بازار ۾ پنهنجي لڳايل اسٽالن ۾ محڪمه تعليم ۽ محڪمه ماحولياتي آلودگي جي ميمبر دوستن سان گڏ سڀ کان نمايان آهي

    [​IMG]
    منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پاران لڳايل مينا بازار ۾ وڏي تعداد ۾ ٽنڊومحمد خان شهر ۽ ڀر پاسي جي شهرن جون ناريون گڏ ٿيون
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    هن فيسٽو جو ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن پاران لڳايل مينا بازار جي افتتاح جي موقعي تي معزز مهمانن لا ويلڪم خاڪا پيش ڪيا ويا۔
    [​IMG]
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پاران لڳايل مينا بازار جو افتتاح ٽنڊو محمد خان شهر جو ايم پي اي سيد محسن شاهه بخاري ڪري رهيو آهي جڏهن ته سندس پاسي ۾ ضلع ٽنڊو محمد خان جو پاڪستان پيپلز پارٽي جو صدر حاجي محمد امين لاکو پڻ موجود آهي

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان جي هڪڙي ناري معزز مهمانن لا پنهنجي هٿن ۾ گل کڻي انهن جي آجيان ڪري رهي آهي

    [​IMG]
    ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڊي سي او جناب علي محمد لُنڊ صاحب ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم حاجي امين لاکو

    [​IMG]
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن پاران لڳايل مينا بازار ۾ رنگا رنگ راندين جا مقابلا پڻ ٿيا جنهن ۾ ناريون ڦوڪڻن واري راند ۾ حصو وٺي رهيون آهن

    [​IMG]
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن محترما راحيلا خاصخيلي، ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئر پرسن شبانه امتياز ، ايم پي اي سيد محسن شاهه مينا بازار جي افتتاح جي موقعي تي
    [​IMG]
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيرپرسن راحيلا خاصخيلي کي مينا بازار ۾ ڪيل پنهنجي بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ پن ڏنو ويو جيڪو کيس ٽنڊو محمد خان ضلع جي ڊي سي او محترم علي محمد لُنڊ صاحب ڏنو

    [​IMG]
    هن مينا بازار جي بهترين ڪوريج عيوض ٽنڊو محمد خان جي مشهور صحافي ۽ شاعر محترم اعظم ڀٽي کي پڻ ايوارڊ ڏنو پيو وڃي کيس اهو ايوارڊ سيد محسن شاهه ايم پي اي ڏنو​
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    سائين تمام بهترين ۔۔۔۔۔ سٺو ٿيو جو ادي اهي ڦوٽو اوهان سان ونڊ ڪيا۔۔ الاهي ڏينهن کان اوهان جي ڪنهن پياري رپورٽ جا منتظر هئاسين۔۔ ٿورائتا آهيون اوهان جا ۽ ادي راحيلا خاصخيلي جا ! جن اسان تائين هن بهترين ايوينٽ جا ڦوٽو پهچايا۔۔ سنڌ جي هر شهر ۾ اهڙا پروگرام ضرور ٿيڻ گهرجن​
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    [JUSTIFY]پيارا اسد مست تنهنجي مهرباني جو منهنجي موڪليل هن رپورٽ تي پنهنجا پيار ڀريا ڪامينٽس لکيا ادا انهن ڏينهن ۾ منهنجي طبيعت تمام سخت خراب هُئي نه ته منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽول ۾ محترما راحيلا خاصخيلي جي لڳايل مينا بازار جا سمورا رنگ ساري دنيا جي سنڌين سان تصويري صورت ۽ وڊيو جي صورت ۾ ضرور ونڊ ڪريان ها ۽ انهن رنگن جو سوڀا ساري دنيا جي رنگن کان يقينن وڌيڪ چٽو هُجي ها، ڪجهه وڌيڪ تصويرون آهن انهي مينا بازار ۾ لڳايل رنگن جون جيڪي توکي ارپيان ٿو ادا۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان پاران لڳايل مينا بازار ۾ مهمانن جي آمد

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن پاران لڳايل مختلف اسٽالن مان خريداري ٿي رهي آهي۔

    [​IMG]
    مهمانن جي آجيان لا ناريون پنهنجي هٿن ۾ گلن جون پتيون کڻيو بيٺيون آهن

    [​IMG]
    هن مينا بازار ۾ ننڍڙن ٻارڙن به خوشي مان حصو ورتو، ٻه معصوم ٻارڙا، شايد ڀا ۽ ڀيڻ۔

    [​IMG]
    محترما راحيلا خاصخيلي صاحبه هن مينا بازار جي شو ۾ دلچسپي سان شريڪ ٿي

    [​IMG]
    اهو منهنجو ايمان آهي ته سنڌ جي ڪا به تقريب سنڌ سلامت جي سونهن ڀري سوکڙي سنڌسلامت جي ڪيلينڊر 2011ع کان سوا ڪانه سجندي۔ محترما راحيلا خاصخيلي سنڌ سلامت جي ڪيلنڊر 2011 ع حاصل ڪري پنهنجون مسڪراهٽون وکيري رهي آهي​
     
  5. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    نثار ناز جي موڪليل ٽنڊو محمد خان جي حوالي سان هي ونڊ تمام سٺي لڳي ۔دير سان موڪليائين پر دير آئي درست آئي ۔مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊومحمد خان جي چيئر پرسن راحيله خاصخيلي کي جس هجي جو مينا بازار لڳائي عورتن جي لا بهترن تفريح جو ماحول مهيا ڪري ڏنو اميد ته اهڙا تفريحي پروگرام جاري رکندا
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    ادا حڪيم محمد يوسف کتري صاحب مون پنهنجي هن ونڊ جي تمهيد ۾ اڳ ۾ ئي لکي ڇڏيو آهي ته دير صرف انهيءَ ڪري ٿي جو اپريل ۾ هڪ ايڪسيڊينٽ جي ڪري منهنجي پير ۾ فريڪچر ٿي پيو هو شديد تڪليف جي ڪري منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽول جو مينا بازار جو ڪو پروگرام سنڌ سلامت واسطي ڪوريج ڪري نه سگهيس ان هوندي به منهنجو ٽنڊو محمدخان فيسٽول ۾ مشاعري واري ادبي تقريب جنهن جو مهمان خاص سنڌ جو قومپرست شاعر حليم باغي هو اها تصويرن سميت سنڌ سلامت جي ساٿين سان مون ونڊ ڪئي هُئي جنهن جو لنڪ ڏيان پيو توهان ملاحضه ڪري سگهو ٿا،
    http://www.sindhsalamat.com/showthr...¬Ø´Ù†-ٽنڊومحمد-خان-Û¾-مشاعرو
    باقي توهان کي اسان جي هي ونڊ سٺي لڳي ان لا انتهائي ٿورائتو آهيان توهان جون همت افزايون شامل حال آهن ته آئنده ڪوشش ڪنداسين ته شهر ٽنڊو محمد خان يا ڀر پاسي وارن شهرن جون ادبي تقريبون يا سماجي تقريبون ضرور وقت سر ونڊينداسين۔ لک لائق ادا
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    مومل آرگنائيزيشن جا هلائڻ وارا به مومل سان مشابهه آهن ته ٽنڊي محمد خان جا سنڌ دوست رهواسي پڻ سهڻا ۽ من مهڻا آهن،

    سنڌي ادب، ثقافت ۽ سنڌيت طرف ٿيندڙ ڪم ۾ ٽنڊي محمد خان جي دوستن جو ڪم ساراهه جوڳو آهي، ۔۔۔ نثار ناز جو ڪيل ڪم به پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۔۔۔ اسانجون دعائون ۽ نيڪ خواهشون سنڌ جي سهڻي شهر ٽنڊي محمد خان سان آهن ۽ اميد آهي ته ٽنڊي محمد خان جا ساٿي پنهنجي حب الوطنيءَ واري جذبي ۾ اڃان اڳ کان اڳرا ٿيندا رهندا ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    ادا نثار ابڙا توهان جون مهربانيون جو توهان کي اسان جي موڪليل هي ونڊ سُٺي لڳي، ادا نثار توهان جي اها ڳالهه واقعي لکن جي آهي ته مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن هلائڻ وارا سنڌ جي سُورمي مومل وانگر مومل سان مشابهه آهن، ماشاالله جس هُجي سنڌ جي انهن نارين کي جيڪي سنڌ جي سورمين جي نان تي پنهنجي تنظيمن جا ڪار وهنوار هلائين ٿيون۔ ادا نثار توهان جون همت افزايون منهنجي لا نت نوان دڳ آهن، پيارا نثار جيئين ته پيري جي ڪري منهنجو سست ٿيڻ فطري عمل آهي جيڪڏهن سنڌ جي سونهن کي وڌائڻ وارن اهڙن پروگرامن جي ڪوريج ڪرڻ ۾ سستي ٿيئي ته يار مونکي هڪ پوڙهو ڀا سمجهي معاف ڪري ڇڏجو۔ لک لائق ادا نثار۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    سائين نثار ناز سلام

    ههڙي دور ۾ جڏهن ڪا صحتمند سرگرمي خواب ٿي وئي آ ۽ پوء به فيمليز ۽ عورتن لاء اهڙي قسم جون سرگرميون ڪندڙ ۽ انهن جي سهائتا ڪندڙن کي دلي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئرپرسن محترمه راحيلا خاصخيلي کي واڌايون جن هي ايونٽ آرگنائيز ڪيو۔

    اوهان جا به لک ٿورا جو اوهان هي سهڻي، رنگ برنگي ۽ خوبصورت رپورٽ اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    مهربانيون ادا محمد سليمان وساڻ جو توهان کي اسان جي هي موڪليل ونڊ سُٺي لڳي جيڪي به سُهڻا ماڻهو يا سُٺا ماڻهو هوندا آهن اهي پنهنجي ماحول کي سدائين سُڳند سان واسيندا رهندا آهن شايد مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن جي محترما راحيلا خاصخيلي به ماحول کي معطر بنائڻ لا اهڙي قسم جون تقريبون منعقد ڪري ساري جهان کي خوشبو خوشبو جو ڏس پتو ڏئي رهي آهي لک لائق ادا محمد سليمان وساڻ۔
     
  11. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منهنجو ٽنڊومحمد خان فيسٽوول ۾ مومل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مينا بازار

    سڀني سنڌ سلامت جي ڀائرن ۽ ڀينرن کي منهنجي پاران السلام عليڪم ۽ ياعلي مدد ، مومل ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران لڳايل مينا بازار جي ڪوريج سنڌ سلامت تي ڏسي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي، اهو منهنجو خلوص وارو پورهيو هو جيڪو ٽنڊو محمد خان جي عورتن جي نان سان مون ٽنڊو محمد خان جي نارين کي ارپيو هو، ساري دنيا ۾ خصوصي طور اسان جي پاڪستان ۾ عورتن سان جيڪا ظلم زيادتي ۽ ڏاڍ روا رکيو ويندو آهي ان جي خلاف عورتن جي حقن لا آواز اٿارڻ لا هي مينا بازار هڪڙو اهم قدم هو۔ ان کان علاوه عورتون ويچاريون ٽنڊو محمد خان ۾ هر ڪنهن تفريح کان وانجهيل هيون سو انهن کي سستي تفريح ڏيڻ لا هن مينا بازار جو اهتمام ڪيو ويو ، آئون سنڌ سلامت جي سڀني ڀائرن خاص ڪري ادا اسد مست، ادا نثار ابڙو، ادا محمد سليمان وساڻ، محترم طاهر سنڌي، ادا حڪيم محمد يوسف کتري جي انتهائي ٿورائتي آهيان جن منهنجي دل جي گهرائين سان همت افزائي ڪئي ان کان علاوه محترم ڀا نثاراحمد ناز جي باري ۾ ڇا چوان هو ڀا اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان جي حوالي سان پوري دنيا جي سنڌين ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري رهيو آهي ادا نثار ناز کي مومل ڊيولپمينٽ کان اسان ڪڏهن به دور ڪونه ڄاتو آهي هو اعزازي طور مومل ڊيولپمينٽ جو هڪڙو حصو آهي ، مونکي ايتري سنڌي لکڻ ڪانه ايندي آهي ان هوندي به اڄ پوري ڏينهن ۾ ايترو لکي سگهي آهيان صرف توهان ڀائرن جا ٿورا مڃڻ واسطي لا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو