سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    پريالوءِ لڳ سنڌوءَ جي کاڌ ۾ ٺاپر نه آئي، درياءُ وڌيڪ سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو، علائقي ۾ خوف
    پريالوءِ (ن ڪ) پريالوءِ لڳ سنڌو درياءَ جي کاڌ ۾ ٺاپر نه آئي، نه ئي بند لاءِ کاتي جي ڪامورن ڪي جوڳا قدم کنيا، سنڌو درياءَ هڪ هفتي اندر وڌيڪ سوين ايڪڙ زمين ۽ فصل ڳڙڪائي ويو ، درياءَ جو رخ الرا بند جي زيرو پوائنٽ ڏانهن ٿيڻ ڪري پريالوءِ شهر سميت علائقن ۾ خوف، تفصيل موجب پريالوءِ لڳ ڪچي واري علائقي ۾ الراجاگير بچاءُ بند وٽان سنڌو درياءَ جي کاڌ ۾ ٺاپر نه آئي ۽ نه ئي بند کاتي جي ڪامورن الرا جاگير بچاءُ بند کي زيرو پوائنٽ جي سامهون شاهه واري اسڪول وٽان درياءَ ۾ شروع ٿيل کاڌ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آهن، سنڌوءَ جي کاڌ سبب گذريل هڪ هفتي دوران وڌيڪ سوين ايڪڙ زمين ۽ زمين ۾ پوکيل کجيون، انب، ڪيلا ۽ ٻيون سبزيون درياءُ پائي ويو آهي، جنهن ڪري درياءَ جو رخ بند جي زيرو پوائنٽ ڏانهن ٿيڻ ڪري الرا بچاءَ بند جي ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، جنهن ڪري پريالوءِ شهر، الرا جاگير سميت ڪنگري جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، هوڏانهن امڪاني ٻوڏ ۽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي واڌ سبب پريالوءِ شهر ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿيل آهي، جڏهن ته پريالوءِ ، ڪوٽ ميرمحمد، ڪوٽ پل، ڳاڙهي موري، فيض واهه ۽ الراجاگير مان ماڻهن امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ٻين شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن الرا بند جي 4 ميل درياءَ ۾ پاڻي جي واڌ سبب پچنگ جو پٿر لڙهڻ وارو سلسلو به جاري آهي، ڪچي جي رهواسين محمد دين ناريجو ، عبدالقادرکورکاڻي، علي ڏنو خروس ۽ٻين بند کاتي جي ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن خلاف 4 ميل وٽان بچاءُ بند تي احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته بند کاتي جا آفيسر ۽ ٺيڪيدار پاڻ ۾ ملي ڪري بند جو ڪم نالي ماتر ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته امڪاني ٻوڏ سبب الرا جاگير بچاءُ بند ٽٽڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون، هنن صدر ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان گھر ڪئي ته ڄاڻايل بند تي هلندڙ ڪم ۽ کاڌ جو نوٽيس وٺي بند کي وڌيڪ مظبوط ڪرائي جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻئي طرف ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي بند کاتي جي ايس ڊي او ٻڌايو ته الرا بچاءَ بند جي زيرو پوائنٽ وٽان کاڌ بابت رپورٽ ٺاهي موڪلي آهي، جنهن جي منظوري بعد ئي اتي جڪ هنيا ويندا، هن ٻڌايو ته ان ڪم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن جو وقت لڳي ويندو.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سکر بندروال جي متاثرين کي معاوضو نه مليو، روزانو ”سڀاڻي جا آسرا“، قبضا برقرار، اڄ کان ڪارروائي ڪبي:اسلام شيخ
    سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي بندروال تي قبضو ڪري ويٺلن کي معاوضو ڏئي گهر خالي ڪرائڻ واري عمل کي هفتو گذرڻ باوجود متاثرن جا پئسا اڃا تائين ٽريزري آفيس ۾ ڦاٿل هجڻ سبب ايريگيشن کاتي ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا، متاثرن کي روزانو ”سڀاڻي جا آسرا“، ان ڏس ۾ سکر جي بندر وال تي سالن کان قبضو ڪري ويٺلن کي حڪومت پاران معاوضو ڏئي اٿارڻ واري عمل کي هفتو گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران جاري ٿيل پئسا اڃا تائين سکر جي ٽريزري آفيس ۾ ڦاٿل آهن، جيڪي ايريگيشن کاتي ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا آهن، ان ڏس ۾ بندر بچاءُ اتحاد جي اڳواڻ الهڏتو ميراڻي ٻڌايو ته اسان اسٽيمپ پيپر، فوٽو ۽ اين آءِ سي سيمت ٻيا ڪاغذ تيار ڪرايا آهن، گذريل ٽن ڏينهن کان روزانو آسرا ڏنا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته بندر بچايو ڪاميٽي جي عهديدارن کي اي ڪيٽيگري وارو 6 لک معاوضو ملندو، جڏهن ته وڌيڪ پئسا ڏيڻ لاءِ سينيٽر اسلام الدين شيخ واعدو ڪيو آهي پر ان جو انگ نه ٻڌايو ويو آهي، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته حڪومت پاران پئسا ڏيڻ لاءِ قسم نامي اين آءِ سي سميت تصديق وارو عمل ضروري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رقم ڏيڻ وارو چيڪ ڪراس هجڻ يا نه هجڻ بابت پڻ غور ويچار ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن ايگزيڪيوٽو انجنيئر سکر بئراج رائيٽ بئنڪ آفتاب کوسي ٻڌايو ته اڃا تائين پئسا منهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل نه ٿيا آهن، جيئن پئسا مليا ته اعليٰ عملدارن جي گڏيل فيصلي موجب ورهايا ويندا، هوڏانهن سينيٽر اسلام شيخ ٻڌايو ته پئسا ڏيڻ وارو عمل اڄ کان اي بلاڪ کان شروع ڪيو ويندو، جيڪو عمل ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته پئسن ملڻ شرط قبضو ڪري ويٺل پنهنجا گهر ڊاهڻ شروع ڪندا، ان ڏينهن ئي قبضو ڪري ويٺل دڪانن ۽ گدامن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته آئون سکر شهر ان وقت تائين نه ڇڏيندس جيستائين سمورن متاثرن کي پئسا نه ملندا ۽ گدامن خلاف ڪارروائي مڪمل نه ڪئي ويندي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال



    صوبائي ترقياتي پروگرام ۾ ٻوڏ بحالي وارين رٿائن لاءِ صرف 4.4 سيڪڙو رقم مختص
    ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر) سنڌ حڪومت پاران ايندڙ مالي سال 2012-2011ع جي 111 ارب رپين واري صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) ۾ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن ۽ ٻوڏ ستايلن جي بحاليءَ وارين رٿائن لاءِ صرف 4.4 سيڪڙو رقمون 4 ارب 94 ڪروڙ رپيا رکيون ويون آهن، سنڌ حڪومت پاران ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيل ايندڙ مالي سال جي صوبائي اي ڊي پي واري دستاويز موجب صوبائي رٿابندي کاتي ۾ قائم ٿيندڙ اسپيشل انيشيئيٽو يونٽ ذريعي هلائڻ لاءِ ٻوڏ ستايلن جي بحاليءَ جون ٻه رٿائون رکيون ويون آهن جن مان 200 ڳوٺن جي 40 هزار گهرن جي ٻيهر اڏاوت ۽ انهن ڳوٺن جي روڊن رستن، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال وارن سرشتن جي بحاليءَ واري رٿا لاءِ ٻه ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته ٻوڏ سبب ستن ضلعن جا 75 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن تباهه ٿيل 20 شهرن جي بحاليءَ واري ٻي رٿا لاءِ پڻ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ياد رهي ته صوبائي حڪومت جي رپورٽ موجب ٻوڏ سبب ڪل 11 هزار ڳوٺ تباهه ٿيا آهن جن مان هلندڙ مالي سال صوبائي حڪومت 43 ڳوٺن جي بحاليءَ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ايندڙ مالي سال 200 ڳوٺن جي بحالي ۽ 40 هزار گهرن جي اڏاوت جو پروگرام جوڙيو ويو آهي، صوبائي حڪومت پاران اي ڊي پي ۾ ان رٿا لاءِ رکيل 2 ارب رپين مان 40 هزار گهر اڏڻ سان في گهر جي اڏاوت صرف 50 هزار رپيا فراهم ٿي سگهندا، جڏهن ته ڳوٺن جي روڊن، رستن گهٽين ۽ ٻين ميونسپل سروسز جي بحاليءَ لاءِ ڪابه رقم نٿي بچي، انهن رقمن کان سواءِ صوبائي اي ڊي پي ۾ 50 ڪروڙ رپيا پرڏيهي امداد سان هلندڙ رٿائن واري پروگرام (ايف پي اي) هيٺ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان حاصل ڪيل قرض سان صوبي جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبپاشي نظام جي بحاليءَ واري رٿا جي لاءِ صوبائي حڪومت جي 10 سيڪڙو حصي (ڪائونٽر پارٽ فنڊنگ) طور رکيا ويا آهن، جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي قرض سان ٻوڏ سبب صوبي جي روڊن کي پهتل نقصانن جي بحالي واري شروع ٿيندڙ ٻي رٿا لاءِ پڻ صوبائي اي ڊي پي ۾ ڪائونٽر پارٽ فنڊنگ طور 44 ڪروڙ 32 لک رپيا رکيا ويا آهن. انهن چئن رٿائن کانسواءِ صوبائي اي ڊي پي ۾ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن ۽ ٻوڏ ستايلن جي بحاليءَ لاءِ ٻي ڪابه الڳ رٿا نه رکي وئي آهي. ”ڪاوش“ پاران رابطو ڪرڻ تي سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقيءَ واري صلاحڪار ڊاڪٽر قيصر بنگاليءَ تصديق ڪندي چيو ته اوهان درست ٿا چئو ته صوبائي اي ڊي پي ۾ انهن چئن رٿائن کانسواءِ ٻوڏ ستايلن جي الڳ ٻي ڪابه رٿا ناهي رکي وئي. هن کان سوال ڪيو ويو ته ٻوڏ جي وڏي تباهيءَ کانپوءِ 111 ارب رپين جي نئين اي ڊي پي ۾ ٻوڏ ستايلن جي بحاليءَ جا صرف 4.4 سيڪڙو رقمون رکڻ اوهان جي خيال ۾ ڪيترو درست آهي. هن وراڻيو ته سنڌ حڪومت آبپاشي نظام ۽ روڊن واري بنيادي ڍانچي جي بحاليءَ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان قرض حاصل ڪيو آهي، اهي رٿائون حڪومت جي پرڏيهي امداد واري ٻئي ترقياتي پروگرام هيٺ هلي رهيون آهن هڪ طرح سان ان پروگرام کي به صوبائي اي ڊي پي جو حصو چئي سگهجي ٿو. جڏهن ته صوبائي حڪومت جي پنهنجي اي ڊي پي ۾ پرڏيهي امداد سان هلندڙ انهن رٿائن جي ڪائونٽر پارٽ فنڊنگ کانسواءِ متاثر ٿيل ڳوٺن ۽ شهرن جي گهرن ۽ ميونسپل سروسز جي بحاليءَ لاءِ رٿائون رکيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت اي ڊي پي ۾ رکيل رقمن ذريعي جيترا ڳوٺ بحال ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ايترائي ڳوٺ ٻيا دوست ملڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارا پڻ بحال ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن. هن کان سوال ڪيو ويو ته اوهان 200 ڳوٺن ۽ انهن جا 40 هزار گهر بحال ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ صرف ٻه ارب رپيا رکيا آهن. جنهن مان هڪ گهر جي اڏاوت جي حصي ۾ 50 هزار رپيا ٿا اچن، ٻڌايو ته 50 هزار رپين ۾ ڪهڙو گهر اڏي ڏيندا ۽ ڳوٺن جي ٻئي بنيادي ڍانچي جي بحاليءَ جو ڇا ٿيندو، هن وراڻيو ته اهو درست آهي ته 2 ارب رپيا ناڪافي آهن، سنڌ حڪومت وٽ ڪجهه ٻيا پئسا به اچڻا آهن، جيڪي ان رٿا تي خرچ ڪيا ويندا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال



    پنجاب جي 5 دريائن ۾ سڀاڻي کان 3 مهينن تائين خطرناڪ ٻوڏ ۽ برساتن جي وارننگ جاري، سنڌوءَ تي نظر رکڻ جي هدايت
    لاهور/حيدرآباد (نمائندن وٽان) پنجاب جي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پرڳڻي ۾ ٻوڏ جي وارننگ ڏيندي صوبائي حڪومت کي سڀاڻي 15 جون کان 15 سيپٽمبر تائين ”هاءِ الرٽ“ ڪري ڇڏيو آهي اها وارننگ اوڀرندي دريائن لاءِ جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌو درياءَ تي به نظر رکڻ جي صلاح ڏيندي چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ هيل سنڌوءَ جي ڀيٽ ۾ 5 دريائن راوي، ستلج، بياس، جهلم ۽ چناب ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، ان هوندي به سنڌوءَ کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل خالد شير دل صوبائي حڪومت کي جاري ڪيل وارننگ ۾ 36 مان 16 ضلعن کي ٻوڏ جي حوالي سان انتهائي حساس قرار ڏنو آهي، وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته اوڀرندي يعني ڀارت کان پنجاب ۾ داخل ٿيندڙ دريائن جي ڪيچمينٽ ۾ برفباري دير سان ٿي آهي، عام طور تي برفباري نومبر کان ڊسمبر تائين هلندي آهي، سا هيل جنوري کان فيبروري ۾ شروع ٿي ۽ مٿان گرميون اچڻ سبب برف ٺوس نه ٿي سگهي، ڪچي رهجي ويل برف تيزي سان ڳري رهي آهي. ان ڪري راوي، ستلج ، بياس ، جهلم ۽ چناب ۾ پاڻي جا وهڪرا گذريل سال مئي مهيني جي مقابلي ۾ هن سال 15 سيڪڙو وڌيڪ رڪارڊ ٿيا آهن. وارننگ ۾ موسميات کاتي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته بنگال جي نار واري علائقي کان به برساتن جو دٻاءُ ڄاڻايل دريائن جي ڪيچمينٽ ڏانهن ايندو، جنهن سبب برف جي ڳرڻ ۽ غيرمعمولي برساتون پوڻ سبب ڄاڻايل دريائن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، جنهن سان لاهور، ملتان، سيالڪوٽ، گجرانوالا، گجرات، ساهيوال، قصور، سرگوڌا، خوشاب، ڊيرا غازي خان، بهاولپور، ميانوالي سميت پنجاب جا 16 ضلعا متاثر ٿي سگهن ٿا، وارننگ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال آيل ٻوڏ سبب جن بندن کي نقصان رسيو انهن کي اڍائي ارب رپين جي لاڳت سان ٻڌي مضبوط ڪيو ويو آهي، ان هوندي به صوبائي حڪومت ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اڳواٽ احتياطي بندوبست ڪري . ڄاڻايل رپورٽ اٿارٽي جي صدر ۽ سينيئر صوبائي صلاحڪار سردار ذوالفقار کوسا ذريعي پنجاب حڪومت کي جاري ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف سنڌ جي ناليواري آبپاشي سيڪريٽري ادريس راجپوت جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ عام طور تي ٻوڏ آگسٽ مهيني ۾ ئي ايندي آهي، ڪاوش سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ جو دارومدار مون سون وارين برساتن تي هوندو آهي، ماضي جي رڪارڊ موجب اسان وٽ 15 جولاءِ کانپوءِ وسڪارو ٿيو آهي، هن چيو ته تازو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل فلڊ ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان جي موسميات کاتي جو ريڊار سسٽم رڳو ايندڙ 4 ڏينهن ۾ ايندڙ برساتن جي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته غيب جو علم ڌڻي تعاليٰ کي آهي، اسان پنهنجي طور تي ڪوششون وٺي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون ڪري رهيا آهيون.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال




    سکر بندر وال جي متاثرن لاءِ 6 ڪروڙ گهٽ رقم جاري، معاوضي جا چيڪ نه ٺهيا، بيگاري بند اسڪيم آئوٽ
    سکر (رپورٽ:ممتاز بخاري ۽ شبير ڀٽو) سکر جي بندروال ۽ ان جي اندر درياءَ جي پيٽ مان قبضا ڪري گهر اڏيندڙ ماڻهن کي لڏائڻ لاءِ اعلان ڪيل معاوضي واري رقم جي ورڇ ڪالهه به نه ٿي سگهي، جڏهن ته بندروال ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جو ڪالهه به هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ادائگي ۾ دير ڪرڻ واري معاملي بابت غور ويچار ڪيو ويو، ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ ٻين واسطيدار ڪامورن پاران اسان کي اڃا تائين چيڪ نه ڏياريا ويا آهن، ٻئي طرف ايڪسين سکر بئراج آفتاب کوسو چيو آهي ته پئسن جي ادائگي جي حوالي سان ٽريزري آفيس ۾ ٽيڪنيڪل مسئلو پيدا ٿيو هو، جيڪو هاڻ ختم ٿي ويو آهي، ڊي سي او سکر پاران فراهم ڪيل لسٽ موجب اسان جي اڪائونٽنٽ چيڪ ٺاهڻ شروع ڪري ڏنا آهن، جيڪي رات تائين مڪمل ڪيا ويندا، اڄ اڱاري کان سرڪار پاران قائم ڪيل ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر اسلام الدين شيخ جي موجودگي ۾ اهي چيڪ واسطيدار ماڻهن کي ڏنا ويندا، ٻئي طرف باخبر ذريعن موجب ڪچا بندر جي رهواسين کان غير قانوني قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ طئي ڪيل رقم جي ابتڙ 64 ڪروڙ رپيا خزاني آفيس ۾ ڇنڇر واري شام جو آن لائين ڪيا ويا هئا، جن جو چيڪ آبپاشي کاتي جي نالي ٺاهي سندن حوالي ڪيو ويو، اهڙي تصديق ڪندي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سکر ارشد قريشي چيو ته اسان کي پئسا ڇنڇر تي مليا آهن، اسان اهو چيڪ آبپاشي کاتي حوالي ڪيو آهي، واضح رهي ته سينيٽر اسلام الدين شيخ خميس ڏينهن 9 تاريخ تي اعلان ڪيو هو ته پئسا اچي ويا آهن ۽ چيڪ پڻ ٺهي ويا آهن، هن 70 ڪروڙ کان مٿي رقم جو اعلان ڪيو هو پر ڪالهه آبپاشي کاتي کي چيڪ رڳو 64 ڪروڙ رپين جو جاري ٿيو آهي، ساڳئي ذريعن دعويٰ ڪئي ته آبپاشي کاتي وٽ چيڪن جا ايترا پرت ئي نه هئا جو اهي 1379 چيڪ ٺاهي سگهن، ان ڪري ڪالهه تائين چيڪن جي تياري مڪمل نه ٿي سگهي هئي، هوڏانهن سکر بيگاري بند جي وچ ۾ ٺهندڙ ديوار کي 1700 فوٽن تي پورو ڪري مٽي ۾ پوريو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 1500 فوٽ کوٽيل ڀت جا بنياد بند جي ساڳئي مٽي سان پوريا ويا آهن، چيف انجنيئر گڊو بئراج قاضي ظهور الحسنين هڪ خط لکي سنڌ حڪومت کي آگاهي ڏني آهي ته اهي بندن جي بحالي واري فنڊن واري اسڪيم کي ختم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته بيگاري بند تي آبپاشي کاتي جي اسڪيم مان ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ان کان اڳ ۾ ڪنسلٽنٽ نور محمد بلوچ پاران هڪ خط لکي نه رڳو ڪم بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي پر ڪم کي غير معياري قرار ڏنو ويو هو، بندن جي بحالي واري اسڪيم تحت 19 ميل تائين بيگاري بند کي چار ميل تائين اندران ديوار ڏيڻي هئي، جيڪا ڪالهه صرف 1700 فوٽن تي پوڻن ٽن فرلانگن تي محدود ڪئي وئي آهي ان اسڪيم کي بندن واري بحالي واري اسڪيم مان به ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، ٻئي پاسي بندروال جي مرمت واري ڪم ۾ تبديلي واري عمل کانپوءِ ٻئي تبديلي اها ڪئي وئي آهي جو هاڻ مختلف ٺيڪيدارن کي مختلف هنڌن جا ڪم ورهائي ڏنا ويا آهن ته جيئن بندر وال جي انهن حصن جو ڪم ٿي سگهي، جيڪي اڃا حد دخلين کان آجا آهن پر باوجود ان جي بندروال جي ڪم ۾ تيزي نه اچي سگهي آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال



    ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ ۾ پاڻي ڇڏيو ويو، مهاڻن ۾ خوشي جي لهر
    ڪوٽڙي (ن ڪ) ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي آيل وهڪري بعد ڪوٽڙي کان ڪارو کهو تائين درياءَ جي ڪنڌي تي بيٺل 250 کان وڌيڪ ٻيڙين جي ملاحن مرمت ڪرڻ سان گڏ رنگ روغن ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪاوش پاران ڪيل سروي دوران گڏ ڪيل معلومات موجب درياءَ ۾ پاڻي اچڻ بعد هزارين ملاحن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون آهن ته ٻئي پاسي ڪوٽڙي کان ڪارو کهوهو تائين پنجت مياڻين، ڪوٽڙي مياڻ، ڪارو کهوهو مياڻ، خانپور مياڻ، ملتاني مياڻ ۽ نائيچاڻي مياڻ جي ملاحن 250 کان وڌيڪ ٻيڙين جي مرمت ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته ملاحن پاران درياءَ ۾ اڃا به وڌيڪ پاڻي اچڻ ۽ پلي مڇي جي مارڻ لاءِ درياءَ بادشاهه تي دعائون گهڙڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي، رابطي ڪرڻ تي جهوني غفور ملاح، محرم ملاح، محمد ملاح، ملير ملاح،فيض محمد ملاح ۽ ٻين چيو ته درياءَ ۾ پاڻي اچڻ تي خوشي ٿي آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ”بندن جي بحالي جو ڪم 10 جولاءِ تائين مڪمل ڪرايو“: 4 آبپاشي چيف انجنيئرن کي نوٽيس، ڪارروائي جو چتاءُ

    ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر) صوبائي حڪومت آبپاشي کاتي جي ٽنهي بئراجن جي چيف انجنيئرن کي فائنل نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ته 10 جولاءِ 2011ع تائين دريائي بندن جي مرمت جا هلندڙ ڪم مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندن خلاف ضابطي واري ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. ذميوار ذريعن کان ”ڪاوش“ کي مليل رپورٽ موجب آبپاشي کاتي ڪالهه گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي چيف انجنيئرن کي لکيل هڪ خط ۾ ان ڳالهه تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ته ٻوڏ جي نئين مند اچڻ باوجود درياءَ جي بندن جي مرمت وارا ترقياتي ڪم اڃا تائين مڪمل ٿي ناهن سگهيا. ذريعن موجب خط ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن ان معاملي تي غور ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ بندن جي اڏاوتي ڪمن جي سست رفتاري جو سخت نوٽيس وٺي فيصلو ڪيو ويو آهي ته بندن جي بحالي وارا ڪم 10 جولاءِ 2011ع تائين هر حال ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن ان ڪري اوهان کي هن آخري نوٽيس ذريعي سختيءَ سان فائنل هدايتون ڏنيون وڃن ٿيون ته حڪومت پاران بندن جي اڏاوتي ڪمن کي مڪمل ڪرڻ جي مقرر ڪيل آخري تاريخ 10 جولاءِ تائين اهو ڪم هر صورت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن. ٻي صورت ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن خلاف ضابطي واري ڪارروائي ڪئي ويندي. ذريعن موجب گذريل ڏينهن وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻيءَ کي ٻڌايو ويو ته صوبائي آبپاشي کاتي پاران بندن جي اڏاوتي ڪمن جا ٺيڪا ڏيڻ وقت ٺيڪيدارن کي ڪم مڪمل ڪرڻ جو ڏنل ٽن مهينن وارو مدو 17 کان 25 جون تائين مڪمل ٿي چڪو آهي پر آبپاشي کاتي جي انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن جي سستيءَ سبب بندن جا ترقياتي ڪم اڃا تائين اڌ ۾ رهيل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻيءَ ۾ آبپاشي واري وزير ڪم وقت سر مڪمل نه ٿيڻ جو ذميوار ڪمن جي نگرانيءَ لاءِ مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ ڪمپنيءَ کي قرار ڏنو. ذريعن موجب هن موقف اختيار ڪيو ته اها ڪنسلٽنٽن جي ذميواري هئي ته اهي ڪم شروع ۽ مڪمل ٿيڻ جو ٽائيم فريم تيار ڪري ٺيڪيدارن ۽ انجنيئرن کي ڏين ها، ذريعن موجب گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ڪنسلٽنٽ ڪمپنيءَ جي نمائندي صوبائي وزير جي ان موقف کي رد ڪيو، هن چيو ته ڪنسلٽنٽن جي ذميواري صرف معياري ڪم ڪرائڻ آهي، هن چيو ته آبپاشي کاتي اهي رٿائون ڪنسلٽنٽن جي مقرر ٿيڻ کان اڳ ۾ پاڻ تيار ڪيون ۽ پاڻ ئي ٺيڪا ڏنا، جنهن ۾ ٺيڪيدارن کي پابند ڪيو ويو ته اهي ٽن مهينن اندر ڪم مڪمل ڪندا. جيڪڏهن ٺيڪيدارن ڪمن ۾ سستيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ته ان جي ذميواري ڪمن جي معيار جي نگرانيءَ لاءِ مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ ڪمپنيءَ تي ڪيئن ٿي اچي؟ ساڳئي وقت آبپاشي کاتي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران بندن جا اڏاوتي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل 10 جولاءِ واري آخري تاريخ تي پڻ مڪمل ٿيڻ ممڪن ناهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ”انجنيئرن خلاف ڪارروائي ڪجي؟“:سنڌ هاءِ ڪورٽ سان مشوري جو فيصلو

    ڪراچي:سنڌ حڪومت ٻوڏ واري ڪميشن جي رپورٽ ۽ سپريم ڪورٽ پاران ڏنل هدايتن جي بنياد تي بند ٽٽڻ جي الزام هيٺ آيل آبپاشي کاتي جي اهم انجنيئرن خلاف ڪارروائي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذميوار ذريعن ”ڪاوش“ کي ٻڌايو آهي ته اهڙو فيصلو گذريل ڏينهن وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو، ذريعن موجب گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي موجب الزام هيٺ آيل عملدارن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نگراني ۾ ٻن هفتن اندر ڪارروائي مڪمل ڪرڻي آهي، ذريعن موجب گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ واري ڪميشن جي رپورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ الزام هيٺ آيل آبپاشي عملدارن لاءِ ڪرمنل نگليجنس (مجرماڻي غفلت) جو ٽرم استعمال ٿيل آهي، جڏهن ته هن وقت تائين انهن عملدارن خلاف فوجداري قانون هيٺ ڪا به ڪارروائي شروع نه ٿي سگهي آهي، صرف صوبائي حڪومت پاران انتظامي نوعيت جي ضابطي واري ڪارروائي هيٺ کين شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، ذريعن موجب گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇا صوبائي حڪومت پاران شروع ڪيل ضابطي واري ان ڪارروائي جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ پاران ڪارروائي جي حوالي سان ڏنل هدايتن تي پورو عمل ٿي وڃي ٿو؟ ذريعن موجب گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات ڪري ساڻس مشورو ڪندو ۽ ڪارروائي جي ڏس ۾ کانئس وڌيڪ رهنمائي حاصل ڪندو.
    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ”ٽوڙي بند تي نه ويندس“: ايڪسين شاهنواز ڀٽو جو چارج سنڀالڻ کان انڪار، غلام مصطفيٰ شيخ لاءِ سفارش

    ڪراچي: بندن جا غيرمعياري اڏاوتي ڪم ڪرائڻ جي الزام هيٺ گڊو بئراج جي 6 ڏينهن اڳ معطل ڪيل ايگزيڪيوٽو انجنيئر امجد جتوئيءَ جي جاءِ تي مقرر ڪيل نئين ايگزيڪيوٽو انجنيئر شاهنواز ڀٽو چارج سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد آبپاشي کاتي سندس جاءِ تي غلام مصطفيٰ شيخ کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ڪرڻ وارو نئون نوٽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي اماڻي ڏنو آهي
    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سکر بندروال اندر ڊاٺل گهرن جو ملبو موجود:سرڪار فنڊ جاري نه ڪيا

    سکر (رپورٽ:شبير ڀٽو) سکر جي بندروال جي وڌيڪ 40 متاثرن کي معاوضي وارا چيڪ ڏنا ويا، ڊاٺل گهرن جو ملبو هٽائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران رقم جاري نه ٿي سگهي، ان ڏس ۾ سکر جي بندروال مان ٻئي هنڌ لڏي ويندڙ وڌيڪ 40 خاندانن کي ڪالهه معاوضي وارا چيڪ ڏنا ويا، ان موقعي تي ڪجهه ماڻهن روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي موجودگي ۾ احتجاج ڪيو ته اڃا تائين 50 کان وڌيڪ حقيقي خاندانن کي معاوضو نه مليو آهي، هوڏانهن بندروال تان قبضا هٽي وڃڻ کانپوءِ ڊٺل عمارتن جي ملبي کي هٽائڻ لاءِ اڃا تائين ڪم شروع نه ڪيو ويو آحي، هيوي مشينري ذريعي رڳو بندروال جي اندرين پاسي کان کوٽائي وارو ڪم ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن آبپاشي کاتي جي ذميوار عملدارن ٻڌايو ته ملبي کي هٽائڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران ڪا به رقم جاري نه ڪئي وئي آهي، اهڙي صورتحال سبب اهو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ته ايندڙ هفتي به بندروال جي اندرين پاسي ملبو هٽائڻ وارو ڪم شروع نه ٿي سگهندو، ٻئي طرف سکر بئراج جي ساڄي ڪپ وارن واهن کيرٿر، رائيس ۽ دادو ڪئنالن جي ڪپن تي رهندڙ وڌيڪ 500 خاندانن کي گهر خالي ڪري ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ لاءِ گذريل ٻن ڏينهن دوران نوٽيس ڏنا ويا آهن، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اهي غير قانوني طور تي عمارتون اڏي ترسيل آهن، سرڪار اهڙن قبضن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڪري اهي پنهنجا گهر ڊاهي ٻئي هنڌ منتقل ٿي وڃن، ٻي صورت ۾ سرڪار پاران ڪارروائي ڪئي ويندي، ياد رهي ته گذريل هفتي دوران پڻ آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران ساڳين واهن تي رهندڙ 300 کان وڌيڪ خاندانن کي اهڙا نوٽيس ڏنا ويا هئا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ٺٽي ضلعي ۾ حساس قرار ڏنل بندن جو اڏاوتي ڪم رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار مشينري واپس ڪري ڇڏي



    ٺٽو(رپورٽ. عثمان ميمڻ) گذريل مها ٻوڏ دوران ٺٽي ضلعي اندر سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسي درياءُ جي حفاظتي بچاءُ بندن کي پيل گهارن سميت انتهائي حساس قرار ڏنل بچاءُ بندن جي مرمت ۽ مضبوطي وارو ڪم آبپاشي کاتي ۽ ٺيڪيدارن جي سستي سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ کي ٻڌڻ سميت ان جي مضبوطي لاءِ هلندڙ ڪم اوچتو بند ڪري ٺيڪيدار مشينري واپس ڪري ڇڏي آهي، مذڪوره انتهائي حساس بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ توڙي سموري بند کي مٿي ۽ گذريل ٻوڏ جي سطح کان 6 فوٽ اوچو ڪرڻ وارو ڪم به رڪجي ويو آهي، جڏهن ته پي بي بند جي گهاري واري هنڌ پٿرن سان پچنگ وارو ڪم به اڃا تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ٺٽي واسي ۽ علائقي جا زميندار توڙي آبادگار ٻيهر سخت خوف و هراس ۽ ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن.جيتوڻيڪ آبپاشي کاتي پاران ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي گهاري کي مضبوطي سان ٻڌڻ ۽ پٿرن سان پچنگ جو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي پر ٺٽي جي انتهائي حساس قرار ڏنل سورجاڻي، منارڪي ۽ دمدمو توڙي سونڊا هيلايا بچاءُ بندن تي به هلندڙ ڪم رولڙي جو شڪار آهي، جنهن سبب وقت سر اهي بند مضبوط نه ٿي سگهندا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    بندن جو ڪم بند ٿيڻ جو چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا نوٽيس نه ورتو

    ٺٽو: فقير جي ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ٺيڪيدار مشينري سميت ڪم بند ڪري هليو ويو آهي پر آبپاشي کاتي جي انتظاميا ۽ واسطيدار ڪنسلٽنٽس توڙي هتان جي چونڊيل نمائندن ان معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، جنهن تي ٺٽي ضلعي جي زميندارن ۽ مقامي ڳوٺاڻن پاران سخت حيرت جو اظهار ڪندي ڪم فوري طور شروع ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آبپاشي کاتي پاران ٺيڪيدارن کي هلندڙ ڪم ۽ خاص ڪري گهارن وارن بندن کي 15 جولاءِ تائين مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائين مقرر ڪئي وئي آهي پر پي بي بچاءُ بند جو ڪم بند ٿيڻ ڪري مقرر مدت اندر ڪم مڪمل ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن، پي بي بند جي گهاري واري هنڌ کان 15 ڪلوميٽرن تائين بند جو ٺيڪو حاصل ڪندڙ ٺيڪيدار نياز پنهور جي منشي روشن علي جو چوڻ آهي ته سندن ٺيڪيدار کي بلن جي ادائگي نه ٿي آهي، جنهن ڪري ڪم بند ڪيو ويو آهي 7 ڪروڙ رپين واري اسڪيم مان کين صرف 58 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن، آبپاشي کاتي بگهاڙ ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر فياض شاهه پي بي بچاءُ بند تي هلندڙ ڪم بند ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٺيڪيدار کي بلن جي مد ۾ پئسن جي ادائگي نه ٿي آهي، جنهن ڪري هن ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو عمل غلط آهي، ڪاوش سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٺيڪيدار ۽ ڪنسلٽنٽس کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪم فوري طور شروع ڪرايو وڃي ۽ ڪنسلٽنٽس کي بلن جي ادائگي لاءِ پڻ چيو ويو آهي هن چيو ته ڪم شروع نه ٿيڻ ۽ ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ ڪنهن به امڪاني نقصان جا ذميوار آبپاشي کاتي جي انتظاميا نه پر واسطيدار ڪنسلٽنٽس هوندا، جن بلا جواز ڪم ٿيڻ جي باوجود ٺيڪيدار کي ڪم جي مد ۾ رقم جي ادائگي بند ڪري ڇڏي آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ----
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    آبپاشي سيڪريٽري پاران الرا بچاءُ بند جي مختلف هنڌن جو معائنو

    پريالوءِ (ن ڪ) پريالوءِ لڳ الرا جاگير بچاءَ بند جو سيڪريٽري ايريگيشن ۽ ٻين عملدارن جو دورو، تفصيل موجب پريالوءِ لڳ الرا بچاءَ بند تي چار ميل واري هنڌ ۽ زيرو بند وٽ سنڌو درياءَ ۾ جاري کاڌ واري هنڌ جو سيڪريٽري اريگيشن خالد حيدر ميمڻ چيف انجنيئر آغا اعجاز پٺاڻ ۽ ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ سان گڏجي دورو ڪيو، جنهن دوران درياءَ تي هلندڙ سپرن ۽ جڪن جو معائنو ڪيو، ايريگيشن کاتي پاران عملدارن کي هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي سيڪريٽري ايريگيشن هلندڙ ڪم تي اعتماد جو اظهار ڪندي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ”ايس ايم بچاءُ بند تباهه حال ڇو؟“ هالا ۾ ريلي، ڌرڻو



    هالا(رپورٽ: الطاف ميمڻ) مٽياري ضلعي مان گذرندڙ ايس ايم بچاءُ بند جي تباھ حالي ۽ مخصوص هنڌن تي هلندڙ غير معياري ڪمن خلاف ايس يو پي ۽ جسقم سميت مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن اياز ميمڻ، منصور ڀنيون، عبدالرشيد ڏيٿو، انور ٻرڙو ۽ رحمت الله ٻلال جي اڳواڻي ۾ ڪالهه هتي ريلي ڪڍي آفيس روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نيو سعيد آباد کان مٽياري تائين ايس ايم بچاءُ بند مڪمل طور تباهه حالي جو شڪار آهي، آبپاشي کاتو صرف ٽن مخصوص هنڌن تي ڪم ڪرائي رهيو آهي جيڪو پڻ غير معياري ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته اڄ 30 جون تي ڏنل مدو ختم ٿيڻ وقت 35 سيڪڙو ڪم به نه ٿيو آهي، هنن چيو ته بندن جي مرمت جي نالي تي پراڻين بندن کي اکيڙي غير قانوني طور مٽي کنئي پئي وڃي، هنن چيو ته گذريل سال ته عوام جي ڏينهن رات جي ڪوششن سبب هي علائقو محفوظ رهيو پر هن سال ساڳي ٻوڏ آئي ته بندن کي ڪير به بچائي نه سگهندو، سموري تباهي جي ذميوار موجوده سرڪار ۽ آبپاشي کاتو هوندو. هنن مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي بندن جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪري لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    وفاق ٻوڏ متاثرن کي معاوضي جي حصي طور 16 ارب صوبن کي ڏيڻ ۾ ناڪام

    اسلام آباد (رپورٽ:قربان بلوچ) وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي معاوضي جي مد ۾ حصي طور 16 ارب هلندڙ سال جي آخري قسط طور صوبن کي فوري طور منتقل ڪرڻ ۾ ناڪام، هاڻي هر متاثر علائقي جي خاندان کي معاوضو ملڻ بدران صوبا ڪيل نقصان جي اڀياس جي بنياد تي معاوضو ڏيندا، صوبن کي ورڇ جوڳي پول ۾ حصي جي آخري قسط طور اڄ 140 ارب منتقل ڪيا ويندا، وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي ورڇ جوڳي پول مان اڄ صوبن کي 140 ارب جاري ڪندي، جڏهن ته مالي خساري جو 5.3 سيڪڙو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻوڏ متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي مد ۾ حصي جا 16 ارب ڪجهه ڏينهن لاءِ جاري نه ڪري سگهندي، ناڻي واري وزارت جي ترجمان ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري رانا اسد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جو اڪائونٽ اڄ مڪمل ڪندي، جنهن سلسلي ۾ ورڇ جوڳي پول ۾ آخري قسط طور صوبن کي 140 ارب رپيا منتقل ڪيا ويندا، هن ٻڌايو ته هڪ کرب 80 ارب رپين جي مجموعي مالي خساري واري وڇوٽي گهٽائڻ لاءِ عالمي بئنڪ، ايشين ترقياتي بئنڪ ۽ اسلامڪ ترقياتي بئنڪ مختلف منصوبن جي مد ۾ 45 ارب جاري ڪيا آهن، جنهن ۾ عالمي بئنڪ پاران پنجاب ۽ سنڌ ۾ تعليمي شعبي ۾ سڌارن جي مد ۾ 162 ملين ڊالر جاري ڪيا، جڏهن ته سيڪنڊ جنريشن ريفارمز جي مد ۾ اي ڊي پاران اڄ 200 ملين ڊالر جاري ڪيا ويندا، هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي معاوضي طور حصي جا 16 ارب ايندڙ مهيني جاري ڪندي، جڏهن ته باقي 16 ارب صوبا حصي طور فراهم ڪندا، هن ٻڌايو ته حڪومت اڳ ۾ ٻوڏ متاثر هر خاندان کي 20 هزار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو پر هاڻي ائين نه ٿيندو، هن چيو ته هاڻي صوبا متاثرن کي معاوضو صوبائي اختيارين پاران نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جي بنياد تي فراهم ڪندا، هن ٻڌايو ته صوبا ورڇ جوڳي پول جي حصي مان منتقل ٿيندڙ رقم مان بئنڪن جو 100 ارب جو اوور ڊرافٽ ادا ڪندا، هن ٻڌايو ته حڪومت ختم ٿيندڙ مالي سال دوران اتحادي سپورٽ فنڊ جي مد ۾ آمدني جو ڪاٿو 115 ارب لڳايو هو، جنهن مان 685 ارب حاصل ٿيا، باقي 42 ارب ملي ناهن سگهيا، هن ٻڌايو ته حڪومت کي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ هلندڙ سال مقرر ڪيل ٽارگيٽ حاصل ٿي نه سگهيو، جنهن جو ڪاٿو 110 ارب رپيا هو پر ان مد ۾ 85 ارب حاصل ٿي سگهيا، جڏهن ته گئس سرچارج جي مد ۾ 31 ارب ڪاٿي بدران 28 ارب رپيا حاصل ٿي چڪا آهن.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سنڌو ۾ جوڙيل ٻنڊو ٽٽي پيو، 2000 فوٽن تي ايپران ٺهڻ کان اڳ ئي پاڻي غوثپور بند تائين پهچي ويو

    ڪنڌڪوٽ/سکر (رپورٽ مسعود سومرو/شبير ڀٽو) سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ۾ 8 هزار ڪيوسڪ جي معمولي اضافي کانپوءِ بندن جي تعمير خاطر پاڻي روڪڻ لاءِ جوڙيل ٻنڊو ٽٽي پيو، جنهن سبب غوثپور لوپ بند جي ايپران واري هلندڙ ڪم جو 2000 فوٽن وارو اڻ تعمير ٿيل حصو پاڻي هيٺ اچي ويو، صوبائي سيڪريٽري نوٽيس ورتو، ان سلسلي ۾ ڳوٺ عالم جاگيراڻي ويجهو سومر پتڻ لڳ بندن جي مرمتي ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ايف ڊبليو او وارن ۽ ٺيڪيدارن پاران پاڻي کي روڪڻ لاءِ ڏنل ٻنڊو گذريل رات جو ٽٽي پيو، جنهن سبب پاڻي غوثپور لوپ بند جي ايپران تائين پهچي ويو آهي ۽ ساڳيو پاڻي بهادر شاهه بلاڪ ۾ ٻن کان ٽن فوٽن تائين اچي ويو آهي، جڏهن ته غوثپور لوپ بند 2 هزار فوٽن تائين ٺيڪيدار پاران ايپران نه ڏنو ويو هو، اتي به پاڻي پهچي ويو آهي، جتي ايپران ڏيڻ بدران پٿرن کي پاڻي ۾ اڇلائي خاناپوري ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پاڻي اچڻ سبب سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻوڏ متاثرن جا ٻيهر ٺاهيل ڪجهه ڪچا گهر پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ آبپاشي عملدارن پاران ٻندو بند ڪرائڻ وارو ڪم شروع نه ڪرايو ويو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي، ان سلسلي ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جڏهن سنڌو درياءَ ۾ اڃا تائين ٻوڏ واري صورتحال نه آهي ۽ آبپاشي عملدار ٽٽل ٻنڊي کي بند نٿا ڪري سگهن ته پوءِ بندن کي گهارا پيا ته انهن کي ڪيئن بند ڪندا، ان سلسلي ۾ هتان جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ صابر لاشاري مسلم ليگ (ن) جي احسان سومرو، عزيز سميجو، جي ٽي آءِ جي آصف علي سومرو، پ پ (ش ڀ) جي محمد منور ڀٽو ۽ انور علي گهر ڪئي آهي ته علائقي جي عوام کي آبپاشي عملدارن جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏيو وڃي ۽ بندن کي مضبوط ڪرڻ بدران بدلين ۽ مقررين جي چڪر ۾ وقت ضايع ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن اهڙو اطلاع ملڻ تي آبپاشي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري خالد ميمڻ نوٽيس وٺندي چيف انجنيئر گڊو بئراج ظهير حيدر شاهه کي پنوعاقل ڇانوڻي مان واقعي واري هنڌ تي وڃي جائزو وٺڻ ۽ معاملي بابت جاچ ڪرڻ ۽ روزانو رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، هوڏانهن ٽوڙي بند جي ايس ڊي او ايريگيشن سلطان مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنڊو ٽٽي پيو جنهن کانپوءِ درياءَ جو پاڻي بند سان ٽڪرايو هو پر ايپران کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي ۽ هاڻ پٿر وجهي بند تي پوندڙ دٻاءُ کي پڻ ختم ڪيو ويو آهي ۽ ٻنڊي ٽٽڻ سان ڪا به هنگامي صورتحال نه پيدا ٿي آهي ۽ بند تي هلندڙ ڪم پڻ جاري آهي، ٻئي طرف ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي سيڪريٽري ايريگيشن خالد ميمڻ ٻڌايو ته مون کي واقعي بابت اطلاع مليو آهي پر اهو معاملو ڪو ايڏو هنگامي نوعيت جو ناهي پر ان جي باوجود مون بند کي محفوظ رکڻ ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

    جوهي وري خطري ۾!

    جيئن ته گلوبل وارمنگ ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين جي اثرات کانپوءِ جتي پاڪستان جي موسميات کاتي پڻ هن سال برساتن جا امڪان ظاهر ڪيا آهن، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ ٻوڏ جي خطري جي گهنٽي وڄي چڪي آهي. درياءَ ۾ ٻوڏ ته هڪ فطري عمل آهي، پر گذريل سال جيان هٿرادو ٻوڏ دادو ضلعي جي عوام جو جتي ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، اتي جوهي تعلقي جي عوام لاءِ پڻ وري هڪ دفعو خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا وري جوهي تعلقي ۽ ان جي عوام سان گذريل سال وارو لقاءُ ورجايو ويندو ۽ انهن کي بي يار و مددگار ڇڏيو ويندو! جتي سنڌ حڪومت جا نمائندا ۽ حڪومتي عملدار ٻوڏ کان پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي ٿڪجن به ڪو نه ٿا، اتي هن تعلقي ۽ جوهي شهر جي عوام جي ذهنن ۾ اهي سوال اڀري اچن ٿا ته آخرڪار ايم اين وِي ڊرين، جنهن پوري ضلعي کي ٻوڙي تباهه ڪيو، ان جي رائيٽ سائيڊ (جوهي طرف) ئي ڇو ڪنهن به قسم جو ڪم نه ڪيو ويو آهي. ايم اين وِي کي حمل ڍنڍ کان وٺي منڇر ڍنڍ تائين جيڪي 32 وڏا گهارا پيا آهن، اهي ڇو بند نه ٿا ٿين ۽ انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي وئي، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ سنڌ حڪومت/ضلعي حڪومت، واپڊا اسڪارپ (جنهن وٽ ايم اين وِي جو ڪنٽرول آهي)، خاموش تماشائي ڇو بڻيل آهن؟ نه سپريو بند تي ڪم ڪيو ويو ۽ نه ايف پِي بند تي ڪنهن قسم جو ڪم ڪيو ويو ۽ لڳل گهارا بند نه ٿيا ۽ نه ئي ايم اين وي تي ڪو ڪم ڪيو ويو. انهيءَ مان ته اهو ئي سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت جو وري ساڳيو ورتاءُ رهندو ۽ هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته جيڪڏهن برسات ٿي، پوءِ اها بلوچستان يا سنڌ جي اترين علائقن ۾ هجي، ان جو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ ضرور ايندو ۽ حمل ڍنڍ مان پاڻي منڇر تائين ڇوڙ ڪرائڻ جو واحد ذريعو ايم اين اي ڊرين آهي، ان ۾ پاڻي ته ايندو ئي ايندو ۽ جڏهن پاڻي وڌيو ته ايم اين وي هنڌان هنڌان ٽٽل آهي، جنهن کان پوءِ وري ساڳي ريت خيرپور ناٿن شاهه ته ٻڏندو پر ڇا دادو ۽ جوهي بچي سگهندا؟

    عبدالحميد لغاري /جوهي

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

    آبپاشي عملدار ڳالهه سمجهن ته سهي!

    گذريل هڪ مهيني کان وٺي ڪي ڪي بند جي ويجهو رهندڙ عوام دانهون ڪري رهيو آهي ته ڪي ڪي بند کي خطرو آهي، ان جي باوجود آبپاشي کاتو ۽ سنڌ حڪومت خاموش آهي. ان دانهن تي رڳو ايترو ٿيو ته آبپاشي سيڪريٽري، آبپاشي وزير ۽ وزير اعليٰ سنڌ دورا ڪيا، ٻيو ڪجهه به نه، ان دوران انهن پاڻ اهو تسليم ڪيو ته ڪي ڪي بند جو ڪم تسلي بخش نه ٿي رهيو آهي، پر ان لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو. آبپاشي عملدارن جي ذهن ۾ اهو ڳنڀير مسئلو اچي ئي نه ٿو، جيڪو اصل مسئلو آهي، ۽ جنهن کان سڄي سنڌ کي خطرو آهي. هن وقت درياءُ ڪي ڪي بند کان 500 فوٽن تائين اچي پهتو آهي ۽ آبپاشي وارا صرف اهو چئي رهيا آهن ته بند جي اوچائي مٿي ڪئي ويندي. مسئلو هڪڙو ۽ هنن جو جواب ٻيو. آبپاشي ماهر ادريس راجپوت هڪ ٽي وي چينل جي انٽرويو ۾ چيو ته ڪي ڪي بند جو ڪم اڳي کان بهتر ٿي رهيو آهي، پر عوام جو اهو سوال آهي ته دريا کي ويجهو اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ ان تي بحث ٿئي ئي ڪو نه ٿو. گذريل هڪ مهيني کان وٺي ڪي ڪي بند بابت مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران تحريڪ هلي رهي آهي ۽ انهن جو مک مطالبو اهو آهي ته فوري طور تي پٿر جي پچنگ ڪرائي وڃي يا هڪڙو ٻيو به حل علائقي واسين پاران ٻڌايو ويو آهي ته ڪي ڪي بند 12 ميل وٽان درياءَ جي پيل ٻيٽ جي کوٽائي ڪئي وڃي، تڏهن به خطرو ٽري سگهي ٿو، پر اسان جا آبپاشي وارا ان کي ڏسڻ ئي ضروري نه ٿا سمجهن. هن وقت ڪي ڪي بند جي ويجهو واقع بڊاڻي شهر واسي لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن. آبپاشي جي قانون مطابق جتي به بند کي درياءُ 3000 فوٽن تي پهچي ٿو، اتي فوري طور تي پٿر جو ڪم ڪيو ويندو آهي، ۽ روزاني جي رپورٽ اعليٰ عملدارن کي موڪلي ويندي آهي، پر هتي دريا 500 فوٽن تي آهي، پر اڃان تائين پٿرن جو اسٽاڪ ئي نه ٿيو آهي. ان مان اتان جو عوام ڇا سمجهي ته هٿ وٺي عوام کي ٻوڙڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن! ناقص مٽيريل يا سست رفتاريءَ وارو مسئلو پنهنجي جاءِ تي، پر اصل مسئلو ڪي ڪي بند جو اهو آهي ته دريا ڪي ڪي بند 12 ميل وٽ 500 فوٽن تي آهي، آبپاشي کاتي وارا اچي صرف معائنو نه پر ماپ ڪن ۽ پوءِ سچائيءَ سان ان تي ڪم ڪيو وڃي.

    ايڊووڪيٽ محمد منور ڀٽو /شهر بڊاڻي

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    دعا ڪريو ايترو پاڻي اچي جيترو برداشت ڪري سگهون:وزير اطلاعات

    ڪراچي (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ بابت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ دوران بندن جي حوالي سان چيو ته سنڌ ۾ بندن جو ڪم بهتر انداز ۾ ٿي رهيو آهي، بس دعا ڪريو ته آئنده دريائن ۾ ايترو ئي پاڻي اچي جيترو اسان برداشت ڪري سگهون، صوبي ۾ ٻوڏ جي حوالي سان ڪيل سوال تي هن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ آبپاشي کاتي جي وزير ڄام سيف الله ڌاريجي صوبي ۾ بندن جي حوالي سان مڪمل بريفنگ ڏني آهي ۽ سنڌ حڪومت ايندڙ برساتن ۽ انهن جي نتيجي ۾ دريائن ۾ پاڻي جي اضافي جي حوالي سان ذهني طور تي مڪمل تيار آهي. هن چيو ته صوبي جي سمورن بندن جي پوزيشن مستحڪم آهي ان ڏس ۾ لوڪل ڪاميٽيون جوڙي بندن جي نگراني به ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وڏو وزير پاڻ ۽ سنڌ جي ٻين وزيرن گذريل سال آيل ٻوڏ بعد بندن کي ٿيل نقصان ۽ ان بعد انهن جي مرمت جي ڪم جو جائزو ورتو تنهن هوندي به جيڪڏهن هن سال برساتون وڌيڪ ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ بندن جي حد کان وڌيڪ پاڻي آيو ته ان کي آسماني آفت ئي قرار ڏئي سگهجي ٿو.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    رينجرس کي ڇو نه بچاءَ بندن جي حفاظت تي لڳائجي؟

    دستگير ڀٽي

    پاڪستان جي اڳوڻين حڪومتن پاران ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪي اهم سياسي يا انتظامي فيصلا ڪيا ويندا هئا، ته انهن واسطي ماڻهن کان ڪوڙي سچي نموني سندن راءِ ورتي ويندي هئي. اهڙي عمل لاءِ انگريزي ۾ چئبو آهي: To elicit the public opinion

    جيڪڏهن ون يونٽ جهڙو ڪو جبري نظام لاهور يا اسلام آباد وارن کي مڙهڻو هوندو هو ته ان لاءِ واسطيدار صوبي جي سياسي قيادت يا اعليٰ انتظاميه کان حامي ڀرائي ويندي هئي ۽ اهڙي عوام دشمن منصوبي آڏو جيڪڏهن ڪو وڏو وزير رڪاوٽ بڻبو هو ته ان وزير اعليٰ کي گهر اماڻي مرڪز پاران پنهنجو هٿ ٺوڪيو جي حضوري ٽائيپ تابعدار وزير اعليٰ ٿاڦيو ويندو هو. جيڪڏهن ايڏي ڊگهي ايڪسر سائيز نه ڪرڻي پوي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪو نوٽيفڪيشن ضرور جاري ڪيو ويندو هو ته متان ڪنهن علائقي جا ماڻهو رڙ ڪري وجهن ته ماٺ ميٺ ۾ سندن مرضيءَ خلاف ڪو فيصلو ڪيو ويو آهي. مطلب ته ڪا به سياسي يا انتظامي تبديلي آڻڻ مهل مرڪزي يا وفاقي سرڪار سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڪڏهن آئيني ته ڪڏهن وري غير آئيني ڪوشش ضرور ڪندي هئي. ان جي ابتڙ اڄڪلهه جي دور ۾ اسان جي چونڊيل وفاقي سرڪار کي اهڙي قسم جي ڪا به تڪليف (Botheration) ڪرڻ جي ڪا به ضرورت محسوس نٿي ٿئي ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻهن کان سندن راءِ وٺڻ جو ڪو احساس يا اونو آهي، رڳو هڪڙي خاموش بادشاهي فرمان وسيلي ٽي چار مهينا اڳ ۾ سنڌ جي اندروني معاملن واري وزير ذوالفقار مرزا جا اختيار کسي، زوريءَ کيس موڪل تي موڪلي سمورا پاور مرڪز جي وزير داخلا حوالي ڪيا ويا. ٻئي پاسي تازو سنڌي چيف سيڪريٽري سبحان ميمڻ کي هٽائي سندس جاءِ تي پڻ پنجاب سان واسطو رکندڙ هڪ بيوروڪريٽ کي سنڌ جي سڀ کان مٿانهين آفيشل عُهدي تي فائز ڪيو ويو آهي. نه سنڌ جا ماڻهو هِن ڪاموري کي سڃاڻن ٿا ۽ نه وري هو پاڻ سنڌي عوام جي مزاج ۽ مسئلن کان واقف آهي. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ماڻهن مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر اڻ اعلانيل ون يونٽي نظام مڙهيو ويو آهي، جنهن ۾ وزير اعليٰ کي ڪَٺ پُتلي بڻائي سنڌ سرڪار جو ڪاروهنوار وفاقي سرڪار جي حوالي ڪيو پيو وڃي. گهرو وزارت يا هوم ڊپارٽمينٽ ماتحت فورسز يعني پوليس ۽ رينجرس کي مڪمل طرح استعمال ڪرڻ لاءِ وري رحمان ملڪ صاحب جي لاڏلي ۽ لٿل آفيسر ايف آءِ اي جي سابق ڊائريڪٽر جنرل وسيم احمد کي ظاهري طرح سنڌ جو ايڊيشنل هوم سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پر اصل مقصد ٽن مهينن کان خالي پيل هوم سيڪريٽري واري پوسٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ واسطي هن رٽائرڊ فرمانبردار ڪاموري کي هڪ اهم عهدي تي ويهاريو ويو آهي. سرڪار کي انهيءَ ڳالهه جي به ڪا پرواهه ناهي ته نيب جي ڪيترن ئي ڪيسن کي خراب ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي بچائڻ لاءِ سندس حرڪتن تي سپريم ڪورٽ ۾ مٿس جڏهن عدالت جي بي حرمتيءَ وارو ڪيس شروع ٿيڻ تي هو ته وسيم احمد چيف جسٽس کان نه رڳو معافي وٺي، پنهنجي ڏوهن کي بخشرايو هو، بلڪه فوري طور ايف آءِ اي جي سربراهه واري عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي گهر روانو ٿي ويو هو. حڪمرانن جي خيال ۾ عدالت توڙي عوام جو حافظو ڪچو آهي، تنهن ڪري وسيم احمد جهڙا چونڊ ڪاريگر هاڻي سنڌ جي سيڪيورٽي وارن انتظامي معاملن جا نگران مقرر ٿي چڪا آهن. اسان جو اهو شڪ شايد غلط نه هجي ته پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ايندڙ چونڊون کٽڻ لاءِ هاڻي کان ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اها ”دور انديشي“ اسان جي حڪمرانن جي آهي، پوءِ ڀل ته ان لاءِ کين ڪهڙا به حيلا هلائڻا پون. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پاران ڪئڊر پوسٽن تي رٽائرڊ عملدارن کي رکڻ خلاف ڏنل حڪم جي ڀڃڪڙي به ڪرڻي پوي ته به هنن لاءِ جائز آهي. ڪهڙو قانون، ڇا جو آئين، جنهن جي پوئواري ڪجي ۽ جنهن لاءِ اسين به خوامخواهه پرچار ڪري ڪري ماندا ٿيا آهيون. هُتي ته وطن سان وفاداري بدران Personal loyalty جي بنياد تي اهم عهدن مٿان مقرريون ۽ بدليون ٿي رهيون آهن. هن قسم جي عجيب و غريب ڀڃ ڊاهه ۾ اسٽيٽ ۽ ان جا ادارا تباهه ٿي رهيا آهن، جنهن جو مظاهرو ائبٽ آباد کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو پارڪ تائين ڪروڙين ماڻهن پنهنجين اکين سان گذريل ٻن مهينن دوران ڏٺو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي شايد لاوارث سمجهيو ويو آهي، تڏهن ته سڄي سنڌ کي پنهنجي ذاتي جاگير جيان ٽريٽ ڪيو پيو وڃي. اهو ڪمال ناهي ته 21 جون تي شهيد بينظير جي جنم ڏينهن تي سمورين اخبارن ۾ جهازي سائيز جو اشتهار ڇپائي ذوالفقار مرزا صاحب پاڻ کي وزير داخلا ڄاڻايو، پر سڄو مهينو سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي سيٽ تي نظر نه آيو. جڏهن بدامني ۽ ڳوٺ ڳوٺ توڙي شهر شهر اندر ٿيندڙ قتلام، ڌاڙن، اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ميمبرن سوال پڇيا ته مرزا صاحب پاڻ هِتي موجود هوندي به پنهنجي منصب سان انصاف ڪري نه سگهيو. اسيمبلي ته ٺهيو، مرزا صاحب پنهنجي وزير داخلا واري آفيس ۾ به ظاهر نه ٿيو آهي. ڄڻ ته اردو فلم جي انهيءَ پراڻي گاني وارو ڪردار بڻجي پيو آهي ته، ”صاف ڇُپتي ڀي نهين سامني آتي ڀي نهين“. آئون هيءَ ڳالهه نهايت سنجيدگيءَ سان محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ اندر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڏوهن ۽ پوليس توڙي ٻين قانون جي رکوالن جي مڪمل ناڪامي ايندڙ وقتن ۾ تمام وڏي نقصان جو سامان بڻبي، تنهن ڪري صوبائي وزير داخلا جي ڀريل ۽ ساڳئي وقت خالي پيل عهدي کي مذاق بنائڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان هن قسم جو سنگين ناروا سلوڪ ڪرڻ واري هيءَ غير جمهوري روايت فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪجهه اتحادي ڌرين کي ذوالفقار مرزا جي ڪارڪردگي نٿي وڻي ته پيپلز پارٽي اندر ٻين اهڙن سنڌي ميمبرن جي ڪا به کوٽ ناهي، جيڪي وسيع انتظامي تجربو رکندڙ آهن. هن عهدي کي سنڌي ماڻهن جي خواهشن پٽاندڙ مرڪز جي اجائي مداخلت کانسواءِ وڏي خوبيءَ سان قابل اعتماد بڻائي سگهن ٿا، پر لڳي ٿو ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن کي ”مضبوط مرڪز“ جو جيڪو وائرس چُهٽيو وڃي، سو سنڌ کي پنهنجي خودمختياري نصيب ٿيڻ نه ڏيندو، نتيجي ۾ صوبي جو ڪاروهنوار ائين ئي ائڊهاڪ ازم جي ڌڪي اسٽارٽ سواري وسيلي هلندو رهندو، پوءِ ڀلي ته سنڌ اندر لاقانونيت جو راڪاس ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪندو رهي. تازو ڪجهه اخبارن وفاقي وزير رحمان ملڪ صاحب کي سنڌ جو وائيسراءِ ڪري لکيو آهي، موصوف بار بار ڪراچي اچي فقط اهو ئي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو ته ڪراچيءَ ۾ ڪا به مار ماران ناهي ۽ رينجرس کانسواءِ سنڌ اندر امن امان قائم نه ٿي سگهندو. رينجرس وارن اڳ ۾ جيڪي مڦاڙها ماريا آهن، تن کان سڀڪو واقف آهي. سنڌ ۾ امن امان ڪيئن قائم ٿي سگهندو، ان بابت فيصلو سنڌ جي ماڻهن پاران چونڊيل اسيمبلي ۾ ويٺل ڀوتار پاڻ ڇو نٿا ڪن؟ آخر ڪهڙي سبب هو اسلام آباد واري سرڪار اڳيان گوڏا کوڙي ٿا ڇڏين؟ وفاقي سرڪار ته معاهدي ۾ طئه ٿيل اڌ خرچ به رينجرس وارن کي ڏيڻ کان انڪاري آهي. سندن خرچ جو سمورو بار سنڌ جي ڪلهن تي آهي، تڏهن به هيترن سالن اندر سندن ڪارڪردگي ڪٿي به ”عوام دوست“ نظر نه آئي آهي. وڏي ڳالهه رينجرس وارن کي ته پيپلز پارٽيءَ جي موجوده حڪومت گهرايو ئي ناهي. اهي ته اڳوڻي آمريت جي ضرورت هيٺ جنرل مشرف جي دور ۾ فقط ڇهن مهينن لاءِ آيا هئا ۽ هاڻي واپس وڃڻ لاءِ تيار ناهن. کين ڪراچي ۾ توڙي سپر هاءِ وي تي سوين ايڪڙ زمين الاٽ ڪري سنڌ سرڪار پنهنجن هٿن سان ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهي رهي آهي، سو به يقينن اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن جي فرمائش تي.

    جيڪڏهن ٿر جي بارڊر يعني ريگستان يا برپٽ ۾ فوجي ٽرڪ هلائيندڙ ڊرائيور کي بنا تربيت جي ڪلفٽن واري نازڪ گاڏين سان ڀريل روڊ تي ٽرڪ هلائڻ لاءِ چئبو ته ڪهڙو حال ڪندو؟ ظاهر آهي ته اهڙو ئي جنهن لاءِ چوڻي آهي Bull in the china shop. ساڳي ريت رينجرس جو تعلق به سرحدن جي سنڀال سان آهي ۽ آئين ۾ سندن اهو ڪردار طئه ٿيل آهي. شهرين سان ڪهڙيءَ ريت ورتاءُ ڪجي، تنهن جي کين ڪهڙي پروڙ! حڪمرانن کي ته سنڌ لاءِ ڪو مرحوم بشير صديقيءَ جهڙو نيڪ نام آءِ جي سنڌ به نظر نٿو اچي، يا خبر ناهي ته ڪهڙي مجبوري اٿن جو واجد درانيءَ جهڙو متنازعه شخص سنڌ پوليس جو سربراهه ڪري رکيو اٿن. ڪلهه ئي اها خبر شايع ٿي آهي ته مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل هن آفيسر جي مقرر ٿيڻ شرط غنويٰ ڀٽو پاڻ توڙي فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار جونيئر جون ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي پرڏيهه رواني ٿي ويئي آهي. شهيد ڀٽو پارٽي جا ڪارڪن آءِ جي سنڌ جي مقرريءَ تي جيڪو احتجاج پيا ڪن، سو سڀني جي سامهون آهي. هنن صاف چيو آهي ته نئين آءِ جي مان سندن جان کي خطرو آهي. ههڙين ڳڻتي جوڳين حالتن ۾ به رحمان ملڪ صاحب فرمائي ٿو ته رينجرس جي جوانن کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ وقت هٿڪڙول نه هنيا وڃن. سندس چوڻ آهي ته ورديءَ واري فورس جي اهلڪارن جي هن ريت تذليل ڪئي ويندي ته سندن مورال يا حوصلو ٽُٽي پوندو. مطلب ته جن رينجرس اهلڪارن معصوم نوجوان سرفراز شاهه کي ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي ماري ڦِٽو ڪيو، تن کي وڏي عزت ۽ شان مان سان گلن جا هار پارائي ڪورٽن ۾ آندو وڃي. سيد قائم علي شاهه جو به تازو بيان اعليٰ مثال آهي. جڏهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته رينجرس کي واپس اماڻيو وڃي ته وڏي وزير وراڻيو، ”فقط هڪ واقعي سبب سمورن اهلڪارن کي واپس ڪرڻ واري ڳالهه غلط آهي.“ ٺيڪ ٿا فرمايو شاهه صاحب، اهو هڪڙو واقعو ته کڻي ڪئمرا جي اک ۾ قابو ٿي ويو. ڀلي ته اهڙا ٻيا به ڪيئن معصوم مارجن پوءِ سوچبو ته اڃان به هي همراهه رهن يا واپس وڃن. خبر ناهي ته واپس وڃڻ لاءِ کين اڃا ڪيترو اسڪور ڪرڻو پوندو؟ جيڪا پئرا ملٽري فورس ٽن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رتوڇاڻ واري راند يعني ٽارگيٽ ڪلنگ بند نه ڪرائي سگهي آهي، ان تي ماڻهن جي ٽئڪسن منجهان ڪروڙين رپيا پاڻي ڪرڻ کان بهتر آهي ته سنڌ جي مقامي ماڻهن کي اهڙي ئي طور تي پنهنجي حفاظت واسطي ڪا فورس ٺاهي ڏني وڃي ته ان سان ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان نوڪرين ۾ به لڳي ويندا ۽ شايد ڪي ته ڏوهاري بنجڻ کان به بچي پوندا.

    منهنجي هيءَ تجويز کڻي ڪيتري به وزندار هجي ۽ سنڌ منجهان غير مقامي فورسز ڪڍي انهن جي جاءِ تي مقامي ماڻهن جي فورس بنائڻ جي ڳالهه ڪيتري به سُٺي، خوش آئند ۽ پاڻ ان لاءِ واڪا ڪري ڪري ساڻا ٿي وڃون، پر حرام آهي جو حڪومت ڪنهن ڪارائتي تجويز تي عمل ڪري، ٽن سالن جو تجربو ته اهو ٿو ٻڌائي. جيڪڏهن حڪمرانن کي رينجرس وارن جو ايترو لاچار آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ خلق تي هڪڙو احسان ڪن جو کين درياهه جي ڪپن تي هلندڙ بندن جي اڏاوت واري ايمرجنسي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ يا ڪنهن اوچتي ٻوڏ جي صورت ۾ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پڄائڻ ۽ لڏپلاڻ کان پوءِ متاثر ماڻهن جي گهرن ۽ مال متاع جي سار سنڀال لهڻ جي فرضن جي ادائگي وارو ڪم سونپي ڇڏين. جيئن گذريل سال فوج ۽ نيوي وارن ڪيو هو. جي اهڙن ڀلائي وارن ڪمن ۾ رينجرس اهلڪار سوڀارا ٿيا ته ماڻهن جي دلين ۾ شايد سندن لاءِ احترام پيدا ٿئي ۽ گڏوگڏ سنڌي ماڻهن جو پئسو به سجايو ٿي سگهي. هونئن به ڪالهه کان پنجاب واري چناب نديءَ ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه سبب هيل ٻيهر ٻوڏ جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي، توڙي بندن جو ڪم ان کان اڳ ۾ مڪمل ٿئي يا نه ٿئي. سنڌ جي حلالي پٽ فضل الله قريشي ته ڪي ٽي اين پروگرام ۾ کُوهه ۾ مُئل ڪتي وارو مثال ڏيئي صاف صاف چئي ڇڏيو آهي ته آبپاشي کاتي وارا پاڪ ڪتاب کڻائڻ کانپوءِ رشوت کائڻ کان نه مڙيا آهن، ساڳيا ڪاريءَ وارا ڪَک آهن. ظاهر آهي ته پراڻيون عادتون ائين ته ختم نه ٿينديون. سي به آبڪلاڻي واري مند ۾ جڏهن هر تعلقي اندر ايمرجنسي فنڊس جا ڪروڙين رپيا کپائي پورا ڪرڻا هجن. ٻوڏ جي خطري جو اندازو صوبائي وزير نادر مگسيءَ جي اسيمبلي فلور تي ڪيل دانهن مان لڳائي سگهجي ٿو. هُن ڪشمور کان وٺي ٺٽي تائين هر ضلعي جي ماڻهن کي ايلاز ڪيا آهن ته هيل پنهنجي مدد پاڻ ڪن. سرڪار جي آسري تي نه ويهن، نه ته ڏاڍو پڇتائيندا. هي لفظ اسان جي آبپاشي کاتي وارن لاءِ ٺٺول نه پر آرسي جيان هئڻ گهرجن. نادر مگسي سچ ٿو چوي ته آبپاشي کاتو پاڻ ته تباهه ٿي چڪو آهي، ويتر سندس بدترين ڪارڪردگي سڄي سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڙي ڇڏيندي. آبپاشي کاتي ۾ ٻيو ڀيرو مقرر ٿيل وزير ڄام سيف الله ڌاريجو بجاءِ فڪرمند ٿيڻ جي سنڌ جي ماڻهن کي نصيحت پيو ڪري ته کيس سلام ڪن. خبر ناهي ته ٻڏل ۽ تباهه ٿيل انسان کيس ڪهڙي خوشيءَ ۾ سلام پيش ڪن! ڌاريجو صاحب پاڻ نه انجنيئر آهي ۽ نه ئي ڪو فني ماهر. منجهس ضرور ڪا نه ڪا خوبي آهي، جنهن جي ڪري هڪ ڀيرو هٽائڻ کان پوءِ صدر آصف علي زرداري گذريل سال ٻوڏ اچڻ کان فقط هفتو ڏيڍ پهرين کيس هِن نازڪ کاتي جي ٻيهر ذميواري ڏني. ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اندر ٽوڙيءَ کان وٺي ڪوٽ عالمو تائين مسڪين ماڻهن سان جيڪو حشر ٿيو، ان جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ورلي ملي سگهندو. سپريم ڪورٽ پاران قائم ڪيل ڪميشن جي سفارشن تحت گذريل سال واري تباهيءَ جي مُک ڪردار سابق سيڪريٽري آبپاشي ۽ سندس رشوتي ٽولي تي قدم کڻڻ لاءِ هاڻي وري نامي گرامي ائنٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ کي لکيو ويو آهي ته مٿن ڪارروائي ڪري. مون کي ياد آهي ته اڄ کان چاليهه سال اڳ شهيد ڀٽو واري دور ۾ سنڌ جو گورنر مير رسول بخش خان ٽالپر هن کاتي جو ذڪر ڪندي چوندو هو ته، ”ائنٽي ڪرپشن يا انٽي ڪرپشن بابا رشوت ٽوڙ کاتو ته پاڻ وڏي ۾ وڏو رشوت خور کاتو آهي، سو ڪٿان ٿو هنن کان انصاف ملي.“ بهرحال اڳوڻي اريگيشن سيڪريٽري کي بچائڻ واسطي ڪير ڪيترا واجهه وجهي رهيو آهي ۽ سندس ماتحت آفيسرن کي ڪير پيو سپريم ڪورٽ جي سفارشن باوجود سڻڀا عُهدا ڏئي، اهو حساب ڪتاب به نيٺ هڪ ڏينهن ضرور ٿيندو، ٻوڏ کي سال لنگهي ويو آهي، پر ڏوهاري ڪامورن تي ڪو به ائڪشن آبپاشي کاتي نه کنيو، هاڻي سپريم ڪورٽ واري ڪميشن جي سفارشن کان پوءِ به جيڪي ٻوٽا ٻاريا اٿن، سو نسورو نروار آهي. تنهن ڪري آبپاشي وارن تي ڀاڙڻ بدران نئين ٻوڏ کان عوام کي بچائڻ خاطر هاڻي هڪ پل به ضايع نه ڪرڻ گهرجي. نه رڳو ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻي پوندي، بلڪه نئين بجيٽ ۾ رکيل سيڪريٽ فنڊس مان سندن خوراڪ، دوائون، ٻيڙيون يا موٽر بوٽس ۽ رهائش لاءِ تنبو وغيره ته پهچايا وڃن، ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪچي منجهان ته هيل به لڏپلاڻ ضرور ٿيندي. انهن ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ فوج ۽ نيوي کان علاوه رينجرس جا هزارين جوان جيڪڏهن سرڪار سان بندن جي اڏاوت ۽ سنڀال واري ڪم ۾ سهڪار ڪن ته احترام ڪمائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جون دعائون به کٽيندا. سرڪار کي اهو به عرض آهي ته سنڌ جي خودمختياريءَ سان هٿ چراند وارو سلسلو بند ڪرڻ لاءِ هاڻي سنجيدگيءَ سان ويچار ٿيڻ گهرجي. جيترو جلد ٿي سگهي، صوبائي گهرو وزارت مٿان چڙهيل پراسراريت جو پاڇو هٽائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ جنهن کي پنجاب جو وزير اعليٰ شهباز شريف ته لاهور جي سي ايم هائوس ۾ به داخل ٿيڻ ئي نٿو ڏئي، ان کي سنڌ جي سي ايم هائوس مٿان قابض ٿيڻ کان روڪيو وڃي ته جيئن صوبائي خودمختياري جي احترام واري ڳالهه فقط هوائي ڳالهه نه بڻجي پوي. ان کانسواءِ جيترو جلد ممڪن هجي، سنڌ جو درد رکندڙ ۽ فقط سنڌ سان تعلق رکندڙ ايماندار اعليٰ عملدارن کي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جو بيوروڪريٽ کڻي ڪير به هجي، اهو دل جان سان ڪالاباغ ڊيم جو حامي ضرور هوندو. اهو ڪنهن به مٿانهين فورم تي سنڌ جو ڪيس لڙي نه سگهندو. نتيجي طور نه فقط پاڻيءَ جي معاملن بلڪه 18 هين ترميم موجب صوبن جي حوالي ٿيل کاتن ۽ انهن جي ملڪيتن، نوڪرين چاڪرين کان علاوه اين ايف سي ايوارڊ توڙي محصولن جي ورڇ ۽ نفاذ ۾ پڻ سنڌ لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون.

    dastgirbhatti@gmail.com

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو