جي ميل ۾ اڪائونٽ ڊيليٽ هئين ڪبو آهي

'گوگل جا راز' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2011۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    اوهان پنهنجي اي ميل اڪائنٽ کي تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا يا اوهان جنهن مقصد لا اڪائونٽ کوليو هو اهو ختم ٿي ويو ته پو اوهان پنهنجي اڪائونٽ کي ڇا ڪندا؟ اڪثر دوست اڪائونٽ کي ان ايڪٽو ڪندا آهن پاڻهي اڳتي هلي بند ٿي ويندو آهي پر ان کان سٺو طريقو اهو اڪائونٽ ڊيليٽ ڪرڻ آهي جنهن سان اڳتي هلي ان اڪائونٽ جو غلط استعمال ٿيڻ جو خطرو به ختم ٿي ويندو آهي جي ميل مان اڪائونٽ ڊيليٽ ڪرڻ جو هيٺيون طريقو آهي۔
    1۔ سڀ کان پهرين اوهان پنهنجو اڪائونٽ کوليو
    [​IMG][/img]

    2۔ مين پيج تي مٿي ”سيٽنگ“ لکيل هوندو اتي ڪلڪ ڪريو
    [​IMG]
    3۔ جيڪو پيج ايندو ان ۾ ڪيترائي ٽيب هوندا پر اوهان 2 نمبر ٽيب ” اڪائونٽس“ تي ڪلڪ ڪريو ۽ ان ۾ گوگل اڪائونٽ سيٽنگ تي ڪلڪ ڪريو
    [​IMG]
    3۔ گوگل اڪائونٽ سيٽنگ تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ ونڊو کلندي جنهن جي کاٻي پاسي پرسنل انفارميشن ۽ ساڄي پاسي مائي سروسز لکيل هوندو، مائي سروسز تي ڪلڪ ڪري ايڊٽ تي ڪلڪ ڪريو
    [​IMG]
    4۔ توهان لا ٻه آپشن هوندا (1) ڊيليٽ سروسز ۽ (2) ڪلوز اڪائونٽ
    هتي اوهان ڊيليٽ سروسز تي ڪلڪ ڪريو
    [​IMG]
    5۔ هاڻي اوهان کان پڇيو ويندو ته اوهان ڪهڙيون سروسز ڊيليٽ ڪريو ٿا، هتي اوهان جي ميل تي ٽڪ ڪريو، هڪ دفعو ڪنفرم ڪرڻ سان اوهان جو اڪائونٽ ڊيليٽ ٿي ويندو
    [​IMG]
    6۔ توهان جي اسڪرين تي اڪائونٽ ڊيليٽ ٿيڻ جو ميسيج اچي ويندو، معنى اوهان جو اڪائونٽ ڪاميابي سان ڊيليٽ ٿي چڪو هوندو
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جي ميل ۾ اڪائونٽ ڊيليٽ هئين ڪبو آهي

    واه سائين واه

    تمام لاجواب ٽٽوريل آهي

    توهان جي ان محنت مان ڪافي دوست فائدو حاصل ڪندا

    بهترين ڪوشش آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: جي ميل ۾ اڪائونٽ ڊيليٽ هئين ڪبو آهي

    ادا يونس توهان جي مهرباني توهان جون ڪافي تحريرون ڪمپيوٽر لرننگ جي حوالي سان تمام مفيد نظر آيون اهڙي شيئرنگ جاري رکندا اسان سميت ڪافي دوست توهان جي ان علمي ونڊ مان مستفيد ٿي رهيا آهن الله تعالى توهان جي علم مزيد اضافو فرمائي۔ آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو