سنڌ جي آزاديء لاء ڪيل لڙاين ۽ جدوجهد تي لکيل محترم عبدالواحد آريسر جي مضمونن جو ڪتاب ”سر ۾ سانجهيء وير“ سياست ۽ تاريخ تي اهم ڪتاب آهي۔
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔
آزاديءَ جي مسلڪ ۽ عقيدي تي ھلندڙ ڪن سنڌين جو داستان، مُون مختلف تاريخي ڪتابن مان ھٿ ڪري، ھن ڪتاب ۾ ڏنو آھي. ھن دفعي جيل جي ماحول ۾ طبيعت اُجھاميل رھي، اُن ڪري طبيعت جي پُوري جوش ۽ جولان سان لکي نه سگھيو آھيان. ھر وقت گھربل ڪتاب به ملي نه ٿي سگھيا، اُنڪري ذھني پريشانيءَ جي عالم ۾ منھنجي عبارت ۾ ربط به نه رھيو آھي. ان جي باوجود، مُون ھي جڏو ڦڏو ڪتاب لکڻ ضروري سمجھيو. مون ھتي جيڪي ڪجھ لکيو آھي، سو ھڪ ساز آھي، جنھن جي ھر تار مان اسان جي شڪست جو آواز ٿو اچي. ھڪ اھڙو چَمن آھي، جنھن جو ھر ٻُوٽو لتاڙيل آھي. ھڪ اھڙيءَ ڇوڪريءَ جي تصوير آھي، جنھن جي عصمت جو دامن تار تار ٿيل آھي. تاھم مون کي پنھنجي شڪست جي اُنھيءَ ساز جي ھر تارَ سان پيار آھي. اُنھيءَ اُجڙيل چمن جي ھر ڪُومايل گل جي اھميت مون وٽ جنتِ فردوس جي گُلن کان وڌيڪ آھي- ۽ مُون ان لَڄ لُٽيل ڇوڪريءَ جو دامنُ، اُن لائق سمجھيو آھي، جنھن کي ھوند حورون به سجدا ڪري پنھنجو مرتبو وڌائين.
قومون پنھنجي شڪستن سان ان ڪري پيار ڪنديون آھن، جو اُھي انھن شڪستن جي کنڊرن تي پنھنجي شاندار، آخري ۽ دائمي فتحيابيءَ جا بيمثال رني ڪوٽ تعمير ڪنديون آھن. اھي پنھنجين ويرانين وارن ھنڌن تي نئينءَ دنيا، نئينءَ ڪائنات ۽ نئينءَ جنت جا شاندار محل تعمير ڪنديون آھن.
اسان کي پنھنجي انھن شڪستن سان اُن ڪري پيار آھي، جو انھن شڪستن ۾ اسان جو سرڪش ۽ باغي عزم، ڪنھن الھڙ جوانڙيءَ جي ڇاتين وانگر تازو، توانو ۽ نئون نڪور ٿي، ھر ڀيري اُڀرندو رھيو آھي. انھن شڪستن اسان جي تاريخ کي لال ڪنوار بڻايو آھي ۽ اسان جي سائي ستابي مُلڪ کي اجرڪ، کھنڀي ۽ ڳاڙھي گھوٽ جو زندہ جاويد روپ ڏنو آھي.
آءٌ سمجھان ٿو ته ڪنھن قوم جو آزاد روح مري نٿو سگھي، پر اُھو ھر ڀيري جُوڻ مٽائيندو، پيڙھي در پيڙھي ھلندو ٿو رھي ۽ آءٌ، اُنھيءَ روح کي نياز جي لفظن ۾ ھيئن دعا ٿو ڪريان:
شل! اُتاھو رھين، اُڀَ جي نيراڻ جيان،
شل! ستارا ڪرين، سانت چانڊاڻ جان،
شل! ڏئين ساءُ، موتئي جي سُرھاڻ جان.
ـــــــــــــــ عبدالواحد آريسر
(ڪتاب جي پيش لفظ تان کنيل)
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔