1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    هن ديس جي هرڪا دري منهنجي اندر ۾ ٿي کُلي!

    تحرير: عامر وساڻ

    [JUSTIFY]شاعرن هميشه محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. سنڌي ادب ۾ ٻين صنفن سان گڏ شاعريءَ کي به وڏي اهميت حاصل آهي، سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا شاعر گذريا آهن، جن پنهنجي شاعريءَ ۾ املهه رنگ چٽيا آهن. شاعري احساسن جي ترجمان هوندي آهي. شاعريءَ جي حوالي سان سنڌ اندر وڏن نالن ۽ نوجوانن جي دلين جي شاعر حسن درس جو نالو پڻ آهي. حسن درس جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو.

    سندس جنم 5 سيپٽمبر 1966ع ۾ ٽنڊوالهيار تعلقي جي ڳوٺ مشائخ هوتيءَ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو محمد حسن ۽ قلمي نالو حسن درس هو. پاڻ مينهون غلام رسول جو فرزند هو، هن پنهنجي پرائمري تعليم مشائخ هوتي ۽ باقي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. سندس علمناڪ وڇوڙي سڄي سنڌ کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي. سندس امر سٽون:[/JUSTIFY]

    نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي
    سندءِ ۽ دل کي ڄاڻو ڪجي دل ڏجي
    اڏامڻ کان اڳتي نڪرندي ”حسن“
    پکين کان پڇاڻو ڪجي دل ڏجي

    [JUSTIFY]شيخ اياز موجب حسن درس نوجوان دلين جو ڀلوڙ شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ خوبصورت تشبيهون، ٻوليءَ جو حسن ۽ ٽيڪنڪ ستارن جيان جرڪي ٿي. سندس خوبصورت شاعري ساز ۽ آواز جو حسين سنگم آهي. سندس شاعريءَ کي مختلف فنڪارن به ڳايو آهي. حسن درس شاعريءَ سان گڏ هڪ سٺي آواز جو مالڪ پڻ هو. سندس آواز سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ جهرجهنگ تائين پهتو. پاڻ FM91 ميوزڪ هاءِ وي ٽنڊوآدم تي پڻ پروگرام ڪيائين ۽ ٽنڊوآدم کي لفظن جي ڀيٽا ڏنائين.

    حسن درس فقير منش انسان هو، مرڪ هميشه هن جي چپن تي پوپٽن جيان سجيل رهي. حسن درس جو جسماني وڇوڙو ته يقينن هڪ اذيتناڪ گهڙي آهي، پر سندس گيت، غزل نظم ۽ آواز هميشه تاريخ جي ورقن ۾ زنده رهندو. حسن درس جي شاعريءَ ۾ سندس سنڌ سان محبت ۽ اپٽار سج جي روشنيءَ جيان پکڙيل آهي، جنهن جي سوجهري سڄيءَ سنڌ کي روشن ڪري ڇڏيو.[/JUSTIFY]

    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
    جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿو
    ٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
    ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
    هڪڙو خواب سهانو جيڪو
    روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو

    *****
    پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
    ورڙ واٽ تي اڳيان، جت رڻ رڙي ٿو پيو.
    لڳي وئي لاڙ سان آ لائون، اوهان کي ڇا ڀلا ٻيو چئون
    اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڻي ٿو پيو.
    عمر جي آڱرين سان ڏس، ڦلن وانگر چئون ٿا پيا،
    سڄڻ سگريٽ، سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.


    (روزانه عبرت 17 جون 2011)

    ********************************************************


    دل جي ڪيٽي بندر ۾ حسن درس حيات رهندو!
    تحرير: رزاق کٽي

    [JUSTIFY]ضروري ناهي ته زبردست شاعر زبردست ماڻهو به هجي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته سنڌ جو مڻيادار شاعر ۽ اسان جو انتهائي معتبر مائٽ شميشرالحيدري ان ڏنهن مونکي اهو نه چوي ها، جڏهن سنڌ جي هڪ وڏي شاعر مون مٿان 10 ڪروڙ جي هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪيو هو. منهنجو اهو ٻاراڻو ضد ته سٺا شاعر سٺا ماڻهو به هوندا آهن، تڏهن هن مونکي سمجهائيندي چيو هو ۽ گهڻا ڏينهن پوءِ حسن درس به انهي ئي ڳالھه سان اتفاق ڪيو هو، جڏهن مون هُن سان اها ڳالهه ڪئي هئي.

    منهنجي ذهن جي ڪنهن به خاني ۾ ڪڏهن اهو تصور ئي نه هو ته هي اکر لکڻ جو بدنصيب موقعو منهنجي حصي ۾ ايندو ۽ هن مختصر مضمون کان پوءِ مونکي حسن درس جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو. زندگي جتي پنهنجي سمورين سچاين ۽ خوبصورتين سان مالامال آهي، اُتي زندگي جو الميو اهو به آهي ته حسن درس جهڙا ماڻهو اسان کي ڇڏي هليا ويندا آهن. حسن درس ڪيترو خوبصورت شاعر هو، ان لاءِ ڪنهن کان به سرٽيفيڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي. توهان پنهنجي گهر يا دڪان مان ٻاهر نڪري روڊ تي بيهو، اوهان کي پڙهيل لکيل نوجوان نظر اچي ته اوهان هُن کي روڪيو ۽ انهي کان پُڇو ته حسن درس ڪير هو؟ هو اوهان کي ٻڌائيندو ته حسن ڪير هو. هن سنڌي شاعري کي جديد دور جو اهڙو ويس ڍڪايو، جنهن لاءِ سنڌي شاعري صدين کان ڳولھا ٿي ڪئي. هُن اهڙن خيالن سان اسان جي ٽهي جي شاعر ي کي مالامال ڪيو، جنهن جو انهي کان اڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن تصور ئي نٿي ڪيو، سنڌ جا هزارين شاعر اڄ به حسن درس جي صف ۾ بيهڻ جون سڌون ڪندا آهن، هو واقعي سنڌ جو گلزار هو، جنهن کي جن به سڃاتو انهن هُن سان پيار ڪيو. اڄ به سنڌ جا سوين شاعر حسن درس جي شاعري جهڙو گهاڙيٽو گهڙڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. هن جڏهن ساري سنڌ پرين جو پاڇو لکيو هو ته هن جي تصور ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته سائين جي ايم سيد جهڙو ماڻهو اهو نظم ٻڌي پنهنجا لڙڪ لاڙي ويهندو، يا جڏهن هن لاڙ تان ڀيرا ڪندي ستار ورڙ جي ڳوٺ ۽ ان جي مهمان نوازي کان متاثر ٿي ۽ بوڙيندي جي روايت کي جياريندڙ استاد مير محمد لنڊ کي خراج ڏيندي لکيو هو ته،

    ملڻ هي مير محمد جو جوانين کي جڙي ٿو پيو،
    ورڙ هن واٽ تي ويٺا، جتي سج پويان لڙي ٿو پيو،
    اوهان مُرڪي، ملي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي،
    اسان جي ڳاله جي ڳل تان اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

    حسن درس، جيتوڻيڪ هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو، پر مونکي خبر آهي ته هن سڄي سنڌ سان ائين پيار ڪيو، جيئن انهي جو حق هو. هن دولت بدران دوستن جي دولت گڏ ڪئي، هر ماڻهو هن سان انهي ڪري به دوستي رکڻ جو خواهشمند هو ته حسن ايڏي وڏي قد ڪاٺ جو شاعر آهي، جنهن جي قد ڪاٺ جا شاعر يا حياتي ڪونه هئا، يا جن کي پيدا ٿيڻو آهي، هو انهي ڪري ڀلو ماڻهو هو جو هو لاڳاپا رکڻ ۽ نڀائڻ ڄاڻندو هو. هن سنڌ جي ماڻهو کي اندر تائين پرکيو، هو انهي جي روح ۾ لهي ويو ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته ڪئين شاعري، لفظن جون ڇيرون پائي ۽ حسين خيالن جا ويس ڍڪي اسان جي روحن کي گرمائيندي رهي. انهي شاعري جو اثر گهڻا ورهيه ٿيا، پر اڃا تائين اهڙو ئي تازو آهي جهڙو ڪالهه هو. اسان سمهجون ٿا ته حسن جيتوڻيڪ هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو پر هو اسان جي دلين ۾ هميشھ جيئرو رهندو، هو ائين ئي کلندو رهندو جيئن اڳي کلندو هو. اسان هُن جي مُرڪ کي به ائين سانڍي رکنداسين، جيئن اسان هن کي، هُن جي جيئري ساهن ۾ سانڍيو هو. دنيا ۾ اهڙو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو مري نٿو، پر اصل ڳالهه آهي ته ماڻهو مرندو تڏهن آهي جڏهن هو تاريخ جي قبرستان ۾ گمنام قبرن مان ڪا هڪ قبر بڻجي وڃي ۽ بس!! پر حسن اسان جي ايندڙ نسلن جي دلين تي به پنهنجا ديرا ائين ئي ڄمائيندو جيئن هو اسان جي دلين جي ديرن ۾ ويٺل آهي، اسان جي دلين جي ڪيٽي بندر ۾ هُن جي ٻيڙي سدائين لنگر ٿيندي رهندي ۽ اسان هُن جو ۽ هُن جي شاعري جو پنهنجي اکين ۾ پيار جو سرمو پائي آڌر ڀاءُ ڪندا رهنداسين. هن جي وڃڻ سان سنڌ کي ٻه وڏا نقصان ٿيا آهن. هڪ اهو ته سنڌ هڪ اهڙي شاعر کان محروم ٿي وئي، جنهن جي سيني مان اڃا الائي ڪيترا شعر لفظن جو روپ ڌاري اچڻا هئا. ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي ته سنڌ هڪ اهڙي ڀلي ماڻهو کان محروم ٿي وئي آهي، جيڪو بنا ڪنهن لالچ جي سنڌ ۽ ماڻهن سان پيار ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو، پر هو ۽ هن جي شاعري سدائين اسان سان رهندي. بس!! ماڻهو جو ڪمال ئي اهو آهي ته هن سان سمورا ماڻهو ائين پيار ڪن، جيئن حسن سان ڪن ٿا.[/JUSTIFY]

    (روزانه عبرت 17 جون 2011)



    ********************************************************


    هُو البيلو هو!
    تحرير: فراز چانڊيو

    قيد هستي کي ڪيئن ڊاهيان مان
    مارئي جي پڪار آهيان مان
    اڄ ته ٿڪجي پيو هان، چؤ ڪيسين
    زندگانيءَ جو ڳاهه ڳاهيان مان
    ڪنهن گل نوبهار سان گڏجي
    آشيانو الڳ ٿو ٺاهيان مان
    زندگي ٿي وئي آ مٺڙو گيت
    ڪنهن ڪنول سان پيو نڀايان مان
    عمر گذري وئي ”اياز“ الا!
    مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان.

    [JUSTIFY]حسن تون ڀلي هليو وڃ، مان توکي روڪيان نه ٿو، ڇو ته زوري ڪير ڪنهن کي رهائي به نه ٿو سگهي ۽ اِهو ته منهنجي وس ۾ به ناهي ته مان توکي پاڻ وٽ روڪي رکان. تون ڀل هليو وڃ، پر مون کان موڪلائي ته وڃ. مون کي کڻي نه ٻڌاءِ ته ڪيڏانهن پيو وڃين، ڪنهن سان پيو وڃي يا شايد اُن پار پيو وڃين، جتان تون موٽندي به نه، پر ائين رات جي پيٽ ۾ گُهگُهه اونداهه ۾ ائين ڀلا پنهنجن کي ڇورو ڇنو ڪري ڇڏي وڃبو آهي ڇا!؟ نه هر گز نه، گهٽ ۾ گهٽ مون کي اُٿاري اهو ته چئو ته مان ڊگهي ننڊ واري سفر ڏانهن وک کڻڻ شروع ڪئي آهي ۽ هاڻ منهنجو نه موٽڻ لامحال آهي. اڳ توکان موڪلاڻي مهل موڪلائيندو به نه هئس، ڇو ته مون کي پڪ هوندي هئي ته پاڻ وري ملنداسين، اچانڪ پڪوڙا چوڪ جي گهٽي ۾، ڪڏهن حيدر چوڪ تي ته ڪڏهن ٽنڊوآدم جي ڪنهن روڊ تي، پر حسن، يار اڄ ته مون کان موڪلائي وڃ. جي موڪلائين نه ٿو ته ايترو ته ڪر جو اکين ۾ اکيون ملائي بس اشارن جي ٻولي ۾ شاعر هئڻ ناتي شاعراڻي انداز ۾ مون کي محسوس ته ڪرائي ته تون هاڻ مون کي پنهنجي مُرڪ کان پنهنجي ڀاڪر کان هميشه هميشه لاءِ محروم ڪري رهيو آهيان، تون وڃين رهيو آهين!

    حسن تو پاڻ ئي چيو ته:

    زندگي ڀلي اهڙي، ٽُڪ جي رلي جهڙي،
    مان وڇايان، تون نه ويهين،
    ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان.


    مان ته اِن رلي تي به ويٺو هئس ۽ دير تائين توسان مدهوشيءَ ۾ دل جا حال به اوريا پئي، ڪڏهن ڪائنات تي پئي ڳالهايو ته ڪڏهن عام رواجي مسئلن تي، مان به توسان زندگي ڀر اِن رلي تي ويهي ڪچهريون ڪرڻ لاءِ آتو هئس. مون توسان نينهن جو ناتو جوڙڻ گهريو هو، مون توکي وقت ڏنو پئي ته جيئن پراڻي وسڪي جيان پنهنجو رشتو پراڻو ٿئي ته جيئن اهڙو ناتو وڌيڪ مدهوش ٿئي جتي پاڻ گڏجي اُن گهري مدهوشيءَ جا مزا ماڻيون. پر تو ته اڳ ئي حسين ۽ دلربا زندگي، جنهن کي تو ٽُڪ جي رلي سان مشابهت ڏني، اُها زندگيءَ جي رلي تو ويڙهي ڇڏي، اُهو به بنا ٻڌائڻ جي.

    صبح ساڻ موبائل کوليم ته آپي جو پيغام (Massage) مليو ته تنهنجو دوست حسن درس توکان وڇڙي ويو آهي ته يقين نه پئي آيو، تصديق لاءِ ادا کان پڇيم، دوستن کان پڇيم، پر ظفر جو پيغام آيو ته:

    Beautiful and young poet Hasan Daras Passed away in a road accident in Hyderabad today.

    بس سست ئي اکيون پورجي ويون. انڌيرو ڇائنجي ويو، حسن تنهنجي تصور جو پاڇو گردش ڪرڻ لڳو. گذريل ملاقاتون ياد اچڻ لڳيون، گذاريل لمحا به آڏو اچي بيٺا، ائين پئي محسوس ٿيو ته تون منهنجي سامهون ويٺو آهيان. مون سان هم ڪلام آهين. ساڳي ئي کري لهجي ۾ مون سان مخاطب آهين. سڄي جسم ۾ عجيب لرزشون جاڳي اٿيون، اکين جي ڪنارن تي ٻاڦ اچي وئي ۽ جڏهن ڳوڙهن گول دائرن جي شڪل اختيار ڪئي ته تون ياد آئين. جڏهن تنهنجي يادگيري ورايو ته پڪ سمجهيم ته تون به منهنجي ڳوڙهن جيان مون کان وڇڙي چڪو آهين. مون کان گهڻو، تمام گهڻو پري وڃي چڪو آهين، ڄڻ ته مُلڪ عدم جو حصو بڻجي چڪو آهين. پر پوءِ به ڀلا ائين وڇڙبو آهي ڇا، ائين ڪٽجي ڌار ٿبو آهي ڇا!
    اڪثر ٿيندو ائين آهي جو هم عمر دوستيون هونديون آهن، جنهن جو سبب به اهو ئي هجي ٿو جو اهڙين دوستين ۾ جهل پل نه هوندي آهي ۽ دماغ کي اورانگهي ماڻهو دل تي تڪڙو اچيو بيهو رهي، پوءِ جيڪي حال اورڻ جا مزا ايندا آهن، اُهي ڳولهي به نه ملندا آهن. ساڳي ئي بي تڪلف دوستي هئي حسن سان. جيتوڻيڪ عمرين جا به فرق هئا، پر جڏهن ڳالهيون دماغ کان دل تي رسنديون آهن ته عمريون به منهن ويڙهيو ڇڏين. عمرين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، عمرون ته گذاريل ڏينهن ۽ سالن سان سلهاڙيل هونديون آهن، جيڪي پيون وڌنديون آهن. حسناڪي ته دل جي محتاج هوندي آهي، جي دل هوندي آهي جوان ته حسناڪيءَ جي اهميت به هوندي آهي ته زندگي جو به مزو هوندو آهي، جي دل کي پوڙهو ڪري ڇڏبو آهي ته زندگي ڀيانڪ موت جو ڏيک ڏيندي آهي. حسن دل جو جوان هو، جنهن سان ڳالهائبو هو ته ائين لڳندو هو ته پنهنجي ئي عمر جو هجي ۽ جي ويهندو پاڻ جيترن سان ته انهن جهڙو ٿي ويندو هو. عجيب خاصيتن جو مالڪ هو جو پنهنجي دل جي دنيا ۾ ئي پسار پيو ڪندو هو. باقي سندس لاءِ دنيا هڪ آوارا ٻار جيان هوندي هئي، جنهن کي هو سمجهي چڪو هو ته هتي پنهنجي ئي طريقي سان هلبو ته هلي سگهبو، جي نهاربو هيڏانهن هوڏانهن ته گهٽ ۽ ٻوسٽ جي دز چڙهي ويندي.

    حسن کي ڏسندو هئس ته مون کي وليم ورڊس ورٿ جي هوا وانگيان آزاد شاعري ياد ايندي هئي، جيڪو ڪڏهن ڊيفوڊلس جون جهمريون ڏسي ساڻن گڏ جهمريون هڻي پنهنجو ”اوپيرا هائوس“ ٺاهيندو هو، ڪنهن هيڪلي ڇوڪري کي ٻني ۾ هارپو ڪندي ڏسي اُن منظر کي لفظن سان ائين ترڇو هو جو هڪ لفظن جو خوبصورت مجسمو جڙي راس ٿيندو هو، ڪنهن ڳوٺ کي خالي ويران ڏسي اُن تي رت جا ڳوڙها واهبا هئا يا ڪنهن ڪڪيءَ جو طوفاني رات ۾ پيچرو ڀلجي موت جي گهاٽ ۾ لهڻ کي ائين پيش ڪبو ڄڻ ته اُها اڄ به هٿ ۾ لينٽرن کڻي جهونگاريندي اُنهي پيچري تي هلندڙ هجي. مون لاءِ لوسي گري (Lucy Gray) هڪ شاهڪار ڪردار رهيو آهي، جنهن کي آئون بار بار پڙهندو آهيان ته عجيب سُرور ۾ مبتلا ٿي ويندو آهيان، ڇو ته ان ڪردار ۾ آئون زندگي ۽ موت جي ٻن الڳ الڳ ندين کي گڏ وهندي ڏسندو آهيان ۽ اُن ڪردار ۾ صفا گم ٿي وڃڻ کانپوءِ اُهي ٻئي نديون گڏجندي مون کي هڪ ئي ندي لڳندي آهي، تنهن کانپوءِ آئون موت سان به ايترو ئي رومانس ڪندو آهيان، جيترو آئون زندگي سان ڪندو آهيان. حسن يقينن تون منهنجي لاءِ لوسي گري جو ڪردار بڻجي چڪو آهين. تنهنجي وڇوڙي کي زندگيءَ سان گڏيل محسوس ڪيان ٿو. جسم ته عارضي آهن، جن جو جدا ٿيڻ اڻٽر آهي، اِها حقيقت سائنسي طور منطقي بنيادن تي به آئون تسليم ڪيان ٿو. پر يار سوچون ته پنهنجي وس ۾ آهن، يادگيريون ته موت جو ڏنگ به نه ٿو کسي سگهي، تون مون کي هرپل ياد رهندي. آئون هاڻ جڏهن به ورڊس ورٿ کي پڙهندس ته تون مون سان گڏ هوندي، تنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ هوندو ۽ پوءِ تون مون کان هٿ ڪڏهن به نه ڇڏائي سگهندين، ڇو ته مون کان اهڙو لمحو برداشت نه ٿيندو آهي، جڏهن هٿ ڇڏائبا آهن ته آڱرين جي جدا ٿيڻ شرط ساهه جي تنگ جسم جي تنبوري مان ڇڄندي محسوس ٿيندي آهي ۽ آئون ائين ئي ڪندس جيئن تو چيو ته:

    ”نئين کي پراڻو ڪجي دل ڏجي“
    [/JUSTIFY]

    (روزانه عبرت 17 جون 2011)



    ********************************************************





    حسن! تون ائين وڇڙي وئين.....!؟​


    فياض چنڊ ڪليري


    ڇُلي پيون لاڙ جون اکڙيون،
    لٿي آ شام منڇر تي،
    مگر سي دادليون ڇوليون،
    نه ڇُهنديون پير سي ڪڏهين!
    نه ئي تارا تڪينداسين،
    ڳهريل نيڻ شاعر جا،
    سموري لاڙ جو لهجو،
    اُڻيو هُن پنهنجي شعرن ۾.
    حُسن جون ڪوڙڪيون ڪيئي،
    پيون هُون هُن جي پيرن ۾!
    سندس رولاڪ نيڻن جو،
    نه ڪوئي ڇيهه، سرحد هُئي،
    سندس شعرن جي مالها ۾
    سموري سنڌ ٽڙندي هُئي!
    سموري سنڌ هُن لاءِ،
    پرينءَ جو ڄڻ ته پاڇو هُئي.
    حُسن جو حَسن پوڄاري،
    وڻن ۽ پيچرن، تارن،
    گلن سان هئي سندس ياري،
    سندس نظمن جي ٻانهن ۾،
    خُماريل ڪئي جوانيون هُيون،
    حجابي لاڙ جي صورت،
    دليون ڪيئي ديوانيون هُيون!
    سُخن جي ڇانءُ ۾ ويهي،
    ڪئي هُن آبياري هُئي،
    حُسن، فطرت ۽ خوابن جي،

    سنگت جو لاڏلو شاعر،
    اچانڪ ائين هليو ويندو....!؟
    اڌورا پيگ، رُٺل اکڙيون،
    ڏسن ٿيون راهه روئيندي،
    اڃا ڪمري ۾ خوشبو آ،
    سندس بي ربط ٽهڪن جي.
    اڃان ڪي اڻ ڏٺل واديون،
    اڃان ڪي اڻ ڇهيل جذبا،
    هُئا ڪاڳر تي جي لَهڻا،
    اُهي سڀ خواب بڻجي ويا،
    حَسن! تون ائين وڇڙي وئين،
    ولر کان ڪونج جيئن وڇڙي،
    ازل جي گونج جيئن وڇڙي
    حَسن! تون ائين وڇڙي وئين!؟



    (روزانه عبرت 17 جون 2011)
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    نوجوان شاعر حسن درس جي وڇوڙي تي محترم ذوالفقار بهڻ جو لکيل تاثراتي نظم

    ان رات....
    چند جي بي وسي،
    تخليڪقارن جي مشاھدي،
    ضرور
    ڪو انت ڳوليو ھوندو...
    ڪاش!
    چنڊ جي پيڙا
    ڪوسمجھي ھا...
    روح پاتال تائين
    سڏڪيو ھو ....
    نيڻ
    پاڻي جي سمنڊ ۾ ٻڌي ويا
    سچ صبح ٿيندي ئي
    موڪلائي ويو


    [​IMG]
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    هيءَ هوا تنهنجي حسن جي هاڪ ۾!
    تحرير: منظور ميراڻي

    [JUSTIFY]
    زندگي ڀلي اهڙي
    ٽڪ تي رليءَ جهڙي
    آئون وڇايان، تون نه ويهين
    ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان

    زندگي هن وٽ واقعي به ٽڪ واري رليءَ جهڙي هئي.....صبح جو موبائيل ته وقت ڏسڻ لاءِ آن ڪيم، پر هڪ خراب خبر وقت جو اڳ جهليو بيٺي هئي....”حسن درس گذاري ويو.“ ان کان پوءِ No more…sad demise ۽ حسن جي شعرن وارا ايس ايم ايس ايندا رهيا. گذريل هفتي کان جڏهن طارق عالم جو وڇوڙو ٿيو آهي، تڏهن کان No more جهڙي منحوس ٽرم وارا الائي ڪيترا ايس ايم ايس ايندا رهيا آهن، پر اهو تصور ۾ به نه هو ته اڄ اهو ساڳيو منحوس ٽرم حسن درس جي حوالي سان به اچي سينو جهليندو. منهنجي هن سان فون تي آخري ڀيرو ڳالهه ان رات ئي ٿي هئي، جنهن صبح تي هن کي سدائين لاءِ وڇڙڻو هو. مون هن کي فون ڪئي ته صبح جو ملڻو آهي، 11 وڳي جو وقت مقرر ڪيوسين، پر شايد هن جو ڪنهن ٻئي هنڌ وقت مقرر ٿيل هو....جنهن ڏينهن طارق گذاري ويو هو، تدفين کان وٺي شام دير تائين اسان گڏ هئاسين، ۽ مون جڏهن هن کي هڪ ڏينهن پهرين فون ڪيو ته ان وقت به هن ٻڌايو ته ميڊم مهتاب کي طارق وارن جي گهر وٺي آيو آهيان، اتي ويٺا آهيون. مان محسوس ٿو ڪريان ته ڄڻ هو طارق جو ڏک ونڊيندي ونڊيندي سنڌ کي هڪ اهڙو ڏک ڏئي هليو ويو آهي، جيڪو ان جي سيني ۾ اونهاري جي باهه جيان دکندو ئي رهندو...اها سنڌ، جنهن کي هن پرينءَ جو پاڇو ڪوٺيو هو. هن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هئي، ۽ سارا پرين ڄڻ ته سنڌ هئا، جيڪي هن لاءِ جر تي جرڪن پيا.

    حسن درس ڇا هو؟ ان سوال جو جواب چند مهينا پهرين ڪراچيءَ ۾ برٽش ڪائونسل طرفان ٿيل لٽرري فيسٽيول ۾ حسن جي ئي ويجهي دوست محمد حنيف (ايڪسپلوڊنگ مينگوز جي ليکڪ) ان جو تعرف ڪرائيندي ڏاڍي بهتر نموني ڏنو هو. هن چيو هو ته ”مان جڏهن حسن سان 20 سال پهريون مليو هئس، تڏهن هن ٻڌايو هو ته هو شاعر آهي، ۽ اڄ جڏهن هن سان 20 سالن کان پوءِ مليو آهيان، تڏهن به هو شاعريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڪري....واقعي به هن شاعر ٿيڻ پئي چاهيو، شاعر ٿيو، ۽ پويان هن سموري سنڌ سان گڏ پنهنجي شاعريءَ کي به سوڳوار ڇڏيو آهي. شاعر لفظن کي ريجهائيندا آهن، ۽ لفظ شاعرن کي ريجهائيندا آهن، انهن درميان جيڪا لڪ لڪوٽيءَ جي راند هلندي آهي، سا راند جهڙي نموني حسن سان هلندي رهي، مان سوچيان ٿو ته ڄڻ لفظن کي ريجهائڻ وارو شاعر وڇڙي ويو آهي. جيئن ڪنهن موسيقار جي وڇوڙي تي ان جا ساز سوڳوار رهجي ويندا آهن، تيئن حسن جي وڇوڙي تي رڳو سنڌ صدمي ۾ ڪونهي، پر يقينن ان جا لفظ، هن جو ڇڏيل ڊڪشن به اداس هوندو. مون کي لڳي ٿو ته جيئن استاد بسم الله خان جي موت کان پوءِ ان وانگر ڪير شهنائي نٿو وڄائي سگهي، تيئن حسن وٽ لفظن سان راند جو جيڪو هنر هو، ۽ ڊڪشن جو جيڪو آرٽ هو، سو ٻئي ڪنهن جي وس ڳالهه شايد ئي هجي. هن مون کي ٻڌايو هو ته ”مون شاعر ٿيڻ لاءِ درگاهه مشائخ ۾ دعا گهري هئي.“ ماڻهو درگاهن تي پٽ پنڻ لاءِ ويندا آهن، ۽ هيءُ انوکو ماڻهو هو، جنهن درگاهه تي وڃي شاعر ٿيڻ جي دعا گهري....شآعر ٿيڻ جي دعا، سا به سنڌ ۾، جتي شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي موٽ ”واهه واهه“ کان اڳتي ڪجهه به ڪونهي. ان هنڌ تي ڪو ماڻهو ڪنهن درگاهه تي وڃي شاعر ٿيڻ جي دعا گهري ته اهو ماڻهو يقينن غير روايتي هوندو. پر اها دعا جهڙي نموني سان اگهامي، تنهن رڳو حسن درس کي ئي نه رڱيو، پر سموري سنڌي شاعريءَ کي رڱي ڇڏيو. هڪ غير روايتي ماڻهوءَ جي شاعري به غير روايتي هئي، پر هن جڏهن روايتي موضوع کنيا ته انهن کي به اهڙو رنگين بڻائي ڇڏيائين، جيئن عيد ڏهاڙي ٻارن جا ڪپڙا.....انيڪ رنگن وارا.

    مالهي ويو آ ماني کائڻ،
    تنهائي پئي ٿي باغ سنڀالي!

    ڪيترو نه غير روايتي شعر آهي. سنڀال جو تصور سدائين ڪنهن ماڻهوءَ جي هجڻ سان آهي، پر حسن هتي تنهائيءَ کي باغ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، يا وري هن جون هي سٽون ته،

    ٿڌ وسي ٿي واريءَ تي
    ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو

    هو شروع کان شاعر هو، ۽ آخري دم تائين شاعر ئي رهيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي هئي، تڏهن حسن ستين درجي ۾ پڙهندو هو، ۽ هن ئي هن شاعريءَ جي شروعات ڪئي هئي، ۽ اهو لازوال شعر تخليق ڪيو ته، ”ڦاسيءَ جي جهولي تي هن کي ننڊ اچي وئي.“ جيڪو شعر پوءِ جيالن جي هر جلسي ۾ پڙهيو ويندو هو. شاعرن کي شعر لکڻ لاءِ رڳو زندگيون Motivate ناهن ڪنديون، پر ڪي اهڙا موت به شعر لکڻ لاءِ اتساهيندا آهن، جن موتن ۾ دراصل زندگي لڪل هوندي آهي. ڪيڏي نه اتفاق جي ڳالهه آهي، جو حسن شهيد ڀٽي جي موت تي به لازوال سٽون تخليق ڪيون، ۽ جڏهن محترمه بينظير جي شهادت ٿي هئي، تڏهن به هن انوکي شاعر هن کي جيڪا ڀيٽا ڏني، ان جو ڪو متبادل ٿي نٿو سگهي.

    ادي هيءَ آجيان ڪهڙي
    وئي جا موڪلاڻي ٿي!

    هي اهڙو مصرعو آهي، جنهن هڪڙي مصرعي ۾ محترمه جي 18 هين آڪٽوبر آمد کان 27 ڊسمبر شهادت تائين جو ڄڻ ته سمورو منظر چٽجي وڃي ٿو. بينظير جي جيڪا آجيان ٿي هئي، سا ڄڻ ته موڪلاڻي ئي هئي، ۽ لڳي پيو ته هوءَ وطن وري ئي موڪلائڻ لاءِ هجي. پر ان ڪيفيت ۽ منظر کي حسن جهڙو ڪو شاعر ئي سمجهي سگهي ٿو. هو زندگيءَ سان ڀرپور شاعر هو، ۽ هن جي زندگيءَ شاعريءَ سان ڀرپور هئي. خيال هن جي ذهن جي ڊانس فلور تي حسينائن وانگر گڏ ٿيندا هئا، ۽ پوءِ اهي حسينائون حسن جي شاعريءَ ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. اوهان حسن جو ڪو به شعر کڻي ڏسو، ان ۾ اوهان کي جيڪا جماليات ملندي، ان مان ئي اندازو هڻي سگهجي ٿو ته حَسن حُسن جي ڪيترو ويجهو هو.

    اها سنڌ، جنهن کي حسن پرينءَ جو پاڇو ڪوٺيو هو، سا سنڌ ته ساڳي آهي، پر ان سنڌ ۾ اڄ حسن ڪونهي. سنڌ جون گهٽيون، روڊ رستا، حيدرآباد ۽ ان حيدرآباد جون هوائون هتي ئي رهجي ويون آهن، پر حسن ڪونهي، ۽ اهي هوائون حسن کي يقينن ڳولينديون، ان جي ئي شعر وانگر ته،

    هيءَ هوا تنهنجي حسن جي هاڪ ۾،
    پئي ڦري هر گام ۽ هر ٿاڪ ۾!
    [/JUSTIFY]

    (روزانه ڪاوش 17 جون 2011)​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    اڄوڪي ڪاوش اخبار جو ايڊيٽوريل


    حسن درس جو وڇوڙو ۽ پوليس جي حد...!

    ڪجهه خبرون به باهه وانگر ئي ٿينديون آهن، هيڪر زبان مان نڪري يا نظر مان گذري وڃن ته دِلين جي ڳوٺن کي اک ڇنڀ ۾ وڪوڙي وينديون آهن، حسن درس جي بنهه يقين ۾ نه ايندڙ موت واري خبر به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بلڪل ائين ئي ڦهلجي ويئي. زندگيءَ کي زندگيءَ جو نالو مليو ئي موت جي ڪري آهي، جيڪڏهن موت نه هجي ها ته زندگيءَ جو نالو ڪجهه به هُجي ها، پر زندگيءَ نه هُجي ها، اِها به حقيقت، ۽ اِها به حقيقت ته هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن موت جو هي ذائقو چکيندو ته هِڪ ماڻهو آهي، پر اُن جي ڪڙاڻ پوري نسل ۽ قوم جي نڙي مان لهي سندس سموري وجود جي رڳ رڳ ۾ ڊوڙڻ لڳندي آهي، ڪالهه اڌ رات جو جڏهن حسن درس پنهنجي هڪ دوست کان ٿي واپس سٽيزن ڪالوني پنهنجي گهر اچي رهيو هو ته قاسم آباد جي فلنگ اسٽيشن وٽ سندس ڪار سان حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو.

    حسن درس جي موت جي خبر ڪجهه مٿين ريت جڙي ٿي، مگر انهيءَ خبر کي، جيڪڏهن قاسم آباد ۽ جي او آر ڪالوني جي پوليس چاهي ها ته حسن جي ٿوري گهڻي زخمي ٿيڻ ۽ بعد ۾ خيريت سان گهر پهچي وڃڻ تائين محدود ڪري يا گهٽائي سگهي پئي، مگر ائين نه ٿيو ۽ حسن درس جيڪو لطيف ۽ اياز کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو ٽيون آفتاب ٿي اڃان اُڀريو ئي پئي ته پوليس جي بي ڌيانيءَ جي گرهڻ جو شڪار ٿي ويو! انهيءَ رات ٻه گرهڻ لڳا، هِڪ چنڊ کي، جيڪو پوري دُنيا ڏٺو ۽ ٻيو حسن جي زندگيءَ کي جنهن کي سموري سنڌ پنهنجي اکين ۾ لهندي محسوس ڪيو. حسن جي اندوهناڪ موت جي حوالي سان پوليس جي قِصي جي حقيقت ڪجهه هن ريت آهي ته، حسن جي گاڏي سان حادثي پيش اچڻ کان فوراً بعد قاسم آباد جي پوليس اچي ويئي، پوليس وارن سان ڀريل موبائيل اِهو چئي واپس هلي ويئي ته هي حد اسان جي ناهي، جنهن کان پوءِ هڪ ڪلاڪ بعد جي. او. آر ڪالوني ٿاڻي جي پوليس آئي ۽ اُها به اِهو چئي واپس هلي ويئي ته هي حد اسان جي ناهي. ڏيڍ-ٻن ڪلاڪن تائين پوليس پنهنجي حدن ۾ رهندي، حسن کي فوري طبي امداد واسطي اسپتال تائين نه پهچايو ۽ جڏهن ڏيڍ-ٻن ڪلاڪن جي دير کان پوءِ راهه ويندڙ ڪجهه نوجوانن کيس سڃاڻي اسپتال تائين پهچايو، تڏهن گهڻي دير ٿي چُڪي هئي ۽ هُن اسپتال ۾ پنهنجو معصوم روح ساڳي حالت ۾ خدا کي ائين واپس ڪيو، جيئن امانت سلامت واپس ڪبي آهي.
    هاڻي حسن درس باقي ناهي رهيو، سڀاڻي جڏهن سنڌ پنهنجي شاعريءَ جي اتهاس جا پنا ورائيندي ۽ حسن کي پڙهندي ته هو نه فقط سندس شاعري ۽ اُن جي آفاقيت تي ڳالهائيندي پر سندس ذهن ۾ اِهو سوال به اُڀرندو ته 21 هين صديءَ جو هي بي مثال سنڌي شاعر طبعي زندگيءَ جون باقي بچيل بهارون ڇو نه ماڻي سگهيو؟! ايندڙ دور ۾ وڏن ۽ سونهري اکرن سان ڇپيل سندس شاعريءَ جي هيٺان ڇا اهڙو ڪو فوٽ نوٽ ڇپيل هوندو، جنهن ۾ اِهو به لکيل هُجي ته پوليس جي حدن واري تڪرار جي نتيجي ۾ ٿي ويل دير حسن کان زنده رهڻ جو حق ڦري ورتو.

    حسن درس جو موت حادثو آهي، مگر کيس پوليس پاران وقت تي طبي امداد لاءِ اسپتال نه پهچائڻ وارو عمل هڪ سانحو آهي، سورهين تاريخ رات جو ساڍي ٽين وڳي ڌاري جنهن جاءِ تي حسن سان هي حادثو پيش آيو هو، ٺيڪ انهيءَ جاءِ کان ڪجهه قدم اڳيان قاسم آباد جون ٻه وڏيون اسپتالون موجود هيون، جتي اگر کيس وقت تي پهچائجي ها ته هو بچي سگهيو پئي، انهن ئي اسپتالن جي پاسي ۾ قاسم آباد ٿاڻو هو، جتي جي پوليس کيس ڪار ۾ ڦاٿل حالت ۾ ڏسي ۽ اِهو چئي واپس هلي ويئي هئي ته هي سندن حد ناهي ۽ اِهو ئي جي. او. آر ڪالوني جي پوليس جو فرمان هو.

    ڪو به ماڻهو، پوءِ اُهو ڪير به هجي، ڪهڙي به قوم ۽ قبيلي جو هجي، جيڪڏهن اُن جي زندگي بچائڻ جو وقت يا موقعو پوليس کي ملي ۽ اُها اِهو چئي اُن کي موت جي هنج ۾ آرام سان وڃڻ ڏيئي ته هي حد سندن ناهي ته پوءِ پوليس جي اهڙي موقف کي ڪهڙو جواز هجي ٿو ۽ اهو به تڏهن جڏهن سپريم ڪورٽ پنهنجي هڪ رولنگ ۾ پوليس لاءِ اهو لازمي قرار ڏنو هو ته هو پهريائين ڪنهن به زخمي يا حادثي جي شڪار ٿيل ماڻهن کي طبي امداد واسطي اسپتال آڻي ۽ حدن جو فيصلو بعد ۾ ڪري، مگر پوليس وارا ڇا ايترا پڙهيل آهن جو هُو سپريم ڪورٽ جي اهڙي ڪنهن حڪنامي کان باخبر هجن ۽ جيڪڏهن طبي امداد واسطي حسن درس جهڙي ماڻهو کي گهربل هُجي ۽ تڏهن به پوليس ”حد“ جو جواز ڄاڻائي سندس مدد نه ڪري ته پوءِ سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته پوليس جي آخر حد ڪهڙي آهي؟!! پوليس، ٻيو ته ٺهيو، پنهنجي ئي واسطي طئه ڪيل ”ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ“ جون حدون اورانگهي سنڌ ۾ هِڪ الڳ ”اسٽيٽ آف ٽيرر“ جوڙي ويٺي آهي، جتي قانون، اخلاق، اختيار ۽ انسانيت جي حد اتان ئي شروع ٿئي ٿي، جتان کان پوليس لڪير ڇڪي ٿي، پوءِ هي ڪهڙي حد هئي، جيڪا قاسم آباد ۽ جي او آر ٿاڻي جي پوليس پنهنجي نه ڪئي ۽ حسن درس جيڪو سنڌ جي اک جو سُرمو هو، سو لڙڪ بڻجي وڃي سنڌ جي ئي سيني ۾ سُتو.​

    روزانه ڪاوش 17 جون 2011
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,859
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    زندگي ڀلي اهڙي
    ٽڪ تي رليءَ جهڙي
    آئون وڇايان، تون نه ويهين
    ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان

    ۽ حسن درس پنهنجي رلهي ويڙهي هليو ويو، شايد اهو گهربل محبوب سندس وڇايل رلهيءَ تي نه آيو هوندو ۔۔۔

    شاعر قومن جو سرمايو هوندا اهن ۽ قومن جي ثقافت جا امين هوندا آهن ،،،، قلم سان قوم، قوم سان قلم گڏائي اهڙا ته ماجرا سٽيندا آهن جو قومن ۾ انقلاب برپا ٿيندا آهن، سنڌي اديبن، شاعرن به ڪيتري حد تائين پاڻ ملهايو آهي ۽ قوم کي ڪي پيغام ڪي سنيها ۽ اڻ تڻ جا گس ڏسيا آهن ۔۔۔

    حسن درس جو وڇوڙو سنڌ جي ڪيترن سگهارن قلمن مان هڪ قلم جي سڪي وڃڻ جو الميو آهي، جيڪو ڪڏهن ڀربو ۽ ڪيئن ڀربو چئي نٿو سگهجي ۔۔۔ بس اسين سندس جي مغفرت جي دعا ڪري سگهونٿا ۽ سندس ڏسيل سچ، سونهن ۽ حق جي راهه تي هلڻ جو وچن ڪري سگهونٿا ۔۔۔

    انا لله وانا عليه راجعون
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    حسن درس جي وڇوڙي تي حسن مجتبى جو بي بي سي اردو تي لکيل بلاگ :

    بي بي سي تي هي بلاگ پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو:

    تو کیا جانے درد جدائي کیا ہوتا ہے

    حسن مجتیٰ

    بی بی سی اردو ڈاٹ کام، نیویارک

    شراب، گھوڑا، عورت، سمندر حسن درس کی شاعری اور زندگی کے استعارے تھے۔

    حسن درس مر گیا مجھے لگا ایک بار پھر سندھ اپنی جوانی میں مر گیا۔ ابھی اسے اور وقت نے ثابت کرنا تھا کہ وہ پچـھلی صدی کا سب سے بڑا سندھی شاعر تھا۔

    لیکن وہ ہمعصر سندھی شاعری میں اپنے آخری لمحوں تک سب سے بڑا شاعر تھا۔ سندھ کی خوبصورتی اور شاعری کو نظر کھا گئي۔ یہ میرا آوارہ گرد اور کبھی میری آوارہ گردیوں میں ساتھی میرا دوست میرا ہمدم مر گیا۔

    اسے عزیز تھی آوارگی میں تنہائي

    نہ جانے آج کہاں کس نگر گیا لوگو۔


    یہ سندھ کا کیمٹیڈ عاشق، شاعر اور آوارہ گرد چاند گرہن والی رات کے پچھلے پہر اپنے گھر کے راستے پر مرگیا۔ "تیز جیئو، جوانی میں مر جائو تاکہ تمہاری لاش خوبصورت لگے" اس چلتی پھرتی انجمن قاتلان شب کو رات نے قتل کردیا۔ یہ کہ جسپر پوری سندہ اور پورے ملک کا دعوا ہے اسپر میرا بھی دعوی ہے کہ وہ میرا بہت ہی قریبی دوست تھا۔ میرا جان جگر تھا۔ اس خوبصورت راتوں کے راہی کو اجل کے گھڑ سوار لے گۓ۔

    یہ سرمد بھی تھا ابھیچند بھی تھا۔ میں اسے حافظ کا ترک شیرازی کہتا وہ بڑا ہنستا تھا۔ حافظ شیرازی نے تو اپنے ترک شیرازی کے رخسار کے تل پر فقط سمرقند و بخارا قربان کر دینے کی خواہش کی تھی لیکن حسن درس اور اس کی شاعری پر سندھ قربان تھا میں ایک کیا تھا۔

    اک تم ہی نہیں تنہا الفت میں میری رسوا

    اس شہر میں تم جیسے دیوانے ہزاروں ہیں۔


    میں نے انیس سو اسی کے وسط میں اس کا ذکر سنا تھا کہ وہ سندھی میں سب سے بڑا نیا شاعر ہے جس کی شاعری نے دھوم مچائی ہوئي ہے۔ اسے میں نے پہلی بار اپنے ایک دوست کے ساتھ حیدرآباد کی گول بلڈنگ کے سامنے بنے ہوئے کوٹری سوزوکی اسٹاپ پر دیکھا تھا۔ وہ ایک کھلنڈرا نوجوان تھا اور یہ دونوں بہت جلدی میں تھے۔

    میرے دوست نے اپنے کاندھے پر سفری تھیلا لٹکائے ہوئے اس لڑکے کا تعارف کراتے ہوئے صرف اتنا کہا ہی تھا یہ ’یہ حسن درس ہے‘۔ ان کی گاڑی آ گئي اور وہ عجلت میں اس پر چـڑھ کر چلے گۓ۔

    آتے جاتے خوبصوررت آوارہ سڑکوں پر

    کتنے انجان لوگ مل جاتے ہیں

    ان میں سے کچھ اکثر بھول جاتے ہیں

    کچھ یاد رہ جاتے ہیں"


    کشور کمار کے گانے کے ان بولوں کی طرح حسن درس بس یاد رہ جانے والے لوگوں میں سے تھا۔ ایسے حسین آوارہ گرد جو آپ کے دل اور نظر میں ہمیشہ گھر کیے رہتے ہیں۔ حسن درس مجھے پھر ایک طویل عرصے تک کبھی نہیں ملا۔ کاش وہ کبھی نہیں ملتا تو اس کی جدائی کا درد اتنا شاید ہی محسوس ہوتا جو اب ہے۔

    تو کیا جانے درد جدائی کیا ہوتا ہے۔

    پھر وہ میری اور میرے ساتھ میرے جز وقتی آوارہ گرد دوست ذوالفقار شاہ کے ہمراہ حیدراباد گاڑی کھاتے کی حیدر چوک کی راتوں میں دو دفعہ ملا اور دور سے ہی سلام کر کے سامنے والی گلی میں گم ہوگیا جہاں کبھی سارے پری زاد رہتے تھے۔ کلو پکوڑائي والی گلی، سندھ کی تاریخ بناتی گلی تھی۔

    تب تک نہ میں نے حسن درس کی شاعری سنی یا پڑھی تھی اور نہ ہی اس سے کبھی ٹکا کر ملاقات ہوئی تھی۔ ایک تشنگی تھی جو رہ گئی ہوئی تھی۔ تب تک جب اپنی طویل خاموشی، جسے میں تاریخ میں ان کی ویکیشن کہتا تھا، برصغیر کے عظیم شاعر شیخ ایاز اپنا چپ شاہ کا روزہ چھوڑ کر دسمبر انیس سو ستاسی میں حیدرآباد پریس کلب میں سندھی ادبی سنگت کی طرف سے ہونے والے ایک یادگار فنکشن میں مہمان خاص تھے جہاں حسن درس نے اپنی معرکتہ آلارا سندھی نظم ’ننگے سرمد کے حضور‘ سنائي تھی کہ ’میں تیرا وہی ابھیچند ہوں‘۔ میں نے تب ہی سوچا تھا ’اگر آج کے دور میں سرمد اور ابھیچند ہوتے تو وہ بلکل حسن درس کی طرح ہوتے‘۔

    اس کے بعد یہ سارے سندھ کا ابیھچند میرے دو دوستوں سید منیر شاہ اور لیاقت رضوی کے مجھ سے پھر سے تعارف کرائے جانے کے بعد وہ دن آج کا دن میرے ساتھ ساتھ رہا۔ ہم نے جیون بھر کتنے جام لنڈھائے تھے لیکن تشنگی پھر بھی رہ گئي۔

    وہ نہایت ہی چھوٹی عمر میں ایک عجبیب فسوں کار تھا بلکل یورپ میں ان خوبصورت روما جپسی بچوں کی طرح جو آّپ کو ایک ہوم سکنس (گھر کی یاد) میں مبتلا کر دیتے ہیں۔ پتہ تب پڑتا ہے کہ وہ بچے یہ جا وہ جا لیکن آپ کا بٹوہ غائب۔

    حسن درس کسی کا بٹوہ تو کیا غائب کرتا مگر اپنی ادا اور شاعری سے دل لوٹ کر لے جاتا اور کبھی واپس نہیں کرتا۔ اگر آپ حسن درس کے دوست ہیں، مرد ہیں یا خاتون جانتے ہوں گے اس ہرجائي کو۔

    مجھے لیاری کراچي میں ایک شخص ایسا ملا جس نے کہا کہ حسن درس نے اس کے پاس صرف کچھ راتیں گزاریں تھیں اور چائے طلب کی تھی۔ اس کے بعد وہ برسوں تک ہر رات چائے کی کیتلی گرم کر کر دروازہ کھلا رکھتا کہ نہ جانے کس شب حسن درس آ نکلے ۔ لیکن حسن درس کبھی نہیں آیا۔ مجھے نہیں معلوم حسن درس کب چائے پیا کرتا تھا۔ مجھے تو یہ معلوم ہے کہ وہ چائے کافی تو ناشتے میں بھی نہیں پیتا تھا۔

    وہ محمد حنیف، مصدق سانول جیسے طبع زاد لوگوں سے لے کر ہزاروں اور ہر قماش اور قسم کے لوگوں کا دوست تھا۔ اس وسنت فقیر کا بھی جو سانگھڑ ضلع میں کہیں کٹیا بنائے، زغفرانی رنگ کی صوفی پگڑی باندھے یکتارے پر عارفانہ کلام گاتا ہے اور اس کے متعلق حسن نے اپنی ایک نظم میں کہا تھا کہ اس کے پٹکے (پگڑ) کے بلوں میں تاریخ پنکیاں کھا رہی ہے۔ وہ نہ مردوں کے بنائی ہوئی اس سندھی کہاوت کی طرح تھا ’چندری عورت کے بچے بھی بہت تو یار بھی بہت‘۔

    شراب، گھوڑا، عورت، سمندر اس کی شاعری اور زندگی کے استعارے تھے۔

    حسن نے دو اگست انیس سو اٹھاسی کو فوجی آمر جنرل ضیاء پر ایک طویل نظم لکھی تھی جس کی آخری سطریں تھیں:

    " ہم کہتے ہیں کہ جنرل ضیاء اپنے روپ میں

    زندگی کو حکم امتناعی ہے

    وہ موت کا دوجھا نام ہے

    وہ چاندنی سے بیر ہے

    سورج سے دشمنی ہے

    وہ کپاس جیسی نرم گداز جوانیوں پر

    گرے ہوئے پتھروں کا ڈھیر ہے

    اس کا وجود دھرتی پر بکواس ہے اضافی ہے

    اور آدمیت کے لیے شرم جیسی بات ہے۔

    ٹھیک پندرہ دنوں بعد ضیاء ہوائي حادثے میں ہلاک ہو گئے۔

    حسن درس اس نسل سے تھا جس نے ہر تعصب اور آمریت کی ہر شکل سے لڑائي مول لی ہوئی تھی۔ انقلابی، عاشق، قیدی، اور حسین لڑکے اور لڑکیاں اس کی شاعری اپنے بٹووں میں رکھے پھرا کرتے۔ میں اسے پئبلو نرودا اور پروین شاکر کے بیچ کی کوئی شے کہتا۔ اگر کو‏ئي اسے کبھی اچھا مترجم ملا تو اس کی شاعری اسے دنیا کے چوٹی کے شاعروں میں کھڑی کر دے گی۔ وہ سندہ میں میں لامحالہ شیخ ایاز کے بعاد سب سے بڑا سندھی شاعر تھا۔

    اس نے اپنے پیچھے سندہ کی افسانہ نگار و ناول نگار مہتاب محبوب خوشدامن، شاعرہ اہلیہ ارم محبوب اور پیارے بچے دو عظیم صوفیوں کے نام رکھے ہوئے دو بیٹے روحل ، چیزل، اور بیٹی ردھم اور ہم سب کو، سندھ کو اور اپنے محبوب وطن کو ہیمشہ کے لیے سوگوار چھوڑا ہے۔

    بلکل آج ایسا لگ رہا ہے جیسے اس نے ہمارے دوست عرفان مہدی کی خودکشی پر لکھا تھا ’ اس کی موت نے ہم سب کی تنہائی ایکسپوز کر دی ہے‘

    حسن درس اور اس کی شاعری کی ہزاروں باتیں ہیں لیکن سپیس اور زندگی کم ہے۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    محترم ياسر قاضي پاران تاثراتي چئوسٽو:

    [​IMG]
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    حسن درس جي وڇوڙي تي زرار پيرزادي جا تاثرات

    نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...

    شهزادي شاعر حسن درس جو لاڏاڻو

    [JUSTIFY]سنڌي ادب لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي طارق عالم ابڙي ۽ منصور ملڪ جي لاڏاڻن وارو زخم اڃا تازو ئي هو ته وري حسن درس به هانو ڦاڙي هليو ويو آ

    الائي ڪيترا اديب ۽ شاعر هوندا آهن جن پنهنجا ورهين جا ورهيه ادب کي ڏنا هوندا پر پوءِ به سندن ڪم ۽ سندن نالا ڪنهن ريفرنس طور استعمال ناهن ٿيندا پر حسن درس پنهنجي انتهائي مختصر ادبي ڪيريئر ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جو نمائنده شاعر طور سڃاڻپجڻ لڳو هو ۽ ريفرنس طور استعمال ٿيڻ لڳو هو.

    شاعري کان علاوه به حسن درس جي سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن. هو ريڊيو ۽ ٽي وي جو ڪمپيئر، صحافي، ڪالم نگار، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ صوفي منش ماڻهو هو.

    حسن درس جهڙو ڏسڻ جو سهڻو هو تهڙو ئي سهڻو سندس آواز ۽ آواز جو لهجو هو ۽ اهڙيون ئي حسين سندن تخليقون ۽ خيال هيا. هيءُ خوش اخلاق به هو ته خوش لباس به هو. رومانوي ۽ سُريلو نوجوان هو. جماليات جو ڄڻ ته آئينو هو.

    سو حسن درس بي شڪ انتهائي مختصر پر بي حد حسين، ڀرپور جوڀن واري ۽ جامع زندگي گذاري ويو. حسن درس جي سائٿ ئي اهڙي هئي جو هن ٽارچر جهڙي دنيا ۾ رهندي به حسن، هڳاءُ ۽ جماليات جو سحر طاري ڪري ڏيکاريو.

    هڳاءُ صرف گلن، عطرن يا خوشبوءَ جي شئين ۾ ئي ناهي ٿيندو پر ڪي ماڻهو به خوشبوئن جهڙا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي خوشبوءَ سان زندگي ۽ ماحول کي به معطر ڪري ڇڏيندا آهن. حسن درس به ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي“ جهڙو هو.

    موت بي شڪ ماڻهوءَ کي جسماني طور تي ته ماري هليو ويندو آهي پر اهو سندس روح ۽ يادن کي ڪڏهن به ماري ناهي سگهندو خاص ڪري تخيلقڪارن کي ته موت صفا ماري ناهي سگهندو. ڇاڪاڻ ته تخليقڪار پنهنجين تخليقن ۾ هميشه هميشه لاءِ پاڻ کي زندهه ڪري ويندو آهي.

    ڪي ماڻهو ته اهڙا به هوندا آهن جيڪي بظاهر پاڻ مري ويندا آهن پر پنهنجي صدمي ۾ پويان ڪيترن کي جيئري ئي ماري هليا ويندا آهن.

    سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته مري، حسن درس ناهي ويو پر مري ته اصل ۾ سندس جيون ساٿياڻي ارم محبوب وئي آهي جنهن جي ساهه جي ٿوڻي هو ”حسن درس“ ............[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز 17 جون 2011
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,378
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    انا لله وانا عليه راجعون
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    هي حسن دوکو ڏيئي ڪيڏانهن ويو
    تحرير : اظهار سومرو

    [JUSTIFY]موت جي واديءَ ۾ داخل ٿيندڙ هي شهزادو، پنهنجي وطن جي ماڻهن کي هميشه لاءِ رهندڙ وڇوڙي ۾ ويڙهيل نظمن ۽ غزلن جا اهڙا تحفا ڏئي ويو آهي، جيڪي مشائخ هوٿيءَ جي مٽيءَ مان جنميل هن ماڻهوءَ جي پيار جو اظهار آهن، اهو پيار جيڪو هن پرين ۽ سنڌ جي وچ ۾ موجود وٿيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪندي ڏنو هو ته:

    ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو، جيڪو جر ٿي جاڳي ٿو
    ٿڌ وسي ٿي واريءَ تي ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو“

    پر هن جي وڃڻ کان پوءِ به ڄڻ ته هو پاڇي وانگر انهن دوستن سان سدائين گڏ رهندو جن دوستن پنهنجي هٿن ۽ اکين جي آلاڻ سان هن صوفي منش ماڻهوءَ کي ائين مٽيءَ حوالي ڪيو جيئن روئيندڙ ٻار کي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو هجي، هو سچ به ته سنڌ جي ڌرتيءَ سان پيار ۾ بي لوث هيو، هن کي پنهنجي وطن جي هر ماڻهوءَ سان ان ڪري پيار هيو جو اهو پيار کيس ماءُ جي ٿڃ جي لڄ رکڻ واري سبق وانگر ستي ڪري پياريو ويو هيو.

    هو شاعر، عاشق، دوست، صحافي، سماجي ورڪر يا ٽن ٻارن جو پيءُ هو جنهن جي دل جو درس اسان جي اندر ۾ حسناڪيون ڇڏي ويو، مو ن کي هو هڪ دوست جي روپ ۾ ان ڪري وڻيو جو هو دوستيءَ جو دم نه ڀريندو هيو پر دوستيءَ جي چيچ ۾ اهڙي ڇلي وانگر هيو جيڪو ڪڏهن به گهرگهلو نه ٿيو، ڪاوڙ جي ڪڙاڻ کي هن ڪڏهن به دوستيءَ جي آڳر تي نه اچڻ ڏنو. قاسم آباد جو اهو چوڪيدار به هن جو دوست هيو، جيڪو پاڙي جي ماسيءَ سان پنهنجي پيار جا قصا هن کي ٻڌائيندو هيو، هو ڳوٺ جي ان چريءَ جو به دوست هيو جنهن کي کاڌي ۾ سيرو وڻندو هيو، هو ان ماڻهوءَ وانگر هيو، جنهن کي تعلق جي مشڪل مرحلن مان گذرڻ ۾ مزو ايندو هيو، ان ڪري ئي ته هر ماڻهو هن کي پنهنجو سڀ کان ويجهو دوست سمجهندو رهيو، پر اصل ۾ هو ڪنهن فرد جو دوست نه پر وطن کان وڇڙي ويل ان آجپي جو دوست هيو، جنهن لاءِ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته

    ”هوءَ جا پاڻ پکيءَ جهڙي آ،
    لڪي شاهه صدر تي لهندي“.

    مون کي هن سان صرف هڪڙي ڳالهه تي ريس ٿي ته هن کي پنهنجي شاعري ڪيئن بر زبان ياد آهي، غالب کي ته زال جي رئي ۾ ٻڌل ڳنڍ کولڻي پوندي هئي پر هو ته بنا رئي جي لفظن جون ڳنڍيون کوليندو هيو!!!

    هن جي شاعري، محاذ تي وڙهندڙ سپاهيءَ جي ساڳي وقت وطن ۽ محبوبا لاءِ ڌڙڪندڙ دل جهڙي هئي، هو ذلفيءَ جي ڦاهيءَ تي چڙهڻ کي ڪيترو نه رومانٽڪ انداز ۾ پيش ڪري ويو،

    ”ڦاسيءَ جي جهولي تي
    هن کي ننڊ اچي وئي!!“

    پر پوءِ جڏهن پنڪي کي پياسي هرڻيءَ وانگر شڪار ڪيو ويو، تڏهن به ته هن چيو هيو ته

    ”گلابن ۽ شهيدن کي ڀلا ايندو ڪفن ڪهڙو!!“​


    سيد سان عقيدت جو اظهار به ته هو پنهنجي ڪچهرين ۾ ڪندو هيو ۽ ان کان پوءِ وارا سنڌ جا سمورا سياسي سرواڻ سندس شاعريءَ جا مداح هئا!

    بي بي جي وڇوڙي تي لکيل سندس نظم

    ”ادي هيءَ آجيان ڪهڙي، وئي جا موڪلاڻي ٿي!“

    ته ملڪ جي ايوانن ۾ ويٺل سڀ کان سگهاري شخصيت کي به اداس ڪري ڇڏيو هيو، ڪريم لغاري جي گاڏيءَ ۾ وڄندڙ مظهر علي جي آواز ۾ ڳايل اهو نوحو هن جي موت جي اڳڪٿي ته نه هو. هو طلسماتي ماڻهو ته هيو، ماڻهوءَ کي پنهنجي ڳالهين جي منڊ ۾ منڊي ڇڏيندو هيو، پر پڇاڙيءَ ۾ هو ايڏو الميائي ٿي ويندو، سو سندس شاعريءَ مان محسوس ٿيو پئي. هو زندگيءَ جي معاملن کي پوين ڪجهه سالن ۾ سڌاري رهيو هيو، ڇاڪاڻ ته کيس وڃڻ جي تڪڙ هئي، جهمپير جي تاڙين جي ذڪر سان گڏ هو رسول بخش درس جو ذڪر ضرور ڪندو هيو، شاهپنجو سلطان ۾ پنهنجي تڪيه ملڪ مشائخ هوٿي ۽ مسرور سومري جو ذڪر ضرور ڪندو هو، محبتن جو قصو ضرور ڇيڙيندو هيو، مقبول نظاماڻي جي پاڇي هيٺ وڏو ٿيڻ جي واقعن کان وٺي ڊاڪٽر آڪاش ۽ رئيس مشتاق نظاماڻي جي دوستيءَ جو ذڪر ڪرڻ وقت هو پرجوش هوندو هيو، جاميءَ ۽ مظفر چانڊئي سان هن جي پاڙيسري ملڪ گهمڻ دوران ٿيل قصا هو دنيا جي بهترين قصاگو وانگر ٻڌائيندو هو، مسعود لوهار سان گڏ هن جيڪي سفر ڪيا سي هن جي رولا ڪيءَ ۾ ڄڻ ته شاندار شموليت ماڻي ويا، هوٿي کان روهيءَ تائين هن سان گڏ رهيو ۽ سندس روح ريت سان ملي ريت ٿي ويندو هيو، تڏهن باهو ۽ بلي شاهه جو ذڪر ڪرڻ وقت هو حسن مجتبى ۽ محمد حنيف کي ياد ڪرڻ لڳندو هيو، هو اصغر ڀٽي ۽ بشير شاهه سان گڏجي پنهنجا ڪي گم ٿي ويل گيت، ڪي وڇڙي ويل محبتون يا وري پنهنجو ”تڪيو“ ڳولهي رهيو هيو.

    پر هو محبوب شيخ ”صاحب“ جو ذڪر ڪندي ڪندي اوچتو ميڊم مهتاب محبوب کي پيار ۾ امي ڪوٺيندي سندس ڏينهون ڏينهن بگڙجندڙ طبيعت کي وٺي پريشان ٿي ويندو هيو.

    لقي کي ستار سان گڏ شامل ڪري هو انيس ميمڻ سوڌو ڄڻ ته 233 تي ٻيهر عرفان مهدي کي ڳولڻ لڳندو وهيو، هو ماڻهن مان پنهنجا ڪردار ڳولهڻ بدران ماڻهن کي شاندار ڪردار بڻائيندو هيو. پنهنجي گهر جي سرمد، اسد، گل، مجيري ۽ غلام رسول سميت انهن سڀني نوجوانن لاءِ هو اهڙو ”مجاهد“ هيو جيڪو نوان سپاهي تيار ڪري رهيو هيو.

    هو جيتوڻيڪ منهنجي وڏي ڀاءُ وقار جو دوست هيو، پر مون کي هن جيڪو اعزاز بخشيو، اهو ائين هيو جيئن ڀٽائي پنهنجي فقيرن کي پاڻ سان گڏ رکي امر ڪري ڇڏيو. هن سان گڏ هجڻ ائين هو جيئن زندگي جي مشڪرين ۽ تلخين جي وچ ۾ بيٺل ماڻهوءَ سان ڪا ملاقات ٿي وڃي، جيڪو ڪڏهن ايڏو چنچل جو چوي ته

    ”شڪيلا شوق مان شربت پيئي ٿي
    شام جا شيشا ٿيا خالي وري...“
    ته ڪڏهن ڪنڀر جي چٽساليءَ جهڙو نظم
    ”دلڪش بدن سمندر
    انداز عورتن جا...“

    ته ڪڏهن ايترو اداس، جو ڪاري شال منهن تي ويڙهي وٺي سڏڪا ڀرڻ شروع ڪري ڇڏي،

    ”تنها تنها تنها جيون
    ڳولهي ڇا ٿو، ماڻهو جو من!“
    سنڌو سڀيتا کي ڳولهڻ لاءِ جڏهن هو مٿي پهاڙن تي ويو ته اتي به هن...

    ”اڃا تائين چترال جو چرس پيئندا رهن ٿا“
    واري نظم سان گڏ اهو به لکيو هو
    ”جدائين وصالن جي ڪيلاش وادي.“

    مذهبي جنونيت جي ڪري هو پنهنجو نظم”خانم گگوش“ محفلن ۾ پڙهڻ کان لنوائڻ لڳو هيو، پر دوستن جي موڊ کي سٺو رکڻ لاءِ هو ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ جو خالق

    ”وڏا وڻ ڳوٺ منهنجي جا، مٽي چيڪي وڏا پاڇا...“
    کان وٺي
    ”آسمان تي چنڊ آهي
    ۽ زمين تي گاهه آهي
    تون ڪٿي آهين...
    پر ڀرو هڪ ڳوٺ آهي
    اوڏڙو واريءَ دڙا ۽
    وچ تي هڪ واهه آهي
    تون ڪٿي آهين...“​


    لکي، دوستن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. هو پاڻ کي سڃاڻندو هيو، تڏهن ته چئي ويو هيو

    ”هي حسن آواراه گرد آدمي
    ڇا ڏٺو آ تو هن رولاڪ ۾“

    پوين ٻن سالن کان هو سڀ کان وڌيڪ وقت مون سان گڏ رهيو، ان دوران مڌ جي ماٽيءَ جي ڀر ۾ ويهي ڪيئي منصوبا جوڙياسين، جيڪي ننڊ جي خمار سان گڏ هليا ويا، پر ان سموري عرصي ۾ هن جو موضوع ”موت ۽ موڪلاڻي“ رهيو. هو پنهنجي پيءُ جي آخري يادگيري اها رکندو هيو ته کيس گهوڙي تي چاڙهي سواري ڪرائي هئائين تڏهن ته هن گهوڙن جي اصلوڪي نسل تي تحقيق واري پراجيڪٽ کي ايتري پيار سان ڪيو هيو، ڳوٺ ۾ ٺهرايل طنبيلواڄ به ان جي چغلي کائي ٿو.

    مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هن کي بيمار ماڻهن سان ايترو پيار ڇو هيو؟ ڊاڪٽرن ڏي وٺي وڃڻ کان وٺي دوا درمل ڪرائڻ تائين، هو پنهنجي ان روايت کي موت کان چند ڪلاڪ اڳ تائين برقرار رکندو آيو.

    انعام شيخ تدفين تان موٽندي مهل چيو هيو ته”هو هڪ معصوم ٻار هيو“ ۽ ان جي تصديق سندس شاعري به ته ڪري ٿي:

    ”کل جهڙا پيار پنهنجا
    ٻار ڄڻ ٻيئي اسين“

    مون کي ياد آهي ته ڪيئن هو تڙپي پيو هيو جڏهن ڪنهن وڏن جي جهيڙي ۾ ٻارن کي وڌو هيو، هو چوندو هيو ٻار بس ٻار هوندا آهن، تنهنجا ۽ منهنجا نه هوندا آهن.
    سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردي واري زماني ۾ جڏهن رنگن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ هن جي شاعري سينگاري ويندي هئي، تڏهن ذلفي (ذوالفقار هاليپوٽو) ۽ مير مشرف ٽالپر هن جي نظم جون اهي سٽون پڙهندي نه ٿڪبا هئا ته

    هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي
    گهوڙي جي ٽاپولي آهي!!“

    گهوڙن سان شغف ۽ ماڻهوءَ جي دل ۾ لڪل ٽاپوليءَ کي ڳولهڻ جو جستجو مون هن جي اکين ۾ پکيءَ جي اڏار جيتري تيز ڏٺي، هن کي ڪائنات ۽ خاص طور زندگي ۽ موت جي سچائي جي ڳولها رهي، ڪائنات جي ڳجهن ۾ هٿ وجهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر جيڪي اهي منزلون طئي ڪري وڃن ٿا، سي سڀ ڪجهه ڄاڻي به خاموش رهن ٿا، اهڙا راز ۽ رمزون هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي شاعريءَ جي سيني ۾ سوچن جي خنجر وانگر لاهي ڇڏين ٿا:

    ”قونيا ۾ ڪيف وارو رومين جو رقص آهي
    هن دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال آهي
    هن پٽ کي وڇائي، ويڙهي سگهان ٿو آئون
    هر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون
    مٽي مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون
    آواز جي اٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آهي“

    هي ڪي معمولي لفظ نه آهن ته ”مٽيءَ مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون“ هي اهو ئي ڄاڻي ٿو، جيڪو گهڻو ڪجهه ڄاڻي وٺي ٿو. رات جي اونداهه ۾ ٽمڪندڙ ستارن ڏانهن اکيون کڻي، هو ان ئي ڪيفيت ۾ سنڌ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز کي مخاطب ٿيو هو ته

    ”اي اياز شاعري، شراب جو دڪان آ
    ڏينهن رات رش آ!!“

    هو ماڻهوءَ جي مرڻ ۽ وري موٽي اچڻ واري موضوع ”پنر جنم“ تي به گهڻو ڳالهائيندو هيو،

    ”هي جسم خود پراڻو آهي، لباس لاٿل“

    هن کي صوفياڻي رنگ ۾ رنڱجڻ دوران اهو احساس ٿي ويو هيو ته جز ۽ ڪل جو ڪهڙو رشتو آهي، ان ڪري هو ڪنهن کي به بي سبب ايذائڻ کان پاسو ڪندو هيو، هن جي فقيري منش طبيعت تي ماڻهو حيران هوندا هئا، هڪ دل ڦينڪ عاشق ۽ بي پناهه پياڪ جي ظاهري پردي پٺيان لڪل هو ڪمال ماڻهو هيو، ڪو ٻيو هي سٽون ڀلا سرجي سگهي ٿو.

    ”پيار صفت آپار سڄڻ جي، جيڪو ملڪان ملڪ ملائي
    چپ اسان جا چهنب هنن جي، چائنٺ گنبذ چمڻو آهي
    ماڻهن سان گڏ مدني وٽ ئي ٿيڻو آ انجام پکين جو،
    آءٌ وڻ جيئن بيٺو آهيان، پيڙهين جون پاڙون منهنجون
    اکين ۾ آکيرو آهي، اکين ۾ آرام پکين جو،
    هڪڙي خاص جڳهه پڻ آهي، حجري ۾ هن درس حسن جي
    هونئن ته هي درگاهه کليل آ، آسڻ آهي عام پکين جو“

    ايترا گهرا ۽ ڳوڙها خيال پيش ڪرڻ دوران هڪ ڀيري هن کي ستار رند ڇرڪ ڀريندي چيو هو ته ”توکي پاڻ خبر آهي ته تون اهو ڇا پيو چوين ان خيال جي گهرائي جو توکي اندازو آهي؟“ سچ به هو شاعر هيو، جنهن کي پنهنجي خيال جي اڏام تي گرفت به هئي ۽ کيس پتو به هيو ته هو ڪٿي پيو ڳالهائي، پر هو ڄاڻي واڻي ڄڻ ته اڻ ڄاڻ بڻيل هيو.

    هن جي شخصيت جو هڪڙو انوکو پهلو اهو به هيو ته، هو موسيقيءَ جو ديوانو هيو، ٻڌڻ کان وٺي ڳائڻ ۽ وڄائڻ تائين، هو راڳ جو راهي هيو. تنهن ڏينهن مظهر علي جي اسٽوڊيو ۾ هن کي مون هڪڙي ڳائڪ ۽ موسيقار وانگر ڏٺو، هو راڳ جو راز سمجهندو هيو، تڏهن نوراني بستي ۾ رات جي پوئين پهر نهاري کائيندي هن پنهنجي روايتي ٽهڪن جي وچ ۾ چيو هيو

    ”گويا ته کويا، نه ته ڌوڙ پويا“

    سندس اهو انداز ۽ ٽهڪن جو ٻرڻ ڪير وساري سگهي ٿو!

    هو ڀلوڙ ڳائڻن جو دوست هيو، پر استاد يوسف جون ڳالهيون ڪندي هو هميشه پرجوش ٿي ويندو هيو.
    ۽ ها هن جو هڪڙو دوست سگريٽ به ته هو، نسيم نگر جي مخصوص مانڊڙيءَ تان ورتل ”بينسن“ جو برانڊ ڪاري شال وانگر هن جي وجود جو حصو هيو، تڏهن ته پنهنجي شاعريءَ ۾ به هو ڪجهه هينئن چئي ويو ته،

    ”عمر جي آڱرين مان ڏس
    ڦلن وانگر ڇڻون ٿا پيا
    سڄڻ سگريٽ سستي جيئن
    سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو
    اوهين مرڪي ملي آخر
    هليا ويا شهر پنهنجي ڏي
    اسان جي ياد جي ڳل تان
    اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو“

    هن جي زندگي ۾ دل گهريو دوست ياسر ڪاڇيلو به ته هو، جنهن جي جواني ۾ موت ڏانهن روانگي کي هو سيني ۾ کپيل خنجر جي رهجي ويل حصي وانگر هميشه درد ناڪ محسوس ڪندو هيو، هو ٻڌائيندو هو ته ظاهري طور پورو ڏينهن پياڪ نوجوان ڀٽائيءَ جو ڪيڏو وڏو پاڙهڪو هيو، هن جي نظم “رقاصه“ ۾ موجود نازيه جو ڪردار به ان دوستيءَ جو دم ڀري رهيو آهي:

    ”رقاصه قلندر تي بيٺي نچي
    چوان ڪيئن ته مجرو ڪري ٿي پئي
    نڪو نازيه جا نمونا نوان
    نڪو نازيه جا اشارا نوان...“

    “پلي“ خاندان سان به هن جو بي پناهه پيار هيو، اعجاز پلي، عزيز پلي جو ذڪر ڪندي هو هڪ عجيب ڪيفيت ۾ وٺجي ويندو هيو، جنهن کي امداد سومرو ناسٽيلجيا سڏي ٿو.

    هڪڙو دور هيو جڏهن سنڌ جي نوجوان ليکڪن جا مختصر نالا رکڻ لياقت رضويءَ جو محبوب مشغلو هيو، تڏهن ستار رند کي ستو، لياقت رضوي کي لقو، مقبول ميمڻ کي مقو، حسن مجبتى کي مجو ۽ هن البيلي شاعر کي حسو ڪوٺيو ويندو هيو.

    هن جو ٽي وي جي دنيا ۾ وڃڻ شايد حسن مجتبى، محمد حنيف، شيما ڪرماني، خالد حسن جي دوستيءَ جو نتيجو هو. هو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي رنگينين ۾ به خوش هيو پر ان دور ۾ هن جيڪي ڊاڪيومينٽريز تيار ڪيون، اهي اڄ به سنڌ ٽي وي جي لائبريري جو سڀ کان شاندار ذخيرو آهن، ڪتن ۽ گهوڙن جي نسل کان وٺي اڇڙي ٿر جي دوري تائين، هن ڪيمرا جي اک سان سنڌ کي هڪ شاعر وانگر نظميو هيو.

    اها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته پنهنجين سمورين رولاڪين جي باوجود هن مطالعي جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو، هن کي احمد فرار شايد فيض کان به وڌيڪ وڻندو هيو، جنهن تي لکيل نظم ۾ هو چوي ٿو:

    ”احمد فراز تنهنجو
    سامان ٿو اڇلجي
    ميزون، گلاس، شيشا
    نظمن جون عورتون ۽
    نثري ڪتاب اڇليا
    توکي مليا هيا جي
    اعزاز عشق جا ڪئين
    سي سڀ خطاب اڇليا...“

    هن جي وڇوڙي تي حسن مجتبى نيويارڪ شهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڪيلو رنو هوندو، بخشڻ مون کي ڀاڪر ڀري قبرستان ٻاهران ٻارن وانگر رنو، جامي ارشاد کي ڀاڪر ۾ ڀري روئيندو رهيو، مشتاق راڄپر به روئڻ نه روڪي سگهيو، خالد چانڊئي ۽ امداد سومري جون اکيون به مينهن وسائينديون رهيون، ان وقت هن جي ڀاءُ حاجي آزاد حيرانيءَ وچان چيو ”اسان گهر ڀاتين کان وڌيڪ هن جا دوست سوڳوار آهن“!!

    زندگي هن جي ڊڪشن ۾”جداين، وصال جي ڪيلاش وادي“ آهي پر هي جيڪو وڇوڙو هو ڏئي ويو آهي، هو ماڻهو جنهن جي شاعري جا موضوع ”گهوڙا، عورتون، شراب ۽ سمنڊ“ هئا، اهو ڀاڀي ارم جو ”بابا حسن“ اهو روحل، چيزل ۽ رڌم جو”پا پا“ ۽ اسان سڀني جو پيارو ۽ البيلو شاعر، حسن درس آهي، مان هن کي ”هو“ جي لفظ سان شايد ڪڏهن به مخاطب نه ٿي سگهندم، ڇو ته چئي ويو هيو ته ”جز جڏهن ڪل سان ملي وڃي ٿو ته پوءِ ماڻهو ڀٽائي ۽ قلندر ٿي وڃي ٿو“...

    هن جي وڇوڙي تي مون ڊائري جي هڪ ڪنڊ تي بس ايترو ئي لکڻ جي سگهه ساري!

    ”هي حسن دوکو ڏيئي ڪيڏانهن ويو
    رات جي پوئين پهر ۾، هو هيو جنهن به ڳهر ۾
    صبح جو موٽي نه آيو
    هي حسن دوکو ڏيئي ڪيڏانهن ويو“...​
    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت 18 جون 2011
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    ’هيءُ حسن آواره گرد آدمي‘

    امداد سومرو

    [JUSTIFY]جيئن شاعرن جا ديس ۽ درياهه پنهنجا ٿيندا آهن ايئن شاعرن جو عمريون ۽ حادثن جا سبب پڻ پنهنجا ٿيندا آهن. شاعر جو سرحدون به پنهنجون ته ٻوليءَ توڻي روح جون پابنديون ۽ ڇڙواڳيون به پنهنجيون. ۽ اهڙي طرح حسن درس نالي شاعر جي زندگي سندي شاعري وانگر هئي: مختصر، بي پرواهه، خوبصورت ۽ آوارهه ۽ سيڪسي. شاعري هن جو ذريعه معاش نه هئي جيئن اياز جي نه هئي. ليڪن شاعري هن لاءِ ميري ميگدلين وانگر هئي. جڏهن به هن پاڻ کي صليب چڙهندي محسوس ڪيو ۽ سڀ کيس ڇڏي ويا ته اها شاعري هئي جنهن هن کي پانڌ آڇيو.

    اها راهه جيڪا هاڻ مقتل راهه بڻي اها هن جي پيرن هيٺان ته ڪن ايامن کان ٿي آئي. اها راهه جيڪا هن لاءِ پروين شاڪر جي حادثي واري راهه جيان بڻي. جيئن هن جي زندگي حادثي وانگر هئي ايئن هن جو موت به حادثي سان ٿيو. محفل مان اٿي، ٽهڪ ڏئي ۽ موڪلائي آيو ۽ هليو ويو.

    درد هڪ ڏينهن ڏئي ڀيڙ ڪرندو مون ۾،
    تنهنجي محبوب مٽيءَ منجهه مئل هوندس مان. (حسن)


    اها ڳالهه اسان ڪو هن جي مئي پڄاڻان نه پيا ڪريون پر هو بنا ڪنهن شڪ جي اياز کانپوءِ سنڌ جي موجوده نسل جو وڏو شاعر آهي. پر اڃا به هيئن چئجي ته هو منفرد شاعر آهي. هو نظم ۾ پبلو نرودا جي پائي جو شاعر آهي. ۽ جيئن سندس جگري يار حسن مجتبى لکيو، ’اڃا ته هن ۽ وقت کي ثابت ڪرڻو هو ته هو هن صديءَ جو وڏو شاعر هو‘.

    هن جي شاعري هئي يا سلوڊار ڊاليءَ جي سررئيلسٽڪ پينٽنگ هئي.

    هڪ رات جڏهن هو شاعري ٻڌائڻ واري موج مستيءَ ۾ هو، کيس چيو هوم، ”شاعري يا اياز جهڙي ٿيندي آهي يا تو جهڙي“. هو به ايئن هو جيئن پبلو نرودا پنهنجي آٽوبايوگرافيءَ ۾ پنهنجي هڪ همعصر بوهيميا شاعر دوست جي باري ۾ لکيو هو جنهن ڪڏهن به سندا نظم سنڀالي نه رکيا پر هو پنهنجي جينز مان يا اوورڪوٽن جي اندرئين کيسن مان نظم سگريٽن وانگر ڪڍندو ۽ ٻڌائيندو ۽ پوءِ اهي نظم وڃائي ڇڏيندو هو.

    حسن کي به اياز وانگر پنهنجي شاعري برزبان ياد هئي، جي سموري نه ته گهڻي حد تائين. هن جي وڏي خواهش هئي ته هن سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪ شام ملهائي وڃي جتي هو ايئن هڪ شاعر واري مشاعري ۾ سندي شاعري پڙهي جيئن اياز پڙهندو هو. حسن حيدرآباد جي ادبي ۽ شاعراڻي حلقي ۾ انهيءَ شام کانپوءِ داخل ٿيو جڏهن شيخ اياز وائيس چانسلري کانپوءِ واري سانت ٽوڙي هئي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي لان ۾ رڳو هڪ الهڙ نوجوان جي شاعر ٻڌي هئي ۽ اهو شاعر حسن درس هو.

    ٻه ٽي مهينا اڳ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ئي ٿيندڙ ڪچهريءَ ۾ هن اياز سان ان شام متعلق پنهنجا تاثرات ٻڌايا پئي ته هن اياز جهڙي ادبي جن آڏو نظم پڙهندي ڪهڙين ڪيفيتن مان گذريو هو. اياز ۽ پنهنجي حوالي کان جيڪا هن تشبيهه ڏني هئي اها هتي نه ٿي لکي سگهجي. قابل عمل ڳالهيون اسان جي پنهنجي روايتي سستي ۽ لاپرواهي ڪري ٿي نه سگهنديون آهن ۽ ايئن حسن سان اها شام به ملهائي نه سگهياسين.

    منهنجي هن سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن اسان هيرآباد مان نڪرندڙ خلق اخبار ۾ هئاسين ۽ اتي حسن به خلق جوائن ڪئي هئي. تڏهن هن سنڌ جي ڪچي ۾ آيل ٻوڏ کي رپورٽ ڪيو هو ۽ جوهيءَ ۾ پاڻي جي وڌندڙ دٻاءُ کي به رپورٽ ڪيو هو. هو روز انهيءَ صورتحال تي هڪ قطعو به لکي موڪليندو هو يا ڪنهن پي سي او تان ڪال بوڪ ڪرائي اهو لکرائيندو هو، ان وقت انٽرنيت ۽ موبائيل فون وغيره نه هئا.

    پر هو صحافي نه هو. هو شاعر هو، عاشق هو ۽ رولاڪ هو. سنڌ ٽي وي جي بنيادي contents ۾ هن جون تخليقي صلاحيتون شامل هيون. جيڪڏهن اسان هنگري، اسڪاٽ لينڊ، يورپ ۽ امريڪا وغيره جهڙا هجون ها ته حسن کي ٻيو ڪجهه نه ڪرڻو پئي ها سواءِ شاعري جي ۽ هن جي ڪڍ پبلشر هجن ها ۽ ٻيو موسيقار ۽ فلم انڊسٽري وارا. هن جي پوري زندگيءَ جو پيڪيج هجي ها؛ آواره گرديءَ کان مئ نوشيءَ تائين جو.

    هو سنڌ جي ائنا اخمتوا هو. ۽ ديس جو هن وٽ تصور به سنڌي قومپرستيءَ وانگر محدود نه هو. هن لاءِ سهڻا ماڻهو رڳو سنڌ جا نه هئا پر انسانذات ۾ اڪيچار حسن هو جيڪو هن کي موهيندو هو. سنڌو درياهه جي لڙاٽيل پاڻيءَ کي هن فرينچ ڇوڪريءَ واري تشبيهه ڏني هئي ڇو ته هن چاهيو ٿي هن جو درياهه سدا شاد ۽ آباد هجي ۽ ان جو حسن افق ۽ شفق جي لالاڻ ۾ ڪنهن فرينچ ڇوڪري جيان هجي. اها پوئٽڪ لائيسنس واري جيئن ڳالهه آهي.

    هن جي دوستي جو حلقو رڳو سنڌي دوستن تائين محدود نه هو پر هن جي انهي حلقه احباب ۾ ٻيا به ڪيئي ماڻهو اچي ٿي ويا. محمد حنيف کان وسعت الله خان تائين، جاويد جيديءَ کان اويس توحيد تائين. هو آرٽسٽڪ ٿيٽرن کان زندگي جي ڪيترن عام توڻي خاص ٿيٽرن جو سرگرم ماڻهو رهيو. هن جو مشاهدو ۽ استعارا به ان ڪري هن جي ٻوليءَ جي ڄار ۾ ڦاٿا ٿي. هن جي شاعري زندگيءَ سان ڀرپور آهي. ان ۾ روڳي ذهنيت نه پر ڪائنات جو چپو چپو ڪنهن ترنم وانگر لڳي ٿو. توهان هن جو نظم ’ڪائنات ڪيڏي وڏي آ‘ ته ضرور ٻڌو هوندو.

    ڪير ڪنهن کي وڏو شاعر يا ننڍو ڪري نه ٿو سگهي. هر ڪنهن جي ڏات آئيني وانگر هوندي آهي، اها پنهنجو جائز مقام پاڻ طئه ڪندي آهي.

    مان چوان ٿو سنڌ ۾ اڃا به شاعري نه مئي آهي. اڃا ڪلال شاعري ڪري پيو ۽ نهايت خوب ڪري پيو. ڇا توهان عباس جلباڻيءَ جي شاعري ٻڌي آهي. پر جيڪو خال حسن ڇڏيو آهي اهو سيني ۾ ڪنهن ڇيت وانگر چڀندو رهندو. جيڪي خيال، استعارا ۽ اميجز حسن وٽ رهڻا هئا اهي هن جي امانت ۾ هئا ۽ شاعري ڪا مڪينيڪل انجنيئرنگ ته آهي ڪو نه جو هڪ انجنيئر ويندو ته ٻيو ان جي جاءِ والاريندو. اياز جي تخليق اياز پاڻ سان کڻي ويو. فرق اهو هو ته اياز پنهنجي عمر جي هر رنگ کي ڏٺو ۽ ان کي قلمبند ڪيو. حسن جيئن ته جواني ۾ هليو ويو ۽ اڃا پوئين عمر ۾ نه هو ان ڪري هو پنهنجي شاعري ۾ سدا جوان اميجز، خيال ۽ خواب ڇڏي ويو آهي. آرٽ ڪڏهن به نه مرندو آهي پر ماڻهو مري ويندو آهي.
    ’هيءَ حسن آواره گرد آدمي‘، هو آواره گرد شاعر ۽ ڪنهن آواره گرد شاعر وانگر هليو ويو. هو سنڌي شاعريءَ ۾ اياز جي جنريشن کانپوءِ ڪنهن حادثي وانگر آيو ۽ حادثي وانگر هليو ويو. امر لغاريءَ ڪالهه هڪ ايس ايم ايس ۾ چيو: ”يار هو ڄڻ اسان جي تنهائي کي ايڪسپوز ڪري ويو.“

    پڇاڙڪا اکر: هڪ رات جو دير سان اسان رشيد راڄڙ کي ڄامشورو ڇڏڻ پئي وياسين. باءِ پاس تي چڙهندي حسن جي ڪار جي هيڊ بتي جواب ڏئي وئي ۽ پوءِ هڪ هٿ سان ڊرائيونگ ته هڪ هٿ سان هيڊ لائيٽ جي ڪرنٽ ڏيڻ لاءِ وائر ۾ هٿ ڏئي ڊرائيو ڪندو رهيو. ان وچ واري عرصي ۾ هو هن ديس جي راهه راهه تي گهگهه اونداهيءَ ۾ بس پنهنجي اندر جي روشنيءَ تي هلندو رهيو هو.[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت 19 جون 2011
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    آواره بادل جهڙو شاعر

    اويس توحيد

    [JUSTIFY] حسن درس سنڌ ڌرتي تي لٿل ڄڻ ته ڪنهن آواره بادل جيان هو، خوابن ۾ گم، بادلن جي پويان لڪل آسمان جا راز بيان ڪندڙ، منزل جي تلاش ۾ خوابن جو شهزادو.

    شاعر گبريل مارڪيز تڏهن ئي ته چيو هو ”هي سچ ڪونهي ته پوڙهي ٿيڻ سان ماڻهو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندو آهي پر ماڻهو پوڙهو ئي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن هو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندو آهي“. جڏهن به ڪنهن حسن جي شاعري کي محسوس ڪيو، يا ان سان ڪجهه لمحا گڏ گذاريا ڇا اُهو ڪڏهن ٻڌائيندو ته حسن جهڙو ماڻهو به ڪو پوڙهو ٿي سگهي ٿو! خوبصورت ۽ جوان ٽهڪ وکيريندڙ، آڱرين ۾ دُکندڙ سگريٽ جهلي پلٿي هڻي ويهڻ ۽ دوستن تي خوبصورت جملا هڻي وکريل وارن کي سڌو ڪندي حسن پنهنجي حُسناڪي ۾ بنهه الڳ لڳندو هو.

    ٿيٽر ڊائريڪٽر ۽ آرٽسٽ دوست مصدق سانول جي ڊفينس زم زمه واري فليٽ تي ٿيل حسن سان مونکي پنهنجي پهرين ملاقات پڻ چڱي طرح ياد آهي تڏهن به هو بلڪل ائين ئي پئي لڳو، اسان انهيءَ جاءِ کي تخليق ڪارن جو ٿاڪ تصور ڪندا هئاسين جتي خوبصورت لکاري حسن مجتبى، نالي واري ناولسٽ محمد حنيف ٽي وي آرٽسٽ راشد فاروقي ۽ مان روز پنهنجا تخليقي خواب کڻي گڏ ٿيندا هئاسين فليٽ جو دروازو سامهون کُليل وائين شاپ ڏانهن کُلندو هو، اهو محض اتفاق هو يا انتخاب ڪا خبر ناهي! پوءِ ڄڻ ته ملاقاتن جو هڪ نه کُٽندڙ سلسلو جڙي پيو روز رات جو منهنجي گهر تي ڪچهري ٿيندي هئي امرتا پريتم، قراًت لعين حيدر سان ملاقاتون، گرو رجنيش جي آشرم جا درشن! حسن روز قصا ڪهاڻيون ڪندو رهندو هو ۽ جڏهن صبح جو اک کُلندي هئي ته بنا تيار ٿيڻ جي وحيد مراد جي هيئيت جهڙو هي هيرو پنهنجي ٿيلهو تيار ڪيو ڪنهن اڳين منزل لاءِ ويٺل نظر ايندو هو! بنهه آواره طبيعت سيلاني مزاج، سرشت ۾ صوفي بس سندس پير ۾ ڄڻ ڪو چڪر هو ڪڏهن سيوهڻ شريف ته ڪڏهن ڀٽ شاهه ڪڏهن سرمست جي مزار تي ته ڪڏهن مندرن ۽ خانقاهن جي وجد ۾ گم، ڪڏهن زميندارن جي اوطاقن تي اوتارا ته ڪڏهن سياسي ڪارڪنن سان ڊگهن بحثن ۾ مصروف سندس ذات جا انيڪ رنگ هئا.

    دنيا جو سفر سنڌ جي مٽي ۽ ان جي خوشبو کي گڏ کڻي طئه ڪندڙ جڏهن حسن مجتبى سان گڏ محترمه بينظير جي دور ۾ بين الاقوامي لٽريسي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري واپس آيو ته وڏي اشتياق سان مونکي داغستان جي مشهور شاعر ۽ مصنف رسول حمزه طوف سان ڇڪايل پنهنجي تصوير ڏيکاري هن چيو هو ته ”يار ڏس هي عظيم ماڻهو ڪيڏو نه خاموش رهي ٿو شايد هو پنهنجي تخليقي توانائي کي بچائي رکي ٿو“ ۽ وري مسڪرائي اهو چوڻ ته پنهنجو پنهنجو انداز آهي يار اسان کي ته لکڻ جي طاقت پنهنجي وطن جي مسڪين ماڻهن مان ملندي آهي. حسن درس واقعي به عظيم شاعر هو مشائخ هوتي سان تعلق رکندڙ ان شاعر جو تخليقي ڪينواس انتهائي وسيع هو شايد ايترو ئي جيترو سنڌ جو اهو لينڊ اسڪيپ جيڪو ٿر جي صحرا کان ٿيندو ڪشمير جي بُلند ترين جبلن کي ڇُهندو هو.

    نوجواني جي ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي پنهنجي اکين سان ڏسڻ کانپوءِ هن پنهنجي شاعري سان ان دور جي فسطائي ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق کي ڌونڌاڙيو. 80 واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي جا جيالا سياسي جلسن کي گرمائڻ لاءِ حسن جا شعر ٻڌائيندا هئا، هن پنهنجي نظمن ۾ ضياءُ الحق کي چلي جي ڊڪٽيٽر آگسٽو پنوشي سان ڀيٽيو جنهن چلي جي ئي نوبل انعام يافته شاعر پابلو نرودا جي جنازي ۾ شرڪت تي پابندي وڌي هئي.

    90 واري ڏهاڪي جي شروع ۾ جن ڏينهن دوران ڪراچي ۾ خونريزي جي بازار گرم هئي تڏهن ڊفينس جي فيشن ايبل علائقي ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪري جي گهمڻ کي هن انهيءَ ئي لبناني دوشيزه جي گهمڻ سان تشبيهه ڏني هئي جيڪا بيروت جي خانه جنگي دوران روڊ تي پيل لاشن جي وچان وڏي کُڙي جا سينڊل پائي بي نياز گذرندي هئي ۽ زمين کي پنهنجي جواني جي غرور جو احساس ڏياريندي هئي ۽ حسن پشاور جي اُنهيءَ ڇوڪري سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪندو هو جيڪا قبائلي فرسوده روايتن ۾ گهيريل هئي.

    حسن سان ويهن سالن جي عرصي ۾ جيتريون به ملاقاتون ٿيون هو مونکي سدائين تازگي جي احساس سان مليو آخري ملاقات اتفاق سان ڪراچي ايئرپورٽ جي لائونج ۾ ٿي منزلون مختلف هيون هن جي فلائيٽ انائونس ٿي چڪي هئي هو ويندي ويندي منهنجي ويجهو آيو ۽ ڪن ۾ چيائين ڏس سامهون قطار ۾ مارڪيز جي ڪهاڻي بليڪ بيوٽي جي ڪردار جهڙي عورت بيٺل آهي مون ڪنڌ کڻي ڏٺو هڪ ٿُلهي ٿنڀري عورت اڌ درجن ٻارن کي سنڀالڻ ۾ پوري هئي.

    حسن قيامت جو ذهين ۽ گفٽيڊ ماڻهو هو. هو نثر به اهڙو لکندو هو جو سندس سنبولزم واري اڇو تي استعمال تي ريس ايندي هئي. هن جڏهن پهريون دفعو ڪنهن اخبار جي ايڊيٽوريل پيج لاءِ منشيات جي موضوع تي لکيو ته سندس پهرين ٻن ٽن سٽن ۾ ئي موضوع تي سندس گرفت نظر اچڻ لڳي جنهن ۾ هن هڪ فوجي آفيسر جي پٽ کي هيروئن سان ڀريل سگريٽ جا ڪش هڻندي بيان ڪيو هو! تڏهن حسن مجتبى ڏاڍي پيار وچان چيو هو يار هي ڏاڍو ڏنگو آهي الله کيس نظر کان بچائي!

    افسوس صد افسوس اڄ مان پنهنجن دوستن سان گڏ ٿوري دير کانپوءِ سندس اباڻي ڳوٺ لاءِ روانو ٿي رهيو آهيان انهن ئي سوچن ۾ گم جڏهن اسان ڊفينس زم زمه واري فليٽ جي بالڪوني مان سامهون سمنڊ جي بيچين لهرن ۾ جواني جي تازگي ۽ مغروريت محسوس ڪنداهئاسين مونکي حسن جو اهو مصروع اڃان به ياد اچي ٿو جيڪو هن غريب مهاڻن جي بستي مبارڪ وليج ۾ مونکي ٻڌايو هو ته، مهاڻِي هڪ ٻار کي نه هڪ ڄار کي جنم ڏنو آهي“ ۽ تڏهن مان چوڌاري بادلن ۾ گهيريل آسمان تي نظر وجهان ٿو ۽ سوچيان ٿو شايد حسن آڪاش تي ڪٿي بادلن جي اوسي پاسي مان ڌرتي جي تلخ حقيقتن کي پنهنجي رومانوي انداز ۾ بيان ڪندو هوندو.

    (اويس توحيد پاڪستان جو ناميارو صحافي آهي).[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش 19 جون 2011
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    حسن يار، اڳي ته وري اچڻ لاءِ ويندو هئين!؟

    مٺل جسڪاڻي

    حسن يار، ياد ڪر-
    پنهنجين شروعاتي ملاقاتن ۾،
    تون، تنهنجي موڀي پٽ کان،
    ٿورو سوايو،
    بدن ۾ ڀريو ڀڪنو هئين...
    تون،
    اڳي جڏهن به وئين،
    وري اچڻ لاءِ ويندو هئين،
    تنهنجي هن وڇوڙي کي،
    ڇا چئجي؟
    تنهنجي هن اوچتي،
    اڀاڳي، نڀاڳي وڇوڙي کي،
    ڇا چئجي؟
    هن جو ڪارڻ،
    ڪهڙو ڳڻائجي!؟
    ثقافت کاتو ته بچي ويو،
    پر تنهنجا پياڪ دوست،
    يا پوليس کاتو،
    ڪينئن بچي!؟
    کائڻ - پيئڻ ۽،
    سفر ڪرڻ جو به،
    ڪو مهل موقعو،
    هجي ٿو مٺڙا!
    تون ائين هليو ويندين،
    ڪڏهن ڪنهن جي،
    تصور ۾ به نه هو.
    تو ته رئاري، رڙائي،
    رلائي ڇڏيو،
    پنهنجي معصوم ٻچڙن کي،
    جيون ساٿيءَ کي،
    هر گهر ڀاتيءَ کي،
    هر پياڪ، اڻ پياڪ،
    هر سنگتي - ساٿي کي...
    تون ته ’واٽر ڪپ‘ جي هارياڻيءَ کي،
    سڄي فطرت کي،
    اڪيلو ڪري هليو وئين!؟
    حسن يار،
    توکي ائين وڃڻ نه گهربو هو...
    تون ائين هليو ويندين،
    ڪڏهن ڪنهن جي،
    تصور ۾ به نه هو...
    تون ئي ٻُڌاءِ جاني،
    ڪنهن ڪنهن کان تعزيت،
    وصول ڪيان يا-
    ڪنهن ڪنهن سان-
    آئون تعزيت ڪيان!؟.
    ..​

    عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    هو هڪ حقيقي شاعر هو

    عمر قاضي

    [JUSTIFY]هونءَ ته ڪالم لکڻ ڪڏهن ”چانهن جو ڪوپ“ هوندو آهي ته ڪڏهن اهو هٿن ۾ شراب جي ڪنهن جام جيان ايندو آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪالم زهر جو پيالو به بڻجي ويندو آهي. اڄ منهنجي ڪجهه اهڙي ڪيفيت آهي. ڇو ته مان هي ڪالم ان انسان تي لکي رهيو آهيان، جيڪو منهنجو گهاٽو دوست به هو. پر مان چاهيان ٿو ته هن جي دوستيءَ جو ذڪر بعد ۾ ڪريان. هڪ دوست کان وڌيڪ ته هو هڪ شاعر هو ۽ اهو به هڪ اهڙو شاعر جيڪي صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. اهڙن شاعرن جي جنم جي حوالي سان اياز لکيو آهي ته:

    ”ڪالهه ڪويتا جي ڪنٺيءَ تي
    سرسوتي ۽ ڪاليءَ بيٺي
    چانڊوڪيءَ ۾ امرت پيتو
    مدت کان پوءِ ٻئي ويراڻيون
    ساڳي تڙ تي گڏجي آيون
    شايد پيدا ٿيو آ
    مهان ڪوي ڪو!“


    ها! هن جي جنم جي ڪيفيت ڪجهه اهڙي هئي. جڏهن ته هن جي موت جي ڪيفيت منهنجي لاءِ وڌيڪ اذيت ناڪ آهي. هن جي موت کي اڄ ٽي ڏينهن گذري چڪا آهن پر مان هن جي باري ۾ ڪجهه لکي نه ٿو سگهان. ڇو ته هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري رات مون سان ۽ نور احمد سان گڏجي گذاري هئي. چنڊگرهڻ جي اها رات نه صرف منهنجي پر پوري سنڌي ادب جي لاءِ ڪڏهن نه کٽندڙ چنڊ گرهڻ جي رات بڻجي وئي. اها رات جنهن جو صبح اڃان تائين ڪو نه ٿيو آهي ۽ شايد ڪڏهن نه ٿيندو. هن جي موت جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي مسلسل ان واريءَ جيان اڏرندو محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪا اڪيلي ساحل جي مٿان اداس هوا سبب اڏرندي آهي. مان بار بار پنهنجي موبائل ۾ هن جو نمبر ڏسان ٿو ۽ سوچيان ٿو ته ڇا هاڻي هن جو نالو ڪڏهن به منهنجي اڀاڳي موبائل سيٽ جي اسڪرين تي پرگهٽ نه ٿيندو؟ اها ڪيتري نه شديد ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جنهن کي اوهان بيان ڪرڻ چاهيو ۽ نه ڪري سگهيو. مون کي سچ پچ به ته ان ڏک کي اظهارڻ جو آرٽ نه ٿو اچي. شايد انهيءَ ڪيفيت کي قلمبند ڪندي ڀٽائيءَ لکيو آهي ته:

    ”روئان ڪيئن پرينءَ کي روئي نه ڄاڻان
    مٿي کنيو ڀڻان هنجن هاڻا هٿڙا!!!“


    ڪڏهن ڪڏهن انسان اهڙي ڪيفيت ۾ اڙجي ويندو آهي ۽ اها ڪيفيت نهايت اذيتناڪ هوندي آهي. مان ان اذيت مان گذري رهيو آهيان. مون کي ان ڏک جو ڀرپور احساس آهي. مون کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته مان هن کي وري ڪڏهن به نه پائڻ جيان وڃائي چڪو آهيان. مون کي انهن گهڙين تي سخت غصو اچي ٿو، جيڪي مون معمولي مصروفيتن هجڻ سبب هن سان نه گذاريون. پر هو هميشه هن دل ۾ رهندو. منهنجي دل هن جي لاءِ اهڙي اوطاق آهي، جتي هو هميشه رهيل هوندو. پر مان پنهنجي ذاتي احساسن کي پوري قوت سان روڪي هن جي شاعر هجڻ واري پهلو تي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو.

    عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي فني جولان ۾ اچي لکيو هو ته ”جيڪڏهن منهنجي موت کان پوءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ شاعري ائين هوندي جيئن ڪمند جي هڪ فصل جي ڪٽجڻ کان پوءِ ٻيو فصل ان جي جڙن مان نڪري ايندو آهي“ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اياز جي شاعري سنڌي ادب جي مٿان هڪ پهاڙ جي پاڇي وانگر ڇانيل آهي. سنڌي ادب ۾ اڄ به اياز جو انداز ۽ اسلوب تمام گهڻي حد تائين اپنايو وڃي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته هر حقيقي شاعر جيان حسن درس پنهنجو ادبي تعارف پنهنجي انداز سان ڪرايو. نه صرف هن جا موضوع پر هن جو گهاڙيٽو، هن جا لفظ ۽ هن جي شاعريءَ جو روح سنڌ جي هر شاعر کان الڳ ٿلڳ ۽ حسن جي شخصيت وانگر منفرد هو. هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ جنهن دائري جي چونڊ ڪئي هئي، ان سان هن جو رشتو صرف سخن وريءَ تائين محدود نه هو. هو عملي طور تي پنهنجي ان چاهت جي چنڊ پويان چڪور بڻجي اڏامندو هو.

    اها هڪ حيران ٿيڻ جي ڳالهه هجي ها پر جيئن ته اها ڳالهه رواجي حوالي سان ڪئي وئي، ان ڪري اهي لفظ پڙهي ڪا حيرت نه ٿي ته ”حسن فطرت جو شاعر هو“ هونءَ ته هر شاعر فطرت جو شاعر هوندو آهي. ان جوڪارڻ صرف اهو ناهي ته شاعر چنڊ، تارن، ساون نظارن، آبشارن ۽ آسمان تي جهومندڙ رنگين رون جهڙن بادلن سان پيار ڪندا آهن پر جيئن ته فطرت ڪشادي ڪائنات جو دامن هوندي آهي، ان ۾ هر شيءَ اچي ويندي آهي، ان ڪري جيڪو شاعر جنهن به موضوع سان جڙيل هوندو آهي، ان کي ٿلهي ليکي ”فطرت جو شاعر“ ڪوٺي جان ڇڏائي ويندي آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته حسن جي شخصيت ۽ هن جي شاعريءَ کي نه سمجهڻ واري واٽ وٺڻ بدران ان کي سنجيدگيءَ سان سمجهيو وڃي. ڇو ته صرف اهو چوڻ ته هن جو موت سنڌي ادب جو تمام وڏو نقصان آهي ۽ هن جو خال نه ڀرجي سگهندو وغيره وغيره! اهي ڳالهيون سچ به آهن پر جيئن ته انهن ڳالهين تي اسان جي روايتي اظهار جو اثر آهي، ان ڪري حسن جي حوالي سان ٿيندڙ اهي ڳالهيون اسان کي نه ٿيون وڻن. اسان چاهيون ته هي دوستيءَ ۽ واسطيداريءَ کان وڏو معاملو آهي. ڇو ته هي ادب جو معاملو آهي. جيڪڏهن هي سياست هجي ها ته اسان سمجهوتي کي سهي وڃون ها پر ادب ۾ ته ڪمپرومائيز جي تِرَ جيتري به گنجائش نه هوندي آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حسن جي حوالي سان روايت پسنديءَ واري راهه ڇڏي هن جي شخصيت ۽ شاعريءَ وانگر غيرروايتي پسنديءَ جو رستو اختيار ڪيو وڃي ۽ ان تي پورهئي وارو پنڌ ڪندي حسن جي شخصيت ۽ شاعريءَ کي سمجهيو وڃي ۽ اهو چئي جان نه ڇڏائي وڃي ته حسن سنڌي شاعريءَ جو تمام وڏو نالو هو ۽ هو فطرت جو شاعر هو ۽ نه وري هن جي وڇوڙي کي ڪنهن ٻي ڪردار جي موت سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. حسن جي وڇوڙي کان پوءِ اسان کي هن جو اصل قد ڪاٺ ڏسڻ جو جيڪو موقعو مليو آهي، تنهن کي سنجيدگيءَ سان سمجهيو وڃي.

    ان راءِ سان به شايد اتفاق ڪري نه سگهجي ته حسن انقلاب ۽ رومانس کي شاعراڻي انداز سان ملائي هڪ ڪرڻ وارو شاعر هو. ڇو ته حسن بنيادي طور تي عشق ۽ آوارگيءَ جي جذبن کي نوان رخ ۽ رستا ڏيڻ وارن شاعرن منجهان هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ان قسم جو ادب سرجڻ جي ڪا وڏي روايت نه رهي آهي. ان ڪري حسن پنهنجي شاعريءَ جي انداز ۽ اسلوب ۾ بنهه نيارو شاعر نظر آيو. هن جي شاعريءَ ۾ جديد دور جي هلڪي نه پر ڀرپور جهلڪ موجود آهي. هو جديد دور جي آزاديءَ واري رجحان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀرپور نموني سمائڻ جي باوجود سنڌ جي انهن عوامي شاعرن سان پنهنجو رشتو برقرار رکي آيو، جيڪي فن جي حوالي سان سونارا هوندا آهن ۽ هڪ هڪ سٽ کي ڳهڻي وانگر گهڙيندا آهن. ان ڪري حسن جي شاعري قديم ۽ جديد دور جو عجيب سنگم هئي. هن جي شاعري ۾ عورت لاءِ روئڻ رڙڻ ۽ ملاقات لاءِ منٿون ميڙون نظر نه اينديون. ڇو ته هو پنهنجن موضوعن سان عاشقانا سلوڪ اختيار ڪندو هو، ان ڪري هن جي شعرن ۾ جدايون، جدايون ناهن ۽ ميلاپ، ميلاپ ناهن. هن جي هر لفظ ۾ چاهه جي چس آهي. هن جي هر سٽ ۾ صرف ۽ صرف عشق جي آوراه خوشبو آهي. ان ڪري حسن جي شاعريءَ جي ان منفرد روپ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، جنهن کان پوءِ ئي سمجهي سگهبو ته حسن هڪ حقيقي شاعر هو. پر ڇا هڪ شاعر لاءِ ”هو“ وارو لفظ لکڻ گهرجي؟ شاعر ته هميشه رهڻ وارا ڪردار آهن. ان ڪري مون کي اهو لکڻ گهرجي ته ”هو هڪ حقيقي شاعر آهي“[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت 20 جون 2011
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    حسن درس-يادن جو هڪ قافلو
    عبدالقادر جوڻيجو

    اوهان مُرڪي مِلي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي
    اسان جي ڳالهه جي ڳل تان اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو
    عُمر جي آڱرين مان ڏس ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا
    سڄڻ ڪنهن سگريٽ سستي جيئن ماڻهو سڙي ٿو پيو.
    (حسن درس)

    [JUSTIFY]جنهن ماڻهوءَ جي شاعري ۽ گفتگو ته ڇا، پر جيئڻ مرڻ جو انداز به آرٽ جو شاهڪار هجي، اهڙي شخصيت ۽ شاعر تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر سندس ادبي اوسر به هن گناهگار بندي جي اکين اڳيان ٿي آهي. سندس ڪچي وَهيءَ کان وٺي آخري ڏينهن تائين سندس ايڏيون ته جهلڪيون کنوڻ جي ڌَڄن وانگر ڌڄنديون ٿيون نظر اچن، جو منجهي پيو آهيان ته ڇا ڇڏيان، ڇا لکان. پر پوءِ به حال سارو حسن درس جي خدمت ۾ حاضر آهيان، جيڪو اڄ به منهنجي تصور ۾ جيئرو آهي.

    انگريزي ٻوليءَ جي جڳ مشهور ليکڪا في ويلڊن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿي، ”منهنجي ماءُ پوڙهپڻ ۾ گذاري وڃي ها ته ٻئي ڳالهه هئي، پر هوءَ جوانيءَ ۾ گذاري ويئي، جڏهن هوءَ هڪ سهڻي، ڦڙت ۽ جاندار عورت هئي. اڄ جڏهن آئون ذري گهٽ ستر سالن جي هڪ پوڙهي عورت آهيان، ته به منهنجي ماءُ بار بار منهنجي تصور ۾ ايندي رهندي آهي. هوءَ جڏهن به منهنجي تصور ۾ ايندي آهي ته اُها ئي جواڻ جماڻ، سهڻي، ڦڙت ۽ جاندار عورت هوندي آهي. منهنجي ماءُ ڪڏهين به پوڙهي ڪو نه ٿيندي.“ ائين ئي حسن درس کي ويهن ٽيهن سالن کان پوءِ سندس دلبر ڀائر، اولاد، وني ۽ دوست جڏهن به ياد ڪندا ته هو اُهو ئي جواڻ جماڻ، سهڻو، ڦڙت ۽ جاندار نظر ايندو. سندس لازوال مُرڪ ڪڏهن به مرڻي ناهي. کيس پنهنجو اُهو ئي تصور ڇڏي وڃڻو هو. هُو ٻين کي ته رڻ ۾ رولي ويو، پر پنهنجي سدا بهار جوانيءَ جو سهڻو تصور ڇڏي ويو، جيڪو ڪڏهين به مرڻو ناهي.

    گوبي جي ٿر ۾ پنهنجين اکين جو نور وڃائيندڙ چين جي هاڪاريل شاعر آئِي چِن جو هڪ شعر آهي، ”آئون ڪوئلو آهيان، هزارن سالن کان هزارين فوٽ هيٺ زمين ۾ پُوريو پيو آهيان، پر جي اڄ به مون کي تيلي ڏيکاريندين ته ڀنڀڙ بڻجي ڏيکاريندو سانءِ“ حسن درس جي شاعري به ائين ئي ڀنڀڙ بڻجندي رهندي.
    هڪڙو زمانو هو، جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ننڍڙو ڪوارٽر آواره گرد، باغي، ذهين ۽ تخليقي سگهه رکندڙ نوجوان شاگردن جي اوطاق بڻيل هو. ٻيا يار ته ايندا ويندا هئا، پر حسن درس راتين جون راتيون ٽِڪي پوندو هو. هو بنا ڪنهن کٽ بستري جي فرش تي ليٽي، ٻانهن کي وهاڻو بڻائي سمهي پوندو هو، چوندو هو، ”مو کي پلنگن، کٽن ۽ هنڌ بسترن جي بدران سنڌ جي زمين وڌيڪ آرام ڏيندي آهي.“ حسن درس عُمر چور به هو، تنهن ڪري يونيورسٽي جو شاگرد لڳڻ جي بدران مئٽرڪ جو شاگرد لڳندو هو. رڳو قد ڊگهو هوس. انهيءَ زماني ۾ موجوده دور جي ملٽري اسٽريٽجيءَ جي ماهر ۽ مبصر عائشه صديقه پنهنجي والده اردوءَ جي مشهور ناول نگار جميلا هاشمي جي ورسيءَ جي موقعي تي اهو ضد ٻڌي ويهي رهي ته جميلا هاشمي جي فن تي صرف سنڌي ليکڪ اچي ڳالهائيندا. سندس لسٽ ۾ نورالهديٰ شاهه ۽ منهنجو نالو ته هو ئي هو، پر گڏوگڏ مون تي اهو بار رکيائين ته هڪ عدد نئين پيڙهيءَ جو ليکڪ به کپي. ظاهر آهي ته حسن درس کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي ٿئي سگهيو، جيڪو لاهور جي گهاگهه دانشورن اڳيان ڳالهائي سگهي. چيومانس ته ٻچا هل ته هلون، چڙهه هوائي جهاز تي. اهو حسن درس جو هوائي جهاز ۾ پهريون سفر هو. جڏهن هوائي جهاز ۾ ويٺاسين ته مون کي انهيءَ فڪر اچي ورايو ته حسن درس الائي ڇا ڳالهائيندو. پڇيومانس، ”تقرير لکي اٿئي؟“ چيائين، ”تقريرون ٿوروئي لکبيون آهن.“ مون کي هڻي وڄائي ڇڏيائين. لاهور پهتاسين ته اُتان جي ڪن دوستن چيو، ”پاڻ سان ٻار وٺي آيو آهين، اِهو ڇا ڳالهائيندو“ آئون وري فڪر ۾ پئجي ويس. چيومانس، ”يار، خوار ڪري نه مارين“، چيائين ”خواريون اڳي ئي پاڻ جي مٿي جي ڀري آهن.“ لاهور جي فائيو اسٽار هوٽل جي هال ۾ گهڙياسين ته منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي ته حسن درس مارائي نه وجهي. سڀ هئا. چاچو اشفاق احمد، بانو قدسيه، امجد اسلام امجد، مُنو ڀائي، انتظار حسين، اصغر نديم سيد، ڊاڪٽر انور سجاد، مطلب ته هڪڙو ٻئي کان وڌ. اک نه ڏسي گوڏي کي. منهنجو ته مڙئي خير هو، جو مون کي سڃاتائون ٿي، انهن بلائن جي منهن ۾ وڃڻ وارو پهريون حسن درس هو. پوءِ نور الهديٰ شاهه جو وارو هو ۽ تنهن کان پوءِ مون کي ڳالهائڻو هو. بروقت سوچي ورتم ته حسن درس جو ڇڏيل بار مون کي کڻڻو پوندو. پر ڪمپيئر اصغر نديم ڀُل وچان لسٽ اونڌي ڪري ڇڏي. پهرئين مون کي ۽ آخر ۾ حسن درس کي ڳالهائڻو هو. اها ڳالهه ٻڌي منهنجا ته وڻ وڄي ويا. هڪڙو سنڌي ڇوڪرو، مٿان وري اُردوءَ ۾ تقرير، الائي ڇا ٿيندو. مون ته مختصر تقرير ڪئي، پر نور الهديٰ شاهه وڏين تيارين سان ڊگهي تقرير ڪئي، پر ڀرئي ترئي هال ۾ ٿوري ٿوري چُپ رهي. ٻڌڻ وارا ئي اهڙا هئا ته ڇا ڪجي. جڏهن نامعلوم ڊگهو ڇوڪرو حسن درس اسٽيج تي چڙهيو ته لاهور جا وڏا نالا وائڙا ٿي، هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. خود عائشه صديقه جو منهن به لٿل هو. اهو ئي سوچيو هوندائون ته ٻار قهر جي ناول نگار جميلا هاشمي تي ڇا ڳالهائيندو. اسٽيج تي اچڻ ساڻ حسن درس پنهنجي تقرير ميڪسيڪن نوبيل لاريٽ شاعر اوڪتاويو پاز (Octavio paz) جي شعر سان ڪئي. شعر جي پهرئين سٽ هئي، ”هيءَ زندگي هڪ اهڙي چاڙهي بڻجي چڪي آهي، جيڪا نه مٿي ٿي چڙهي ۽ نه هيٺ ٿي لهي.“ انهيءَ کان پوءِ حسن درس درياهه وانگر چاڙهه کائيندو ويو ۽ لهرون مٿي چڙهنديون ويون ۽ ٻوڙان ٻوڙ شروع ٿيندي ويئي. سڄي حال ۾ اهڙي چُپ ڇائنجي ويئي، جو سُوئي ڪري، ته به آواز ڪري. حسن درس جي اها تقرير جرمني جي سنگيت ڪار باخ Bach)) جي سمفني وانگر هئي. جڏهن تقرير پوري ڪيائين ته لاهور جي چونڊ انٽيليجنشيا اُٿي بيٺي ۽ پورو اڌ ڪلال هال تاڙين سان ٻُرندو رهيو. انهيءَ کانپوءِ سڀ جا سڀ کيس ورائي ويا ۽ سنڌ جي واهه واهه ٿي ويئي. انهيءَ انٽيليجنشيا ۾ لاهور جون نوجوان ڇوڪريون به هيون، جن جي انٽيليڪٽ به سندن حُسن وانگر حسين هئي. ائين لاهور جو حُسن سنڌ جي حُسن کي ورائي ويو. سون مٿان سهاڳو اهو جو سنڌ جي حُسن جي اٿاهه مرڪ لاهور جي حُسن کي اندران کائيندي ويئي. نيٺ معاملو اتي وڃي پهتو جو سکين ستابن گهرن جي ٻن ٽن ذهين ڇوڪرين حسن درس کي صلاح هنئي مهينو ٻه مهينا فائيو اسٽار، سڀ خرچ پکا اسان تي، موٽ ۾ رڳو حسن درس جي مُرڪ ملين. نيٺ اُهي ڇوڪريون مون وٽ به منٿون ٿي لنگهي آيون ته پنهنجي ڇوڪري کي اجازت ڏي، پر ڇوڪرو پير کوڙيئي نه. سنڌ جي حُسن ۾ ٻڏل حُسن مون کي ائين چنبڙي پيو، جيئن ڳوٺن جا ٻار ماءُ کي چنبڙي پوندا آهن. دِليون جڏهن ڀڄنديون آهن ته آواز ڪو نه ڪنديون آهن، ائين ڀڳل دِليون ڇڏي حسن درس مون سان گڏ هليو آيو. وري ساڳئي آواره گردي، مِلي ته ٽڪي پوي، جي نه ملي ته مهينن جا مهينا منهن ڏيکارڻ کان به وڃي.

    حسن درس فيض احمد فيض جي سٽ ”ميري دل ميري مسافر“ جو مظهر هو. ڏک ۾ هجون ته حسن درس حاضر، سک ۾ هجون ته حسن درس غائب. ائين هو سنڌ ۽ سرائيڪي بيلٽ جي شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ رُلندو رهيو ۽ سندس شاعري گلن وانگر ٽڙندي ويئي. ڪجهه ماڻهو کيس شيخ اياز جو تسلسل سمجهندا هئا. شيخ اياز برابر نئين ٽهيءَ تي اثر ڇڏيو، پر حسن درس جي واٽ پنهنجي هئي، جيڪا شيخ اياز جي شاعريءَ کان ڪونهين دُور آهي. باقي اها ڳالهه وڏي واڪ چئبي ته حسن درس جي شاعري شيخ اياز جي شاعريءَ جي Parallel آهي. ائين کڻي چئو ته شيخ اياز ويهين صديءَ جو وڏو شاعر آهي ۽ حسن درس ايڪويهين صديءَ جو شاعر آهي. خير، اهو هڪ ڊگهو بحث آهي، سو ٻئي ڪنهن موقعي تي ڪبو. اچو سائين آخري يادن تي جو وچ واريون يادون ڇڏيون ٿا، نه ته قصو ڊگهو ٿي ويندو. يادن جا قافلا ڊگها ٿيندا آهن. حسن درس وٽ رب جو ڏنو گهڻو هو. سندس ڀائر ئي اهڙا آهن، جو پنهنجي وات جو گِرهه به حسن درس کي ڏيڻ لاءِ تيار هئا. پر حسن درس جهڙو هرڪو ماڻهو چاهيندو آهي ته پنهنجو بار پاڻ کڻان ۽ پنهنجن پيارن کي پنهنجي تڪليف جي لکا نه ڏيان. سندس ياريون باشيون به اهڙيون هيون، جو موجوده حڪومت کان جيڪو عهدو گهري ها، سو مليس ها. پر آزاد منش حسن درس سرڪاري نوڪري جي واڙي ۾ وڙڻ وارو ماڻهو نه هو. ڪرسيءَ جو قيدي بڻجڻ وارو نه هو. پر تڪليف ۾ هو. بي روزگاري وڏو ڀوت آهي، وڃي ته ڪيڏانهن وڃي.

    مرحوم حليم بروهيءَ جي جيئري هوندي کيس وک وک تي سهارو ڏيندڙ مسعود لوهار درد دل رکندڙ ماڻهو به آهي. دل جو سخي ۽ پهرئين نگاهه ۾ ماڻهوءَ کي صحيح ڪرڻ جو گُر به ڄاڻي ٿو ۽ نڀائي به ڄاڻي ٿو. حسن درس جي شاعري سندس دل ۾ کتل هئي. رڳو ملاقات جي دير هئي. مسعود لوهار ڇا ڪيو جو کيس UNDP جو هڪ اهڙو پروجيڪٽ ڏيئي ڇڏيو. جنهن جو تعلق مال ۽ وهٽن جي واڌ ويجهه سان هو. ڳالهيون ڪرڻ وارا ته گهڻي ئي هئا، پر مسعود لوهار کڙهه تي کير پيارڻ وارو ماڻهو آهي. حسن درس کي پراجيڪٽ به مليو ۽ آزادي به ملي، جو پراجيڪٽ ئي اهڙو هو.

    ائين حسن درس جي صحبت ۾ اچي مسعود لوهار به سيلاني بڻجي ويو. مون کي به ساڻ کنيائون. مون کين عرض ڪيو ته هٿن پيرن کان لاچار آهيان، پر مون کي چيائون ته، ”اسان تنهنجا هٿ پير آهيون، پرواهه نه ڪر“. چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي خبر يا جيل ۾ پوندي آهي يا ريل ۾. مون کي هٿن تي کڻيو پئي هليا. اسان جي پهرئين منزل ڪرچاٽ هئي، جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر وٽ آهي. اُتي ملڪ اسد سڪندر نه رڳو جهنگلي جيوت کي بچائي رکيو آهي، پر جي ڪو سائو وڻ پٽ تي ڪريل هوندو آهي ته انهيءَ وڻ جي ٽاري به وڍڻ جي اجازت ناهي. جبل جي انهيءَ انوکي پنڌ ۾ رستي تي ڪجهه نوجوان ڇوڪريون اڪيليون اڪيليون ايندي ويندي ڏٺيوسين. انهيءَ مان لڳو ته ملڪ اسد سڪندر جبل جو لڄ پال به آهي، نه چوري نه چڪاري ۽ نه ئي ڪا هٿ کس. ير شابس هجيس.

    ڪرچاٽ ۾ راڳ رنگ دوران حسن درس تقرير به ڪئي، جيڪا جنهن تنهن کي وٺي ويئي، ائين ئي جيئن لاهور جا وڻ وڄايا هئائين. وچ ۾ مون کي پيشاب لڳو، آئون محل مان نڪري ويس، پر پيشاب ڪرڻ کان پوءِ منهنجي ڪمزور نروس سسٽم جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ اُٿي نه پيو سگهان. ڇا ٿو ڏسان ته پويان حسن درس بيٺو آهي. گهڻي ئي ڇڏ ڇڏ ڪيم، پر حسن درس مون کي چيو، ”جڏهن آئون چولي ۾ هليس پئي ته تو مون کي سٿڻ پائڻ سيکاري، هاڻي منهنجو وارو آهي، حجاب نه ڪر.“ ائين چئي هن مون کي پنهنجين ٻانهن جي زور تي اُٿاريو ۽ سٿڻ جو اڳٺ به ٻڌائين.

    ٻئي منزل ڪچي جي ڌاڙيلن جو دُن شاهه پنجو هئي. مسرور سومري جهڙا کلڻان يار ملي ويا، تنهن کان پوءِ وري ڪينجهر. اُتي اسان جا يار محمد حنيف (جڳ مشهور ناولسٽ) ۽ مظفر چانڊيو به ملي ويا. انهن پنڌن ۾ حسن درس جو ٻيو رنگ به نظر آيو. ڪارا ڪپڙا، ڪاريءَ چادر سان منهن ڍڪيل، سخت گرمي هوندي ڪري به پير اگهاڙا. مست الست حسن درس، ”مئڪون ڪنجري بڻ ڪر نچڻ دي.“ سنڌ جي عشق کيس اهو ئي سيکاريو هو.

    حسن درس ته هليو ويو هُن پار، پر سندس مُرڪ، سندس سونهن، سندس سنڌ سان نينهن ۽ سندس دل کي جهٻيون ڏيندڙ شاعري پويان رهجي ويون آهن.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش 22 جون 2011
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    ساري سنڌ حسن جو پاڇو!
    اشفاق سومرو


    [JUSTIFY]موت برحق آهي ۽ لکيل آهي ۽ هر ڪنهن تي اچڻو آهي! اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي پر ڪجهه بي وقتائتا موت خاص طور تي مهان ماڻهن جا، سماج جي ڪيترن ئي حصن کي نه صرف صدمو رسائين ٿا، پر سوين سال پوئتي پڻ ڌڪيو ڇڏين. حسن جو موت انهن مان هڪ آهي، جنهن سڄي پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ سندس شخصيت، لکڻين ۽ هن جي ڏاهپ سان پيار ڪندڙ ماڻهن کي اهڙو صدمو رسايو آهي جنهن جو منهنجي نظر ۾ ازالو اڻ ٿيڻو آهي. سماج کي پوئتي ڌڪڻ مان منهنجي مراد مايوسيون ۽ بي وسيون وڌائڻ ۽ نون خيالن ۽ ڏاهپ جي منتقلي جو بند ٿيڻ آهي، جيڪا حسن جي موت تي به نظر اچي رهي آهي. ڪي ماڻهو ڪئين سالن تائين لکڻ ۽ ڪيترائي ڪتاب ڇپائڻ باوجود به سماج ۾ ڪو اثر نه ڇڏي سگهندا آهن، پر ڪي ماڻهو ٿوري عرصي ۾ ئي سماجي ڍانچن تي اثر انداز ٿيندا آهن، حسن انهن منجهان هو. هن سماجي مسئلن کي نئين جدت سان سمجھيو ۽ پيش ڪيو.
    خميس سورهين جُون 2011 تي سندس تدفين وقت ۽ تڏي تي ويٺل ڪيترائي دوست کيس نئين ٽهيءَ جو ڀلوڙ ۽ زبردست شاعر ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو جي لقبن سان ڀيٽا ڏيندا رهيا، پر منهنجي نظر ۾ هو صرف هڪ ڀلوڙ ۽ البيلو شاعر ۽ بهترين انسان ئي نه هيو پر هو سنڌ جي مجموعي ڏاهپ ۽ شعور جو اهڃاڻ پڻ هو. هن جي سدا بهار ۽ نرالي شخصيت انهيءَ جو ڏيک هئي. شاعريءَ کان علاوه هن جي شخصيت جا ٻيا به ڪئين پاسا هئا. هو هڪ گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هئو. اڄ ڪلهه جي نفسا نفسي ۽ وٺ وٺان واري دور ۾ هميشه مُنهن تي مرڪ رکڻ ۽ مادي حاصلات جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌڻ کان پاسو ڪري فقير صفت ماڻهن سان گذارڻ هن جي محبوب مشغلن مان هڪ هئو، جيڪا آئون سمجهان ٿو ته اڄ جي دور ۾ هڪ وڏي جرئت آهي، حسن انهيءَ جرئت سان ٽمٽار هيو. ٽنڊي محمد خان ۾ فقير محمود نعيم ۽ وچن فقير سان گهڻو وقت گذاريندڙ ۽ صوفياڻي راڳ ٻڌڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ وارا لمحا حسن کي سڀ کان گهڻي خوشي ڏيندڙ لمحا هوندا هئا. صوفي محمود نعيم جي بقول حسن اسان جو روحاني رهبر ۽ مرشد هيو. هو سراپا محبت هو. حسن جي هڪ سٽ آهي ته ” مُون کي ڄڻيو محبت، محبت کي مُون ڄڻيو آ- “واقعي هن محبت کي ڄڻيو. هو اڄ پنهنجا هزارين محبتي ۽ لافاني محبت هن دنيا ۾ ڇڏي ويو آهي. حسن ظاهري طور تي ته شاعر ۽ موسيقي سان بي انتها لڳاءُ رکندڙ ماڻهو هو پر وٽس سنڌ جي اصلوڪي ڄاڻ (Indigenous Knowledge) کي پرکڻ جو ڏانءَ پڻ هو. هوُ گھوڙن، اٺن ۽ ٻين جانورن جون جبلتون ۽ جوڳين، ڀيلن، ڪولهين ۽ ڳوٺاڻي زندگي جون رمزون بهتر طريقي سان ڄاڻندو ۽ بيان ڪندو هو.

    زندگيءَ ۽ موت جو فلسفو ڇا آهي، انهيءَ تي ته ڪي فلاسافر ئي ڳالهائي سگهن ٿا پر بي وقتو وڇوڙو ائين مرڪون کسي وٺندو، انهيءَ جو اندازو ۽ ڏک ڇا آهي، اهو ڪير هن دلبر جي يارن کان پڇي!

    عمر جي آڱرين مان ڏس ڇڻون ٿا پيا
    سڄڻ سگريٽ سستي جيان ماڻهو سڄو سڙي ٿو پيو


    حسن هن لاپرواهي، بي غرضيءَ ۽ نااهليءَ ۾ وڪوڙيل سماج ۾ اک ته ضرور کولي پر هُو سماجي تبديليءَ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. سماج کان بغاوت جو هن ڪڏهن به ڏس نه ڏنو ۽ نه ئي همٿايو، پر پنهنجي ڪچهرين ۽ لکڻين ذريعي تبديليءَ لاءِ هر وقت همٿائيندو رهيو. سنڌ کي پنهنجي ماضيءَ ۽ طبقاتي ڍانچن جو ٻيهر ڪرِڙي نظر سان جائزو وٺڻ گهرجي ۽ نئين سوچ ۽ جيئڻ جو نئون منطقي ڏانءُ اپنائڻ گهرجي، اها حسن جي تمنا ۽ جستجو هوندي هئي.

    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
    جيڪو جَر تي جاڳي ٿو
    مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو
    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو.


    حسن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هئي، پر اسان کي ساري سنڌ حسن جو پاڇو ٿي لڳي. هو جملن ٺاهڻ جو ماهر آرڪيٽيڪٽ هيو. هو لفظن کي سُونهن بخشيندو هيو. لفظ هن جا محتاج هوندا هئا. منظور ميراڻي جي لفظن ۾ حسن وٽ لفظن کي ريجهائڻ جو جيڪو فن هيو، سو شايد ئي ڪنهن وٽ هجي. ”مون ۾ جُز ڦٽو آهي، مون ۾ ڪُل ڇڻيو آ“ هوُ جُز کي سمائي ڪُل جي جيڪا منظر نگاري ڪندو هو، سا شايد ئي ڪو فلاسافر، ڪهاڻيڪار ۽ آرٽسٽ ڪندو هجي.

    هر سٺي اديب، شاعر ۽ مهان ماڻهن جي موت تي اڪثر ٻڌندا آهيون ته ”هن جي وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي“. حسن جي وڇوڙي سان وڏو خال ته يقينن پيدا ٿيو آهي، پر ان خال کي ڀرڻ لاءِ هو اسان کي تاحيات شاعري ۽ منطق ڏئي ويو آهي. منهنجي نظر ۾ حسن جي انهيءَ اثاثي کي سماجي اتساهه Societal Inspiration)) طور وٺڻ گهرجي، ۽ نه صرف هن جي لکڻين کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائجي، پر هن جي سموري ڊڪشن، ڏاهپ ۽ ساروڻين کي قلم بند ڪري ۽ ترجمو ڪري دنيا جي ٻين حصن تائين پڻ پهچائجي، ڇاڪاڻ ته حسن جي خيال ۽ جملن جي پختگي عالمي شاعرن کان ڪنهن به ريت گھٽ ڪانهي. ٺيڪ ان وقت اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو سڀ ڪجھه ڪير ڪندو؟ ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ايترا مستحڪم ۽ ذميوار ادارا نه آهن، جيڪي پنهنجي ليکي اهڙي ڪوشش ڪن. اسان کي هاڻي پنهنجي روايتي دنيا مان نڪرڻو پوندو. اسان جي يونيورسٽين، ثقافت کاتي، خانگي ادارن ۽ ٻين ادبي تنظيمن کي سگھارو بنائڻو پوندو ته جيئن اهي سنڌ جي لڪل خزاني کي دنيا تائين روشناس ڪرائي سگهن.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    ”نٿو يار لهين منهنجي دل تان گهڙي....“
    ارشاد لغاري

    اي حسن!!
    دلدار منهنجا، يار منهنجا
    ياد هوندءِ هُو دراوڙ جو قصو
    جو ٻڌايو هو تڏهن تو
    ها جڏهن هِن ديس اڃايل مٿان
    ويس ڪارا سانوڻيون پائي لٿيون هُون
    پنهنجون رهاڻيون متيون هُون،
    پوءِ تو چيو هو
    ”ڌُنڌ جي هُن ڳوٺ ۾
    وقت آ مقرر ’هُن‘ سان ملڻ جو“
    ۽ چيو هُئي
    ”هُن نديءَ سان بيٺي جيڪا ڳالهه ڪئي
    سا پکين جي ٽولي چورائي وئي“
    ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن ئي ٿيندا
    آڌوتي کٽياڻ جي واٽن کان اڳتي
    جوڳ، جُنون جاٽُن کان اڳتي
    شاهپور درپور اندر
    حميد علي سائينءَ سندي مئخان ۾
    پريم نگر ايوان ۾
    ”سج سرمد ۽ ننڍڙا ٻارڙا
    ٽئي اگهاڙپ جي ڍڪيل پوشاڪ ۾“
    خودشناسي خاڪ ۾ سا ڳالهه ڇيڙي
    امُن علي سان پائي ڀاڪر – ڀاڪيون
    تو چيو ”هاڻ هڪڙي ڇير گهرجي“
    لوڪ – لباسي هن جهان کان ته اڳتي
    هاڻ هڪڙو پير گهرجي
    ۽ پوءِ
    عيسي فقير جي سُهڻي رقاص سان
    رقص تنهنجو، هو اصل ۾ عڪس تنهنجو
    ها انهيءَ باطن سندو
    جو لڪائي هو رکيو تو ڪئين جُڳن کان
    جنهن ۾ اڀيچند روپ ڌاري
    تو هيو سرمد سان گهاريو
    ۽ لڪيءَ ۾ ديپ ٻاريو
    قلندري ڌمال ۾ - بودلي خيال ۾
    تو سڏيو هو سنڌ کي پاڇو پرينءَ جو
    اي حسن!!
    او منهنجا جاني
    ڪير چئي ٿو هي حياتي آهي فاني!؟
    اڄ اُٿي ڏس سنڌ ساري
    تنهنجو پاڇو ٿي پئي آ
    تون پرين آهين وطن جو
    رنگ گيڙو ان وچن جو
    جنهن ۾ هر هڪ دل ويراڳي جيئي ٿي
    ۽ پيئي ٿي تنهنجي پيالي مان ئي سُرڪيون
    تنهنجون مُرڪون اڄ به مُرشد جي اڱڻ ۾
    ٿي وصل وائي، سُهائي ساز ۾، آواز ۾
    ٿيون ڏين ساڳي بشارت
    ساڳي ئي انداز ۾
    ڪجهه عيان، ڪجهه راز ۾
    تون جيئن چئي وئين
    ”سنڌ ساز مان نڪتي، سنڌ آواز مان آئي“
    ڏس حسن!! او يار منهنجا
    اڄ تون ئي آهين ساز سنڌ جو
    ۽ اهو آواز سنڌ جو
    موندر لاکا ۾ جتي پنهنجو امُن
    چن سائينءَ جي پڌر ۾
    تنهنجي اوسيئڙي سندي ساڌو سفر ۾
    بيخود بحر ۾ ٿو چوي
    ”نٿو يار لهين منهنجي دل تان گهڙي
    رويو واٽون نهاريان بيٺي خوب کڙي“.
    اي حسن!!
    دلدار منهنجا، يار منهنجا،
    ياد هوندءِ هُو دراوڙ جو قصو!

    روزانه عبرت 22جون 2011​
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    [JUSTIFY]حسن درس جي جُدائي اها ويل نه هئي تنهنجي وڃڻ جي!
    عبدالوهاب منشي

    جيڪڏهن زندگي کانپوءِ موت نه هجي ها، ته ڇا زندگي کي زندگي جو ئي نالو ملي سگهي ها؟ نه، زندگي کي زندگي جو نالو فقط انهيءَ ڪري مليو، ته زندگي کانپوءِ موت برحق آهي، هن دنيا ۾ جيڪو انسان پيدا ٿيو آهي، سو سڀاڻي واپس ڌڻي ڏانهن وڃڻو آهي، فطرت مطابق هر انسان کي هڪ ڏينهن موت جو مزو چکڻو آهي، ڪير اڳ ۾ ته ڪير پوءِ هي جهان ڇڏي سڀني کي وڃڻو آهي بس نالو رڳو رهجي ويندو سائين جو! موت هن کي اسان کان رڳو جسماني طور تي جُدا ڪيو آهي، پر سندس پيار ۽ سندس يادون سنڌ جي نوجوانن جي دلين مان ڪڏهن نه ٿيون نڪري سگهن، هو روحاني طور تي اڄ به سنڌ جي نوجوانن جي دلين تي ياد بڻجي ڌڙڪي پيو. هو هڪ آرٽسٽ، تخليقڪار، شاعر ۽ سماج سڌارڪ هو، هو مرڻ کان پوءِ به پنهنجي تخليقن ذريعي هن سماج ۾ هميشه امر رهندو. سندس شمار موجود ٽهي جي پهرين صف جي شاعرن ۾ ٿيندو هو، هڪ ته سندس انداز با ڪمال هو، ٻيو سندس لفظن جي ادائيگي شاندار هئي، هو جڏهن ڪنهن محفل ۾ شعر پڙهندو هو، ته پڙهندڙ تي ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويندو هو. سنڌ ۾ تمام ٿورن شاعرن کي سندن ئي زندگي ۾ ايتري مڃتا پر ڏک هن ڳالهه جو اٿم ته جڏهن مشائخ هوتي جي پوڙهن پڪن، نوجوانن، ٻارن، سندس مائٽن سوڌو سندس پيارن دوستن جڏهن هن نوجوان جو لاش پنهنجي ڪلهن تي کڻي کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو هوندو، ته اتي ڪهڙو نه قيامت خيز منظر هوندو؟ مان هن جي المناڪ موت کي ڪهڙو نه قيامت خيز منظر سمجهان ٿو، جڏهن هڪ نوجوان جو لاش گهران ڏوليءَ ۾ کڄي ٿو ته يقين اٿم ته اتي پاڻ عزرائيل جون اکيون به پُرنم ٿي وينديون هونديون، پر جڏهن هن برچُستي شاعر ”حسن درس“ کي جتي مٽي حوالي ڪيو ويو، اتي مون سوڌو واشنگٽن ۾ ويٺل سندس يار حسن مجتبيٰ، جامي چانڊيو، ناز سهتو، نصير مرزا، ذوالفقار هاليپوٽو، ارشاد لغاري، اظهار سومرو، مشتاق راڄپر، امداد سومري سوڌو سڄي سنڌ ائين ئي رني آهي، جيئن ڪنهن ميلي ۾ ڪو معصوم ٻار پنهنجي امڙ کان هميشه هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو هجي ۽ سندس پويان دوستن سوڌو مائٽن جو هڪ وڏو انگ سوڳ وار بڻيل هجي. ها، مان اهي لفظ اسان جي پياري ساٿي حسن درس جي درد ناڪ جُدائي تي لکان پيو. حسن درس جي موت کان ڪجهه ڪلاڪ اڳي مون طارق عالم ابڙو تي تعزيتي ڪالم لکي اڃان ختم ئي ڪونه ڪيو هو، ته وري هڪ قيامت خيز خبر فون تي ميسيج جي ذريعي ملي ته ”سنڌ جو ڀلوڙ شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. بس حسن هن دنيا کي الوداع الوداع ڪري هليو ويو.“ حسن ڪير هو؟ هو صرف شاعر ئي هو يا اديب؟ پر هو هڪ پيارو انسان ۽ جادوگر طبيعت جو مالڪ هو، اڄ سندس موت کان پوءِ حيدرآباد سوڌو سڄي سنڌ جون فضائون سوڳ وار آهن، مونکي اڃا يقين نٿو اچي، ته هو اسان کان وڇڙي ويو آهي، مان سندس موت اڃا اعتبار ئي نٿو ڪيان. پر جڏهن حسن جي موت جي خبر سڄي سنڌ ۾ باهي وانگي پکڙجي وئي ۽ ٽيليوزن چئنل تي نوحن ۽ درد ناڪ نغمن سان سندس وڇڙي جي خبر ٻُڌم ته دل هڪ گهڙي لاءِ يهي رهي، ها حسن لفظن جو جادوگر هو، هو سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه ڪندڙ بهادر قافلي جو هڪ سپاهي هو، جيڪو اسان کان جُدا ٿي ويو. حسن جي شاعري گهڻو ڪري نظم ۽ نثري نظمن تي مشتمل هوندي هئي. هو سنڌ جو البيلو شاعر پنهنجي شاعري ۾ اهڙو ته رنگ ڀريندو هو جو سڀئي پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ حيران رهجي ويندا هئا.

    تمام عمر تڙپني ڪو، اڪ چبهن دي دون،
    ڪهو تو جذبون ڪو لفظون ڪا پير هن دي دون.


    حسن جي موت جي خبر مون جڏهن پنهنجي ڏک، درد ۽ ڳوڙهن تي ضابطو رکندي جڏهن سنڌ جي نالي واري ڏاهي ۽ مفڪر شمشيرالحيدري کي فون ڪري اطلاع ڏنو ته لطيف ۽ اياز کانپوءِ سنڌ جو ڀلوڙ شاعر، نوجوانن جو سرتاج ”حسن درس“ هن دنياءِ فاني کي هميشه هميشه جي لاءِ خير آباد ڪري هليو ويو. ته اهي لفظ ٻڌڻ کانپوءِ ضرور شمشير جي ڪيفيت خراب سندس اکيون ڀرجي ويون. ان کي يقين ڪونه پئي آيو، هو مونکي بار بار رڳو هڪ جملو چئي رهيو هيو، ته حسن هڪ بهترين شاعر نه پر هڪ پيارو انسان هو.... ها حسن پنهنجي زندگي جيئن سهڻي نموني سان گذاري، اهڙي ئي فن سان هن پنهنجي زندگي رب پاڪ حوالي ڪئي، جيئن ڪو انسان ڪنهن ٻئي انسان کي ڪا امانت موٽائي ڏيندو هجي. اڄ حسن درس اسان جي وچ ناهي رهيو پر سندس يادون، ڳالهيون ۽ سندس شاعري سنڌ لاءِ هڪ وڏو اثاثو آهي. مان ڀرپور يقين سان لکان ٿو، ته جڏهن به سڀاڻي سنڌ جي تاريخ شاعري جي حوالي سان پنهنجا ورق ورائيندي، ته حسن درس هر پل، هر گهڙي ۽ هر لمحي اسان جي يادن سوڌو سنڌ جي تاريخ جو حصو بڻيل رهندو.

    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو، جيڪو جرڪي جاڳي ٿو.
    ٿڌ وسي ٿي واريءَ تي، ٿو ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري.


    حسن درس هن ڌرتي ۽ شاعري جي محاذ تي وڙهندر هڪ سپاهي هو، جنهن سنڌ جي ماڻهن جي ترجماني پنهنجو البيلي شاعري ذريعي ڪئي. بيشڪ حسن درس جذبن کي لفظن جي لباس پهرائڻ جي فن سان آشنا هو. سندس لفظن ۾ تڙپ، احساس، پيار، محبت ۽ جنون جي سرحدن تائين فن جي ڪمال کي جيئرو رکڻ جو جذبو نظر ايندو هو. مونکي اڃان چڱي طرح ياد آهي، ته 1998ع جو دور هو مون سنڌي صحافتي دنيا ۾ نئون نئون قدم رکيو هو. جڏهن عبرت اخبار ۾ مونکي مرحوم غفور ڪريمي مسلسل بنيادن تي لکڻ لاءِ زور ڀريو ته ان وقت جامي چانڊي ذريعي حسن درس سان منهنجي ملاقات ٿي، پوءِ اي جي چانڊي سان گڏ ويهي حسن جي شاعري ۽ سندس ڪالم پڙهڻ جو گهڻو موقعو مليو. پوءِ حسن درس ۽ مون اخباري دنيا کان هٽي گڏجي لبرل فورم پاڪستان ۾ ڪم ڪيو. هو اڪثر ڪاڇيلو هائوس کان مرحوم ياسر ڪاڇيلي جي اوطاق کان ويندي حيدرچوڪ ۽ اقبال هوٽل تي ساڻس گڏجي چانهن جو ڪپ پيئڻ ڪنهن يادگار لمحي کان گهٽ ڪونهن. حسن درس سان ڪچهريون ۽ چرچا هاڻ زندگي جون انيڪ يادگيريون بڻجي ويون آهن، جن کي مان ڪڏهن وساري نٿو سگهان. سندس چهري تي هميشه هڪ عجيب قسم جي سهڻي مرڪ رهندي هئي. کيس دنيا جا ڪيترا غم جهنجٽ ۽ پريشانيون هجڻ باوجود هو ڪڏهن منجهيل نظر ڪونه ايندو هو. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ اهڙي انجمن هو، جنهن لاءِ ڪير اهو نٿو چئي سگهي، ته ڪو مونکي حسن سان ڪڏهن ڪو اختلاف ڪو جهيڙو يا ڪڏهن هن ڪنهن کي ڇِڙٻ به ڏني هجي، هو پنهنجي شخصيت ۾ با ڪمال مقناطيسي انسان هو، ڪير ساڻس هڪ ڀيرو ملاقات ڪندو، ته وري ٻيهر ساڻس ملڻ هُن جي آرزو بڻجي ويندي هئي. جيڪڏهن مان به حسن سان نه ملان ها، اسان جي پاڻ ۾ ڪا ملاقات نه هجي ها، اها منهنجي بدنصيبي هجي ها. مان سمجهان ٿو ته حسن جهڙي جوڌي نوجوان جو موت سنڌ ڌرتي مٿان ڪنهن قيامت ٽُٽڻ کان گهٽ ڪونهي، هو ڪو عام روايتي شاعر ڪونه هو، پر هو هميشه پنهنجي لکڻين ۽ شاعري ذريعي ڌرتي جي ماڻهن کي ويساهه، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندو هو. سندس شاعري سندس احساسن جي هميشه ترجماني ڪندو آهي. ائين ئي جيئن اڄ سنڌ جا هزارين نوجوان حسن جي شاعري کي پڙهي کيس پنهنجو ترجمان سمجهن ٿا. حسن سنڌ جي تمام وڏو جادوگر شاعر هجڻ کان ڪير انڪار نٿو ڪري پر جيڪڏهن زندگي کيس ٿوري مهلت ٻي ڏئي ڇڏي ها، ۽ کيس ٿوري زندگي ٻي ملي وڃي ها. ته هو هن صديءَ جو وڏو شاعر بڻجي وڃي ها. مان اهو پوري وساهه، اثر، مطالعي، تحقيق ۽ برابر تنقيدي شعور رکڻ کانپوءِ وڏي پختگي سان لکي سگهان ٿو ته حسن هلندڙ صديءَ جو سرتاج شاعر هو. پر خبر ڪونهي ته کيس ڪهڙي نظر لڳي وئي. جيڪڏهن گذريل راتين ۾ چنڊ گرهڻ واري رات مهل روح قبض ڪندڙ فرشتو کيس هڪڙي مهلت ٻي ڏئي ڇڏي ها ته اڄ سڄي سنڌ سوڌو حيدرآباد جون هوائون سوڳ وار، ڏکن ۽ سڏڪن ۾ نه ورتل هجن ها، حسن درس جيترو سهڻو هو، اوترو با اخلاق خوش لباس ۽ رومانوي شاعر ۽ معصوم نظر ايندو هو. مونکي به حسن درس کان جامي چانڊي وانگر اها شڪايت آهي ته کيس هن دنيا کي ايترو تڪڙو الوداع چوڻ جي ڪهڙي جلدي هئي؟ اڃا ته ان کي سنڌ لاءِ تمام گهڻا ڪم ڪرڻا هئا. اڃا ته ان کي سنڌ جي سورن، دردن، تڪليفن ۽ ماڻهن جي پريشانين کي هڪ ڪٿا جي صورت ۾ گڏ ڪري پنهنجي شاعري ذريعي اڳيان پهچائڻو هو. اي موت جا فرشتا ڪاش تون هن کي هڪ مهلت ڏئي ڇڏين ها، اها حسرت هميشه دل کي غمزده ڪندي رهندي.

    هي ڪهڙو سماج آهي؟ اسان ڪهڙا نه بي حِس بڻجي چڪا آهيون، جڏهن حسن درس قاسم آباد جي پونم پيٽرول پمپ جي ويجهي هوش محمد شيدي روڊ تي زخمي حالت ۾ تڙپيو پي، ته اتي ڪنهن علائقي واسي کيس کڻي اسپتال ڪونه پهچايو، ڇا ڪا اسپتال اهڙي نه هئي. جتي ڪو ڊاڪٽر سنڌ جي اثاثي کي بچائڻ لاءِ حسن جي زندگي بچائي ها. پر اسان ڪيترا نه خود غرض ۽ بي حِس بڻجي ويا آهيون، جو حسن سان ايترو وڏو ظلم ٿيندي هي سماج پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هو. نتيجتن اسان هڪ سهڻي شاعر کان محروم ٿي وياسين. حسن جڏهن زخمي حالت ۾ پنهنجي سنڌ پوليس ڏانهن نهاري رهيو هو ته ڪير کيس کڻي اسپتال پڄائي، پر اتي قاسم آباد ٿاڻي ۽ جي او آر ٿاڻي جي پوليس حد کي تڪرار بڻائي کيس لاوارثن وانگر رستن تي تڙپندي ڇڏي ڏنو. ڪاش اها پوليس اهو سمجهي وٺي ها ته هي ڪو لاوارث نه پر سنڌ جو سرمايو آهي، جنهن جو رت وڌيڪ ضايع ٿيڻ ڪري سنڌ پنهنجي هڪ ٻئي اثاثي کان محروم ٿي وئي، پر شاباش آهي، اتان جي هڪ واٽ ويندڙ کي جيڪو ڄڃ جي رونقن کي ڇڏي حسن جي گل جهڙي جسم کي پنهنجي گاڏي ۾ کڻي اسپتال پڄائي ٿو پر هو الله کي پيارو ٿي ويو. هاڻ حسن جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟ اهو سوال سڄي سنڌ جا شاعر، اديب، دانشور، قلم ڪار ۽ سول سوسائٽي رياست کان پُڇي ٿي ته ڇا هن موت جو ذميوار اهي پوليس وارا ناهن جن حسن کي روڊ تي تڙپندو ڇڏي ڏنو، کين ان وقت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اها رولنگ ۽ حڪم نامون ياد نه آيو جنهن ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پنهنجو واضح حڪم ڏنو آهي. ته ”پوليس ڪنهن حادثي واري جاءِ تي سڀ کان پهرين زخمي کي اسپتال کڻي پڄائي، کيس فوري طبي امداد فراهم ڪري بعد ۾ ٿاڻي جي حدن ۽ ليٽر اسپتال ۾ جمع ڪرايو وڃي“ اهو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي حڪم نامي جو عڪس هو. پر افسوس ته انهن بي حِس پوليس وارن حسن درس کي نه بچايو اڄ هو سنڌ جي گهٽي گهٽي ۽ ڪُنڊ ڪُڙڇ اُداس ڪري هليو ويو آهي. حسن ته هن دنيا مان هليو ويو پر انهن پوليس وارن جي اها ڪهڙي سزا مقرر ٿي ته قاسم آباد ٿاڻي جي گلشن مهر ۽ ايس ايڇ او جي آر ڪالوني عرفان ڀٽي کي ڊي پي او پير فريد جان سرهندي رڳو معطل ڪري ڇڏيو. هاڻ حسن جي بي رحماڻي موت جو ڪيس ڪنهن جي مٿان داخل ڪجي؟ ڇا هي ڪنهن قتل کان گهٽ آهي ته هڪ نوجوان تڙپي تڙپي روڊ تي مري رهيو هجي ۽ ٻئي پاسي پوليس تماشائي بڻيل هجي. حسن درس ڪو عام ماڻهو نه هو، پر ڀٽائي جي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ هزارين نوجوانن جو ماڊل هو. اڄ سنڌ جا شاعر ۽ ادبي لڏو هڪ ڀيرو ٻيهر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڏانهن نهاري پيو، ته حسن درس جي بي گناهه موت مٿان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي هن سڄي معاملي جو ازخود نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ معاملي جي شفاف طريقي سان چاج ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ شاعر جي موت ڪنهن ايس ايڇ او جي معطل ڪرڻ جي متبادل آهي ته يقين ڪريو، هتي روز اهڙا نوجوان مرندا رهندا ۽ سماج بي حِسي جو شڪار ٿيندو رهندو. اسان سمجهون ٿا ته حسن درس جي المناڪ موت کي جيڪڏهن ڪنهن به ٿاڻي جو ڪو ڊيوٽي آفيسر اهلڪار ملوث آهي، ته سندن مٿان قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، اڄ حسن درس جي موت جي درد سبب هر سنڌي جي گهر ۾ سندس تڏو وڇايل اهي.آمريڪا ۾ ويٺل حسن مجتبيٰ کان ويندي مٺي جي ميرحسن آريسر ڏک ۾ ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، جيئن ڪو ٻار پنهنجي قيمتي شئي جي گم ٿيڻ تي روئيندو هجي. اڄ هو پاڻ ته هليو ويو پر پنهنجي صدمي ۾ پويان هزارين سوڳ وار ڇڏي ويو. مان ته رڳو بس ايترو ڄاڻان ٿو ”اها ويل نه هئي تنهنجي وڃڻ جي!“[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    حَسن ۽ حسن جون رولاڪيون
    حفيظ ڪنڀر


    [JUSTIFY]خبر ناهي ته قلمي قبيلي جي ماڻهن ۾ نثر نگارن جي ڀيٽ ۾ شاعر ڇو ايترو جلدي لاڏاڻو ڪري هليا ويندا آهن؟ شايد هو موت جي حيرت کي بار بار مخاطب ٿيندي، موت جي رازن ۽ ڳجهه ڳجهاندرن جي ويجهو پهچي ويندا آهن. تڏهن ته اهي زندگي ۾ ئي ”تنهنجي مٽي ۾ مئل هوندس مان“ جهڙيون اسان جي ان حسن درس جيان سٽون بار بار ورجائن ٿا، جيڪو حَسن ”سنڌ گرهڻ“ جي رات اسان کان موڪلائي ويو. (خبر ناهي ته حَسن جي هليو وڃڻ کان پوءِ سنڌي شاعري-ان گرهڻ مان ڪيتري عرصي کانپوءِ نڪرندي). حَسن بار بار زندگي ۽ موت جي رازن کي ڦلهورڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هن ڪچي وهي ۾ ئي ”عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا“ يا

    زندگي ڀلي اهڙي-ٽُڪ تي رلي جهڙي
    آئون وڇايان تون نه ويهين، ڇو نه پو ويڙهي ڇڏيان


    جهڙيون سٽون لکيون. هن جي ڪيتري ئي اهڙي ٻي شاعري به آهي، جنهن ۾ زندگي ۽ موت جي مامرن متعلق هن اظهاريو هو، سا هن عام نه ڪئي هئي.

    هتي هرڪو ٿو هارائي، هتي ڪنهن آ کٽي دنيا
    گهڻن لاءِ گهر گهڻو آهي، گهڻن لاءِ آ گهٽي دنيا


    ۽ اڄ حَسن جي يادن ۽ شهرن لاءِ ته هي دنيا واقعي ڪشادو ۽ وسيع گهر آهي، پر ساڳي دنيا حَسن لاءِ اها مختصر گهٽي بنجي وئي، جنهن مان هو تڪڙو ظاهر ٿيو ۽ تڪڙو گذري ويو. هن وٽ گهوڙي جي رفتار هئي، هن جي پنهنجي من جي گهوڙي جي ٽاپولي هن کي ويهڻ ڪٿي ٿي ڏنو؟ هو ڪنهن به وقت ڪٿان به نمودار ٿيندو هو ۽ ڪنهن مهل به گم ٿي ويندو هو. هن جي زندگي ۾ عجب لڪ لڪوٽي هئي، هو سدائين دوستن جي ڳولا ۾ ۽ دوست سدائين حَسن جي ڳولا ۾ هوندا هئا. پوءِ هو دوستن جي وچ ۾ هوندو هو ته ڪڏهن وري اوچتو وچ مان اٿي هليو ويندو هو، ۽ نيٺ ان رات به اٿي هليو ويو. جواني ۾ مري ويل انگريزي جي شاعر جان ڪيٽس تي ٺهيل فلم Bright star جي هيري جهڙي حَسن ۽ لارڊ بائرن ۾ شاعري، عاشقي، سڀني حلقن ۾ مقبوليت، گهوڙن جي شوق ۽ جواني جي موت جهڙيون هڪ جهڙايون آهن. لارڊ بائرن جي چوڌاري مڃتا ڏيندڙ موهت ماڻهن جو ايترو گهيرو هوندو هو، جو انهن ماڻهن لاءِ Byromeniac ۾ ورتل ماڻهو هلندا به لارڊ بائرن جيان هئا، ۽ پنهنجي حَسن جي شاعري توڙي شخصيت تي موهت ماڻهن لاءِ ڪو اصطلاح ته نه ٺهي سگهيو، پر حسين ڪپري جي هن کي ڏنل ادبي نالي ”سنڌي شاعري جو شهزادو“ يعني حسن درس جي چوڌاري مون ڪراچي جي اردو اديبن کان وٺي بدين عام ورڙن، ماڃر، منڇر جي مهاڻن، درگاهن جي مجاورن، راڳين کان وٺي ننگر جي ڪولهين کي حَسن تي ٻلهار ٻلهار ڏٺو. پنهنجي شاعراڻي تخيل سان لطيف جي چٽيل باغي ڪردارن، نانگن ۽ آڌوتين تي سرمدي صورت ڏيندڙ ۽ عريانيءَ کي وقت جي اورنگزيبن اڳيان بغاوت جي علامت بنائيندڙ حَسن درس پنهنجو نظم ”آئون تنهنجو ساڳيو اڀيچند“ جڏهن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پڙهيو هو ته مون کي پڪ هئي ته ان نظم جي گهرائي، وسعت، مفهوم، علامتون شيخ اياز صاحب کان سواءِ شايد ئي ڪو سمجهي سگهيو هجي. حَسن جي ذهني ۽ شاعراڻي اوسر کي اگر سنڌ جي سياسي دورن ۾ ورهائبو ته اهي انتهائي اذيت ناڪ دور آهن. ڀٽي صاحب جي پاپولر سياست جون يادون هن جي ذهن تي هونديو، پوءِ مارشلائي بربريت، ضياءَ جي مارشل لا ختم ٿيڻ کان پوءِ وري به سنڌ ۾ ڄام ۽ ٻين جون مارشل لا نما حڪومتون، يعني انهن ئي مارشلائن جو تسلسل-شاعري نثر جي ڀيٽ ۾ شيطاني قوتن کي وڌيڪ زور سان للڪارڻ جي سگهه رکندي آهي. حَسن درس 20 سالن جي عمر ۾ جيڪو نظم وقت جي آمر خلاف لکيو هو، ڪاش! ان نظم کي اڄ ڪو فٽز جيرالڊ ملي ۽ اهو نظم ترجمو ٿي انهن قومن جي هٿن تائين پهچي، جيڪي اڄ به آمريتن خلاف وڙهي رهيون آهن.
    اسين چئون ٿا ته جنرل ضياءُ
    پنهنجي روپ ۾
    زندگي کي منع نامو آهي
    هو موت جو ٻيو نانءُ آهي
    سموري نئين نسل جي
    ڪونئرين ڪپهه جهڙين جوانين تي
    ڪري پيل پٿرن جو ڍڳ آهي
    هو چانڊوڪين سان وير آهي
    سج سان بي واجبي آهي
    هن جو کڄندڙ ساهه
    هوا سان زيادتي آهي.......

    هن پوري نظم ۾ ڀٽي صاحب جي شهادت کان وٺي سنڌي ماڻهن جي آمريت خلاف ڪاوڙ ۽ جدوجهد چٽيل آهي ۽ انهيءَ آمريت خلاف جيتڻ جو يقين ۽ هڪ قوم جو عزم ڇلڪي ٿو. حَسن پنهنجي شاعري ۾ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري جي اصطلاحن/علامتن کي ڪتب آڻي انهن کي نوان ويس وڳا پارايا ۽ هن جي پيرن جي رولاڪين هن کي لوڪ سان ملائي، هن جي قلم کي خوب Inspiration ڏني. هن جي رولاڪين هن جي شاعري کي مير محمد لُنڊ کان پريمي ڪولهي تائين، منڇر جي مهاڻن کان لاڙ جي ورڙن تائين جا ڪردار ڏنا. هو ڪولهين جي بستين سنڌ جي بيزار، بيگاني ۽ فراريت ڀري عام زندگي جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ رستن جو راهي ٿيندڙ حَسن هڪ ٻن سٽن ۾ انهيءَ زندگي کي پنن تي پئنٽ ڪري ڇڏيو.

    سنجهي جو هو سڀئي ڪولهي
    ٺري جا مٽ کولين ٿا
    ڳچين جا ڳٽ کولين ٿا


    حسن کي جواني ۾ مري ويل خوبصورت شاعره ايلس بيل جيتري فرصت به نه ملي، جو هو ان جيان ڪو هڪ ناول لکي سگهي ۽ ان ناول لکڻ جو هن بار بار اظهار ڪيو هو. مون کي پڪ هئي ته حسن سنڌ کي ڀلو ناول ڏيندو، ڇو ته حسن هڪ ڀلو Story teller به هو ۽ هن سرائيڪي بيلٽ کان وٺي سڄي سنڌ جهاڳي هئي. انهيءَ سنڌ جا وڻ ٽڻ، پکي، پوٺا، رڻ، ڍنڍون، ڍورا، ماڻهو، مال سڀ هن جا يار هئا ۽ اڄ انهن سڀني يارن وٽ حَسن جي ڳالهه آهي ۽ ان ڳالهه جي ڳل تي ڳوڙها ئي آهن.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش 23 جون 2011
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,633
    ورتل پسنديدگيون:
    27,113
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    هيل هن کي ڏانوڻ ڪو نه پيا
    ڪلال

    [JUSTIFY]تنهن ڏينهن اسين ڪيترائي پنهنجي ڀنلن ڇيرن سميت مشائخ هوٿي ۾ گڏ ٿيا هئاسين، حسن درس کي دفن ڪرڻ لاءِ، پر نه، حسن درس جي مڙهه کي دفن ڪرڻ لاءِ. (هو، جيئن عربي زبان ۾ چوندا آهن) حسن جي قبيلي جا ماڻهو دفن ڪو نه ٿيندا آهن.

    حسن جو هي ڳوٺ جنهن لاءِ ڪجهه سال اڳ هُن مون کي ٻڌايو هو ته ”آئون جڏهن به اٻاڻڪو ٿيندو آهيان، ته ڳوٺ ڀڄي ويندو آهيان. هيترا سارا سال شهر (ن) ۾ گذارڻ کانپوءِ به، شايد چوٿائي صديءَ کانپوءِ به حسن پنهنجي وجود جي نهايت نفيس گوش ۾ ڳوٺاڻو ئي ته هو.

    ها سو، حسن جو اهو ڳوٺ، جتي نمن جا تمام گهڻا وڻ آهن، اُتي تارا جڳمڳائيندي نظر ايندا آهن. جتي چنڊ چمڪندو به آهي ته کڙندو به آهي. (گرهبو به آهي، جنهن رات حسن ڇڏي ويو، اسان کي، مڙني کي، ان رات به ته چنڊ گرهيل هو جنهن کي موسم جي کاتي وارن جي چواڻي طويل ترين گرهه لڳل هو. ڇا اهو ڪو اپ سوڻ، سنڌ جي جديد شاعريءَ کي گرهڻ لڳڻ جو.)

    حسن جي ڳوٺ جي ڳلين ۾ هوا ”ڪنهن جي حُسن جي هاڪ ۾“ گهلندي آهي ۽ گهلندي محسوس به ته ٿيندي آهي. ها سو حسن جو اهو ڳوٺ بلڪل ”پرينءَ جي پار جهڙو هو.“ اتي پوپٽ اڏاڻا پئي. اهي ئي پوپٽ، گلابن تي، ٻوٽن تي، پنن تي، ڦرين تي، ڳلين جي مٽيءَ تي اڪيچار رنگ هاري ويندا آهن. اهي رنگ انيڪ استعارن، ترڪيبن ۽ تشبيهن جون اڻ ڳڻيون کير ڌارائون جنميندا آهن ۽ اتان ئي ته حسن پنهنجون مُٺيون ڀري، جهول پر ڪري سڄي سنڌ لاءِ آڇيندو هو ۽ اسان کي مسرت به ڏيندو هو ته پنهنجي دردن سان آشنائي پڻ. هو ايترو ته اٻاڻڪو ٿي ويو جو سدا لاءِ ڳوٺ وڃي ٽڪي پيو!

    اهو ڳوٺ جيڪو حسن جي اٻاڻڪاين جو ڇوٽڪارو هو. هن جي حساسيت جي پناهه گاهه، شاعر جي پناهه گاهه!

    آءٌ هن کي آخري ڀيرو اسحاق مڱرئي جي ڇوڪر جي شادي تي گڏيو هوس. 22 جون 2009ع تي. ان کي به ڀريا ڀُڪا ٻه سال ٿي ويا.

    اتي جيڪا محفل مچائي وئي، اها پڻ پوري طور تي حسن درس جي ئي محفل ته هئي! پيالن جي گردش ۾ تيزي اچڻ سان اسين سڀئي هڪ- ڪنا ٿيو ويٺا هئاسين. اسان سڀ حسن جي شاعريءَ ۾ غرق هئاسون.

    ”ڪانڊري نالي هو هاري،
    رات مري ويو
    سيءَ تپ ۾.“

    اظهار جو سڌو ۽ سادو طريقو. ڪانڊيرو هاري هو، بس مري ويو! ڳالهه پُوري. ڪانڊيرو بهرحال وي آءِ پي ته هو ڪو نه! ڪانڊيرو نه ته ايم پي اي هو، نه Brother of MPA هو، نه ته ڪو صاحب ۽ نه سڄاڻ ڌرين ۾ سندس ڳاڻيٽو ٿيندو هو، جن جي ڏاٺ جي سور جي به سرخي لڳندي آهي! ڪير ٻڌل آهي ڪانڊيري سان؟

    ”هن ڏي ڪنهن جو خط نه آيو،
    هن ڏي ڪنهن جي تار نه آئي
    هو جو ڪنهن کي ياد نه آيو،
    هن جي ڪنهن کي سار نه آئي.“

    ڪانڊيرو وڏيري جي قرض ۾ ٽڙڪي پيو؟ يا فصل ”لاؤن“ ٿيو، جنهن ڳالهه هن کي ڳاري ڇڏيو؟ يا ڪانڊيري جي جوءِ پنهنجا سوُر ٽوپي ۽ نور ٽاڪي جيڪي ٽُڪ تي رليون سبيون ۽ وڏيريون مفت کڻي ويون ڦٻائي ويون. روز جي ٿيندڙ اهڙي تعديءَ هن کي نهوڙي نيو؟

    ”يا هن جي ڪنهن کي سار نه آئي“، ان ڪري؟ اڳي، گهڻو اڳي، جڏهن الجزائر اڃا فرينچن جو غلام هو، تن ڏينهن ۾ البرٽ ڪامؤ لکيو هو، ”ٿورا ٿورائي، نيٺ نهايت وڏي انگ ۾ ڪئا مرڻ لڳا، گهرن ۾، آفيسن ۾، بازارن ۾، رستن تي، ڳلين ۾، ريسٽورينٽس ۾، پبس ۾. سڀني اخبارن جا خبرن وارا ڪالم، ايڊيٽوريل، آرٽيڪل، ايڊيٽر ڏي ايندڙ خط، ڪارٽون، سڀني ۾ مئل ڪئن جو ذڪر هو پر پوءِ جڏهن انهيءَ (پليگ) سببان ماڻهو مرڻ لڳا ته، اخبارن مان خبر ئي گم ٿي وئي. بهرحال ڪئا، ڪئا آهن، ماڻهو – ماڻهو آهي.“ ائين ڪانڊيرو به مري ويو، ڳالهه ڇُٽي.

    ها. البت حسن ان کي مرندي ڏٺو هو. شايد سيءَ تپ ۾ هُڙڪندي به ڏٺو هو. حسن ان کي پئراسٽامول به وٺي کارايو هجي شايد (ائين ته ڪندو هو) پوءِ هن اسان مڙني کي اها ڳالهه به ٻڌائي. ”ڪنين ڪنين ماڻهئين، گوندر وڏي وٿ.“

    ماڻهوءَ جي بي ڪسي، نڌڻڪائي، بي قدري، اڪيلائي واري ڪيفيت کي لفظ عطا ڪرڻ جو هيءَ بي مثل، مثال آهي، اها فن جي عظمت آهي. حسن جي لفظن Diction ۾ وڏي قوت هوندي، جيڪي ڪيفيتن جي اظهار لاءِ امڪان پيدا ڪري وٺندا هئا ۽ حسن کي انهن لفظن تي مڪمل قدرت حاصل هوندي هئي.

    ”هو جو ڪنهن کي ياد نه آيو
    هن جي ڪنهن کي سار نه آئي“!

    انسان جي غير اهم ۽ اجايو بڻجي وڃڻ جو اهو منظر! ۽ ان جي چٽڻ جو فن! اهو منظر اندر ۾ وڍ وجهڻ وارين ڪيترين ڪيفيتن کي جنمي ٿو سڀ ڪنهن کي دل تي هٿ رکڻ گهرجي! جيڪڏهن، اسان جي ڪنهن کي پسار نه ايندي هجي. هر ماحول جي هر منظر جي تصوير ڪشيءَ جو شهنشاهه هو حسن پر سندس لفظيت Diction تي ٻهراڙي ۾ ڳالهائي ويندڙ نج ۽ تز ٻوليءَ جو جيڪو اثر هو، اهو ئي اثر منهنجي خيال ۾ سندس شاعريءَ جي رنگن جي اثر کي ڏاڍو ڳوُڙ هو ۽ اڻ مٽ بنائي ڇڏيندو هو، ڇڏيندو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته شاعر کي زبان جي اهڙي ته نفيس ترڪيبن جي خبر ۽ وري انهن جي استعمال جو ڏانءُ پڻ بي مثال هو.

    زندگي ڀلي اهڙي،
    ٽُڪ تي رلي جهڙي

    مطلب آهي ته ”ٽُڪ واري“ نه ”پر ”ٽِڪ تي رلي“. ترڪيب جو انهيءَ ۽ ائين استعمال جي ڄاڻ حَسن جي شاعريءَ جو حُسن هو.

    پنهنجي ماحول کي حوالو بڻائي، ابدي ۽ مستقل قدرن جو اظهار ته هن کان سکجي ها!

    ”سنجها ٽاڻي جو سڀ ڪولهي
    ٺري جا مٽ کولين ٿا
    چڪي چاڙهي،
    صدين جا هي،
    سمورا ڳٽ کولين ٿا.“
    (هن شعر ۾ مون کان ڀل به ٿي آهي)

    ها. صدين جا ڳٽ. جيڪي لاهڻ لاءِ صدين جي جُهد ۽ ويڙهاند ۽ هار ۽ جيت ۽ بقا ۽ فنا ۽ تختو ۽ تخت، کان ڪير واقف ڪونهي!؟ (هر دردمند دل). ها حسن جي ڪيل اشاري پٽاندر، کڻي لمحاتي طور تي ئي سهي! پر پلن لاءِ صدين جي ڳٽن کي اڇلائڻ معنى ماڻهوءَ جو عروج تي پڄڻ. پنهنجي هئڻ جي خاطري.
    ها ته سيءَ تپ ۾، بيڪسيءَ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪانڊيرو ۽ ٺري جي چُڪي چاڙهي صدين جا ڳٽ کولڻ وارو ڪاري رنگ جي مٽيءَ هاڻو ڪولهي، حسن جي ڪيفيتي ڪائنات جا باشندا هئا ۽ آهن. حسن کي انهن جي دلين ۾ ٽٻي هڻڻ جي عادت به هئي ته سگهه به. ساڳي ڳالهه، وري اياز کي چوڻ جو انوکو اظهار:

    اي اياز! شاعري،
    شراب جي دڪان تي،
    رات ڏينهن رش آ
    جنهن به آ چکي چڪي،
    جنهن به آ پنو پڙهيو،
    اهو نشي ۾ غش آ.

    ان ۾ حسن پنهنجي ٻن دل وارن شغلن جو اياز کي مخاطب ٿي ذڪر ڪيو آهي ته انهن جي اثر کان طاري ٿيندڙ ڪيفيت جي عروج جو پڻ ۽ ذڪر به پنهنجي اڳيان اچڻ واري اياز کي خطاب جي روپ ۾. اُن جون به پهريون به اوليتون اهي ئي ته هيون، ”چُڪي چکڻ“، ”پنو پڙهڻ.“
    اصطلاحن، جي سادگي، انهن جو نج پڻ. ڪيتري مدهوشي آهي انهن لفظن ۾ ۽ ڪيڏا کيپ آهن اظهار جي ان سادي انداز ۾.

    انهيءَ ڏينهن جڏهن جنازي نماز پڙهڻ لاءِ حسن جو مڙهه گهاٽين نمن جي ڇانوَ ۾ آڻي رکيو هئائون مون ڏٺا هئا، وڏا وڏا هٿ جيڏا، نمورين جا نمن ۾ لڙڪندڙ ڇڳا. مون ڀرسان بيٺل امداد سومري کي جوش جي هڪڙي سٽ ٻڌائي هئي،

    نيم ڪي نمڪولي پڪي،
    سانول آيو رِي.

    پر اڃا ته نڪو نموريون ئي پڪيون هيون، نه ڪو ئي سانوڻ آيو هو (اچڻ وارو هو- آهي) ته هو سدا جو سيلاني شخص، هميشه جو اڻ پليو ماڻهو هليو ويو. هن کي نمورين جي پچڻ جي به اون ڪا نه ٿي، نه ئي هن وسڪاري جو اوسيئڙو ڪيو.

    ان ڏينهن اک کلڻ سان مون SMS پڙهيو،

    “Poet Hasan Dars, No More?”

    مون پاسو ورائي منهن تي ٻانهن ڇڏي هئي. ڪيترائي ڪلاڪ پوءِ حميد ابڙي کي فون ڪري پڇيم ڪارڻ! الائي مون پڪ ڪرڻ پئي گهري يا ته مون پنهنجي ڪنهن معجزي جي چاهه جو ڪو ڀائيوار ڪرڻ ٿي چاهيو يا ته شايد پنهنجي ڪنهن اجائي آشا جو شاهد.
    حسن ڪڏهن لکيو هو:

    “سمنڊ ٿو مون کي سڏي،
    مان هليو ويندس هتان
    روز ٿو سوچيان، وڃان.
    روز ٿي ڏانوڻ وجهين،
    روز ٿو ترسي پوان.

    هيل وسڪاري رت کان، اڳ هو هليو ويو. هن کي ڏانوڻ ڪو نه پيا.
    ۽ هو ڀيڄ ڀنيءَ جي امرت ويل جو هليو ويو.[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت ۾ لکيل ڪالم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو