وفا -غزل ( وفا ناٿن شاهي)

'شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وفا ناٿن شاهي جو شمار سنڌي ٻوليء جي غزل جي صنف جي چوٽيء جي شاعرن ۾ ٿيندو آهي۔ سندس هن ڪتاب ” وفا “ ۾ سندس چونڊ غزل ڏنل آهن۔ سندس 5000 غزلن مان هتي سندس غزلن جو ٿورو تعداد ئي ڏنل آهي۔

    آخر نچندي ڳائيندي،
    ڪيسين پيار لڪائيندي۔
    جيئندي ڪيئن زماني ۾،
    سڀ کي جو ٺڪرائيندي۔
    روز ملي چانڊوڪين ۾،
    پڪ مونکي مارائيندي۔
    اڄ ڪاريهر رقص ڪندو،
    جوڳڻ بين وڄائيندي۔
    تو مون جهڙا کوڙ وفا،
    روز وتي ڦاسائيندي۔


    هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبدالجبار شيخ (سکر) ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي پيش ڪيل آهي۔

     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: وفا -غزل ( وفا ناٿن شاهي)

    ادا مهرباني :
    مان وفا ناٿن شاهيء جي باري ۾ گهڻو ٻڌو آهي سيتا روڊ منهنجو شهر ء خيرپور ناٿن شاهه تعلقو آهي پر مونکي اها به خبر ڪانه هئي ته وفا ناٿن شاهي گوزي جو رهاڪو آهي۔۔۔۔۔۔ گڏو گڏ وفا بابت تفصيل سان پڙهڻ جو موقعو پڻ مليو۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ته اها به خبر ڪانه هئي ته هو انڍيا مان آيو هيو۔۔۔۔
    ء ان ۾ سنڌ ء سنڌيت جو جذبو ڪيڏو هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام ڪارائتو ونڊ ڪيو اٿو

    هر دفعي وانگر لاجواب
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وفا ناٿن شاهي کي غزل جو شهنشاهه سڏيو ويندو آهي۔ سنڌ جي غزل جي بهترين شاعرن مان هڪ هو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    غزل جي شهنشاھ وفا ناٿن شاھ جي شاعري ، واه واه
    سليمان سائين اوهان جو ڪم تاريخي ڪم آهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. آدرش ڪليري

    آدرش ڪليري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ايمپلائي
    ماڳ:
    سائيٽ ايريا ڪلاچي ، سنڌ
    بهترين سائين وساڻ صاحب ۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    1947ع ۾ هندستان ملڪ کي جڏهن ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ هتان جا ڪيترائي هندو اديب شاعر ليکڪ، دانشور واپاري ۽ سماجي ورڪر هي پنهنجي سنڌ ڌرتي ڇڏي ڪري هندستان وڃي پهتا ته اتان وري هڪ وڏي مقدار ۾ پناهگير سنڌ پهتا، جن مان اڪثر ته اهي نڪتا جن سنڌ جي ٿنڃ نه نه نڀائي ۽ سنڌ جي حقيقي وارثن جا جاني دشمن ٿئي بيٺا، ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڪٺو، ائين ڪٺو ڄڻ اسان انهن جي ديس تي قبضو ڪيو هجي،
    مگر انهن پناگيرن جي لانڍ مان اٽي ۾ لوڻ برابر چند پناهگيرن وري سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهو ۽ سنڌ کي مڃيو سنڌ جي ٻولي کي اپنايو، ۽ سنڌي ٻولي ۾ لکيائون ۽ سنڌي ٿئي ڪري سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ لڳا، انهن چند پناهگيرن مان اسان جي سنڌي زبان جو شاعر وفا ناٿن شاهي پڻ هڪ آهي،
    وفا ناٿن شاهي ته سندس اديبانا ۽ شاعرانه نالو آهي مگر سندس اصل نالو ته مشتاق علي قريشي هو۔ ۔۔ هي مشتاق علي قريشي صاحب 15 مئي 1934 تي ، انڊيا جي شهر امرتسرجي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾اک کولي ۽ جڏهن هي مشتاق علي قريشي صاحب اڃان 13 سالن جو مس هو ته سندس والد خيرات علي قريشي صاحب پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي ڪري اچي سنڌ پهتو۔ ۽ سنڌ ۾ سڌو اچي سيتا ڳوٺ پهتو، ، سيتا ڳوٺ کانپوء دادو ضلعي جي تعلقي. خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزي ۾ اچي مستقل طور رهيو ۽ مشتاق علي قريشي (وفا ناٿن شاهي) انهيء عمر کان وٺي سنڌ جو بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَسان پيار محبت ڪرڻ لڳو۔ ۽ ۽ سنڌي مشاعرن ۾ حصو وٺڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ آخر ڪار سنڌي ٻولي ۾ شاعري ڪرڻ لڳو، ۽ انهيء لڳاء ۽ دلچسپي جي ڪري اهو مشتاق علي اڳتي هلي ڪري سنڌي غزل جو بادشاه بڻجي ويو، ۽ وفا ناٿن شاهي جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو۔ ۽ هميشه لاء مشتاق علي قريشي مان وفا ناٿن شاهي بڻجي ويو، جيڪا هاڻي سندس هڪ سڃاڻپ بڻجي وئي آهي، مشتاق علي قريشي صاحب هڪ سادي مذاج ۽ طبعيت جو مالڪ هو۽ علم و ادب سان بيحد کيس چاهه هو،سندس علمي ادبي واسطه سنڌ جي مشهور اديبن ۽ شاعرن سان پڻ رهيا، جنهن ۾ سنڌ جو مشور شاعر احمد شاهه استاد بخاري صاحب، محسن ڪڪڙائي صاحب، تاج محمد صحرائي صاحب، ضياء الدين بلبل صاحب، ۽ بشير سيتائي شامل آهن۔وفا مشتاق علي قريشي صاحب جا جا هيل تائين ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن جن ۾: ”اکين ۾ الماس“،ــــــــــــــــــوفا ناٿن شاهيءَ جي غزلن جو هي پهريون مجموعو، ساگرڪميونيڪيشنز، ميرپورخاص پاران، ساگر سچيڏني دَلَ، جنوري 2000ع ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل نامياري مصور عبدالرسول عباسيءَ جو ٺاهيل آهي. هن ڊيمي سائيز جي 288 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي. وفا جي شاعريءَ جي هن مجموعي ۾ سندس 241 خوبصورت غزل شامل آهن۔۔ ”اوجاڳن جو انت“ــــــــــ هي ڪتاب وفا ناٿن شاهي جي شاعري جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپرايو آهي، جنهن تي مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر امداد حسيني صاحب جو لکيل آهي ۽ ان کانسواء هن ڪتاب تي مختلف اديبن شاعرن جا ڪجهه نوٽ پڻ لکيل آهن، مثلن راشد مورائي صاحب جا ، وسيم سومري، وفا پلي، وغيره جا۔ ۔ ”وفا..“ــــــــــــ هي ڪتاب جيڪو توهان مٿي پڙهي سگهو ٿا، ۽ هي ڪتاب ڪمپوز عبدالجبار شيخ ڪئي آهي ۽ پهرين هي ڪتاب وائيس آف سنڌ تي رکيل هو، مگر خبر نه آهي ته اها سائيٽ ڇو بند ٿئي وئي آهي، مگر آفرين هجي اسان جي دوست محترم سليمان وساڻ صاحب کي جنهن هن علمي ادبي سرمائي کي هٿ ڪري اسان جي هن فورم جي سيڪشن سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ مهيا ڪري پنهنجو علمي ادبي فرض نڀايو آهي۔ جنهن جا پڻ اسان سڀ شڪرگذار آهيون۔ اميد ته اهڙي محنت ڪوشش جدو جهد ۽ ڪاوش جاري ۽ ساري رکندا ايندا۔ ته جيئن اسان جا سنڌي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويهي ڪري به پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ سنڌي ادب شاعري کي پڙهي سگهن۔ ڇو جو اسان جا ڪيترائي اهڙا دوست آهن جيڪي سنڌ کان ٻاهر آهن ۽ انهن کي اهي سنڌي ڪتاب ات ميسر ٿئي نه ٿا سگهن ۽ اهي هن فورم جي وسيلي ڪتاب پڙهي ڪري پنهنجي علمي ادبي اڃ اجهائين ٿا۔

    مشتاق علي قريشي ( وفا ناٿن شاهي ) جي چونڊ شاعري
    اهڙو ڀاڪر نه پاءِ ماڻهن ۾،

    پنهنجي عزت بچاءِ ماڻهن ۾،
    تون ڪيو باءِ باءِ ماڻهن ۾،
    مان ڪيو هاءِ هاءَ ماڻهن ۾،
    پنهنجو ذاتي معاملو آهي،
    نه مونکي آزماءِ ماڻهن ۾
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي،
    ڪيون ته ڪهڙي تمنا تي ڪنهن سان پيار هتي
    هي ڪهڙو پيار آ، هي ڪهڙي دوستي آهي،
    تون بي قرار هُتي ۽ مان بيقرار هِتي.
    الاءِ ڪاٿي لڪي وئين ڇڏائي هٿ پنهنجو،
    ڪوئي لڳو ٿو وتي تنهنجو اشتهار هِتي.
    اسان جي قوم يتيم آهي، ديس لاوارث،
    رهي ٿو صرف لُٽيرن جو اقتدار هتي.
    نه مُرڪ ڪنهن جي چپن تي، نه ڪنهن جي اک آلي،
    رهي ٿي ڪائي ڀي موسم نه سازگار هتي.
    ’وفا‘! کلڻ تي قيامت اچي وڃي شايد،
    جڏهن روئڻ به طبيعت تي آهه بار هتي

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    جسم ڀورو لباس ڪاري ۾،

    برف باري نه ڪر سياري ۾،
    چند ساهن جي ڪشمش ۾ آ هي،
    جي پڇو زندگي ئي جي باري ۾

    گهنڃ ڪڍيو ڇڏي لباسن جا،

    ڇوڪري ناهي استري آهي
    جسم ڀورو لباس ڪاري ۾،

    برف باري نه ڪر سياري ۾


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    قيمتي ڪتاب، ٿورا۔۔۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مون سان آهي ته ڄڻ ڀري آهي.
    گهنڃ كڍيو ڇڎي لباسن جا،
    ڇوكري ناهي استري آهي.
    كيئن عورت كيان تلاش ”وفا“،
    كا هتي حور كا پري آهي.
    ادا وفا جي شاعر ٻڌي هئي تصوير اڄ ڏٺي
    تمام بهترين شاعر هيو واقعي هن سنڌ سان وفا ڪئي

    باقي توهان جي مٿين ڳالهه م وزن آهي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 ڊسمبر 2013
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ادا ممتاز اوھان جا ٿورائتا آھيون جو اوھان وفا جو اڄ اسان کي درشن ڪرايو، پريل جيان وفا جي شاعري ته کوڙ پڙھي آھي، پر سندن جي اڄ تصوير به ڏٺي سين لک لائق۔
     
  11. وهاب جروار

    وهاب جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدر آباد
    ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهيان
    نرم سهي بي ساهه ته ناهيان
    نيٺ خطا ٿي ويندي آهي،
    آدم هان الله ته ناهيان
    ______________
    مون کي دنيا وفا وفا ٿي چوي
    معجزو تنهنجي پيار جو آهي،
    _________
    واه وا ڀا سليمان،وفا ناٿن شاهي جي شاعري پڙهي سرور محسوس ٿيو۔وفا واقعي سنڌي غزل جو شهنشاهه آهي۔اوهان تمام وڏو ڪم ڪري رهيا آهيو ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. انمول

    انمول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انجنيئرنگ
    ماڳ:
    حيدر آباد، سند
    بھترين ادا سليمان وساڻ صاحب.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو