سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ حڪومت جي هاڻوڪي ڪارڪردگي!



    فطرت پنهنجي ڀرپور، ۽ اٽل تقاضائن سان دنيا ۽ انهيءَ جي مڙني لقائن ۽ مظهرن مٿان اثر انداز ٿيندي رهي ٿي. دنيا ۽ ان جي معاملن کي فطرت جي اثر ۽ حصار کان الڳ ڪري، نه ڪٿي بيهاري سگهجي ٿو ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن تصور کي پالي سگهجي ٿو. انهيءَ پس منظر ۾ طوفانن کان وٺي زلزلن تائين ۽ زلزلن کان وٺي ٻوڏن تائين، قدرتي آفتن جا سمورا روپ ۽ سلسلا فطرت جي وهنوار جا طئه ٿيل حصا آهن جيڪي هر صورت ۽ حالت ۾ دنيا منجهه ظهور پذير ٿين ٿا ۽ ان مٿان پنهنجا اثر ڇڏين ٿا، هاڻي اهو هن ئي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن تي مدار رکي ٿو ته هو قدرتي آفتن کي ڪيئن منهن ڏين ٿا يا ائين کڻي چئجي ته منجهن اهڙي قسم جي صلاحيت موجود به آهي يا نه!؟

    قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ قدرتي آفتن جو منهن ڏسڻ به الڳ الڳ شيون آهن. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ڪنهن به حڪومت جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿي جڏهن ته قدرتي آفتن جي منهن ڏسڻ واري حالت، حڪومت جي بيوسي، لاچاري ۽ بي حسيءَ کي نروار ڪري ٿي. ويجهي ماضيءَ ۾ پاڪستان ٻن تمام وڏين قدرتي آفتن جو منهن ڏسي چڪو آهي، 2005ع ۾ ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ آيل زلزلو ۽ 2010ع واري ٻوڏ، پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي تاڃي پيٽي مٿان پنهنجا انتهائي خطرناڪ، منفي ۽ ديرپا اثر ڇڏيا آهن. 2005ع واري زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا هئا، ساڳي صورتحال 2010ع واري ٻوڏ جي نتيجي ۾ سامهون آئي جنهن سنڌ جي نه رڳو زرعي ۽ سماجي ڍانچي کي تباهه ڪيو پر ڀيانڪ حد تائين انساني روين ۽ قدرن کي پڻ پنهنجي لپيٽ ۾ آندو.

    اسان انهن سڀني معاملن کي جيڪڏهن ماضيءَ جو قصو سمجهي ڪجهه لمحن لاءِ پاسي تي ئي کڻي رکون ته پوءِ آبپاشي ۽ موسميات کاتن جي ماهرن پاران هن سال يقيني حد تائين اچڻ واري ٻوڏ جي حوالي سان حڪومت جي اڳواٽ بچاءُ جي منصوبه بندين کي ڪٿي ڳوليون؟!

    سنڌ جي تقريبن سڀني بچاءُ بندن جو مرمتي ڪم اڃان به پورو ناهي ٿي سگهيو، انهيءَ سلسلي ۾ ٿيندڙ ڪم کي غير تسلي بخش ۽ سُست رفتاريءَ وارو قرار ڏيندي حڪومت پاڻ ذميوار ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو آهي، هتي سست رفتاري کان ڪم وٺندڙ ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪرڻ سان اگر ٻوڏ جو رستو روڪي سگهجي ٿو ته اها ڏاڍي سُٺي ڳالهه ٿيندي، پر جيئن ته ائين ٿيندو ڪونه، ٻوڏ ايندي ۽ ان کي فطري وهڪري سان سمنڊ ۾ وڃڻ جو رستو ڏيڻ ئي دانشمندي هوندي، تڏهن جنهن ڳالهه جي ضرورت آهي اها هي آهي ته ٻوڏ جي رستي ۾ جيڪي به ڪمزور بند آهن انهن کي مضبوط ڪيو وڃي، ٻوڏ جي رستي ۾ جيڪي به حد دخليون آهن انهن کي هٽايو وڃي ۽ اڳواٽ بچاءَ جي ڪم جي رفتار نه رڳو تيز ڪئي وڃي پر ان جي معيار کي به اطمينان بخش بڻايو وڃي.

    هنيئر جڏهن چناب سان گڏ سنڌو درياءُ ۾ پڻ ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي ۽ گڏوگڏ منگلا ۽ تربيلا سميت سڀني ننڍن وڏن ڊيمن ۾ پاڻي کي ذخيري ڪرڻ جو سلسلو جاري ٿي چڪو آهي تڏهن حڪومت، خاص ڪري سنڌ حڪومت کي پنهنجي اڳواٽ بچاءُ واري ڪارڪردگي هر صورت ۽ قيمت تي يقيني بنائڻ گهرجي، ڇو ته ايندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان کان پوءِ حڪومت وٽ ڪابه اهڙي تاويل يا عذر ڪونه بچندو جنهن جي پويان بيهي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهجي.

    صدر طرفان جوڙيل وفاقي نگراني ڪاميٽي تازو، ٽوڙي، عاقل-آگاڻي ۽ ڪوٽ عالمو بندن جو دورو ڪري مرمتي ڪم کي گهڻي غور ۽ ويجهڙائيءَ مان ڏٺو، آبپاشيءَ جي صوبائي سيڪريٽري پهرين جولاءِ کان سنڌ جي بندن تي ايمرجنسي جو اعلان پڻ ڪيو آهي، ڪاميٽيءَ جي موجودگيءَ ۾ ئي آبپاشيءَ جي ماهرن ٿيندڙ ڪم تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجن خدشن کان پڻ آگاهه ڪيو، اهڙي واضع صورتحال کان پوءِ بچاءُ لاءِ آخري ۽ حتمي قدم کڻڻ هاڻ حڪومت جي ذميواري ۾ اچي وڃي ٿو.

    سنڌ گذريل ٻوڏ جون ڪجهه اهڙيون تباهه ڪاريون ڏٺيون آهن جو هاڻيءَ اها وڌيڪ ڪنهن به نقصان کي افورڊ ڪرڻ واري حالت ۾ بلڪل به ناهي.

    بندن تي ٿيندڙ مرمتي ڪمن جو سُست رفتاري ۽ ان ڪم جي ناقص هئڻ واريون خبرون ڪي اوچتو عوام وٽ ناهن پهتيون. اهي فوراً بعد سرجڻ شروع ٿيون هيون ۽ هاڻي سمورن ثبوتن ۽ زميني حقيقتن سان عوام آڏو اچي پڌريون ٿيون آهن تڏهن سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري آبپاشي کاتي جي اخلاقي ذميواري اها وڃي بيهي ٿي ته هو دفاعي محاذن تان موٽي اچي بچاءُ بندن تي بيهي ۽ عوام ۾ موجود غير محفوظ ۽ لاوارث هجڻ واري احساس جو ازالو ڪري.

    موسميات جي حوالي سان، هڪ يا ٻن سالن ۾ ڪي گهڻيون تبديليون ممڪن ناهن هونديون، سردي يا گرميءَ جا پد، ٻوڏن ۽ برساتن جا سلسلا ۽ خطرا ٿوري گهڻي فرق سان موجود هوندا آهن، اهڙي فطري لقاءُ ۾ حڪومتن کي اڳواٽ بچاءُ ڪرڻ جو موقعو به ملي ويندو آهي ۽ هن وقت جڏهن گذريل ٻوڏ کي پورو هڪ سال اچي ٿيو آهي تڏهن ٻي ٻوڏ جو خطرو اچي سر تي بيٺو آهي تڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ اڳواٽ ورتل اپائن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جو هي بنهه مناسب وقت آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪنهن به امڪاني آفت جي اڳيان هن ڀيري حڪومتي وسيلا بيهن ٿا يا هڪ دفعو ٻيهر عوام کي ان جي تيز ۽ تکن وهڪرن آڏو بيهاريو وڃي ٿو!

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ٻوڏ کان اڳ جاري ٿيل هدايتون!

    امڪاني ٻوڏ جون خبرون هاڻي کان ئي شروع ٿي ويون آهن، ۽ اهي خلق، جنهن گذريل ٻوڏ جون تڪليفون برداشت ڪيون، سان ٻوڏ کان اڳ خوف ۾ ٻڏي رهي آهي. هڪڙي پاسي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) حڪومت کي ٻوڏ کان اڳ دريائي پيٽن ۾ قائم ڪچيون آباديون ۽ قبضا ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ٻئي پاسي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ ماڻهن کي پنهنجي طور تي بچاءَ بندن ۽ بئراجن کي ڪٽ هڻڻ جي اجازت نه ڏيڻ، مک بچاءَ بندن جو معائنو ڪرڻ، ضلعي سطح تي رليف سامان جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته وزير اعظم اهڙيون هدايتون ٻوڏ کان اڳ خصوصي ڪوآرڊينيشن اجلاس دوران جاري ڪيون آهن، ٻوڏ کان اڳ خاص ڪوآرڊينيشن اجلاس جي صدارت دوران وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪابينا ڊويزن ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي ) کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ سبب ڪنهن به تباهي جي صورت ۾ مستحڪم حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن پاڪستان کي پرڏيهي ملڪن جي امداد ڏانهن نه ڏسڻو پوي.

    اها سٺي ڳالهه آهي ته وزير اعظم سطح تي ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ هاڻي کان ئي اپاءَ وٺڻ جي ڳڻتي ڪئي پئي وڃي. وزير اعظم پاران اها هدايت به تعريف لائق آهي ته ڪنهن به خانگي ماڻهوءَ کي بندن کي ڪٽ هڻڻ جي اجازت نه هوندي. انهيءَ هدايت جي حوالي سان اسان ٿورو پوئتي گذريل سال ڏانهن وينداسين، جڏهن ٻوڏ دوران خانگي ماڻهو (سرڪار جي خانگي ماڻهوءَ مان مراد، جيڪو ماڻهو حڪومت ۾ نه هجي.) ڪٿي به ڪنهن بند کي ڪٽ نه ڏنو هو. جيڪڏهن سنڌ جي حوالي سان ڏسجي ته جتي به ڪٽ جي ضرورت نه هئي، ۽ اتي ڪٽ آيو ته اهو به حڪومتي ماڻهن ڏنو هو، ۽ جتي ڪٽ جي ضرورت هئي، پر ڪٽ ڏيڻ نه ڏنو ويو، ان کي به سرڪاري ماڻهن روڪيو. هتي هڪڙي ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورٿ آهي، سا ڳالهه اها ته ڪٿي ڪٽ ڏجي، ۽ ڪٿي ڪٽ نه ڏجي، اهو فيصلو نه ڪنهن غير سرڪاري ماڻهوءَ کي ڪرڻ گهرجي، نه وري ڪنهن سرڪاري وزير، ايم اين اي يا ايم پي اي کي ڪرڻ کپي، پر اسان چئون ٿا ته اهو فيصلو ڪرڻ جو حق فقط آبپاشي ماهرن کي هجي، ڇاڪاڻ جو اهي ئي فني ماهر آهن، ۽ انهن جي راءِ ئي اهميت واري ٿي سگهي ٿي. اسان گذريل سال به اها ڳالهه ئي گوش گذار ڪندا رهياسين ته جيڪڏهن آبپاشي کاتي کي فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد ڇڏيو وڃي ته ان سان ڪجهه بچاءُ ٿي سگهي ٿو، پر ٿيو اهو، جو جتي به ڪٽ آيا، اتي وزيرن توڙي ايم اين ايز يا ايم پي ايز جي هدايتن تي ڪٽ آيا. حيرانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته ساڳي پارٽيءَ جا چونڊيل نمائيندا هئا، پر ٻوڏ واري وقت ۾ هڪٻئي سامهون ايئن هئا، ڄڻ هڪٻئي جا مخالف هجن. ڪيترن هنڌن تي خود سنڌ جو وڏو وزير انهن ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ پهچندو هو، پر ڪو فيصلو نه ڪري سگهندو هو، ۽ ڪٽ ڪنهن اهڙي جاءِ تان اچي ويندو هو، جتان وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو هو. ٻوڏ اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي، جو ڪا اجتماعي فائدن واري سوچ هجڻ بدران هڪ وڏي پارٽيءَ جي نمائندن جي سوچ انهن جي پنهنجي پنهنجي تڪن تائين محدود ٿي وئي. دراصل اها خرابي خود ٽوڙيءَ واري بند ٽٽڻ کان شروع ٿي، جتي ڪو فيصلو نه ٿي سگهڻ جي ڪري ٽوڙي بند ٽٽي پيو، ۽ اها تباهي منڇر تائين سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي آباد وسندين جي حصي ۾ ايندي رهي.

    اصل ۾ ٻوڏ هجي يا ڪا ٻي قدرتي آفت، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪي ادارا قائم هجن ٿا، اهي دنيا ۾ ٻئي هنڌ ممڪن آهي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا هجن، پر پاڻ وٽ ادارا ان ڪري به موثر نٿا هجن، جو انهن مٿان سياسي اثر رسوخ گهڻو هلي ٿو. آبپاشي کاتي مٿان ته اهڙو اثر آهي ئي آهي، پر نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي)، جنهن جو پڻ وڏو ڪردار ٺهي ٿو، اهو به شايد ان ڪري ڪم ڏيکاري نٿو سگهي، جو سياسي ماڻهو ان جي ڪم تي اثرانداز ٿين ٿا. هن وقت ساڳي اداري توڙي جو سرڪاري کي سفارش ڪئي آهي ته درياءَ جي دنگن ۾ جيڪي ڪچيون آباديون يا بند آهن، انهن کي ڊاهيو وڃي، پر جڏهن گهڻي ڀاڱي اهي بند زمينداري آهن، يا آباديون به ڪنهن جون نه ڪنهن جون ووٽرز آهن، تڏهن نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي سفارشن تي ڪيترو عمل ٿيندو، ان جو اندازو هڻي سگهجي ٿو. هتي اها ڳالهه به وسارڻ نه گهرجي ته نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران جيڪا سفارش هن وقت ڪئي وئي آهي، ڇا اها سفارش ڪجهه وقت اڳ نه ٿيڻ گهرجي ها؟

    بهرحال اسان سرڪار کي اهو ئي چونداسين ته هن ڀيري جڏهن خانگي ماڻهن کي ڪٽ ڏيڻ جي اجازت نه هجڻ جو باقائده اعلان ڪيو ويو آهي ته پوءِ چونڊيل نمائيندن کي به ڪٽ واري سياست کان باز رکڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ٿيڻ ايئن کپي ته ڪٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪن غير جانبدار رٽائرڊ آبپاشي ماهرن جي ٽيم جوڙي وڃي، جيڪا ان حوالي سان فيصلا ڪري، ڇاڪاڻ جو حاضر سروس ڪامورا وري به سرڪار يا چونڊيل نمائيندن جي اثر هيٺ اچي سگهن ٿا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    2010ع ۾ آيل ٻوڏ جي ڪهاڻي:2011ع ۾ ڪيل اڻپورا انتظام!

    سترام مهيشوري

    سپريم ڪورٽ 15 ڊسمبر 2010ع تي انساني حقن بابت داخل مختلف پٽيشنن جي شنوائي ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪارين، ڪارڻن توڙي ذميوارن جي تعين لاءِ بئريسٽر اعظم خان جي سربراهي ۾ فتح علي کجڪ، اي ڊبليو قاضي، خواجه ظهير احمد، (اڳوڻا چيف سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري) تي ٻڌل چار رڪني ڪميشن جوڙي کين 13 اسمن تي ٻڌل ٽي او آر ڏني وئي. انهيءَ ڪميشن جي 200 صفحن تي ٻڌل جاچ رپورٽ کي ساراهيندي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي انهيءَ رپورٽ تي ”من و عن“ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.”ڪاوش“ جي مان وارن پڙهندڙن لاءِ انهيءَ رپورٽ جا اهم حصا پيش ڪجن ٿا.

    سنڌ سميت پاڪستان جي هزارين ميلن ۾ پکڙيل دريائي بندن جي ٻوڏ کان اڳ ۽ پوءِ حالت خراب رهي آهي، جن مان حساس قرار ڏنل بندن تي نگراني ڪرڻ سان گڏ انهن جي ضروري مرمت لاءِ هر دور ۾ ڪانٽيجنسي پلان پڻ ٺهندا رهيا آهن، ٻوڏ کان اڳ ۾ سول ۽ ملٽري جون ٽيمون پڻ انهن بندن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺي لاڳاپيل ضلعن کي ڪنهن به امڪاني صورتحال جي حوالي سان پلان جوڙڻ جون صلاحون ڏينديون رهيون آهن. ٻوڏ ڪميشن جي تازي جاچ دوران اهڙو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي ته انهن ٽيمن پاران ڪيل سفارشن تي ڪنهن حد تائين عمل ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ پي ايم ڊي پاران موسم جي حوالي سان ڪيل اڳڪٿي ڪي قدر دير سان ضرور ٿي هئي پر پوءِ به سنڌ ۽ پنجاب کي ڪنهن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳپل وقت ضرور مليل هو پر ٻوڏ جي حوالي سان انهن پاران ڪا خاص تياري ڪيل نظر نه آئي، پنجاب ۾ جناح بئراج تي پيل گهارن جا ذميوار اتان جو چيف انجنيئر ۽ ايس اِي آهن، جن فلڊ پروٽيڪشن پلان تي ڪوبه عمل نه ڪيو. اهڙي ريت سنڌ ۾ وري ٽوڙي، ايم ايس (ڪوٽ عالمو) ۽ پي بي بند (فقير جو ڳوٺ ضلعو ٺٽو) ۾ پيل گهارن جا ذميوار تڏهوڪو آبپاشي سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر ڪوٽڙي ۽ سکر بئراج آهن جيڪي دريائي بندن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيا، جن جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي هڪ ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پيا، نه رڳو اهو پر سنڌ جي تڏهوڪي آبپاشي سيڪريٽري ۽ گڊو بئراج جي چيف انجنيئر اسلام آباد ۽ ڪوٽڙي بئراج جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر ٺٽي ۾ فلڊ ڪميشن جي ٽيم آڏو غلط بياني ڪئي.

    قصو ٽوڙي بند ٽٽڻ جو

    فلڊ ڪميشن جي ٽيم جي مشاهدي دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته ٽوڙي بند تي سالن کان مرمت جو ڪو خاص ڪم نه ڪرايو ويو هو، جنهن ڪري ٻوڏ کان اڳ ۾ ئي انهيءَ بند جي سطح (بلندي) خطرناڪ حد تائين گهٽجي وئي هئي.اهڙي صورتحال کان تڏهوڪو آبپاشي سيڪريٽري توڙي گڊو بئراج جو چيف انجنيئر ڀلي ڀت واقف هئا، هنن وٽ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گهربل وقت توڙي وسيلا پڻ موجود هئا، انهيءَ باوجود انهن لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي ڪي به اپاءُ نه ورتا. 6 ۽ 7 آگسٽ جو سنڌو ۾ آيل سپر فلڊ دوران انهيءَ بند ۾ روڻيون پوڻ شروع ٿي ويون هيون، جن کي ڀرڻ لاءِ پٿر توڙي اضافي مٽي ڀرڻ بدران دريائي بند جي پاڙ مان مٽي کڻي وڌي وئي. گهاري پوڻ وقت گڊو بئراج جو چيف انجنيئر ۽ سندس ٽيم ٽوڙي ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئا، جن خاص طور تي انچارج ايڪسين هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي خاص اپاءُ نه ورتا، سندن چوڻ هو ته گهاري وقت تيز برسات پئجي رهي هئي، جنهن ڪري گاڏين وسيلي بندن جو سفر ڪرڻ ناممڪن هو، جڏهن ته حقيقت وري ان جي ابتڙ نظر آئي، ڪميشن جي رپورٽ موجب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آيل تباهي جا چيف انجنيئر گڊو بئراج، ايس اِي، ايڪسيئن ۽ سندس ٽيم ميمبر سڌي ريت ذميوار آهن.

    علي واهڻ ڇو نه ٽٽو؟

    جيتوڻيڪ 2010ع ۾ آيل ٻوڏ کي مها ٻوڏ جو نالو ڏنو ويو آهي، آبپاشي ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته انهيءَ سال گڊو وٽان 11 لک 64 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جو گذر ٿيو پر حقيقت اها آهي ته 1976ع ۾ آيل ٻوڏ وارو وهڪرو تازي آيل ٻوڏ کان وڌيڪ توڙي خطرناڪ هو، جنهن کي تڏهوڪن آفيسرن آساني سان گذاري سمنڊ تائين پهچايو هو، ٽوڙي بند جي ڀيٽ ۾ علي واهڻ بند کي گهارو/ ڪٽ هڻڻ وارو معاملو ڪي قدر مختلف هو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سياسي قيادت توڙي سياسي اڳواڻ، سول ۽ ملٽري عملدار ٻن ڏينهن جي ڊگهين ميٽنگن دوران انهيءَ خيال جا هئا ته علي واهڻ کي ڪنهن به صورت ۾ گهارو نه پوڻ گهرجي.

    ٻوڏ ڇا ڇا لوڙهي وئي؟

    سال 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ دوران هڪ ڪاٿي موجب 855 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري شعبي جو نقصان رڳو 35 ۽ عام شهرين جو نقصان 65 سيڪڙو رهيو. بلوچستان جي جعفر آباد ضلعي ۾ چانورن جو فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، معاشي ماهرن جي ٻولي ۾ اهو نقصان جي ڊي پي جو 5.8 سيڪڙو جي برابر هو. انهيءَ ٻوڏ ۾ 1600 انساني جانيون ضايع ٿيون، (جن کي سرڪار پاران اڃا تائين 5 لک رپين جي ادائگي نه ڪئي وئي آهي)، جڏهن ته 70 لک ٻارن جو تعليمي سال پڻ ٻوڏ جي ور چڙهي ويو. انهيءَ ٻوڏ 45 لک ماڻهن خاص طور تي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين کان سندن وات جو گرهه کسي ڇڏيو، ٻوڏ جي تباهڪارين سبب 2 ڪروڙ ماڻهن کي غذائيت جي کوٽ کان وٺي بيمارين جو منهن ڏسڻو پيو.

    ٻوڏ کانپوءِ جا منظر

    27 جولاءِ کان 12 آگسٽ تائين ٻوڏ دوران سرڪار خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي حڪومتن ۽ اين جي اوز سميت مختلف ڌرين اثرائتا اپاءُ ورتا، ان وقت انساني همدردي جو هڪ وڏو جذبو نظر آيو، سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد واري ايئربيس تي پرڏيهين جي موجودگي سبب اتي امدادي ڪمن ۾ شروعاتي طور تي ڪي قدر رڪاوٽون ضرور پيون، فلڊ ڪميشن جي رپورٽ موجب ايئربيس تي موجود پرڏيهي ڊسمبر 2010ع ۾ ملندڙ ايف-16 جهازن جي نئين کيپ لاءِ پاڪستان ايئرفورس جي اسٽاف کي سکيا ڏئي رهيا هئا، جنهن ڪري اهو سمجهيو پئي ويو ته انهيءَ ايئربيس تان امدادي سامان جي ورڇ توڙي پهچ ممڪن ناهي پر انگ اکر ٻڌائين ٿا ته انهيءَ ايئربيس تي 200 کان وڌيڪ رليف اڏامن لينڊنگ ڪئي، جنهن سبب اپر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رليف جي ڪمن کي وڏي هٿي ملي.

    هاڻي ڇا ٿيڻ کپي؟

    2010ع ۾ آيل ٻوڏ آبپاشي جي پراڻي توڙي نئين نظام کي لوڏي ڇڏيو، سرڪاري توڙي خانگي شعبي جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، ڪيتريون ئي جايون، آفيسون، روڊ، پليون ۽ ٻيون عمارتون تباهه يا متاثر ٿيون. نقصان ايترو ته گهڻو هو جو ڪا به حڪومت اڪيلي سر ان جو پورائو نه پئي ڪري سگهي، سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي جي حوالي سان تڏهوڪي آبپاشي سيڪريٽري شجاع جوڻيجو توڙي گڊو بئراج جي تڏهوڪي چيف انجنيئر ظفرالله مهر کان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نگراني هيٺ اها جاچ ٿيڻ گهرجي ته انهن فيبروري 2010ع ۾ بندن جي حفاظت لاءِ اپاءُ وٺڻ جي فيصلي تي عمل ڇو نه ڪرايو ؟ جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ اچڻ وقت ٽوڙي بند ٽٽي پيو، جنهن جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان کي وڏي تباهي جو منهن ڏسڻو پيو. ساڳئي وقت ڪوٽڙي بئراج جي تڏهوڪي چيف انجنيئر ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئر کان به اها وضاحت ورتي وڃي ته ٻوڏ جي وارننگ ملڻ باوجود هنن چئن هفتن جي مهلت دوران پي بي ۽ ايم ايس بندن جي مرمت ڇو نه ڪرائي؟ جنهن جي ڪري ٻوڏ وقت ڪوٽ عالمو وٽ سنڌو کي گهارو لڳو، تنهن ٺٽي جي سجاول ۽ جاتي تعلقن سميت اڌ ضلعي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. فلڊ ڪميشن اها به سفارش ڪئي آهي ته سنڌ آبپاشي کاتي جي ذميوار ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏو گڏ 10 سالن دوران کاتي پاران ڪيل خرچن جي اسپيشل آڊٽ پڻ ڪرائي وڃي ته جيئن اها ڳالهه ظاهر ٿئي ته اهي رقمون ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ڪيون ويون هيون. مستقبل جي حوالي سان فيڊرل فلڊ ڪميشن کي سگهارو ڪري اين ڊي ايم اي جي نگراني جي نظام کي وڌيڪ سگهارو ڪيو وڃي. ساڳئي وقت آبادگار تنظيمن کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو وڃي ته اهي پنهنجن ميمبرن کي زرعي ترقياتي بينڪ جي ونڊو هيٺ انشورنس ڪرائڻ تي راضي ڪن. جڏهن ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل عملدارن کي زرعي بينڪ معرفت وڏي مدي وارا بانڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن اهي ٻوڏ جي تباهڪارين واري صورتحال مان ٻاهر نڪري سگهن. پاڪستان جي 64 سالن جي تاريخ ۾ مختلف حڪومتن پاران مختلف ڪميشن ۽ ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، جن مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪميشنن /ڪاميٽين جون رپورٽون منظرعام تي نظر اچي سگهيون آهن، انهن ڪميشنن پنهنجن رپورٽن ۾ تمام سٺيون سفارشون پڻ ڪيون هونديون پر عوام کي انهن تي 100 سيڪڙو عمل ٿيندي نظر نه آيو، ملڪ جي ويجهڙائي واري تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ طرفان ڪنهن عوامي نوعيت جي اهم مسئلي جو نه رڳو نوٽيس ورتو ويو پر ماهر عملدارن ۽ قانوندانن جي نگراني ۾ هڪ بااختيار جاچ ڪميشن جوڙي ان کان ٻوڏ جي صورتحال، ڪارڻن ۽ ذميوارين جي تعين بابت مڪمل جاچ ڪرائي وقت جي حڪومت کي اهو حڪم ڏنو ويو ته انهيءَ تي ”من و عن“ عمل ڪيو وڃي. جنهن جي هڪ حصي تي عمل ڪندي سنڌ حڪومت سنڌ جي اڳوڻي آبپاشي سيڪريٽري شجاع جوڻيجو، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي تڏهوڪن چيف انجنيئرن، 5 سپرنٽينڊنگ انجنيئرن، هڪ ايڪسيئن ۽ 5 ايس ڊي اوز کي برطرفي جا نوٽيس ڏيڻ سان گڏو گڏ اينٽي ڪرپشن ذريعي ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. نه رڳو اهو پر آبپاشي کاتي جي گذريل 10 سالن دوران خرچن جي آڊٽ پڻ ڪرائي پئي وڃي، جڏهن ته 25 سالن دوران پهريون ڀيرو سنڌ ۾ بندن جي ڪي قدر مرمت پڻ ٿي رهي آهي جنهن لاءِ ناليواري پاڻي ماهر ادريس راجپوت جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن پر سنڌ جا 5 ڪروڙ رهواسي خاص طور تي بندن جي ڀرسان رهندڙ نانگ جا ڏنگيل نوڙي کان به ڊڄي رهيا آهن، لاڙڪاڻي کان وٺي ڪشمور تائين رائيس بيلٽ جي ڪيترن آبادگارن ايندڙ ٻوڏ جي ڊپ وچان هيل ساريالو فصل به نه پوکيو آهي.جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه کان وٺي آبپاشي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو وري عوام جا ڀرجهلا ٿي کين ڪو ڏڍ ڏيڻ بجاءِ ڌڻي تعاليٰ کان دعائون گهرڻ جون صلاحون ڏئي رهيا آهن.
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    بند جي ڪمن مان صدر طرفان جوڙيل وزارتي ڪاميٽي به مطمئن ناهي!



    سنڌ ۾ بندن جي هلندڙ ڪم جي نگراني ڪرڻ لاءِ صدر طرفان سنڌ جي وزيرن تي مشتمل ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي، جنهن جي سربراهي ايم پي اي سيد احمد علي شاهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪاميٽي ۾ مير نادر مگسي ۽ ٻيا وزير شامل آهن، بندن جي ڪمن واري نگران ڪاميٽي جي سربراهه سيد احمد علي شاهه ڪجهه وقت اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ بندن جي ڪم تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ۽ اهو به چيو ويو هو ته بندن جو ڪم معياري نه ٿي رهيو آهي ۽ اهو مقرر وقت تي نه ٿي سگهندو، جڏهن ته وزارتي ڪاميٽي جو ميمبر صوبائي وزير مير نادر مگسي آبپاشي سيڪريٽري کي هڪ خط لکي سنڌ ۾بندن جي هلندڙ ڪم کي ناقص قرار ڏئي چڪو آهي، انهيءَ خط ۾ نادر مگسي عملدارن تي ڪيترائي الزام هنيا آهن، نادر مگسيءَ پاران 18 اپريل 2011ع تي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي لکيل هڪ خط ۾ بندن جي اڏاوتي ڪمن کي ناقص قرار ڏيندي فوري طور تي ڪم بند ڪرڻ ۽ ٺيڪيدارن جون ادائيگيون روڪڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. هن اهو پڻ چيو آهي ته بندن جا اڏاوتي ڪم ڪمن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ پاران زميني سروي ۽ فزيڪل ويريفڪيشن ڪرڻ بنا ڪيا پيا وڃن. ڪرپشن جو رستو کولڻ لاءِ ڪمن جي لاڳت جا ڪاٿا تمام گهڻا وڌائي لڳايا ويا آهن. بندن جا اهي علائقا پڻ اڏاوتي رٿائن ۾ شامل ڪيا ويا اهن، جيڪي ٻوڏ سبب متاثر ئي ناهن ٿيا. نادر مگسيءَ چيو آهي ته اڏاوتي ڪمن جو سروي ڪرڻ دوران هن ڏٺو آهي ته ڪم ٺيڪ نه پيا ٿين، ان ڪري ڪنسلٽنٽ جي فزيڪل ويريفيڪشن بنا شروع ڪيل سمورا اڏاوتي ڪم بنا دير جي بند ڪرائي ٺيڪيدارن جون ادائيگيون روڪيون وڃن ۽ اهڙن ناقص ڪمن جون جيڪڏهن ٺيڪيدارن کي ادائيگيون ڪيون ويون آهن ته اهي واپس وٺي ڪيس وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي اماڻيا وڃن. جڏهن ته سومر واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ٿيل اجلاس ۾ پڻ صوبائي وزير نادر مگسي چيو آهي ته آبپاشي کاتو تباهه ٿي رهيو آهي، سکر بئراج جي رائيٽ ۽ ليفٽ بئنڪ جا چيف انجنيئر پاڻ ۾ وڙهندا رهندا ته انهن جي سزا اسان جي ماڻهن کي ملندي؟، ان ڪري چوان ٿو ته شڪارپور وارا جاڳو، لاڙڪاڻي وارا جاڳو، قمبر-شهدادڪوٽ وارا جاڳو، بندن جي تعمير جو ڪم سست آهي، درياءَ جي ساڄي ڪپ جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، ٻن ٽن ڏينهن ۾ ماڻهو ٻڌندا ته ڇا ٿيڻ وارو آهي؟هن چيو ته آبپاشي کاتو ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهيو آهي. هوڏانهن نادر مگسي جي خط جي جواب ۾ سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ سبب درياهه جي بندن وارن ڪمن جي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ ڪمپني سي ايس ايف پي ورڪس پروجيڪٽ جي پروجيڪٽ مئنيجر ۽ ٽيم ليڊر انجنيئر محمد ادريس راجپوت نادر مگسيءَ پاران بندن جي ناقص اڏاوتي ڪمن جي حوالي لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته بندن جا اڏاوتي ڪم سٺي معيار جا ۽ تيز رفتار سان ٿي رهيا آهن.
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    بند ٽٽڻ بابت آبپاشي کاتي جا ڪهڙا عملدار ذميوار آهن؟



    سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل فلڊ انڪوائري ڪميشن طرفان ذميوار قرار ڏنل آبپاشي کاتي سنڌ جي عملدارن، جن کي سنڌ سرڪار طرفان نوڪريءَ تان برطرفي واري قانون هيٺ شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن، انهن ذميوارن ۾ گڊو بئراج جو تڏهوڪو چيف انجنيئر ۽ ڪئنالن جي لائيننگ واري رٿا جو موجوده پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ظفر الله مهر، ڪوٽڙي بئراج جو تڏهوڪو چيف انجنيئر ۽ آر بي او ڊي رٿا جو موجوده پي ڊي منظور احمد شيخ، بيگاري فيڊر سرڪل سکر جو تڏهوڪو سپرنٽينڊنگ انجنيئر ۽ سمال ڊيمز رٿا جو موجوده پي ڊي غلام فاروق چنڙ، ڪوٽڙي بئراج جي پڃاري سرڪل جو تڏهوڪو سپرنٽينڊنگ انجنيئر ۽ آبپاشي کاتي جو موجوده پاڻيءَ جي معاملن وارو صلاحڪار جنيد ميمڻ، بيگاري سرڪل حيدرآباد جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر سلمان ميمڻ، ڊائريڪٽر هائيڊرالاجي ۽ ريسرچ زاهد حسين جوڻيجو، سپرنٽينڊنگ انجنيئر پڃاري سرڪل عبدالقادر پليجو، ڪلري بگهاڙ ڊويزن ٺٽو جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد فهيم سومرو شامل آهن. بند ٽٽن جي الزام هيٺ آيل 20 هين گريڊ جي 2 چيف انجنيئرن ۽ 19 هين گريڊ جي 5 سپرنٽينڊنگ انجنيئرن کي وڏي وزير ۽ هڪ ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي چيف سيڪريٽريءَ پنهنجين صحيحن سان اهي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن. سڀ کان وڌيڪ الزام ٽوڙي بند جي ٽٽڻ جي مک ڪردار اڳوڻي چيف انجنيئر گڊو بئراج ظفر الله مهر ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئر فاروق احمد چنڙ تي لڳايا ويا آهن. چيف انجنيئر ظفر الله مهر تي جاچ دوران اسلام آباد ۾ ٻوڏ واري ڪميشن کان اصل حقيقتون لڪائڻ ۽ ڪميشن سان غلط بياني ڪرڻ جا الزام پڻ لڳايا ويا آهن. جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جي اڳوڻي چيف انجنيئر منظور احمد شيخ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر احمد جنيد ميمڻ ۽ انجنيئر سلمان ميمڻ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد فهيم سومرو کي ڏنل شوڪاز نوٽيسن ۾ چيو ويو آهي ته موسميات کاتي پاران وڏي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪرڻ باوجود اوهان پنهنجي علائقي جي بندن کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ نه ورتا. نتيجي ۾ ڪوٽڙي بئراج جا ايم ايس بند ۽ پناهه- بگهاڙ بند ٽٽي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي ضلعي ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي. آبپاشي کاتي جي 2 سپرنٽينڊنٽ انجنيئرن زاهد حسين جوڻيجو ۽ عبدالقادر پليجو کي ٺٽي جي دوري دوران ٻوڏ واري ڪميشن سان پورو تعاون نه ڪرڻ ۽ جاچ دوران ڄاڻي واڻي گهڻيون حقيقتون ڪميشن کان لڪائڻ جي الزامن هيٺ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري شجاع احمد جوڻيجو خلاف ڪيس ڪارروائيءَ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي کي اماڻيو ويو آهي، سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي لکيل هڪ خط ۾ ڄاڻايو آهي ته آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري شجاع احمد جوڻيجو مٿان الزام آهي ته هو 2010ع واري ٻوڏ کان پهرين کاتي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ درياءَ جي بچاءَ بندن جي مناسب سار سنڀال ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ دوران ڪشمور ضلعي جو ٽوڙي ۽ ٺٽي ضلعي جا مولچند شاهبندر ۽ پناهه- بگهاڙ بند ٽٽي پيا. هن مٿان اهو الزام پڻ آهي ته بند ٽٽڻ جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي نقصانن کان بچائڻ لاءِ هن جوڳا اپاءَ نه ورتا. انهيءَ کانسواءِ جاچ دوران ٻوڏ واري ڪميشن سان غلط بياني ڪندي ڄاڻي واڻي حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ڪري هن رٽائر آفيسر خلاف اينٽي ڪرپشن قانون هيٺ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وڃي. ذريعن موجب ان خط ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته انجنيئر شجاع احمد جوڻيجو 16 سيپٽمبر 2008ع ۾ آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ۽ 30 سيپٽمبر 2009ع تي رٽائر ٿيو پر پهرين آڪٽوبر 2009ع کان 30 سيپٽمبر 2010ع تائين کيس وڌيڪ هڪ سال تائين ڪانٽريڪٽ تي کاتي جو سيڪريٽري رکيو ويو.
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    وري ٻوڏ جا امڪان ۽ بندن تي ورتل اڻپورا حفاظتي اپاءَ

    موسميات کاتي جي ماهرن پاران ملڪ جي اترين علائقن ۾ هن سال به سانوڻي جي برساتن جي وڏي سلسلي پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌو درياهه ۾ هن سال به ٻوڏ جا امڪان موجود آهن. هڪ پاسي ٻوڏ جا امڪان آهن ته ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ضلعي اندر موجوده حڪومت پاران اڻپورا بندوبست ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ گذريل سال سنڌو درياهه ۾ مها ٻوڏ دوران لاڙڪاڻو لڳ عاقل آگاڻي بند تي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو ايمرجنسي واري صورتحال رهي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه عاقل آگاڻي بند وٽ پنهنجو وهڪرو قدرتي رستي بجاءِ عاقل آگاڻي بند ڏانهن رخ ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ بند جو 60 سيڪڙو حصو پاڻي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ معجزاڻي طور بند ٽٽڻ کان بچي ويو. هن سال ٻوڏ دوران جيتوڻيڪ عاقل آگاڻي بند تي عوامي شڪايتن، ميڊيا جي دانهن کانپوءِ منصوبو شروع ڪيو ويو جنهن جو وڏو حصو مڪمل ٿي ويو آهي. پاڻي ماهر ادريس راجپوت جي چوڻ موجب عاقل آگاڻي بند تي انگريز لفظ جي ”ٽي“ جيان هڪ اسپر بند جيڪو 165 فوٽ ڊگهو درياهه جي اندر آهي ان جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي، هن اسپر بند جي تعمير سان گڏ ننڍا اسٽڊ بند پڻ 8 تعمير ڪيا پيا وڃن جن مان 4 بند مڪمل ٺهي چڪا آهن ۽ 4 اسٽڊ بندن جي تعمير ايندڙ 15 جولاءِ تائين متوقع آهي جيتوڻيڪ عاقل آگاڻي بند جي مجموعي منصوبي جو 80 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٽي اسپر ۽ اسٽڊ بندن جي تعمير کانپوءِ عاقل آگاڻي بند وٽ درياهه پنهنجو وهڪرو انتهائي آهستگيءَ سان تبديل ڪندي قدرتي وهڪري ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن عاقل آگاڻي بند هن واري درياهه جي سڌي نشاني تي نه آهي تڏهن به سڄي ضلعي اندر 85 ميل بچاءَ بند آهي جنهن جا ڪيترائي هنڌ انتهائي حساس آهن، جن جي مرمت جو ڪم اڃان تائين آبپاشي کاتي نه ڪرايو آهي. گذريل سپر ٻوڏ دوران دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي سرحدي دنگ وٽ ويهڙ ڀرسان سيري بند کي سخت نقصان پهتو جتي 2 ڳوٺاڻا عبدالجبار ڪانڌڙو ۽ عبدالجبارميراڻي بند کي بچائيندي پنهنجا سر قربان ڪيا سندن قبرون اڄ به سيري بند وٽ تي موجود آهن. حڪومت 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ کانپوءِ گذريل مئي جي آخر ۾ سيري بند جي مرمت جو ڪانٽريڪٽ ڏنو، جڏهن ته ويهڙ ڀرسان کڀڙاڻي ڳوٺ وٽ پڻ بچاءَ بند کي روڻيون پيون جنهن کي پڻ نه ٻڌو ويو، اهڙي طرح ڪاراڻي، فتح پور بند، حسن واهڻ وٽ به بچاءُ بند کي نقصان پهتو. سڀ کان وڏو اهم مسئلو جيڪو هن سال به ٻوڏ دوران نه رڳو لاڙڪاڻي ضلعي پر شڪارپور، سکر بئراج کان گڊو بئراج تائين پنهنجا نقصانڪار اثر ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه تي لاڙڪاڻو-خيرپور پل جنهن جي ڊزائن انتهائي غير حقيقت پسندانه انداز ۾ ڪئي وئي مبينا ڪرپشن ۽ نااهليءَ جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو-خيرپور پل واري هنڌ درياهه جا ٻئي بچاءُ بند 16 ڪلو ميٽر آهن پر درياهه تي فقط هڪ ڪلو ميٽر پل تعمير ڪئي وئي. اها به ساڄي ڪناري سان بچاءَ بند ڀرسان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 16 ڪلو ميٽرن جي ٻنهي بچاءَ بندن جي وچ ۾ سوا پل جي ٻوڏ دوران پاڻي کي ڪراس ڏيڻ جو ڪو به بندوبست نه ڪيو، جيتوڻيڪ آبپاشي کاتي پاران لاهور ۾ قائم ايگريشين جي انسٽيٽوٽ کي هن پل جي تعمير بابت اڀياس ڪرڻ لاءِ ليٽر اماڻيو ويو ته هن پل درياهه جي وهڪرن تي ڪهڙا اثر ڇڏيا آهن ۽ ڪيترو نقصان پهچايو آهي. پر رپورٽ اڃان تائين جاري نه ٿي آهي، نه رڳو پاڻي ماهر پر عام ماڻهو به ان حقيقت کي سمجهن ٿا ته جڏهن ٻوڏ هجي ٿي ته ان وقت پاڻي کي رستو نه ملڻ باوجود درياهه جي بچاءُ بندن اندر پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ جي نتيجي ۾ بندن تي دٻاءُ وڌي ٿو جنهن جو اثر سکر بئراج وٽ ۽ ان سان گڏ گڊو بئراج وٽ به ڏسڻ ۾ آيو. هڪ ڪانٽريڪٽر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي ڄاڻي واڻي دير سان ٽينڊر ڪرايا هاڻي اسان کي انهن بندن تي فقط چوڪيدار طور مقرر ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته پاڻي اچڻ وارو آهي، وقت ڪونهي، اسين فقط پنهنجو عملو ۽ مشنري اتي موجود رکنداسين، پاڻي ماهر ادريس راجپوت جو چوڻ هو ته گهربل ڪم 4 مهينا اڳ شروع ڪرڻا هئا جيڪي نه ٿي سگهيا، هاڻي ٿيل ٽينڊرن جو فقط اهو فائدو پوندو ته انهن حساس هنڌن تي عملو، مشنري موجود هوندي جنهن کي ايمرجنسي ۾ ڪتب آڻي سگهبو جنهن جو مطلب ته ڪروڙين روپيه خرچ ڪرڻ جي باوجود لاڙڪاڻو واسين سميت سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري سان رهندڙ ماڻهن جي مٿان ٻوڏ جو خطرو اڃان نه ٽريو آهي. انڪري حڪومت کي هن صورتحال بابت ذميواريءَ سان غور ڪرڻ گهرجي ته ڇاڪاڻ ته شهيدن جي شهر لاڙڪاڻو واسين سميت هن علائقي جا اڪثر ماڻهو حڪمران ڌر کي پنهنجو ووٽ ڏيندا رهيا آهن؟!

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ماڇڪو کان گيمڙو تائين بندن جي حالت ۽ اڻ مڪمل ڪم!!!

    گهوٽڪي ضلعي ۾ درياءَ جي بندن جو مرمتي ڪم اڃان تائين مڪمل ناهي ٿيو، جنهن سان وقت گذرڻ سان گڏ مقامي ماڻهن سان گڏ سڄي سنڌ جي سڄي ڪپ جي ماڻهن جي ڳڻتي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ويتر گهوٽڪي واسين سان پنجاب حڪومت طرفان اها مذاق ڪئي ويئي آهي جو پنجاب حڪومت باقي سڄي صوبي ۾ درياءَ جي بندن جي حساس هنڌن ۽ ٻوڏ جي گهارن وارا هنڌ تي ٻه چار مهينا اڳ ئي مرمت ڪري مضبوط ڪري ڇڏيا پر ماڇڪو بند جيڪو پنجاب جي انتظامي حصي ۾ آهي هن وقت تائين پنجاب حڪومت ان بند جي صرف ٽي ميل حصي جو مرمتي ڪم مڪمل ناهي ڪيو نه صرف اهو پر پنجاب حڪومت فيڊرل فلڊ ڪميشن جي واضح هدايتن ۽ سپريم ڪورٽ جي پاڻي بابت ڪميشن جي سفارشن جي باوجود ماڇڪو بند جي اندر تعمير ڪيل غيرقانوني زمينداري بند به نه ڊاٿا آهن، جنهن ڪري هن وقت به مزاري بند ۽ ٻيا بند ماڇڪو بند جي اندر درياءَ جي پيٽ ۾ موجود آهن،ماڇڪو جيڪو گهوٽڪي ضلعي جي اندر پنجاب جي ڄڻ ته قبضو ڪيل هڪ يونين ڪائونسل آهي جنهن جي چوڌاري گهوٽڪي ضلعي جي ايراضي ۽ صوبائي وزير روينيو ڄام مهتاب ڏهر جو چونڊ تڪ آهي اتان گهوٽڪي ضلعي ۾ بچاءَ بند جو سفر شروع ٿئي ٿو،گڊو بئراج کان درياءَ جيئين ئي گهوٽڪي ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿو ته مريد شاخ تائين گهوٽڪي فيڊر جي کٻي ڪپ کان سواءِ ان تي ٻيو ڪوبه بچاءَ بند ناهي جنهن ڪري گذريل ٻوڏ کان پوءِ سنڌ حڪومت گهوٽڪي فيڊر جي کٻي ڪپ کي آرڊي 43 تائين سنڌودرياءَ جو بچاءَ بند قرار ڏيئي ان تي مرمتي ڪم شروع ڪرايو آهي، اهڙي ريت گهوٽڪي فيڊر جي آرڊي 43 کان سنڌودرياءَ جو بچاءَ بند شروع ٿئي ٿو ماڇڪو تائين ڇهه ميل بند مان ٽي ميل سنڌ حڪومت جي بند ڊويزن گهوٽڪي جي سنڀال هيٺ آهي ۽ ٽي ميل پنجاب جي ضلعي رحيم يارخان ضلعي جي بند ڊويزن (آبپاشي کاتي)جي سنڀال هيٺ آهي جنهن جي ڪابه سنڀال نه پئي ڪئي وڃي بند جي مٿان اڏاوتون ٺهيل آهن ۽ هنڌان هنڌان ان کي سلوپ ۽ ڪٽ لڳل آهن جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي ان بابت ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ۽ انجنيئر بند ڊويزن ميرپورماٿيلو جو چوڻ آهي ته هنن ڪيترائي ڀيرا رحيم يارخان انتطاميه ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي معرفت پنجاب حڪومت کي لکيو آهي پر اهڙي لکپڙهه جو ڪوبه نتيجو ناهي نڪتو جنهن ڪري اهي ٽي ميل نه صرف گهوٽڪي ضلعي پر سنڌو جي سڄي ڪپ جي لاءِ خطري جو ڪارڻ بڻيل آهن،اهڙي ريت پنجاب جي حدن کان نڪرڻ بعد گهوٽڪي ضلعي جي حدن ۾ پڻ پهرين مرحلي ۾ جيڪي مرمتي ڪم شروع ڪيا ويا هئا اهي اڃان تائين مڪمل ناهن ٿيا جنهن ۾ رائونتي بند جي اٺن ميلن ۾ پنجاهه سيڪڙو ڪم به مڪمل ناهي ٿيو ساڳي ئي ريت ايل ايم بند قادرپور لوپ بند قادرپور بند تي جيتوڻيڪ ڪم هلندڙ آهي پر اهو اڃان مڪمل ناهي ٿيو صرف ايل ايم بند تي مٽي وجهڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي پر ان تي پٿرن جي پچنگ ۾ اڃان تائين پندرهن ڏينهن وڌيڪ وقت لڳڻ جو ٻڌايو ويو آهي اهڙي ريت قادرپور لوپ بند جو جيڪو شينڪ بند جي ٽٽڻ کان پوءِ وڌيڪ حساس بڻيل آهي، ان سان ته عجيب مذاق ڪئي پيئي وڃي هن وقت تائين جيڪي به سنڌ حڪومت جا آبپاشي ماهر،عملدار ۽ ڪامورا گهوٽڪي جي بندن جو معائنو ڪري ويا آهن ادريس راجپوت کان ويندي سيڊا جي ايم ڊي احسان لغاري تائين سڀني اهو چيو آهي ته ”قادرپور لوپ بند تي ڪم جي رفتار تيز ۽ ڪم جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي“ پر اڃان تائين نه ته ڪم جي رفتار ۾ اضافو ٿيو آهي نه ئي ان جي ڪوالٽي بهتر ٿي آهي،اهڙي ريت قادرپور بند کان پوءِ گيمڙو بند جي حالت ته انتهائي خراب بڻيل آهي ڪيترن سالن کان وٺي ان بند تي ڄڻ ڪنهن بيلدار به چڪر ناهي هنيو مخدوم جي زمينداري بند کان سلام ڳوٺ کان پني عاقل تائين جو حصو درياءَ جو بند کي ڏسي ائين لڳي ٿو ڄڻ اهو ڪنهن ننڍڙي واٽر ڪورس جو بند آهي زمين کان ان جي اوچائي صرف ٽي کان چار فوٽن تائين آهي ان بند جو ڪم ٻي مرحلي جي اسڪيمن ۾ شامل آهي پر جيئين ته اڃان پهرين مرحلي وارا ڪم به مڪمل ناهن ٿيا ته ٻئي مرحلي واري ڪمن جو فڪر ڪنهن کي آهي،ماڇڪو کان روهڙي تائين درياءَ جو بند 91 ميل آهي جنهن مان 88 ميل گهوٽڪي ضلعي جي ٻن بند ڊويزنن ميرپورماٿيلو ۽ گهوٽڪي بند ڊويزنن جي سنڀال هيٺ آهن،_گذريل ڏينهن درياءَ جي بندن جي معائني دوران ڊي سي او گهوٽڪي زاهد علي عباسي ۽ سيڊا گهوٽڪي جي ڊائريڪٽر طرفان صحافين کي ايل ايم بند وٽ بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر ٻڌايو ته اوجي ڊي سي ايل جي طرفان درياءَ جي قادرپور لوپ بند جي اندر 1996 ۾ تعمير ڪيل بند ۽ بعد ۾ درياءَ جي اندر ٺاهيل پليٽ فارم سبب اسان جي بندن تي دٻاءَ وڌي ويو آهي ۽ شينڪ بند جي ٽٽڻ ۽ ايل ايم بند جي مٿان دٻاءَ جا ڪارڻ به اهي بند آهي، اهڙي ريت سيڊا جي ڊائريڪٽر اها دعويٰ به ڪئي ته پهرين مرحلي وارا مرمتي ڪم پندرهن جولاءِ کا اڳ مڪمل ٿي ويندا، اها دعوا اهڙي ئي دعوا آهي جيڪا پهرين ڏينهن کان ايريگيشن جي صوبائي وزير کان وٺي ڪامورن تائين ڪندا رهيا آهن،جنهن ڪري اها صرف اميد ئي ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ ويهن ڏينهن ۾ بندن جا ڪم مڪمل ٿي ويندا پر جيڪڏهن ماڇڪو بند جو ڪم پنجاب حڪومت طرفان ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي اندر مڪمل نه ڪرايو ويو ته سڄي 88 ميل بند جي مضبوطي به سنڌ جي ڪنهن ڪم نه ايندي، جنهن ڪري سنڌ حڪومت هن انتهائي حساس هنڌن طرف تمام تڪڙو ڌيان ڏيڻ سان گڏ پنجاب حڪومت جي مٿان به زور ڏيئي ماڇڪو بند جو مرمتي ڪم ڪرائي يا ماڇڪو بند جا ٽي ميل به سنڌ حڪومت پنهنجي سنڀال هيٺ کڻي ڇوته ان سان پنجاب جو نه پر سنڌ جي ڌرتي جا مفاد واڳيل آهن.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    رائيٽ بيلٽ جو وري ساهه مٺ ۾،تڪڙا اپاءَ وٺڻ جي ضرورت

    سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي واڌ، لاٿ يا ان ۾ ايندڙ پاڻي بابت حتمي فيصلو ته اڃان ٿيڻ وارو آهي پر هن وقت تائين جيڪا صورتحال بيٺي آهي، حڪمرانن جي ٻوڏ بابت زگ زيگ، آبپاشي ماهرن جا رايا، سياستدانن جون پاڻي بابت هيٺ مٿانهين واريون ڳالهيون سڄي رائيٽ بيلٽ جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. جئين گذريل سال ٻوڏ اچڻ کان اڳ سنڌ حڪومت کي باضابطا طور تي پاڻي جي ڪاٿي بابت آگاهي نه ڏني وئي هئي جنهن لاءِ وزيراعلي سنڌ جو بيان رڪارڊ جو حصو آهي. جڏهن ٽوڙي بند ٽٽو ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ چند سٽن تي مشتمل لفظ لکي رائيٽ بيلٽ جي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر – شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو ضلعن جي ڊي سي اوز کي چيو ته ٻوڏ اچي ٿي وارننگ جاري ڪيو ۽ ان وقت افرا تفري وارو ماحول هو! ماڻهو ڪيڏانهن وڃن؟ ڪهڙو هنڌ محفوظ رهندو؟ ڇو ته گڊو بئراج کان وٺي سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تائين سڄو آبپاشي نظام ڊانواڊول بڻيل هو ۽ ماڻهن ٻوڏ جي امڪاني تباهي کان وڌيڪ ذهني طور عذاب ۾ مبتلا ٿي زندگي گذاري، اڃان زندگي جو ونهوار باضابطا طور شروع ئي نه ٿيو آهي ته وري ٻي ٻوڏ بابت ساڳي ئي ريت سنڌ جا حڪمران، سياستدان، آبپاشي ماهر، موسميات کاتو يا ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي مختلف بيان ڏئي رهيا آهن. چوندا آهن ته ”هڻڻ واري کان اولارڻ واري جو خوف وڌيڪ هجي ٿو“ ٻوڏ اچي يا نه اچي پر ماڻهن جي زندگي علائقي ۾ رهڻ يا سارين جو فصل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت اڌواڌ ورهائجي وئي آهي، جيڪڏهن اسين شڪارپور جو ذڪر ڪنداسين ته ڪيترائي ماڻهو ڪنڌڪوٽ – ڪشمور ۽ درياءَ جي رائيٽ بيلٽ ۾ حساس هنڌن کان ٻين شهرن ۾ به هوندا پر شڪارپور شهر ۾ ڪرائي تي جڳهون وٺي اڳ ۾ ئي رهائش پذير ٿيا آهن پر ان کان وڌيڪ ۽ خطرناڪ صورتحال اها ٿي آهي جو زميندارن، آبادگارن خاص ڪري بيگاري ڪئنال جيڪو شڪارپور – جيڪب آباد کان قمبر – شهدادڪوٽ تائين لکين ايڪڙ زمين سيراب ڪري ٿو جتي سارين جي فصل بابت اڌو گابرا فيصلا ٿيا آهن ۽ حقيقت به آهي ته گڊو بئراج مان نڪرندڙ بي ايس فيڊر جنهن مان هونئن ته ڪشمور –ڪنڌڪوٽ جي حدن ۾ تنگواڻي، انڙ ۽ شڪارپور ضلعي جي حدن مان بيگاري، چوئي، سپي، سنڌ، مرزا، لٻاڻو، رجب ۽ ڇتي ڪئنال نڪرن ٿا پر مجموعي طور 16 هزار ڪيوسڪ کڻت واري بي ايس فيڊر مان سڀ کان وڌيڪ يعني 12 هزارن جي لڳ ڀڳ صرف بيگاري ڪئنال پاڻي کڻندو آهي ۽ ٽوڙي بند ٽٽڻ دوران به سڀ کان وڌيڪ نقصان بي ايس فيڊر ۽ بيگاري ڪئنال کي پهتو هو، جيتوڻيڪ بي ايس فيڊر ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي نالي ماتر رپيئرنگ ٿي آهي ۽ بيگاري ڪئنال تي 30 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ، سنڌ ڪئنال تي سوا ٻه ڪرڙون جي لڳ ڀڳ، آبپاشي محڪمي هونئن ته اصول جي ابتڙ خاص ڪري سنڌ ڪئنال جي ڪپرن جي ڀرسان مٽي کڻي 12 هنڌن تي ڊريسنگ ڪري بل وصول ڪيا آهن، اڃان به توهان عملي طور جائزو وٺندو ته سنڌ ڪئنال جي ٽو باءِ فور ريگيوليٽر کان وٺي منگر واهه ٽيل تائين 12 کان وڌيڪ هنڌ فور 4/5 ريگيوليٽر، نائين پنجين کان مٿي ڳوٺ نون، ڳوٺ کبڙ شر، ٻورڙي وارن هنڌن تي جتان کنڊ به لڳو هو پيل شوري مٽي هاڻي ئي جهرندي پئي وڃي، ساڳي ريت نائين پنجين کان هيٺين ڀر تي جمعو ڳوٺ، بوجا ناپر، مسيتي، ڊسٽرڪٽ جيل وارا هنڌ هاڻي ئي پاڻي جي اچڻ سان حساس بڻجي ويا آهن توڙي جو پاڻي جو وهڪرو اڃان وڌيڪ وڌڻو آهي ۽ آبپاشي وارا ڄڻ اڍائي ڪروڙ روپيا مرمت واري رقم ڪم جي ماپ واري ايم بي 68 ۾ داخلا ڏيکاري کائي چڪا آهن. بيگاري ڪئنال جو جيڪڏهن ذڪر ڪنداسين ته هن وقت رونبي جي ڌم هجڻ گهرجي ها پر متان ٽٽي پوي جي ڊپ کان آبپاشي محڪمي وارن صرف 5 هزار ڪيوسڪ بيگاري ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏيو آهي! جنهن مان به ٻيهر جڙيل هنڌن تان سيمو ٿي رهيو آهي. ساڳي ئي ريت سنڌ ڪئنال جو به اهڙو ئي حشر آهي. پهرين جون کان جولاءِ جي آخري هفتي تائين سارين جي پوکي جي مند هوندي آهي پر 25 جون تائين آبادگارن مجموعي طور 50 سيڪڙو ٻيجارا به نه پوکي سگهيا آهن! ۽ لڳ ڀڳ ايترو ئي سيڪڙو زمين کي هر به نه ڏنا آهن ڇو ته وري ٻوڏ جو خطرو آهي. هاڻي به ان علائقن ۾ ڄڻ ماڻهن جا ٽپڙ ٻڌا پيا آهن ڇڙو هڪل ٿئي ته ڀڳا هليا وڃن، جهڙي صورتحال آهي. سنڌو درياءَ جو رائيٽ بيلٽ جنهن ۾ سڀ کان وڏو معيشت جو دارو مدار زراعت ۽ ان ۾ به سڀ کان وڌيڪ اپت ڏيندڙ فصل سارين جو آهي اهو ئي سبب آهي جو مجموعي طور تي سارين جا ڪارخانا ۽ آبادگارن جي فلاح بهبود واسطي يا ڪارخانن جي سنڀال واسطي سنڌ – بلوچستان آبادگار توڙي رائيس ملرز تنظيمون جڙيل آهن ڇو ته ٻئي هنڌ ان فصل جي ايتري پيداوار نه آهي جو ان خاطر تنظيمون جڙي سگهن. هتي ته عام چوٻول آهي ۽ هجڻ به کپي ته ٻوڏ اچي يا نه اچي پر حڪمرانن اهڙي فضا پيدا ڪئي آهي جو معاشي طور تي ته هن وقت تائين سارين جي فصل کي شڪارپور ضلعي جي حدن ۾ اڌواڌ ڄڻ گهٽائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي! ها جيڪڏهن آبپاشي محڪمي وارن کي پڪ آهي ته بيگاري ڪئنال پاڻي جي سٽ نه سهي سگهندو، جنهن ڪري اسين هن کي هن سال گهٽ هلائينداسين ته گهٽ ۾ گهٽ آبادگار ۽ اتان جا رهواسي مستقبل جو منصوبو ته جوڙي سگهن ته هن سال ڪهڙي قسم جو فصل ڪرڻو آهي. اسين هن جمهوري خاص ڪري سنڌ حڪومت جي حڪمرانن مان اميد سمجهون ٿا ته هو دانشمندي جو مظاهرو ڪندي رائيٽ بيلٽ جي زميندارن، آبادگارن، هارين توڙي امڪاني ٻوڏ جي زد ۾ ايندڙ عوام جي واهر ڪري صحيح گائيڊ لائين ڏين ته جئين سڄو رائيٽ بيلٽ ذهني عذاب واري ڪيفيت مان نڪري سگهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ايف پي بند ۽ آر بي او ڊي کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت

    سنڌ سرڪار طرفان گذريل سال ٻوڏ دوران لڳل گهارن ۽ ڪٽن کي بند ڪرڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪيون ويون آهن پر ان جي ابتڙ قمبر جي زيرو پوائنٽ وٽ ميروخان ڊرين، شهدادڪوٽ ڊرين، آر بي او ڊي ڊرين کي لڳل گهارا سرڪار جي نااهلي ، بي ڌياني ۽ لاپرواهي ڪري هن وقت تائين مڪمل طور بند ٿي نه سگهيا آهن، جڏهن ته خانه پوري ڪندي ڏيکاءَ لاءِ فقط اتان ئي مٽي کڻي ڪپرن تي رکي پئي وڃي پر ايف پي بچاءَ بند سميت هن وقت تائين انهن مٿان اسٽون پچنگ جو ڪم به شروع ٿي نه سگهيو آهي. سرڪار جي اهڙي ناقص ڪارڪردگي سبب ٻيهر ٻوڏ جي امڪان سبب ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، اهڙي ماحول ۾ جتي پاڻي جي نيڪال وارين ڊرينن جا ڪپر مضبوط نه ٿيڻ ڪري جتي ماڻهو پريشان آهن، اتي ايف پي بچاءَ بند کي حمل ڍنڍ ڀرسان ڳاڙهي ريگيوليٽر لڳ آر ڊي 140 تي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيار ٿيل جديد طرز تي ٺهيل ريگيوليٽر جي 3 دروازن مان هڪ دروازو نامعلوم ماڻهو ڪٽرمشين سان ڪٽي ڇڏيو، جنهن سبب ڍنڍ جو پاڻي ان دروازي مان آر بي او ڊي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن پاڻي جي وهڪرن جو دٻاءَ وڌيڪ آيو ته آر بي او ڊي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪندڙ پاڻي آر بي او ڊي جا ڪپر مضبوط نه هجڻ ڪري آر بي او ڊي ان پاڻي جو دٻاءَ برداشت ڪري نه سگهندي هنڌان - هنڌان ٽٽي قمبر ۽ وارهه تعلقن ۾ وڏي تباهي آڻيندي پر واپڊا اسڪارپ کاتي جا عملدار هن وقت تائين ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي ۽ نه ئي ڪٽيل دروازي کي ٻيهر لڳايو ويو، جيڪو علائقي لاءِ وڏي تباهي جو باعث بڻجي سگهي ٿو. اهڙي سنگين صورتحال ۾ آر بي او ڊي سم نالي جي ڪپرن تي هن وقت تائين ڪو به ڪم ٿي نه سگهيو آهي، جنهن جي حالت انتهائي نازڪ هجڻ ڪري پاڻي جا وهڪرا اچڻ سان آر بي او ڊي سم نالو مڪمل طور تباهه ٿي ويندو ان لاءِ ڊي سي او قمبر- شهدادڪوٽ الهڏتو ڪالهه ايريگيشن عملدارن سان گڏ زيرو پوائنٽ کان حمل ڍنڍ تائين ايف پي بچاءَ بند توڙي ايف پي بچاءَ بند ۾ لڳل ريگيولٽر وٽان ڪٽيل دروازي جو به معائنو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڊي سي او قمبر جو چوڻ هيو ته ايف پي بجاءَ بند سميت ٻين هنڌن تي ڪم ته ٿي رهيو آهي پر آر بي او ڊي جنهن جا ڪپر ڪمزور هجڻ باوجود واپڊا اسڪارپ طرفان ڪم نه ڪرائڻ تي ان جي حالت نازڪ آهي، جيڪا پاڻي جو گهڻو دٻاءَ برداشت ڪري نه سگهندي. ڊي سي او چيو ته مون آر بي او ڊي جي اها حالت ڏسي اهڙي رپورٽ سندن اختيارين ڏانهن اماڻي آهي ته هن مسئلي طرف توجهه ڏئي علائقي کي نقصان کان بچايو وڃي . ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي زيرو پوائنٽ کان وٺي حمل ڍنڍ تائين ڊرينن ۽ بندن کي لڳل گهارا پٿر جي پچنگ سميت مضبوط ڪري آر بي او ڊي سم نالن تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري ٻوڏ جي ايندڙ پاڻي کان بندن ۽ ڊرينن کي محفوظ ڪري عوام جي پريشاني کي ختم ڪيو وڃي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    30 جون گذري وئي:ٽوڙي ۽ ڪوٽ عالمو سوڌو بندن جي 41 ئي رٿائن جو ڪم اڌ ۾رهيل:وفاق پاران وارننگ

    ڪراچي/حيدرآباد(رپورٽ: ارشاد گلاباڻي ۽ منير راڄڙ /ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) سنڌ جي بندن جي ڪمن جي معيار جي نگراني ڪندڙ ڪنسلٽنٽ ۽ آبپاشي ماهر ادريس راجپوت اعتراف ڪيو آهي ته 30 جون گذرڻ باوجود سنڌ ۾ گذريل سال آيل ٻوڏ سبب متاثر ٿيل بندن جي 41 اسڪيمن مان هڪ به اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪالهه (30 جون) تائين 72 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 28 سيڪڙو ڪم اڃا رهيل آهي، ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي ادريس راجپوت چيو ته آئون آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجو جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته 30 جون گذرڻ باوجود سنڌ ۾ بندن جي مرمت لاءِ هلندڙ 41 اسڪيمن مان هڪ به اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، هن وضاحت ڪندي چيو ته پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير سيد نويد قمر اهو نه چيو هوندو ته ڪو ٽوڙي بند تي اسٽون پچنگ جو ڪم غير معياري ٿيو آهي پر اهو چيو هوندو ته اسٽون پچنگ جو ڪم اڻپورو آهي، جيڪو سندس دوري دوران کيس ڏيکاريو ويو هو، هن چيو ته ڪوٽ عالمو واري بند تي به اڃا اسٽون پچنگ جو ڪم رهيل آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي مند 15 جولاءِ کان شروع ٿيندي، هن چيو ته ٺيڪيدارن جي سستي ۽ آبپاشي عملدارن خلاف قدم نه کڻڻ ڪري 30 جون تائين ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، هن چيو ته پي بي بند ۽ عاقل آگاڻي بند تي ڪم صحيح نه ٿيڻ جون شڪايتون مليون، جنهن تي اسان پنهنجي ريزيڊنٽ انجنيئرن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو پر آبپاشي کاتي پاران اتي جي آبپاشي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، هن چيو ته ڪنسلٽنٽ جو ڪم آهي ته جتي به غير معياري ڪم ٿئي ان کي روڪي، جنهن تي اسين ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته بندن تي مٽي قاعدي موجب وڌي پئي وڃي ۽ پٿر روهڙي ۽ ڄامشوري مان کڻي اچڻو آهي، جنهن جو اگهه ساڳيو آهي ته پوءِ ٺيڪيدار خراب پٿر ڇو کڻي ايندو؟، هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ بندن جي فنڊنگ پيل آهي، ٺيڪيدارن کي ٺيڪا به آبپاشي کاتي ڏنا آهن، جن جي ايگريمينٽ به آبپاشي کاتي سان ٿيل آهي، هن چيوته ٻوڏ جي مند 15 جولاءِ کان شروع ٿيندي جيڪڏهن ٺيڪيدار ۽ آبپاشي عملدار مڙسي ڪن ته بندن جو رهيل 28 سيڪڙو ڪم 15 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي سگهي ٿو پر جي ائين نه ڪيو ويو ته ڪم مڪمل ٿيڻ ۾ هڪ مهينو به لڳي سگهي ٿو، ٻئي طرف هڪ سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته اها به خبر ناهي ته ٺٽي ۾ پي بي بند تي هلندڙ ڪم جو ٺيڪيدار پاڻ ڀڄي ويو آهي يا کيس هٿ سان ڀڄايو ويو آهي، هن چيو ته ڪم ۾ دير ڪندڙ ٺيڪيدارن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، ٺيڪيدارن کي 3 مهينن ۾ ڪم مڪمل نه ڪرائڻ تي ڏنڊ وجهڻ ۽ بليڪ لسٽ ڪرڻ گهرجي ها پر آبپاشي کاتو الائجي ڪهڙي سبب جي ڪري ٺيڪيدارن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، هڪ سوال تي هن چيو ته ٽوڙي بند جو مکيه ڪم ٿي ويو آهي پر اهو ڪم به سئو سيڪڙو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪي ڪي بند ۽ هيبت بند سميت ٻين بندن تي ڪم جي رفتار به سست آهي. هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجو جو چوڻ آهي ته بندن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ ڪري بهتر صورتحال ۾ آهيون، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي، ايندڙ 2 هفتن تائين اهڙي صورتحال نظر نه پئي اچي، هن چيو ته سنڌوءَ ۾ زمينداري بند پاڻي کي روڪين ٿا، ان ڪري سمورا زميندار بند ڊاٺا ويندا، پوءِ ڀلي اهي ڪنهن جا به ڇو نه هجن، هن چيو ته ٻوڏ اچڻ جا اجايا افواهه پکيڙي ماڻهن ۾ خوف پکيڙيو پيو وڃي، اهڙي ڪا به صورتحال ناهي، آبپاشي وزير چيو ته بندن ۽ ڪئنالن تي تمام گهڻو ڪم ڪرايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ٻوڏ کي آساني سان منهن ڏئي سگهجي ٿو، ٺٽي ضلعي جي پي بي بند جو ڪم بند هجڻ واري سوال تي سيف الله ڌاريجو چيو ته بند تي ڪم جاري آهي ۽ رهيل ڪم 10 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته گذريل سال ٻوڏ بعد پاڻي ڪڍڻ وڏو مسئلو هو، جيڪو ڪم آبپاشي کاتي اڍائي مهينن ۾ مڪمل ڪري متاثرن کي رليف فراهم ڪيو. صوبا ٻوڏ بعد بحالي جي وچولي مدي وارن منصوبن جي مڪمل بحالي ۾ ناڪام، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ فقط 60 کان 65 سيڪڙو ڪم ٿي سگهيو، وفاقي حڪومت ٽوڙي بند جي بحالي ۾ سست رفتاري توڙي اسٽون پچنگ ۾ معياري پٿر جو استعمال نه ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو، صوبن کي بحالي جو ڪم 15 جولاءِ تائين مڪمل ڪرڻ جي وارننگ، موسميات کاتي پاران خيبرپختونخوا ۽ اترين علائقن ۾ معمول کان 10 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي، ان ڏس ۾ ٻوڏ کان اڳ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير سيد نويد قمر سمورن صوبن کي بچاءَ بندن جي بحالي وارو ڪم 15 جولاءِ تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي وزير چيو ته سانوڻي رت ۾وڏي برسات ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ امڪاني نقصان کان بچڻ لاءِ فيڊرل فلڊ ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي، صوبا بچاءَ بندن ۽ متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ بحالي واري ڪم بابت اڳڀرائي ٿيڻ توڙي وچولي مدي واريون ٻوڏ اسڪيمون پيش ڪن، هن فيڊرل فلڊ ڪميشن کي صوبن ۾ ٿيندڙ بحالي وارن ڪمن جي نگراني جي هدايت ڪئي، هن چيو ته ٻوڏ سيزن ۾ ڪنهن به نقصان کان بچڻ لاءِ جنگي بنيادن تي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، هن واضح ڪيو ته بحالي وارن منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هو پاڻ چئني صوبن جو دورو ڪندو، وفاقي وزير موسميات کاتي کي موسم ۽ ٻوڏ بابت وقت سر درست ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن امڪاني ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي، اجلاس بابت پڌرائي مطابق پنجاب، خيبر پختونخوا، سنڌ ۽ بلوچستان جي نمائندن بحالي منصوبن جي بحالي بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته فوري ۽ وچولي مدي وارا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رهيل ڪم 15 جولاءِ تائين مڪمل ڪيو ويندو، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته ايندڙ سانوڻي رت ۾ وڏيون برساتون پوڻ جي صورت ۾ ڪنهن به قسم جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ بندوبست مڪمل ڪيا ويا آهن، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته سانوڻي رت دوران برساتن ۽ ٻوڏ بابت وقت سر درست ڄاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، هن دعويٰ ڪئي ته هيل سانوڻي رت ۾ برساتون معمول کان 10 سيڪڙو گهٽ پونديون، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ سبب آبپاشي، ڪميونيڪيشن ۽ نيڪالي وارين اسڪيمن کي عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي بئنڪ جي ڪاٿي مطابق 83 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جيڪا رقم تعمير نو ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي ۾ شامل ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾موجود ذريعن مطابق اجلاس ۾ صوبن پاران بحالي جي ڪمن جي حوالي سان پيش ڪيل رپورٽ ۾ واضح ٿيو ته ڪنهن به صوبي توڙي آزاد ڪشمير ۾ وچولي مدي واران منصوبا مڪمل ناهن ڪيا، آزاد ڪشمير ان حوالي سان 100 سيڪڙو ناڪام رهيو آهي، ذريعن مطابق پنجاب ۾ بحالي جو ڪم 85 سيڪڙو، جڏهن ته بلوچستان ۾ 80 سيڪڙو مڪمل ٿيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ 60 کان 65 سيڪڙو ڪم ٿي سگهيو آهي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ وفاقي وزير سنڌ ۾ ٽوڙي بند جي بحالي واري ڪم ۾ سست رفتاري ۽ اسٽون پچنگ ۾ معياري پٿر استعمال نه ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺندي واضح ڪيو ته جيڪڏهن منصوبي ۾ معياري ڪم مقرر وقت سر مڪمل نه ٿيو ته ٺيڪيدارن سميت لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ موسميات کاتي ملڪ ۾ سانوڻي رت دوران مجموعي طور تي برساتون معمول کان 10سيڪڙو گهٽ پونديون پر خيبرپختونخوا ۽ اترين علائقن ۾ برسات معمول کان 10 سيڪڙو وڌيڪ پوندي، جنهن سبب مٿين علائقن اندر شهري علائقن ۾ نقصان جو امڪان آهي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ ارسا کي منگلا ڊيم 1210 فوٽ پراڻي سطح تائين ڀرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ موسميات کاتو

    محمد ادريس راجپوت

    گذريل سال آيل ٻوڏ جي تباهي ڏسڻ کانپوءِ هاڻي ته سنڌ جو هر ماڻهو ڊنل آهي، خاص طرح انهن علائقن جا ماڻهو جتي ٻوڏ جو راڪاس گهمي ويو، يعني سنڌو درياهه جو گڊو بيراج کان سيوهڻ تائين ساڄو ڪپ ۽ ڪوٽ عالمون کان سمنڊ تائين کاٻو ڪَپ. انهن علائقن جا ماڻهو خاص طرح مون کان پڇندا رهن ٿا ته، ”ڇا هن سال ٻوڏ ايندي؟“ مان هڪ مضمون ۾ لکي به چڪو آهيان ته سڀاڻي ڇا ٿيندو، انهيءَ جي خبر خالق کي. جيڪي ماڻهو ۽ ادارا انهيءَ بابت ڳالهه ڪن ٿا، اُهي ڌڪا ٿا هڻن. ڪڏهن اِهي ڌڪا صحيح ٿي وڃن ٿا، ڪڏهن غلط. اٽڪل ڏهه ڏينهن اڳ پنجاب جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وارننگ جاري ڪئي ته ڀارت مان پنجاب ۾ داخل ٿيندڙ درياهن جي ڪيچمنٽ ۾ برفباري دير سان ٿي آهي. عام طور برفباري نومبر کان ڊسمبر تائين هلندي آهي، سا هيل جنوريءَ کان فيبروري ۾ شروع ٿي آهي ۽ مٿان گرمي اچڻ ڪري برف ٺوس (سخت) نه ٿي سگهي آهي، ڪچي رهجي ويل برف تيزيءَ سان ڳري رهي آهي، انهيءَ ڪري راوي، ستلج، بياس، جهلم ۽ چناب ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا گذريل سال مئي مهيني جي مقابلي ۾ هن سال 15 سيڪڙو وڌيڪ رڪارڊ ٿيا آهن، وارننگ ۾ موسميات کاتي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته، بنگال جي نار واري علائقي کان به برساتن جو دٻاءُ ڄاڻايل درياهن جي ڪيچمنٽ ڏانهن ايندو، جنهن سبب برف جي ڳرڻ ۽ غير معمولي برساتون پوڻ سبب ڄاڻايل درياهن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، جنهن ڪري پنجاب جا 16 ضلعا متاثر ٿي سگهن ٿا. انهيءَ تي موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل عارف محمود چيو ته ٻوڏ بابت اڳواٽ اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، خبر ناهي ته ڊي جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پنجاب ڪهڙن سببن جي ڪري پنجاب ۾ ٽن مهينن تائين وڏي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪندي وارننگ جاري ڪئي آهي. في الحال ٻوڏ جو ڪو امڪان ناهي. جولاءِ مهيني ۾ پوندڙ چوماسي جي برساتن کان پوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي.

    سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل فلڊ ڪميشن جي رپورٽ وارن گذريل سال پيل کنڊن جي سلسلي ۾ موسميات کاتي جي ڊي جي عارف محمود کان به پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي. انهيءَ بابت جيڪو هُنن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو، انهيءَ جو ترجمو سنڌ وارن جي ڄاڻ لاءِ هيٺ ڏيان ٿو: ”موسميات کاتي جي ايڪٽنگ ڊي جي ڪميشن کي ٻڌايو ته عام طرح ٻوڏ جي مند 15 جولاءِ کان شروع ٿئي ٿي ۽ 15 آڪٽوبر تي پڄاڻي کي پهچي ٿي. انهيءَ جي دوران اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ قومي موسمياتي اڳڪٿي ڪندڙ ڊويزن هر ڏينهن ٻوڏ بابت رپورٽ جاري ڪندي آهي، انهيءَ آفيس جي هن وقت جي صلاحيت مطابق 3 يا 4 ڏينهن جي اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن آهي، جيڪا وڌائي وڌ ۾ وڌ 10 ڏينهن تائين ڪري سگهجي ٿي. اسان وٽ سڄي ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي ست ريڊار اسٽيشن لڳل آهن، جن ۾ ٻه اهڙا آهن، جن کي Doppler radar چئجي ٿو، انهن وسيلي بلڪل صحيح مينهن جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو، پر تربيلا کان مٿي، خير آباد کان مٿي ۽ برساتي نئين ۾ ڪٿي به ريڊار لڳل ناهن. تنهن ڪري موسميات کاتي، جون 2010ع ۾ ملڪ ۾ رواجي يا رواجي کان ڪجهه گهڻي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي هئي، پر خيبر پختونخوا صوبي ۾ نظام ۾ اوچتو تبديلي اچي وئي ۽ اوچتي ٻوڏ ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. پيل برسات، اڳڪٿي ڪيل کان تمام گهڻي هئي، خاص طرح اتر- اولهه واري علائقي ۾، جتي اڳ وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ٿيل برسات کان گهڻي برسات پئي، خاص طرح سيدو شريف ۾ ۽ پنجاب صوبي ۾ ميانوالي ۾ 24 جولاءِ کان پوءِ. جنهن کان اڳ ملڪ ۾ پاڻي جو ڏڪار هو، اوچتو ماحول مَٽجي ويو، جنهن ڪري موسميات کاتي اٽڪل 350 ماڻهن/ادارن کي برسات بابت روزاني معلومات ڏيڻ شروع ڪئي. 28 جولاءِ ته موسميات کاتي جي لاهور واري آفيس سوات ۽ ڪابل درياهن جي ڪيچمنٽ ۾ زبردست برساتن جي اڳڪٿي ڪئي. انهن تيز ۽ اوچتين برساتن جي ڪري واپڊا جا پاڻي ماپڻ وارا گيج ٻڏي ويا ۽ پاڻي وهڪرن جي صحيح ماپ نه ٿي سگهي. پاڻيءَ جا چوٽيءَ وارا وهڪرا 7-8 ڏينهن هلندا رهيا، جنهن ڪري وڏي تباهي ٿي. 31 جولاءِ 2010ع تي سنڌ جي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر مڃيو ته هُن کي ٻوڏ بابت وقتائتي ڄاڻ ملي ۽ هن اهو ٻڌايو ته ضلعي ۾ ٻوڏ جي بندوبست ڪندڙن خاطري ڪرائي ته هنن ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جا مناسب بندوبست ڪري ڇڏيا هئا. هن اِهو به ٻڌايو ته ڪچي ۾ زمينداري بندن، تمام گهڻين حد دخلين ۽ غير منصوبي وارين آبادين جي ڪري درياهه جو رستو سوڙهو ٿي ويو هو. ڪميشن جي چوڻ تي وقتي ڊي جي اِها خاطري ڪرائي ته موسميات جي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪرڻ جي صلاحيت 3 يا 4 ڏينهن کان وڌائي 10 ڏينهن ڪرڻ جي ضرورت هئي ته جيئن هيڏي وڏي ٿيل تباهيءَ کان بچاءَ ڪري سگهجي. هن ٻڌايو ته انهيءَ لاءِ هڪ پروپوزل وزارت دفاع ۾ زير غور آهي.“

    ڪميشن سامهون مٿي ٻڌايل ڳالهين مان خبر پئي ته في الحال ٻوڏ بابت اڳڪٿي رڳو 3 يا 4 ڏينهن اڳ ڪري سگهجي ٿي ۽ اِها مند 15 جولاءِ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، تنهن ڪري هينئر اهو چوڻ ته ٻوڏ ايندي يا نه ايندي مناسب ناهي. سمجهو ته ٻوڏ نٿي اچي ته ڪُل پيران دا خير، ڪا ڳڻتي جي ڳالهه نه آهي، پر جي ٻوڏ اچي ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ گذريل سال واري ڪار ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪرڻ کپي. هونئن به انگريزي ۾ چوندا آهن. Hope for the best, look prepare for the worst (يعني اميد بهترين ڳالهه جي ڪريو، پر تياري خراب ترين ڳالهه لاءِ ڪريو).

    ڇا اسان ايندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون؟

    سنڌ اهڙو صوبو آهي، جيڪو پاڻ ٻوڏ پيدا نٿو ڪري، پر ٻين صوبن ۾ آيل ٻوڏ کي منهن ڏئي سمنڊ ۾ اماڻي ٿو. پنجن درياهن جو پاڻي سنڌو ۾ اچي ٿو، انهيءَ کان علاوه ڪيترين نئين جو نيڪال به سنڌو ۾ آهي. جيستائين سڀني درياهن ۽ نئين ۾ ٻوڏ ختم نٿي ٿئي، سنڌو ۾ ٻوڏ رهي ٿي. سنڌ صوبي جي ڀيٽ هڪ غريب ماڻهوءَ جي جهوپڙي سان ڪري سگهجي ٿي، جيڪا برسات ختم ٿيڻ کان پوءِ به ٽمندي رهي ٿي.

    سنڌ ۾ درياهه ٻوڏ واري وقت ۾ مٿانهين تي وهي ٿو. اڳي درياهه مختلف رستن تان وهي سمنڊ ۾ ويندو هو، اولهه نارا، اوڀر نارا، هاڪڙو ۽ ريڻي انهيءَ جي وهڻ جا پراڻا دڳ آهن. انگريزن جڏهن به سنڌ ۾ آبپاشي نظام متعارف ڪرايو ته انهيءَ کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بندن جو نظام آندو. ملڪ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ 75-1874ع ۾ انگريزن ڪشمور بند تي ڪم شروع ڪرايو، اهو بند 48 ميل ڊگهو هو ۽ بيگاري ڪينال جي منهن کان مٿي ڪشمور ۽ پنجاب تائين ٺاهيو ويو. هينئر سنڌو درياهه جي اُٿل کي روڪڻ لاءِ، ته جيئن سنڌ نه ٻڏي، ٻنهي پاسي اٽڪل 875 ميل اڳيان بند ٺاهيا ويا آهن. ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جو مطلب انهن مٽيءَ جي ٺهيل بندن جي چوويهه ڪلاڪ چوڪسي آهي ته جيئن پاڻي بندن وچ ۾ ئي رهي، بندن کان ٻاهر نه نڪري، يعني مٽيءَ جي بندن ۾ ڪٿي کنڊ نه پوي. پهري لاءِ پهرين بند هڪ پاسي کان ٻئي پاسي صاف کپي ته جيئن بيلدار اُن جي سلوپ تي پاڻي سان گڏ گهمي سگهي، اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪٿي پاڻي روڻ ته نٿو ڪري يا ٻيو ڪو عمل ته نٿو ڪري، جيڪو نقصان ڏئي. پهري لاءِ ماڻهو کپن، سامان کپي، جيئن ٽوا، ڳوڻيون، لالٽين، گاسليٽ وغيره، انهن کي آبڪلاڻي وارو سامان چئجي ٿو. بندن تي لانڍيون کپن، جتي بيلدار رهي سگهن. بيلدارن کي پگهار ڏيڻ ۽ آبڪلاڻي سامان وٺڻ لاءِ پئسا کپن، حڪومت اڃان رڳو 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن ۽ ٻيا 20 ڪروڙ رپيا ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ رکيل آهن. پر سڀني کان وڏو مسئلو گذريل سال جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ وارا پئسا آهن. چون ٿا اٽڪل ڏيڍ ارب رپيا، جيڪي گذريل سال جي ٻوڏ تي خرچ ٿيا هئا، اهي پئسا رهيل آهن، جڏهن اهي نه مليا آهن ته هن سال آبڪلاڻي سامان ڪهڙو ٺيڪيدار ڏيندو؟

    ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان اڳ ان جي سکيا يا تربيت ضروري آهي، بندن تي پهري لاءِ بيلدارن ۽ ٻئي عملي جي ٽريننگ کپي، اڃان اِهو مرحلو شروع نه ٿيو آهي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ اسان اڃان ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون. اريگيشن کاتي ۽ سنڌ حڪومت کي کپي ته يڪدم ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪن، جنهن لاءِ هيٺيون ڳالهيون ڪرڻ کپن:

    . گذريل سال ٻوڏ کي منهن ڏيڻ وارا رهيل پئسا، جيڪي چون ٿا ته اٽڪل 1.5 ارب آهن، يڪدم رليز ڪرڻ کپن.

    . سال 12-2011ع ۾ بندن جي مرمت ۽ سار سنڀال وارا اٽڪل 20 ڪروڙ رپيا يڪدم رليز ڪرڻ کپن.

    . بندن جي سار سنڀال ۽ صفائيءَ لاءِ آبڪلاڻي بيلدار رکڻ کپن، جيڪي لانڍيون ٺاهين ۽ بندن کي ٻنهي پاسي جهنگ وغيره کان صاف ڪن.

    . خطرناڪ جاين جي نشاندهي ڪن ۽ اُتي مناسب مقدار ۾ آبڪلاڻي جو سامان رکن.

    . بندن تي روشنيءَ جو بندوبست ڪن، جيئن رات جو به پهرو ڏئي سگهجي.

    . آفيسر بندن تي هلن ته جيئن مختلف گهرجن جو پورائو ڪري سگهن.

    . امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو بندن تي هلي سگهن.

    . اسٽاف کي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ بابت ٽريننگ ڏيڻ کپي.

    منهنجي آبپاشي کاتي ۽ سنڌ سرڪار کي گذارش آهي ته مٿي ڄاڻايل ڳالهين تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن گذريل سال جهڙي امڪاني ٻوڏ جي هاڃن کان بچي سگهجي.

    idrisrajput@hotmail.com



    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ڪنڊياري جي انتهائي حساس قرار ڏنل بکري بچاءُ بند جو ڪم سست رفتاري سان هلندڙ، ڳوٺاڻن جون دانهون

    ڪنڊيارو(رپورٽ: شبيرملاح) ٻوڏ جي مند شروع ٿيڻ ۾ باقي ڪجهه هفتا بچڻ جي باوجود ڪنڊياري جي حساس ترين قرار ڏنل بکري بچاءُ بند جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيو، ڪجهه مزدور ۽ هڪ ڪرين ذريعي هلندڙ ڪم ٻوڏ کان اڳ مڪمل ٿيڻ ناممڪن بڻيل، ڳوٺاڻن پاران هنگامي بنيادن تي ڪم مڪمل ڪرائڻ جو مطالبو، رپورٽ مطابق گذريل ٻوڏ دوران انتهائي حساس قرار ڏنل بکري بچاءُ بند کي فتح علي جتوئي پوائنٽ وٽ مضبوط ڪرڻ جو ڪم اٽڪل هڪ سال گذرڻ جي باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جيتوڻيڪ ايندڙ امڪاني ٻوڏ ۾ صرف ڪجهه هفتا بچيا آهن پرڪم انتهائي سست رفتاري سان ڪيو پيو وڃي، صرف هڪ ڪرين مشين ۽ ڪجهه مزدور بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پٿر وجهي رهيا آهن، ڪم جي رفتار مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته ٻوڏ کان اڳ بند جي مضبوطي وارو ڪم ڪنهن به ريت مڪمل نه ٿي سگهندو، امڪاني ٻوڏ ۽ بند جي صوتحال سبب آس پاس جي ڳوٺاڻن جو ساهه مٺ ۾ آهي، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻا علي گل جتوئي، سبحان، پرويز، گلاب ۽ ٻين ڳوٺاڻن ڪاوش کي ٻڌايو ته گذريل سال بند ٽٽندي ٽٽندي بچي ويو هو، هن سال به وڏي ٻوڏ جي خطري سبب اسين سخت پريشان آهيون، هنن چيو ته بند 1998ع ۾ ايمرجنسي لاءِ بند مٿان رکيل پٿر پاڻي ۾ وڌا پيا وڃن، جڏهن ته نئين پٿر جي هڪ ٽرڪ به نه پهتي آهي، ڳوٺاڻن چيو ته بند جي اوچائي وڌائڻ لاءِ مٽي جو ڪم به شروع نه ڪيو ويوآهي، جيڪڏهن ٻوڏ آئي ته بند ٽٽي پوندو

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    غوثپور لوپ بند ويجهو ٽٽل ٻنڊو بند نه ٿيو،آبپاشي عملدارن پاڻي هيٺ آيل 2000 فوٽن تي ايپران جو ڪم مڪمل ڄاڻائي ڇڏيو

    ڪنڌڪوٽ/سکر(ن ڪ/ بيورو رپورٽ) بندن جي تعمير لاءِ سنڌو درياءَ ۾ تعمير ڪيل ٻنڊو ڊهي وڃڻ کانپوءِ ٻيهر تعمير ٿي نه سگهيو، آبپاشي عملدارن رهيل 2 هزار فوٽن تي ايپران جو ڪم مڪمل ڄاڻائي ڇڏيو، رهواسين جو مظاهرو، وفاقي وزير نوٽيس ورتو، ان سلسلي ۾ ڪاوش پاران گڏ ڪيل معلومات موجب 2 ڏينهن اڳ ٽٽل ٻنڊو اڃا تائين بند نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پاڻي ايپران کان 2 فوٽ مٿي ٿيڻ سبب هڪ فرلانگ تي غوثپور لوپ بند تي ايپران جو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن سبزوئي برادري جي ڪجهه ماڻهن ڪجهه ڏينهن اڳ غفلت ۽ لاپرواهي توڙي بندن جو ڪم سست رفتاري سان ڪرائڻ ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ هٽايل ايگزيڪيوٽو انجنيئر امجد جتوئي سميت ٻين هٽايل عملدارن جي بحالي لاءِ غلام ياسين سبزوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو،هنن چيو ته بندن جي مرمت وارو ڪم سست رفتاري سان ڪيو پيو وڃي ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻنڊو وارو گهارو بند نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته غوثپور لوپ بند تي رهيل هڪ فرلانگ ايپران ڏيڻ وارو ڪم نه ڪرڻ باوجود پاڻي اچڻ کانپوءِ اتي پاڻي ۾ پٿر اڇلائي ايپران وارو ڪم مڪمل ڏيکاريو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او آبپاشي ٻڌايو ته بند کي ايپران ٻڌڻ وارو ڪم پاڻي اچڻ کان اڳ ۾ ئي مڪمل ڪيو ويو هو ۽ هينئر پاڻي جي سطح کان مٿي اسٽون پچنگ جو ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ٽٽل ٻنڊو بند ڪرڻ لاءِ مٽيريل توڙي مشينري پهچائڻ لاءِ رستو نه آهي ٻيو ته ٻنڊو کي بند ڪرڻ جي ضرورت به نه آهي ڇاڪاڻ جو پاڻي جي سطح وڌڻ کانپوءِ هونئن به اتي پاڻي اچي ويندو آهي، هن چيو ته کاتي جي اعليٰ عملدارن پاران اجايو واويلا ڪري ماڻهن ۾ خوف پکيڙڻ، ڪمن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ افراتفري ڦهلائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جون هدايتون مليون آهن، هوڏانهن علائقي واسين لونگ جاگيراڻي محبت ۽ ٻين چيو آهي ته غوثپور لوپ بند تي 2000 فوٽن تي ايپران جو ڪم نه ڪيو ويو هو پر اتي پاڻي اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي مڪمل ڏيکاريو ويو آهي، ٻئي طرف سيڪريٽري آبپاشي چيف انجنيئر سان گڏ بندن جو معائنو ڪيو، صدر آصف علي زرداري پاران سنڌ جي بچاءُ بندن واري ڪمن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل وفاقي وزيرن جي ڪاميٽي سان لاڳاپيل وفاقي وزير سيد نويد قمر ٻنڊو ٽٽي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي بابت ٻن ڏينهن اندر رپورٽ جوڙي کيس اماڻي وڃي، هوڏانهن اطلاع آهن ته ڪالهه ٽوڙي، ڪي ڪي بند ۽ هيبت بند ڀرسان رهندڙ ڀيا، سبزوئي ۽ چاچڙ برادري جي ماڻهن بند جي ڪم جي رفتار سست ٿي وڃڻ ۽ ٻنڊو لڙهڻ واري واقعي خلاف احتجاج ڪيو، جنهن جي اڳواڻي غلام ياسين سبزوئي، علي گوهر ڀيو، ولي محمد ڀيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڪم جي رفتار انتهائي سست ٿي وئي آهي، هوڏانهن سکر واري نمائندي سان ڳالهائيندي ايس ڊي او سلطان مهر چيو ته ٻنڊو بند ٿي چڪو آهي، پاڻي سان بند کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٺاهيل ايپران کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي ۽ بند کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ وارو ڪم ڏينهن رات جاري آهي ۽ اهو وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    غوثپور لوپ بند ويجهو ٽٽل ٻنڊو بند نه ٿيو،آبپاشي عملدارن پاڻي هيٺ آيل 2000 فوٽن تي ايپران جو ڪم مڪمل ڄاڻائي ڇڏيو

    ڪنڌڪوٽ/سکر(ن ڪ/ بيورو رپورٽ) بندن جي تعمير لاءِ سنڌو درياءَ ۾ تعمير ڪيل ٻنڊو ڊهي وڃڻ کانپوءِ ٻيهر تعمير ٿي نه سگهيو، آبپاشي عملدارن رهيل 2 هزار فوٽن تي ايپران جو ڪم مڪمل ڄاڻائي ڇڏيو، رهواسين جو مظاهرو، وفاقي وزير نوٽيس ورتو، ان سلسلي ۾ ڪاوش پاران گڏ ڪيل معلومات موجب 2 ڏينهن اڳ ٽٽل ٻنڊو اڃا تائين بند نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پاڻي ايپران کان 2 فوٽ مٿي ٿيڻ سبب هڪ فرلانگ تي غوثپور لوپ بند تي ايپران جو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن سبزوئي برادري جي ڪجهه ماڻهن ڪجهه ڏينهن اڳ غفلت ۽ لاپرواهي توڙي بندن جو ڪم سست رفتاري سان ڪرائڻ ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ هٽايل ايگزيڪيوٽو انجنيئر امجد جتوئي سميت ٻين هٽايل عملدارن جي بحالي لاءِ غلام ياسين سبزوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو،هنن چيو ته بندن جي مرمت وارو ڪم سست رفتاري سان ڪيو پيو وڃي ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻنڊو وارو گهارو بند نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته غوثپور لوپ بند تي رهيل هڪ فرلانگ ايپران ڏيڻ وارو ڪم نه ڪرڻ باوجود پاڻي اچڻ کانپوءِ اتي پاڻي ۾ پٿر اڇلائي ايپران وارو ڪم مڪمل ڏيکاريو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او آبپاشي ٻڌايو ته بند کي ايپران ٻڌڻ وارو ڪم پاڻي اچڻ کان اڳ ۾ ئي مڪمل ڪيو ويو هو ۽ هينئر پاڻي جي سطح کان مٿي اسٽون پچنگ جو ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ٽٽل ٻنڊو بند ڪرڻ لاءِ مٽيريل توڙي مشينري پهچائڻ لاءِ رستو نه آهي ٻيو ته ٻنڊو کي بند ڪرڻ جي ضرورت به نه آهي ڇاڪاڻ جو پاڻي جي سطح وڌڻ کانپوءِ هونئن به اتي پاڻي اچي ويندو آهي، هن چيو ته کاتي جي اعليٰ عملدارن پاران اجايو واويلا ڪري ماڻهن ۾ خوف پکيڙڻ، ڪمن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ افراتفري ڦهلائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جون هدايتون مليون آهن، هوڏانهن علائقي واسين لونگ جاگيراڻي محبت ۽ ٻين چيو آهي ته غوثپور لوپ بند تي 2000 فوٽن تي ايپران جو ڪم نه ڪيو ويو هو پر اتي پاڻي اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي مڪمل ڏيکاريو ويو آهي، ٻئي طرف سيڪريٽري آبپاشي چيف انجنيئر سان گڏ بندن جو معائنو ڪيو، صدر آصف علي زرداري پاران سنڌ جي بچاءُ بندن واري ڪمن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل وفاقي وزيرن جي ڪاميٽي سان لاڳاپيل وفاقي وزير سيد نويد قمر ٻنڊو ٽٽي وڃڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي بابت ٻن ڏينهن اندر رپورٽ جوڙي کيس اماڻي وڃي، هوڏانهن اطلاع آهن ته ڪالهه ٽوڙي، ڪي ڪي بند ۽ هيبت بند ڀرسان رهندڙ ڀيا، سبزوئي ۽ چاچڙ برادري جي ماڻهن بند جي ڪم جي رفتار سست ٿي وڃڻ ۽ ٻنڊو لڙهڻ واري واقعي خلاف احتجاج ڪيو، جنهن جي اڳواڻي غلام ياسين سبزوئي، علي گوهر ڀيو، ولي محمد ڀيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڪم جي رفتار انتهائي سست ٿي وئي آهي، هوڏانهن سکر واري نمائندي سان ڳالهائيندي ايس ڊي او سلطان مهر چيو ته ٻنڊو بند ٿي چڪو آهي، پاڻي سان بند کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٺاهيل ايپران کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي ۽ بند کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ وارو ڪم ڏينهن رات جاري آهي ۽ اهو وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سپريو ۽ ايف پي بندن جو ڪم سست رفتاري سبب اڃا تائين مڪمل نه ٿيو

    خيرپورناٿن شاهه (ن ڪ) خيرپورناٿن شاهه شهر، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه تعلقن جي 500 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙيندڙ سپريو بند ۽ ايف پي بند تي سست رفتاري سان هلندڙ ڪم اٺن مهينن تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو، ڪيترن هنڌن تي ڪم پڻ بند ٿيل آهي، خان جي ڳوٺ ڀرسان سپريو بند کي پيل گهارو صرف بند ڪيو ويو آهي پر اتي هڪ ڪلوميٽر تائين اڃا تائين ان کي پڪو ڪري اسٽون پچنگ نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايف پي بند تي پڻ ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو آهي، سپريو بند زيرو کان 95 آر ڊي جيڪو اٽڪل 30 ڪلوميٽر ٿيندو اهو ڪم پنج پيڪيج ٺاهي ٺيڪيدارن کي ڏنو ويو هو ته جيئن ايندڙ امڪاني ٻوڏ کان اڳ ان جي مڪمل مرمت ٿي سگهي پر ڪافي عرصو گذرڻ باوجود ان جو ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو، خيرپورناٿن شاهه رائيس مل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ حاجي منير احمد شيخ ٻڌايو ته اسان هر روز بندن جو ڪم ڏسڻ وڃون ٿا پر ڪم انتهائي سست رفتاري سان هلندڙ آهي ۽ خدا واهه جنهن شهر کي ٻوڙيو ان تي ڪم ٿيل ئي ناهي، اسان هلندڙ ڪمن مان خوش ناهيون، اسان امڪاني ٻوڏ سبب پاڻ کي سڄي تعلقي سميت غير محفوظ سمجهون ٿا، وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه 8 مهينن تائين ڪنهن بند جو دورو ناهي ڪيو ته اسان ڪهڙن حالتن ۾ آهيون، رابطي تي انجنيئر رائيس ڪئنال امجد ڏاوڇ ٻڌايو ته ڪم بلڪل هلندڙ آهن، تيزي سان ڪم ڪيون ها ته سٺو نه ٿي سگهي ها، ان ڪري دير ٿي آهي، 15 جولاءِ تائين ڪم مڪمل ٿي ويندو، پاڻي ماهر ادريس راجپوت رابطي تي ٻڌايو ته ايف پي ۽ سپريو بند تي ڪم هلندڙ آهي، سپريو بند تي صرف عيد محمد بروهي ٺيڪيدار جا ڪم سست آهن، باقي ڪم تقريبن مڪمل ٿي ويا آهن، 15 جولاءِ تائين بقايا ڪم مڪمل ٿي ويندا.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سکر بئراج جي بند دروازن آڏو گڏ ٿيل سلٽ هٽائڻ جو ڪم شروع، مڪينيڪل ڊويزن جي مشينري کي فعال ڪرڻ جو حڪم

    سکر (رپورٽ: شبير بيدار ڀٽو) آبپاشي واري صوبائي سيڪريٽري جي هدايت تي سکر بئراج جي ساڄي پاڪيٽ ۾ بند پيل دروازن ۽ واهن جي هيڊ ريگيوليٽرن آڏو گڏ ٿيل سلٽ کي هٽائڻ وارو ڪم شروع ٿي ويو، بئراج جي پانڊ ليول وڌڻ ڪري رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال ۽ کير ٿر ڪئنال کي وڌيڪ پاڻي فراهم، ان ڏس ۾ آبپاشي واري صوبائي سيڪريٽري خالد ميمڻ ڪالهه رات جو دير سان سکر بئراج جو دورو ڪيو، هن سکر بئراج جي ليفٽ بئنڪ جي چيف انجنيئر سميت ٻين انجنيئرن کي هدايت ڪئي ته بئراج جي ساڄي پاڪيٽ ۾ بئراج جي بند پيل 5 دروازن ۽ ساڄي ڪپ وارن واهن جي هيڊ ريگيوليٽرن آڏو گڏ ٿيل سلٽ کي هٽائڻ وارو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪرايو وڃي ته جيئن ساڄي ڪپ وارن واهن کي گهربل پاڻي فراهم ڪرڻ کانپوءِ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال ۾ بند پيل دروازن کي مٿي کڻي پاڻي هيٺان گذاري سگهجي. اهڙين هدايتن بعد ڪالهه صبح جو لب مهراڻ وٽ بيٺل آبپاشي کاتي جي ڊريجر مشين کي بوٽ ذريعي بئراج جي ساڄي پاڪيٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو جنهن سلٽ هٽائڻ وارو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، جڏهن ته ان ڪم ۾ خرچ ٿيندڙ رقم صوبائي سيڪريٽري هڪ هفتي اندر سنڌ حڪومت کان رليز ڪرائي موڪلڻ جو پڻ يقين ڏياريو آهي. هوڏانهن سکر توڙي گڊو بئراجن وٽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي مقدار ۾ اضافو ٿيو آهي، گڊو بئراج وٽ پاڻي جي اوڀاري سطح هڪ لک 59 هزار ڪيوسڪ ۽ لهواري سطح هڪ لک 24 هزار ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، هوڏانهن سکر بئراج وٽ اوڀاري سطح هڪ لک 4 هزار ڪيوسڪ ٿي آهي جنهن ڪري سکر بئراج جي پانڊليول ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ ساڄي ڪپ وارن واهن رائيس ڪئنال جو اڌ فوٽ، کير ٿر ڪئنال جو 2 انچ ۽ دادو ڪئنال جو 2 انچ پاڻي وڌايو ويو آهي، اهڙي طرح سان ڄاڻايل واهن ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي شروعات ٿي وئي آهي. هوڏانهن سکر ۽ گڊو بئراج جي مڪينيڪل ڊويزن جي انجنيئرن آبپاشي سيڪريٽري آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، رات ٿيل گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري کين هدايت ڪئي ته آبڪلاڻي واري مند شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌو درياءَ جي بچاءُ بندن ۽ واهن جي ڪمزور ڪپرن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مڪينيڪل ڊويزن جي مشينري کي استعمال ڪيو وڃي. جنهن تي مڪينيڪل ڊويزن جي انجنيئرن کيس آگاهه ڪيو ته ٻنهي بئراجن جي مڪينيڪل ڊويزن جي ڪروڙن جي ماليت جي 80 سيڪڙو هيوي مشينون گذريل 12 سالن کان وٺي خراب حالت ۾ بيٺل آهن، انهن پاران بار بار آبپاشي سيڪريٽري جي آفيس کي ليٽر لکي مشينن کي درست ڪرائڻ لاءِ رقم جاري ڪرائڻ لاءِ لکيو ويو آهي پر ان جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي جنهن ڪري اهي مشينون بچاءُ بندن کي محفوظ بڻائڻ توڙي واهن جي ڪپرن ۽ کوٽائي لاءِ استعمال نه ٿي رهيون آهن، صوبائي سيڪريٽري اهڙي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مڪينيڪل ڊويزن جي انجنيئرن کي يقين ڏياريو ته ان معاملي کي حل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺندو ۽ 15 ڏينهن اندر ابتدائي طور تي مشينن کي درست ڪرائڻ لاءِ ڪجهه رقم جاري ڪرائي ويندي.
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سنڌ سرڪار ٻيهر سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري کان ٻوڏ اچڻ جو امدادي پلان جوڙي ورتو، 10 لک ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا:پي ايم ڊي اي

    حيدرآباد (رپورٽ: سترام مهيشوري) سنڌ سرڪار هيل ايندڙ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيهر سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري جو امدادي پلان تيار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ 14 ضلعن جي انتظاميا کي الرٽ ڪيو ويو آهي، پهريون ڀيرو پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس کانسواءِ جي ايڇ ڪيو جي انجنيئرنگ ڊائريڪٽوريٽ کان به مدد طلب ڪرڻ جو فيصلو، پي ايم ڊي اي پاران فلڊ 2011ع جي حوالي سان تيار ڪيل پنهنجي 84 صفحن واري سمري ۾ هيل به 10 لک ڪيوسڪ تائين ٻوڏ اچڻ جي اڳڪٿي ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڪنهن امڪاني صورتحال ۾ 10 لک ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، ان ڏس ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي توڙي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وارن معاملن جي صوبائي وزيرمظفر شجراع ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته مون وزيراعليٰ سان گڏجي سنڌ جي بندن جو دورو ڪيو آهي اسان کي اميد آهي ته 15 جولاءِ تائين ٽوڙي، ڪي ڪي، عاقل آگاڻي ۽ ٺٽي ضلعي جي بندن جو ڪم مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته اسان دريائي بندن جي حوالي سان مطمئن آهيون، جڏهن ته اسان امڪاني برساتن سميت ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان موسميات کاتي کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هر اڌ ڪلاڪ بعد موسم جي احوال جي رپورٽ ڏيندو، هن ڄاڻايو ته 15 جولاءِ تائين ٻوڏ جو ڪو خطرو ناهي، هن چيو ته سنڌوءَ ۾ هيل 8 لک ڪيوسڪ تائين ٻوڏ اچي سگهي ٿي پر اسان گذريل سال جي تجربي کي سامهون رکي گذريل سال جيترا انتظام ڪيا آهن، پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس سان رابطا ڪرڻ سان گڏ 14 ضلعن جي ڊي سي اوز سان ٻوڏ کان اڳ واري صورتحال بابت 3 کان 4 گڏجاڻيون ڪيون آهن، جنهن بعد ڪالهه کان ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ هدايت نامو تيار ڪري سمورن ڊي سي اوز ۽ صوبائي سيڪريٽرين کي موڪليو ويو آهي، پي ايم ڊي اي جي ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد توڙي سکر وارن ريجنل سينٽرن کي فنڪشنل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي سي اوز جي نگراني هيٺ سنڌوءَ سان لڳندڙ 14 ضلعن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪرايا آهن، هن ٻڌايو ته ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ اسان آرمي جي مدد وٺنداسين، هن وقت اسان کي آرمي جي ڪور 5 ٻوڏ اچڻ جي صورت ۾ 14 آرمي هيليڪاپٽر، 4 کان 6 ايئر فورس ۽ نيوي جا هيليڪاپٽر، 68 خانگي ٻيڙين سميت 563 ٻيڙيون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هن ٻڌايو ته اسان ڪنهن امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پرڳڻي جي 130 ساکائتين اين جي اوز کي به رجسٽرڊ ڪيو آهي، جيڪي اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏينديون، ان کانسواءِ اسان مختلف عالمي امدادي ادارن کي ٻوڏ کان اڳ واري صورتحال کان آگاهي ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته درياءَ سان لاڳاپيل ضلعي حڪومتن کي ڪوريا کان مليل 5 هزار ٽن چانور فراهم ڪيا اٿئون، جڏهن ته کين ڪڻڪ اسٽاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هوڏانهن صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پنهنجي ”فلڊ 2011ع“ جي سري هيٺ جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل سال جيان هيل به درياءَ جي ٻنهي ڪنارن سان لڳندڙ 14 ضلعا ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، سکر، لاڙڪاڻو، قمبر، دادو، ڄامشورو، خيرپور، نوشهروفيروز، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٺٽو متاثر ٿي سگهن ٿا، پي ايم ڊي اي ٺٽي ضلعي کي وڌيڪ حساس ڄاڻائيندي چيو آهي ته انهي ضلعي ۾ 2 لک ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، اٿارٽي پنهنجي رپورٽ ۾ درياءَ توڙي مک ڪئنالن جي 75 هنڌن کي حساس قرار ڏيندي آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته درياءَ اندر موجود زمينداري بندن کي 15 جولاءِ کان اڳ ختم ڪري اتي رهندڙ ماڻهن کي پڪي ۾ آندو وڃي، اٿارٽي وڌيڪ ڄاڻايو ته آبپاشي کاتو ماضي جيان هيل به ٻوڏ وقت بندن تي فلڊ فائيٽنگ جا مڪمل بندوبست ڪندو، هيل ڪميونيڪيشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ وائر ليس سسٽم کي متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته ڪنهن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ شهري دفاع جي عملي جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون وينديون، ڪنهن امڪاني صورتحال ۾ آرمي سميت مختلف ادارن جي مدد سان متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري کين امداد مهيا ڪئي ويندي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

    ---------- Post added at 12:42 PM ---------- Previous post was at 12:31 PM ----------

    سنڌ ۾ بندن جون مڪمل نه ٿيندڙ رٿائون



    سنڌ ۾ آيل گذريل سال واري ٻوڏ اڃان تائين ماضيءَ جو قصو ناهي بنجي سگهي، ٻوڏ جا دربدر ڪيل ماڻهو بحال ٿي پنهنجي اڳ واري حالت ۾ اڃان به ناهن اچي سگهيا ۽ ٻوڏ جن بندن کي لوڙهي ويئي هئي، انهن جي لاوارث لاشن جو به ڪير اڃان مالڪ ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ٽوڙي ۽ ڪوٽ عالمو بندن جي گهاري ذري گهٽ اڌ سنڌ کي ٻوڙيو هو، انهن ٻنهي بندن جي بحاليءَ وارو ڪم پڻ انتهائي اوليت جي بنياد تي ٿيڻ کپندو هو، مگر ائين نه ٿيو، 30 جون 2011ع تائين سڀني متاثر بندن جي 41 اسڪيمن مان هِڪ به رٿا جو ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو، آبپاشيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته 30 جون تي 72 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 28 سيڪڙو ڪم اڃان به رهيل آهي.

    پي. بي ۽ عاقل آگاڻي بند تي ٿيندڙ غير تسلي بخش ڪم اڃان انڪشاف ۽ انڪوائري جي مرحلن ۾ ئي هو ته وفاقي سرڪار ٽوڙي بند جي اسٽون پچنگ ۾ غير معياري پٿر جي استعمال ۽ ڪم ۾ دير جو نوٽيس وٺندي 15 هين جولاءِ تائين نه رڳو بندن جي مرمت جا سمورا پاسا مڪمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، پر ذميوار ادارن ۽ آفيسرن کي ناڪاميءَ جي صورت ۾ سخت نتيجن ڀوڳڻ ۽ سخت ڪارروائي کي منهن ڏيڻ جي وارننگ پڻ ڏني آهي. پاڻي واري وفاقي وزارت پنهنجي حصي جو ڪم نه رڳو ڪري رهي آهي، پر روزاني رپورٽن ۾، بندن تي نگراني ڪميشن پاران عوام کي جيئن جو تيئن حالتن کان آگاهه رکڻ وارو سلسلو به جاري آهي، مگر ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي وچ ۾ الاءِ جي ڪهڙو معاملو يا وڇوٽي آهي جيڪا بندن تي پوري سال کان هلندڙ ڪم کي مڪمل ٿيڻ نه پئي ڏيئي، اهڙي صورت ۾ عوام جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ سوالن جي ٻوڏ کي پڻ تسلي بخش جوابن جا بند ئي روڪي سگهن ٿا ۽ ڪوشش به اِها ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ امڪاني ٻوڏ سان ماڻهن جي ڪاوڙ واري ٻوڏ نه گڏجي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڪهڙا ڪهڙا بند ٽٽندا ۽ ڇا ڇا اُن جي تيز ۽ تکن وهڪرن ۾ لڙهي ويندو، اِنهيءَ جو اندازو لڳائڻ گهڻو مشڪل به ناهي.

    آبپاشي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن بابت واسطيدار ادارن جي بااختيار آفيسرن کي آگاهه پڻ ڪيو آهي پر آبپاشي کاتو پنهنجن انجنيئرز ۽ ٺيڪيدارن کي نه رڳو بچائي رهيو آهي، پر انهن کي گرفتاريءَ کان بچائڻ واسطي ڀڄي وڃڻ جا رستا به فراهم ڪري رهيو آهي. سنڌ آبپاشي کاتي جي دعويٰ آهي ته ايندڙ ٻن هفتن تائين سنڌ ۾ ٻوڏ جو ڪو به خطرو ناهي! عوام اهڙي خوشخبري ٻڌڻ جي بجاءِ بندن جي مرمت کي مڪمل ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو، ڇو ته عوام اِهو ئي سمجهي ٿو ته کين ٻوڏ کان وزيرن جون خوشخبريون نه پر بندن جو مضبوط هجڻ ئي بچائي سگهي ٿو.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

    ---------- Post added at 12:49 PM ---------- Previous post was at 12:42 PM ----------

    ٺٽو: پي بي بچاءَ بند جو مرمتي ڪم بند ڪرڻ تي 2 ٺيڪيدارن کي نوٽيس

    ٺٽو (ن ڪ) پي بي بچاءَ بند جو مرمتي ڪم بند ڪندڙ2 ٺيڪيدارن کي آبپاشي کاتي ٺٽي جي انتظاميا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 3 ڏينهن کان سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي گذريل ٻوڏ دوران تباهي جو سبب بڻيل فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءَ بند تي مرمتي ۽ مضبوطي وارو ڪم بدستور بند پيل آهي ۽ ٺيڪيدارن پي بي بند تي ڪم روڪڻ بعد مشنري واپس ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب انتهائي حساس پي بي بچاءَ بند تي مرمتي ارٿ ورڪ، پچنگ ۽ بند کي 6 فوٽ مٿي ڪرڻ وارو ڪم 60 سيڪڙو به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، پي بي بچاءَ بند تي ڪم ڪندڙ ٻنهي ٺيڪيدارن انور ميمڻ ۽ نياز پنهور کي آبپاشي کاتي جي هدايتن تي نوٽيس جاري ڪندي فوري طور ڪم شروع ڪرائڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي ۽ ڪم شروع نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين بليڪ لسٽ ڪيو ويندو.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

    ---------- Post added at 12:51 PM ---------- Previous post was at 12:49 PM ----------

    دادو ضلعي ۾ بندن ۽ ايم اين وي ڊرين جو تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿيو، 46 گهارا بند ڪرڻ جو ڪم رهيل

    دادو/ڀان سيد آباد (نمائندن وٽان) دادو ۾ بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيو؛ ايل ايس بند جو ڪم شروع نه ٿيو، منڇر جي لڙهي ويل پل به تعمير نه ٿي، دادو ضلعي اندر ايف پي بند ، ايم اين وي ڊرين ۽ ايل ايس جي بندن جي مضبوطيءَ جو ڪم جيڪو 30 جون تائين مڪمل ڪرڻو هو اهو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن سرڪار کان 15 ڏينهن جي مهلت گهري آهي، معلومات موجب گذريل ٻوڏ جي بدترين تباهه ڪارين ۾ دادو ضلعي جا 900 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ ٻڏي ويا هئا ساڍا 4 لک انساني آبادي بي گهر ٿي وئي هئي هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا هئا، لکين ايڪڙ زمين تي بيٺل اربين رپين جا فصل تباهه ٿي ويا هئا، جڏهن ته ڪي اين شاهه شهر پڻ مڪمل طرح ٻڏي ويو هو، دادو هيڊ ڪوراٽر ٻڏندي ٻڏندي ذري گهٽ بچي ويو هو اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ توڙي وفاقي سرڪار دادو ضلعي جا بند هنگامي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا ته جيئن آئينده دادو ۾ ٻوڏ جي تباهي نه ٿئي پر اڍائي ارب رپين جا فنڊ جاري ٿيڻ باوجود آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ ايم اين وي ڊرين واپدا اسڪارپ جي لاڳاپيل عملدارن جي بي ڌياني سبب بندن جي مضبوطيءَ جو ڪم اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب امڪاني ٻوڏ اچڻ جي اڳڪٿين سبب دادو ضلعي جي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي، معلومات موجب آبپاشي کاتي پاران ميان جي ڪنڊي ۽ منڇر زيرو پوائنٽ وٽ ايف پي بند کي لڳل 2 گهارا بند ڪيا ويا آهن ميهڙ ڪي اين شاهه جي بندن کي لڳل گهارا بند ڪرڻ سان گڏ بندن جي مضبوطيءَ جو ڪم هلي رهيو آهي پر علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پهرين ته ڪم تمام دير سان شروع ٿيو ٻيو ته ڪم سست رفتاريءَ ۾ هلي رهيو آهي جنهن سبب بند مضبوط نه ٿي سگهيا آهن علائقي واسين پاران ناقص ڪم ٿيڻ ۽ ڪم سست رفتاريءَ ۾ هلڻ بابت مختلف وقتن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي معلومات موجب ايم اين وي ڊرين کي لڳل 46 ننڍا وڏا گهارا اڃا تائين مڪمل بند نه ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايم اين وي ڊرين جي منڇر ڍنڍ زيرو پوائنٽ تي لڙهي ويل پل جي تعمير ڪرڻ جو ڪم اڃا تائين شروع ئي نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب يوسي ڇني،ڪمال خان جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي هزارين انساني آبادي جو اڃا تائين شهرن کان رابطو ڪٽيل آهي ۽ ڪيترائي ڳوٺن جا ماڻهو اڄ به ٻيڙين ذريعي اچ وڃ ڪن ٿا معلومات موجب ايل ايس بند جو ڪم اڃا شروع ئي نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب واڍا کان پاٽ شريف،دادو 42 ميل ۾ بند جي پچنگ ۽ حساس هنڌن جي مرمت جو ڪم پڻ اڃا شروع نه ٿي سگهيو آهي، معلومات موجب آبپاشي کاتي پاران ايل ايس بند جي مضبوطيءَ لاءِ 38 ڪروڙ جي پي سي ون اماڻي وئي آهي پر اڃا تائين ٽينڊر ۽ لک پڙهه مڪمل نه ٿيڻ ڪري ايل ايس بند تي ڪم شروع ئي ناهي ٿيو معلوم ڪرڻ تي آبپاشي کاتي دادو جي انجنئير حبيب الله ڪابورو ڪاوش کي ٻڌايو ته 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ۽ 15 ڏينهن جي مهلت ورتي وئي آهي 15 ڏينهن ۾ بندن جي مضبوطيءَ جو ڪم شروع ٿي ويندو، هن ٻڌايو ته ايل ايس بند تي ٽينڊر نه ٿيڻ سبب ڪم شروع ناهي ٿيو، اتي پڻ جلد ڪم شروع ٿيندو، جڏهن ته منڇر جي پاڻي سان تباهه ٿيل تعلقي سيوهڻ جي يوسي بوبڪ، ٽلني، سيوهڻ ۽ يوسي چنا جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن کي تباهه ڪندڙ 12 گهارن جو ڪم 6 مهينا گذرڻ باوجود 30 سيڪڙو به ٿي نه سگهيو آهي، جڏهن ته سموري علائقي ۾ امڪاني ٻوڏ جي خطري سبب وونئڻ، سارين، جوئر، گوار ۽ ٻِاجهري جي فصل پوکجي نه سگهيو آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    ادا توهان جي آندل آرٽيڪلس پڙهي خبرون ته خطرناڪ ٿيون لڳن۔۔۔ الله پاڪ پناهه ڏئي باقي گذريل سال جي تجربي کي سامهون آڻيندي ئي حال هيڻا ٿيو پيا وڃن۔۔۔
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سال 2011 ۽ ٻوڏ جي صورتحال

    سنڌ ۾ گذريل سال جهڙي ٻوڏ آئي ته حالتون ڪنٽرول ۾ رهنديون، بندن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪرايو آهي:ڌاريجو

    حيدرآباد/هالا/ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌو درياءَ جي وهڪرن کي روڪڻ لاءِ سنڌ ۾ قائم سمورا زمينداري بند ٽن ڏينهن اندر ختم ڪيا ويندا، پوءِ ڀلي اهي ڪنهن به پارٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا ڇو نه هجن؟، اسين سمورا بند ختم ڪنداسين، ڪالهه حيدرآباد ۾ سيڊا آفيس ۾ آبپاشي ڪامورن سان گڏجاڻي بعد ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل بندن جو ڪم 110 سيڪڙو معياري ٿيو آهي، هن وقت تائين سنڌ جي بندن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيو آهي باقي 10 سيڪڙو ڪم 15 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته هن وقت ايمرجنسي واري صورتحال ناهي، معاملو ڪنٽرول ۾ آهي، 10 جولاءِ تائين بندن جو ڪم مڪمل ٿي ويندو، هن وقت فنڊنگ جو مسئلو ناهي، هن چيو ته آبپاشي کاتي پاران هينئر کان ئي وجيلنس جاري آهي، اسان پنهنجي کاتي ۾ ايمرجنسي ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي پر اهڙي ڪا به صورتحال ناهي جو ماڻهو خوف ۾ اچن، هينئر پهريون ڀيرو بندن جو ايترو معياري ڪم ٿيو آهي جو گذريل سال جهڙي ٻوڏ به آئي ته حالتون ڪنٽرول ۾ هونديون، هن چيو ته اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرون اسان جون اکيون ۽ ڪن آهن آئون انهن خبرن تي ايڪشن به کڻندو آهيان پر معذرت سان اهو چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه دوست غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، جنهن سان اڳ ۾ ئي ڊنل ماڻهو وڌيڪ خوف جو شڪار ٿي پنهنجن فصلن جي آبادي نه ٿا ڪن پر آئون اهڙن آبادگارن کي صلاح ٿو ڏيان ته اهي آرام سان پوکائي ڪن هن وقت ڪا به ايمرجنسي واري صورتحال ناهي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال ٿي ته پوءِ ماڻهن کي ضرور آگاهه ڪبو، هن چيو ته اسان کي آرمي، پارلياماني وزارتي ڪاميٽين ۽ ڪنسلٽنٽن رپورٽ ڏني آهي ته بندن جو ڪم معياري ٿيو آهي، هن چيو ته پنجاب جو ٻوڏ ۾ رڳو هڪ ضلعو متاثر ٿيو جنهن جي بحالي لاءِ ساڍا 3 ارب رپيا جاري ڪيا ويا جڏهن ته اسان کي اڃا تائين اڍائي ارب رپيا مليا آهن،هن چيو ته ادريس راجپوت اهو نه چيو هوندو ته ڪم صحيح نه ٿيو آهي، صحيح ڪم ڪرائڻ سندس ذميواري آهي، ڪنسلٽنٽ مفت ۾ ڪم نه پيا ڪن، کين 14 ڪروڙ ڏنا اٿئون، ڪٿي ڪٿي ڪنسلٽنٽ به خرچي وٺن پيا،باقي ڪم سست رفتاري سان ضرور ٿيو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن آبپاشي عملدارن جي غلطي ثابت ٿيندي ته انهن خلاف قدم کنيو ويندو، جيڪڏهن ٺيڪيدارن جي غلطي ثابت ٿي ته انهن خلاف فوجداري ڪيس هلائي کين جيل موڪلبو، جيڪي ٺيڪيدار سٺو ڪم ڪندا انهن کي شاباس ڏئي انعام به ڏينداسين، هوڏانهن آبپاشي واري صوبائي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي 10 جولاءِ تائين سنڌو درياءَ جي بندن جو ڪم مڪمل نه ڪندڙ ٺيڪيدارن کي ”بليڪ لسٽ“ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ٻوڏ دوران متاثر ٿيل بندن جي بحالي وارين 41 رٿائن جا ٺيڪا ڏنا ويا آهن، سڀني ٺيڪيدارن کي وارننگ ڏني وئي آهي ته 10 جولاءِ تائين ڪم مڪمل نه ڪندڙن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو. هن چيو ته ٺيڪيدار کي بليڪ لسٽ ڪرڻ کان وڏي سزا نه ٿي ڏئي سگهجي، اها ئي هن لاءِ سڀ کان وڏي سزا آهي ڇو ته بليڪ لسٽ ٿيندڙ ٺيڪيدار کي ڪنهن به سرڪاري ڪم جو ٺيڪو نه ملي سگهندو. هن چيو ته ٺيڪيدارن مان جيڪڏهن ڪو اهو چوي ٿو ته هن رقمون دير سان ملڻ سبب ڪم ۾ دير ڪئي ته اهو غلط ٿيندو ڇو ته اسان ٺيڪيدارن کي وقت تي ادائگيون ڪري رهيا آهيون.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

    ---------- Post added at 02:44 PM ---------- Previous post was at 02:43 PM ----------

    سکر ۽ گڊو بئراج پنهنجي عمر پوري ڪري چڪا آهن،2010ع جهڙي ٻوڏ اڪارڻ جي سگهه نٿا رکن:فلڊ ڪميشن

    اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) فيڊرل فلڊ ڪميشن ايندڙ وقت ۾ ٻوڏ جي تباهين کان بچڻ لاءِ تڪراري اکوڙي ڊيم ۽ منڊا ڊيم جي تعمير جي سفارش ڪري ڇڏي، جڏهن ته وفاقي حڪومت سکر بئراج جي 63 سالن کان ري ماڊلنگ نه ٿيڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته سکر ۽ گڊو بئراجن جو اسٽرڪچر پنهنجي عمر پوري ڪري پراڻو ٿي چڪو آهي، اهي بئراجون 2010ع جهڙي ٻوڏ جي وهڪرن کي آساني سان پاس ڪرڻ جي اهليت نٿيون رکن، سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ تباهي سبب آبپاشي نظام ۽ بندن کي پهتل نقصانن جي بحالي لاءِ جنگي بنيادن تي شروع ڪيل مختصر مدي وارا منصوبا مڪمل نه ڪري سگهڻ سوڌو وچين مدت وارن منصوبن جو مئي تائين رڳو 45 ۽ 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري ڪنهن به منصوبي تي ڪم شروع نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، هوڏانهن ان ڏس ۾ ٻوڏ 2011ع جي حوالي سان بجلي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ٻوڏ تباهين جو هڪ سبب ٻوڏ جي وهڪرن جي نيڪال لاءِ تونسا، گڊو ۽ سکر بئراجن جي اپ اسٽريم ۾ ڪو به اسڪيپ چينل (ڇنڊڻ) نه هجڻ آهي، پاڻي ۽ بجلي وزارت اهو به چيو آهي ته سکر ۽ گڊو بئراجن جي 63 سالن کان ري ماڊلنگ نه ٿي آهي، انهن بئراجن جو اسٽرڪچر پنهنجي عمر پوري ڪري پراڻو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري انهن ۾ 2010ع جهڙن ٻوڏ جي وهڪرن کي آساني سان پاس ڪرڻ جي اهليت ناهي، هوڏانهن وفاقي سرڪار پاران موسم جي اڳڪٿي لاءِ چترال، چيرات، ڪوئيٽا، پسني، گوادر ۾ 5 نوان راڊار لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هر صوبي ۾ موسم جي اڳڪٿي لاءِ هڪ سينٽر قائم ڪرڻ جي سفارس ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻوڏ بابت ٿيل اجلاسن ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته فيڊرل فلڊ ڪميشن جلد سيل قائم ڪري پاڻي وهڪرن بابت هر 6 ڪلاڪن جي رپورٽ صوبن کي ڏيندي، جڏهن ته پاڪستان ميٽرلاجيڪل ڊپارٽمينٽ موسم جي اڳڪٿي جي ايڊوائيزري روزاني بنيادن تي جاري ڪندو.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

    ---------- Post added at 02:55 PM ---------- Previous post was at 02:44 PM ----------

    ٺٽو:پي بي بند جو مرمتي ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو

    ٺٽو (ن ڪ) ٺٽي جي فقير جي ڳوٺ ويجهو پي بي بچاءُ بند جو ڪم بلن جي عدم ادائگي جي جواز سبب 3 ڏينهن تائين بند رهڻ کانپوءِ ڪالهه ٻيهر شروع ٿي ويو، آبپاشي کاتي جي اختيارين پاران پي بي بچاءُ بند تي ڪم ڪرائيندڙ ٻن ٺيڪيدارن کي نوٽيس جاري ٿيڻ بعد انهن بندن تي مشينري لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ اڃا تائين پٿرن جي پچنگ جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي، ڪم شروع ڪرائيندڙ هڪ حصي جي ٺيڪيدار انور ميمڻ ٻڌايو ته بلن جا معاملا هجڻ ڪري مسئلا پيدا ٿيا، جنهن ڪري ڪم روڪيو پر هاڻي وڌيڪ مشينري لڳائي ڪم کي تيز ڪيو ويو آهي.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com

    ---------- Post added at 02:56 PM ---------- Previous post was at 02:55 PM ----------

    ٺل شهر کي رنگ بند ڏيارڻ لاءِ 6 جولاءِ تي اي پي سي ٿيندي:رابطا مهم تيز

    ٺل(ن ڪ) ٺل شهر کي رنگ بند ڏيارڻ لاءِ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن ڀڄ ڊڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ جي يو آءِ پاران 6 تاريخ تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس جي سلسلي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهر جي واپاري تنظيمن کي دعوت ناما جاري ڪيا ويا جي يو آءِ اڳواڻن مولانا عبدالباسط شاهه، مولانا عتيق الرحمان سومرو، مولانا امام الدين چنا ۽ عنايت الله مهر شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون، اڳواڻن موجب گذريل ٻوڏ دوران انتظاميا جي نااهلي سبب هتان جي عوام کي در بدر ڪيو ويو ۽ انهي وقت شهر کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، هنن چيو ته جڏهن هاڻي امڪاني ٻوڏ ۾ ڪجهه ٽائيم پيو آهي انهي کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا کي تحرڪ وٺڻ گهرجي پر انتظاميا کي هن وقت تائين ڪابه ڳڻتي ناهي، هوڏانهن پ پ ٺل سٽي جي صدر ٺل شهر کي امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ رنگ بند ڏيارڻ جي گهر ڪندي چيو ته انهي سلسلي ۾ اسان شهرين سان گڏ آهيون.

    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو