• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چانڊوڪيون ۽ چيٽ (عبدالواحد آريسر)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
24chbft.jpg

”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“
محترم عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن تي مشتمل ڪتاب آهي۔ اهي نثري ٽڪرا سچ ته ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏين ٿا۔

” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ڪھاڻي آھي، پياسي ٿَر ۾ پيل خالي گھڙن ۽ ويران کوھن جي ۽ انھن ماڻھن جي به، جيڪي بُک وگھي، پنھنجا گھر ڇڏي، اُڃيا بُکيا ٿر مان وقتاً فوقتاً نامعلوم منزلن ڏانھن روانا ٿيندا آھن.
” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ پوري انسانذات جي تاريخ جي اُرھه مان گوھا ڪري وھي نڪتل تخليق جو وھڪرو آھي ۽ ھر تخليق تي تنقيد ضرور ٿيندي آھي ۽ تنقيد عام طور تي ان تخليق جي مڃتا برابر ھوندي آھي. اسان سنڌ جي ڏاھن مان پُراميد آھيون ته اھي سنڌ جي مسئلن ڏانھن تخليقي رويو اختيار ڪندا، ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب جو ليکڪ چوي ٿو ته ” سنڌ جي صورتحال ٽائيم بم تي ويٺل اُن معصوم ٻار وانگر آھي، جيڪو چاڪليٽ چوسڻ ۾ مگن آھي ۽ کيس اھا خبر ئي ناھي ته اوچتو بم ڦاٽندو ۽ ھو ڇيھون ڇيھون ٿي ويندو. “

هن ڪتاب مان ورتل هڪ ٽڪڙو:

اڄ جي سنڌ غلامن جو ٻيڙو آهي ٻيڙي جي هر پهريدار جي هٿ ۾ هڪ هنٽر آهي، جيڪو پوري قوت سان ان ٻيڙي ۾ سوار هر سرڪش غلام جي جسم تي ڦهڪا ڪندو ٿو رهي، پوء به ان ٻيڙي جا پهريدار ڪن مردن ۽ عورتن کي چوندا ٿا وتن ته اسان توهان نه رڳو ڀائر آهيون پر اوهان کي حاڪم مڃڻ لاء به تيار آهيون ۽ اهي نادان هنٽر جي ڦهڪاء کي ڀٽائيء جي تنبوري جو آواز سمجهيو ويٺا آهن۔

هن ڪتاب جي اِي بوڪ ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔


 
” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ڪھاڻي آھي، پياسي ٿَر ۾ پيل خالي گھڙن ۽ ويران کوھن جي ۽ انھن ماڻھن جي به، جيڪي بُک وگھي، پنھنجا گھر ڇڏي، اُڃيا بُکيا ٿر مان وقتاً فوقتاً نامعلوم منزلن ڏانھن روانا ٿيندا آھن.
 
Back
Top