ڪتاب پڙهڻ لاء ٽائيم گهرجي جيڪو ٽائيم ڪتاب لاء ڪڍڻو پوندو آهي، ورنه ڪڏهن به ناهي ملندو،۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن مان دادو ۾ رهندو هئس ته دادو لائبريري وڃي ڪري به ڪتاب پڙهندو هئس، ان جو ڪارڻ اهيو هو ته مان بيروزگار هئس ۽ مون وٽ واندڪائي جو ٽائيم تمام گهڻو هو
( جيڪو هون به ننڍن شهرن ۾ تمام گهڻو آهي جنهن جو مثال توهان کي هوٽلن تي ويٺل ماڻهن جي انداز مان به ملي ويندو ) ، ۽ ٻيو ته پنهنجا ڪتاب وٺي ڪري پڙهڻ جي مون ۾ سگهه به نه هئي سو صبح کان شام تائين دادو لائبريري ۾ ويهي ڪري ڪتاب اخبارون ۽ رسالن جو مطالعو ڪندو هئس، ۽ ان وقت ۾ مان روزگار لاء ته تمام گهڻو پريشان هئي مگر ڪتاب پڙهڻ جو وقت مون وٽ هو، پر هاڻ ان جي ابتڙ آهي،
الله جا ڪروڙين ڪرم احسان آهن جو مان روزگار سان ته آهيان مگر ڪتابن لاء وقت ڪونهي،
هي جو اڄڪلهه مان سنڌ سلامت تي لکي رهيو آهيان اهو ان جي بدولت آهي ته مان موڪلن تي آهيان ۽ انهن موڪلن جو فائدو وٺندي سنڌ سلامت کي وقت ڏئي سگهيو آهيان ۽ پنهنجي دل واري ڪم کي وقت ڏنو اٿم، ڪجهه لکڻ ۽ ڪجهه پڙهڻ لاء۔
محترم سليمان وساڻ صاحب جو
سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هي ونڊ ڪيل ڪتاب
هلي ڏسجي هندستان مون پورو ته ناهي پڙهيو مگر ڪجهه پڙهيو آهي، ۽ انشاءالله پورو به پڙهجي ويندو۔هون به الطاف شيخ صاحب جا جيڪي به سفر نامه آهن انهن جي پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ پڙهندڙ پاڻ ان سير سفر تي نڪتل آهي، هن سفر نامي ۾ الطاف شيخ سنڌ سنڌي ٻولي ۽ هند ۽ هندو اديبن ليکڪن جو به ذڪر ي ٿو جيڪو هڪ مذيدار ذڪر آهي۔
الطاف شيخ صاحب اسان جي سنڌ جو اهو سرمايو آهي جنهن تي اسان جي سنڌي ٻولي وارا صديون ناز ڪندا ، سنڌي ٻولي ۾ ٻيا به ڪيترائي سفر نامه لکجن پيا ۽ لکيل به آهن مگر سائين
الطاف شيخ صاحب جي سفر نامن جي لکڻي جو ڪمال وري پنهنجو آهي، ان جو اهم سبب اهيو آهي ته الطاف شيخ صاحب ذاتي زندگي ۾ به هڪ با اخلاق ۽ سادي مذاج واري شخصيت جا مالڪ آهن، ۽ ملڻ سار آهن، جت به وڃن ٿا انهن کي پنهنجو ڪري اتان جي معلومات حاصل ڪري اسان تائين پهچائين ٿا،
مون پنهنجي ذاتي زندگي ۾ اهيو ڏٺو آهي ته منهنجا ڪجهه دوست سنڌي ادب جا ڪتاب پڙهندي ڄڻ بخار چڙهي ويندو آهي ۽ مون ته پنهنجا اهي دوست به ڏٺا آهن جيڪي ڪتابي دنيا کان ڪوهين ڏور رهندا آهن بلڪه مان ته ائين چوندس ته اهي ڪتابن کي لٺ سان پري ڪندا آهن مگر
ان جي باوجود اهي دوست الطاف شيخ جو سفر نامو وڏي دلچسپي سان پڙهندا آهن، ۽ سفر نامي جي مختلف پهلوئن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن،
الطاف شيخ صاحب جت به وڄن ٿا اتي پنهنجون يادون ڇين به ٿا ۽ اتان جو يادون لکڻي ۽
فوٽو گرافي جي صورت ۾ پاڻ سان گڏ کڻي به اچن ٿا،
منهنجي خيال ۾ سنڌي ادب جي ڪنهن به اديب جون ايتريون تصويرون نه هونديون جيتريون سائين الطاف شيخ صاحب جون آهن۔۽ اهي به معاشري جي هر فرد سان گڏ آهن، حڪمران کان وٺي عام ماڻهون تائين۔
هون ته الطاف شيخ جو هر
سفر نامو سائين الطاف شيخ جي آتم ڪهاڻي آهي مگر پوء به منهنجي اهيا خواهش آهي ته سائين الطاف شيخ صاحب جي آتم ڪهاڻي پڻ اچڻ گهرجي، جيڪا مان سائين الطاف شيخ صاحب کي هن لکڻي جي وسيلي درخواست ڪندس۔ ته
اهي پنهنجي ذاتي زندگي تي مڪمل آتم ڪهاڻي به اسان جي سنڌي ادب کي مهيا ڪري ڏين۔