ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

'راءِ شماري' فورم ۾ نومي طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2009۔

  1. نومي

    نومي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مئي 2009
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اھا ھڪ حقيقت آھي ته اجرڪ اسان جي قومي سڃاڻپ آھي، جنھن جون پاڙون منھن جي دڙي کان به پراڻيون آھن، پر ھن جو ذڪر قرآن پاڪ م به آھي ۽ ھن کي پاڻ ڪريمن پنھنجي ڪلھي مبارڪ تي رکي ھڪ وڏو شان بخشيو اھڙو ذڪر سائين مولانا اصغر درس صاحب پنھنجي ھن تقرير ۾ ڪيو آھي. اھا ڪيتريقدر حقيقت آھي ان موضع کي سنڌ سلامت واسين اڳيان بحث لاءِ رکان ٿو اميد ته دوست واضع روشني وجھندا.

    تقرير ڏسڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نومي اهڙو معلوماتي ۽ خالص سنڌ جي سوکڙيءَ ”اجرڪ“ جي باري ۾مولانا اصغر درس جو معلوماتي ليڪچر اسان سمورن سنڌ واسين سان شيئر ڪرڻ تي توهان لکين کيرون لهڻو۔ ڪٿان به ٻه اکر جيجل سنڌ جي خوبصورت شين جي سونهن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ملن ته اهي ٻه اکر يقينن تاريخي ڄاڻ ۾ اضافي جو باعث بڻجن ٿا۔ ادا نومي توهان جا لک لائق توهان جو لک ٿورا۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔​
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نومي صاحب جي موڪليل وڊيو، سائين مولانا اصغر درس صاحب جي ڏٺي سون، ڳالهه ته پسند آئي جو سنڌ ۽ سنڌي ثقافت جي تعريف ۾ ٿيل آهي ...

    اجرڪ اسانجي لباس ۽ ثقافت جي هڪ خاص نشاني آهي، مردن ۽ عورتن ٻنهي لئه مفيد چادر، پوتي، پٽڪو ۽ سرديءَ گرميءَ کان بچڻ جو اوڇڻ آهي ... انتهائي خوبصورت آهي ۽ دنيا ۾ پسند ڪئي پئي وڃي ...

    سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي تاريخ پوري دنيا ۾ قديم ۽ سهڻي ثقافت ۾ شمار ٿئي ٿي ... سنڌ جي قدامت ۽ تاريخ تي غور ڪبو ته صدين کان سنڌ جو تعلق سموري دنيا سان واپار ۽ علم ذريعي رهيو آهي، انڪري سندس ثقافت جون نشانيون به پوري دنيا ۾ ملن ٿيون ... سنڌ جي ململ ڪپڙي جو واپار مصر تائين ٿيندو هو ... سنڌ جا واپاري، عرب، يمن، فلسطين، شام، عراق ۽ مصر تائين وڃي پهڇندا هئا ... عرب دنيا ۾ ميلن جو رواج هوندو هو ۽ اهي ميلا واپار ۽ ڏيڻ وٺڻ جا اهم ذريعا هوندا هئا ... انڪري دنيا جا واپاري انهن ميلن ۾ ويندا هئا ۽ هڪ ٻئي جون شيون خريد ڪري پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ کڻي ويندا هئا ... سنڌ جو واپار، عرب دنيا ۽ آفريڪا جي ڏورانهن ملڪن تائين هو ... انڪري انجو ذڪر به انهن ملڪن جي تاريخن ۾ هند يا سنڌ جي عنوان سان ضرور ملندو...

    سائين درس صاحب شمشير الحيدري ۽ تاجل بيوس جي حوالي سان حضرت عيسا عليه السلام سان سنڌ يا سنڌي اجرڪ جي ذڪر جي ڳالهه ڪئي آهي ... سو ته اهي ٻئي ڏاها منهنجي گهر جا ڀاتي آهن هڪ ته الله کي پيارو ٿي ويو آهي ۽ ٻيو حال حيات آهي اميد ته کائنس معلوم ڪري دوستن کي ٻڌائبو ...

    قرآن شريف جي سورت رحمان جي آيت نمبر 54 جي حوالي سان سائين درس صاحب جا ڳالهه ڪئي آهي سا ممڪن حد تائين مفروضو آهي، حقيقت سان انجو ڪو تعلق ناهي،

    آيت ۾ لفظ استعمال ٿيل آهي ... استبرق
    سائينءَ جن انکي سمجهن ٿا .......... اجرڪ

    جڏهن ته پراڻي زماني کان اجرڪ کي عربي زبان جي لفظ ازرڪ سان ڳنڍيو ويندو آهي جو اجرڪ جو بنيادي رنگ نيرو هوندو آهي ۽ عربي زبان ۾ ازرڪ جي معني آهي نيرو رنگ ...

    ٻي ڳالهه ته پوري آيت جي معني ٿوري گهڻي فرق سان هر ٻوليءَ ۾ جا ڪئي وئي آهي سان ڪجه هن طرح سان آهي ...

    ” ۽ اهڙين پٿرڻين تي ٽيڪ لڳائيندڙ هوندا، جنهنجو استر ٿلهي ريشم جو هوندو“
    اجرڪ جو بنياد سٽ سان آهي، ڪپهه جي ڪپڙي جو ٺاهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڪپهه پراڻي زماني کان مشهور به آهي ۽ سنڌين جي ثقافتي طبيعت ۾ ڪپهه جا ڪپڙا پائڻ پسند ڪيو ويندو آهي ... جڏهن ته فراش يا پٿرڻيون ريشم جون يا وري مخمل جون پسند ڪيون وينديون آهن ... ۽ اجرڪ ريشم جو ناهي ٺهندو ... قرآن ۾ ذڪر ريشمي ڪپڙي جو آهي نه ڪي سوٽي ڪپڙي جو ...

    سو عقلي دليل ۽ تحقيقي فهم ٻڌائي ٿو ته اها ڳالهه صرف مفروضو آهي، حقيقت ناهي ...

    ٻي ڳاله اسانجي حضور صلعم سان جا چئي وئي آهي ته انلاءِ به ڪو پڪو ثبوت ته ناهي پر اها ڳالهه به مفروضي طور چئي سگهجي ٿي ته پاڻ سڳورن اجرڪ استعمال ڪيو هجي جو سنڌ جو واپار پوري عرب دنيا ۾ هلندو هو ... سنڌ جو ڪپڙو ۽ مٽيءَ ۽ ٽامي جا ٿانوَ پڻ اوڏانهن ويندا هئا ... جانورن جي هار سينگار جو سامان پڻ ويندو هو ... مطلب ته انڳالهه کي وٺجي ته اها ڳالهه ممڪن آهي ته اسانجي نبي سڳوري، اجرڪ استعمال ڪيو هجي ...

    سائين درس صاحب جنهن حوالي (حديث) جو ذڪر ڪيو آهي، سا آهي ته بيبي سائڻ عائشه رضه مديني واري گهر ۾ هڪ پردو دروازي تي لڳايو جنهنتي پکين ۽ جانورن جون تصويرون هيون. الله جي رسول صلعم جن جي نماز پڙهندي نظر ان پردي تي پئي، نماز پڙهي پاڻ بيبي سائڻ کي چيو ته ڪپڙو سٺو آهي ۽ تصويرو به سٺيون آهن پر دروازي تان لاهي ڇڏ جو نماز پڙهندي خيال اوڏانهن هليو ويو آهي ...“ بيبي عائشه رضه اهو پردو لاهي انجون پٿرڻي ۽ ويهاڻي جو تهه ٺاهي ڇڏيو ...

    اجرڪ تي پراڻي زمان کان جا نقاشي ڪئي ويندي آهي تنهن ۾ جانورن ۽ پکين جون تصويرون هرگز ناهن، بلڪ ان خاص نقاشيءَ ۽ رنگسازيءَ سبب ئي اجرڪ، اجرڪ چوايو وڃي ٿو، جنهنڪري اها ڳالهه به مفروضو ئي آهي انجو تعلق به حقيقت سان نه ٿو لڳي ...

    وڌيڪ سنڌ سلامت تي ڪافي ڏاها ۽ تاريخ جا ڄاڻو دوست آهن، اميد ته تحقيق جي حوالي سان ڪا سند يافته ڳالهه سامهون آڻيندا، مون صرف پنهنجي عقل ۽ علم جي بنياد تي ڳالهه ڪئي آهي ... آءُ ڪو تاريخ جو معلم ناهيان جو ڪا ڳالهه سند يافته ٻڌائي سگهان ...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    نومي صاحب توهان جي مهرباني جو توهان هڪ سٺي معلومات جو اضافو ڪيو۔۔۔۔
    باقي ان حوالي سان اسان جو علم ايترو نه آهي جو اسان ان جي تائيد يا ترديد ڪري سگهون
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    تمام سٺي معلومات آهي مهرباني
     
  6. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    هن تقرير ۾ مولانا صاحب بخاري جي حوالي سان هڪ روايت بيان ڪئي آهي :
    موسي عليه السلام سنڌي شخص وانگيان هو

    گهڻي ڳولا کانپو به هي روايت بخاري ۾ نه ملي سگهي آهي ساٿي حوالو ڳولڻ ۾‌ مدد ڪن يا مولانا اصغر صاحب کان معلومات ڪري ڏين
     
  7. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    ادا سائين تمام سٺي معلومات آهي، شيئرنگ لا مهرباني۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    تمام سٺي معلومات آهي ادا.
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    ادا منهنجي دوست سائين حافظ خليل ( جيڪو پاڻ به هڪ عالم اديب ۽ تاريخ جو ڄاڻو آهي، ) صاحب مون کي هڪ دفعه ٻڌايو هو ته سنڌ جي جڳ مشهور عالم سائين جناب علامه غلام مصطفه قاسمي صاحب جو چوڻ آهي ته اجرڪ کي حضُو سائين جن به پسند ڪيو آهي، مگر انهن تاريخ جي ڪنهن ڪتاب جو حوالو ڏنو هو ۽ قرآن ۽ حديث جو ڪو ذڪر نه ڪيو هو۔باقي ڪي ٺوس ثبوت نه ٿا ملن باقي خبر خدا کي ۔

    [​IMG]
    باقي اچو ته توهان کي اجرڪ بابت ڪجهه ٻئي معلومات هن وڊيوز ۾ ڏيکاريون ​

    http://www.youtube.com/watch?v=UiiXwDZ0jkc
    اجرڪ ۽ ٽوپي وارو گيت جيئن سنڌي ٽوپي وارا ، اجرڪ وارا ​

    http://www.youtube.com/watch?v=TN6mSeXGLYE
    اجرڪ اجرڪ اجرڪ اجرڪ اجرڪ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=DlaAkt6d9ho
     
  10. مختيار نظاماڻي

    مختيار نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مئي 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    ادا زبردست ، تمام بھترين ڪوشش آھي پر اڃان به وڌيڪ ڄاڻ جي ضرورت آھي جيڪا اسان کي ايندڙ نسلن تائين پھچائڻي آھي جن دوستن محنت ڪئي آھي انھن سڀني کي شاباش ُھجي جو اھڙي محنت ڪري اسان سنڌي ماڻھن کي نيون شيون ڏين ٿا ۔ زبردست
     
  11. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    ادا اهڙي ڪار آمد معلومات ڏيڻ تي توهان مبارڪباد
    جا حقدار آهيو، اميد ڪريون ٿاته
    علم جي اها لاٽ هميشه روشن رکندئو۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت جو ساٿ ممتاز رک هميشه من ۾
    هجين ڪهڙي به ڪم ۾ پر ڪڍاء نالو پنهنجي نينهن جو
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    پاڻ ڪريم جن سنڌ جو ذڪر بخاري مطابق ضرور ڪيو آهي & سنڌ جي کِچِڻِي پڻ پسند ڪئي آهي پر اجرڪ لاءِ مون ڪونه پڙهيو آهي
     
  13. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    ادا مان ڪو عالم وغيره ته نه آهيان نه ئي ڪو ايترو تاريخ ۽ مسلم هسٽري تي اڀياس آهي۔۔۔ پر نعت ۾ هڪ لفظ کالي کملي والي استعمال ڪيو آهي۔۔۔۔ جنهن مان ممڪن آهي ته نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن اها سنڌي اجرڪ هجي۔۔۔ پر ان متعلق اڃا ڪو واضح ثبوت نه آهي
     
  14. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڇا اجرڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي؟

    ادا ڪالي ڪملي ته شايد ڪاري چادر کي چيو ويندو آهي، ۽ ان ۾ اجرڪ وانگر رنگ ناهن هوندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو