حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    حسن درس کي ڀيٽا
    فراق هاليپوٽو

    هڪڙو دؤر دلين ۾ هو جو
    ڳهريل تنهنجي ڳالهين ۾ ئي
    محبوبن سان ملندا هاسين
    تنهنجي خيال جي کجين مان ئي
    تاڙي پي پوءِ ٿڙندا هاسين
    ڪُن ڪنارا سڙهه ۽ سانوڻ
    دريا جا سڀ آر ها تو وٽ
    جوڀن جي هر جزيري لاءِ
    سمنڊ جهڙا ڀي پار ها تو وٽ
    سچل تومان ساهه کنيو ٿي
    دارا تومان ڳالهايو هو
    ڪيئي قلندر تو ۾ رقصان
    ٻيجل تو مان ٻولايو هو
    سرمد جي هئي ڪيفيت تو وٽ
    موکيءَ تو ۾ مٽ اماهيا
    ڏات رلي نه اڊڙي سگهندي
    اهڙا آهن کڻ تو ڏائيا
    سنڌ چوان جي ڪيٽي آئون
    هڪڙو تون بس هرڻ هئين
    برفيلي هڪ وادي هئين ۽
    ٻيلي جيئن به ٻرڻ هئين
    مون ته ڏٺو هو تو ۾ ڪيئي
    گاروڙي ڀي گهاريندا ها
    مرليون نانگ نسورا پنهنجا
    جوڳي ٿڪ ڀي ٺاريندا ها
    نئين نهائين ٺاهيئي پنهنجي
    پنهنجا گيت پچايئي اُن ۾
    آگ نه ڪنهن کان ورتيئي اڌاري
    پاڻ جلايئي، وسايئي اُن ۾
    تنهنجي ڏات تغاري هيٺان
    ڪيئي ميرا پيرا ليڪيل
    سنڌ جا سڀ سويرا ظاهر
    گهٽ ۽ گهور انڌيرا ليڪيل
    آڏاڻي تي گيت اُڻيئي پئي
    گيڙو گيڙو ديس ٿيو
    کهنبي جهڙا خواب ڏيکاريئي
    اجرڪ دل جو ويس ٿيو
    شهر نه توکي راس آيا ها
    ٻهراڙيءَ جو ٻار هئين
    جن کي دنيا ڪجهه به نه سمجهيو
    تن جو ڀي تون يار هئين
    تو ۾ لاڙ لکيل هئي ساري
    ڪارونجهر جو ڪاڇو هئين
    ساري سنڌ ٿي سمجهي هاڻي
    تون ئي پرين جو پاڇو هئين
    اهڙي ٻيڙيءَ منجهه چڙهيو آن
    جنهن جو ڪو به لنگر ئي ناهي
    ڪهڙي سمنڊ ويو آن سانول
    جنهن جو ڪو به بندر ئي ناهي
    نئين جيان تون ويندين لوڙهي
    مون نه ائين ڪو ڄاتو هو
    گهايل ويندين پنهنجي گهوڙي
    مون نه ائين ڪو ڄاتو هو
    هاريل تنهنجا پير پڇن ٿا
    ڪاڏي آ رولاڪ ويو
    آتڻ سڀ اجهائي پنهنجا
    ڪڙهي ڪري آ، ڪاڪ ويو
    کيڙي وئين تون کيت کلڻ جا
    پوکي سڏڪا سارون ويو آن!
    هينئڙو هيرڻ پن ڪري تون
    ڦارون ڦارون ڦارون ويو آن.

    روزانه عبرت تان ورتل​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    [JUSTIFY]مشائخ جي مٽيءَ ڏانهن موٽي ويل مهڪ
    شمس آريسر

    هن لاءِ ساري سنڌ پرين جي پاڇي جيان هئي ۽ هن پرين جي پاڇي ۾ ئي پنهنجي زندگي پنهنجي پرين جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ موت جي پُٺي تي سوار ٿي ويندو رهيو. هو تمام جلدي هليو ويو. شايد هن کي پنهنجي جواني ۾ ئي مري وڃڻ جي پڪ هئي، تڏهن ئي ته هن لکيو هو:

    موت هڪ ڏينهن ڀيڙ ڏئي ڪِرندو مون تي،
    تنهنجي محبوب مٽي منجهه مُئل هوندس مان.
    سموري شهر جي گمنامي سودي ايندس،
    تنهنجو ڪين ڏٺل ڪين سُئل هوندس مان.

    مشائخ جي مٽي مان اٿيل مهڪ سموري سنڌ کي واسي وري مشائخ جي مٽي ۾ دفن ٿي ويئي ۽ سنڌ جي هوائن ۾ يسوع جي صليب جو درد لهي آيو آهي. چنڊ گرهڻ جي اها اڀاڳي رات حسن جي سنڌ لاءِ ”سنڌ گرهڻ“ جي رات بڻجي ان جي اکين ۾ هميشه لاءِ ٽڪي پئي آهي. ان رات چنڊ کي گرهڻ تي لڳو پر سنڌ کي اهڙو گرهڻ لڳو، جنهن جو درد سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن کي سنڌ سان بي انتها عشق هو، سنڌ هن جي رڳن ۾ رت جيان گردش ڪندي هئي. هن لکيو هو ته،

    ساري سنڌ پرين جو پاڇو،
    جيڪو جرتي جاڳي ٿو.
    ٿڌ وسي ٿي واري تي
    ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو،
    هڪڙو خواب سهانو جيڪو،
    روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو،
    مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو.
    دل جي ڪيٽي بندر تي ڪا،
    تنهنجي ٻيڙي لنگم ٿيندي.
    مون نه ائين ڪو چاتو هو
    سڀ سجاول جون بازارون
    تنهنجي خوشبوءِ ۾ کلنديون.
    ڏور مهاڻو پنهنجي پُٽ کي،
    اوڇي ڪم تي گاريون ڏئي ٿو،
    پاڻي ۾ ڪو شپڪو ٿئي ٿو
    آڙي نيٺ اڏامي ٿي پئي. (حسن درس)

    ها! سنڌ پرين جي پاڇي جيان جَر تي جاڳندي، واري تي ٿڌ به وسندي، نه ڄاڻ دل جي ڪيٽي بندر تي ڪيتريون ئي ٻيڙيون لنگر ٿينديون ۽ سجاول جون بازارون به ڪنهن جي خوشبو سان کُلنديون، پر اهڙا خواب ڏسندڙ شاعر جون اکيون هميشه لاءِ بند ٿي چڪيون آهن. هن جي ساهه جي آڙي نيٺ اڏامي چُڪي آهي.

    هُن سنڌ لاءِ محبوبا جي مُرڪ جهڙا خوبصورت ۽ لازوال گيت لکيا ۽ هن پنهنجي ڏات سان جنهن سنڌ کي واسيو، ان ئي سنڌ جي هنج سنڌ جو اهو عاشق پورا 2 ڪلاڪ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو، ان جنگ ۾ زندگي هن سان بيوفائي ڪري وئي ۽ موت جو راڪاس سنڌ جي هُن فقير منش عاشق کي پنهنجي منحوس چنبن ۾ کڻي ويندو رهيو.

    ائين به ناهي ته ڪو ان حادثي مهل ڪوبه ماڻهو اتي ڪونه هو، حسن جي پرين سنڌ جي پوليس وقت تي پهتي هئي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جنهن جاءِ تي حسن پنهنجي زندگي جي جنگ وڙهي رهيو هو، اها جاءِ، اهو زمين جو ٽڪرو اسان جي قاسم آباد ۽ جي او آر ڪالوني، ٻنهي ٿاڻن جي حد ۾ نٿي آيو. ها! شايد اها جاءِ سنڌ جي ڪنهن به ٿاڻي جي حد ۾ نه هئي. ٻه ٿاڻا ۽ چار اسپتالون سڏ پنڌ تي هجڻ جي باوجود به هن جي زندگي بچي نه سگهي.

    اسان جي پوليس سنڌ جي هِن سهڻي ۽ البيلي شاعر کي نسيم کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در جو اهو لاش بڻائي ڇڏيو، جيڪو ڪنهن به ٿاڻي جي حد بندي ۾ نٿي آيو ۽ ان کي لوڙهيو ويو. سنڌ پوليس جي روايتي بي حسي اسان کان حسن درس هميشه لاءِ ڌار ڪري ڇڏيو.

    حسن درس جيڏو وڏو شاعر هو، ان کان تمام گهڻو وڏو ماڻهو هو، هو هڪ آزاد پکي وانگر رولاڪ شاعر هو. لفظ هن جي قلم جو سينگار ٿيڻ لاءِ بيقرار هوندا هُئا، هن جي زندگي ۽ سوچ هر قيد، گهٽ ۽ ٻوسٽ کان آزاد هئي. هن غير روايتي زندگي گذاري ۽ غير روايتي شاعري ڪئي. هن جي زندگي ندين ۽ آبشرن جيان هئي، جن کي ڪنهن به سرحد ۾ قيد ڪري ناهي سگهبو ۽ هن جي شاعري به هن وانگر خوبصورت ۽ هر سرحد کان آزاد هئي. هُن روايتي پابندين کي ٿُڏي پکين جي اُڏارن ٻارن جي ٽهڪن، آواره گردين، عاشقين ۽ فطرت جي خوبصورت نظارن جي شاعري ڪئي. هن جي شاعري سمنڊ جيان گهري آهي، جنهن کي ماپڻ ناممڪن آهي. هن وٽ پنهنجو نرالو انداز هو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکيل هي نظم حسن جي منفرد ڊڪشن جو چٽو ثبوت آهي.

    صليب مقتل کي نئون نياپو،
    قديم دنيا جديد ٿي وئي.
    اسان جي راڻي ته هٿ لوڏي،
    وڏي وقارين شهيد ٿي وئي.
    اها ئي پِڙ جي پڪار آهي.
    ته سير ڏيڻ جي رسم ادا ٿئي.
    اهو ئي سرمد جو فلسفو آ،
    ته فڪر پنهنجي تان ڪو فدا ٿئي.
    هي سر کي گهورڻ ڏياچ وانگي،
    صدين جي خواهش شهيد ٿي ويئي.
    اهي ئي ڦاسي جا جهولا جهليا،
    انهن ئي بُت تي سجايون گوليون
    اُها قلندر ڪا مست ملنگي،
    نئين صُبح جي نويد ٿي وئي.
    هي بي بي زينب جي پاڪ پوتي،
    هي رات اجرڪ ۾ سنڌ راڻي،
    يزيد تو سان آ جنگ جاري.
    ۽ ويڙهه ويتر شديد ٿي وئي،
    اسان جي راڻي ته هٿ لوڏي
    وڏي وقارين شهيد ٿي وئي. (حسن درس)

    توهان پنهنجا هوش و حواس حاضر رکي ٻڌايو ته ڇا اهڙي شاعري حسن کانسواءِ ڪو ٻيو لکي سگهي ٿو. آئون پنهنجي پوري هوش ۽ حواس ۾ بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهان ٿو ته هو اياز کانپوءِ سنڌ جو وڏو شاعر هو ۽ تاريخ ان ڳالهه کي ثابت ڪندي. هو اياز کانپوءِ سنڌ جو اهو واحد شاعر هو، جنهن سنڌي شاعري کي عظمتن جي آسمان جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. هن جيڪو به لفظ لکيو، ڄڻ هُن ان لفظ کي زندگي بخشي ڇڏي، هو لفظن ۾ روح ڦوڪيندڙ شاعر هو. حسن سنڌ جو قلندر شاعر هو، هن جي دل قلندري ڌمالن جيان مست الست هوندي هئي، هو محبتن مان ۽ محبتون هُن مان پيدا ٿيون هيون، حسن جو هي نظم جيڪو ماڻهو کي زندگي جي هر فڪر ۽ هرپابندي کان آزاد ڪري ٿو ڇڏي، هن نظم ۾ حسن ماڻهو کي ڪيف جي ان وادي ۾ پهچائي ٿو ڇڏي، جتي چوڏسا سڪون ئي سڪون آهي بس...!
    ڪُو نيا ۾ ڪيف وارو رومي جو رقص آهي،

    هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي.
    هن پَٽ کي وڇائي ويڙهي سگهان ٿو آئون،
    هر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون،
    مِٽي مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون،
    آواز جي اُٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آهي.
    هن دل قلندري ۾.....
    مون مان ئي آڳ جرڪي، مون مان ئي گل بڻيو آ،
    مون مان ئي جز ڦٽو آ، مون مان ئي ڪُل ڇڻيو آ،
    مون کي ڄڻيو محبت، محبت کي مون ڄڻيو آ،
    جڳ مڳ جلال آهي، جهرمِر جمال آهي،
    هن دلقلندري ۾ دم دم ڌمال آهي.
    هي رقص بيخودي آ، ديوانگي صدين جي،
    هِن ۾ روانگي آ ساري رکيل ندين جي،
    دنيا نه اسان سامهون بيهي سگهي بَدين جي،
    ڇيڙئين جي ڇَم ڇَما ڇَم، سمجهيم سوال آهي،
    هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي. (حسن درس)

    حسن! موت اٽل آهي. موت کان انڪار ناهي، پر هي تنهنجي وڃڻ جي ويل ته نه هئي. اڃا توکي گهڻي شاعري لکڻي هئي، تنهنجي ايڏو جلدي وڃڻ سان سجاول جون بازارون، مڪلي، ٺٽو، ڪيٽي بندر ۽ جهمپير جون کجيون ڪيڏو نه اداس ۽ وياڪل ٿي پيون آهن.

    حسن! جيئن توسان هڪ ڀيرو ملندڙ هر ماڻهو پاڻ کي تنهنجو دوست چوندو آهي، آئون ائين بلڪل نٿو چوان پاڻ ڪڏهن به هڪٻئي جا دوست نه رهيا آهيون، پاڻ ته ڪڏهن به هڪٻئي سان مليا به نه هئاسين. پر مون تنهنجي شاعري ۾ توسان کوڙ ڳالهيون ڪيون آهن. آئون تنهنجي شاعري ۾ توسان ملندو رهيو آهيان. اها تنهنجي شاعري ئي ته آهي، جيڪا سڄي سنڌ جي جذبن جي ترجمان آهي.

    حسن! تنهنجي موت وارو هنڌ ڀلي سنڌ جي ڪنهن ٿاڻي جي حد ۾ نه ايندو هجي، پر اهو هنڌ سنڌ جي هر ان ماڻهو جي دل جي حد ۾ ضرور اچي ٿو، جنهن توسان پيار ڪيو، جنهن تنهنجي شاعري سان پيار ڪيو. توڻي جو تون اسان کان گهڻو ڏور وڃي چڪو آهين، پر تنهنجي لازوال شاعري هميشه توکي تنهنجي سنڌ جي دل ۾ زنده رکندي.

    تو صحيح لکيو هو ته،
    اُڏامن کان اڳتي اُڪرندي حسن،
    پکين کان پڇاڻو ڪجي دل ڏجي.

    اڄ تون زندگي جي اُڏامن کان اڳتي اُڪري چڪو آهين، اڄ تون اوڏانهن هليو ويو آهين، جتان کان آيو هئين. اڄ مشائخ اسان کان پنهنجي امانت واپس وٺي پنهنجي سيني ۾ هميشه لاءِ سمائي ڇڏي آهي. اڄ تنهنجي هر چاهيندڙ وانگي مون کي ائين لڳي رهيو آهي، ڄڻ منهنجي دل مشائخ جو قبرستان ٿي پئي آهي ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي ان ۾ دفن ڪري آيو آهيان ۽ ماڻهن کان پنهنجي ئي مرڻ جون تعزيتون وصول ڪري رهيو آهيان....!!!
    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت تان ورتل
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    موت کي رومانوي رنگ نه ڏيو!

    امر سنڌو


    [JUSTIFY]حسن جو موت به عجب هو...

    ڇرڪائيندڙ، لڱ ڏڪائيندڙ، ڏُکارو ڪندڙ ۽ نيٺ دهشت زده ڪري ڇڏيندڙ....
    آڌي رات گرهڻ جي... اڪيلي اونداهي ۽ تنهن ويلي ويران سڙڪ تي هن پنهنجي پويان رڳي شاعري ئي نه پر رت جي وهندڙ ندي به ڇڏي هئي.

    سندس ٻيلي، سندس سنگي ساٿي، راتين جي خمارن جا، ٽپهري جي رولاڪي جا... سندس دل جي نهايت قريب رهندڙ سندس گهڻگهرا، سندس دوست نيٺ سندس موت جي کٽولي کي ڪلهو ڏيئي، کيس مٽي منجهه مٽي ڪري آيا... رڳو ڳوڙهن، اکين جي آب ئي نه سندن لٽا حسن جي پويان وهندڙ رت جي ندي جي خون سان پڻ آلا هئا... خون جا ڇنڊا، سڀني جي دامن تي صاف چِٽا هئا.

    سڀني کي روڄ ۾ ڄڻ گهرو چهڪ، سڀني کي هانءُ ۾ ڄڻ اونهو چڪ سڄي سنڌ جي ڄڻ ته اک آلي... سڄي سنڌ جو ڄڻڪه روح ڀاري. هو جيڪي موت جي کٽولي ۾ کيس مشائخ هوٿي تائين توڙ پُڄائي آيا، انهن لاءِ حسن جو موت عجب رومانس کڻي آيو هو... ڪنهن کيس گهوڙي جي ٽاپولي سان ٿي ڀيٽيو، ڪنهن کيس هوا جي جهوٽي جي تشبيهه ۾ ٿي ماپيو... ڪير کيس موت جو شهزادو ليکي سندس موت کي ڀيٽا ڏيندو رهيو... حسن جي شاعري ۽ ان جي محرڪن تي انتهائي گهٽ پر هيترن ڏينهن ۾ جنهن به مٿس لکيو، سندس لائف اسٽائل سان عاشقي واري انداز ۾ ٿي لکيو... هن جي رولاڪي کي حُسناڪي سان ڀيٽيو ويو... هن جي زندگي جي بي ترتيبي کي ئي ڄڻ سندس شاعري جو ترتيبي عنصر ڪوٺيو ويو....
    روز جي حساب سان، کيس هن وقت تائين لکين نظرن، هزارين هنجن ۽ لکين لڙڪن جي ڀيٽا ملي به چڪي.

    هيءُ نادان/داناءُ دوستن جو سوڙهو ڪندڙ، زندگي مختصر ڪندڙ پيار هو يا هيءُ آهستگي سان موت ڏي سفر هو.... ڇا حسن جو موت حادثو هو يا اهو موت جو اُهو سفر پُرپيچ ۽ خوبصورت رستو هو، جنهن تي پنهنجي سٿ سميت هو ڳچ عرصي کان روان دوان هو... حسن جو موت سنڌي ادب جو ڪو رومانٽڪ الميو هو يا اڻ ڀرجندڙ خال ۽ ناقابل برداشت سانحو...

    هي نادان/داناءَ دوست سندس موت کي رومانٽڪ الميي سان ڀيٽيندا رهيا....

    پر سندس موت، جنهن ڇرڪايو، ڏکارو ڪيو... هاڻ اُن موت واري سانحي تي ڏک نه پر ڪاوڙ ۽ غصو اچڻ لڳو آهي. ائين تڪڙو وڃبو آهي؟؟ جوان موت واري اوندهناڪ الميي ۽ تڪڙي موت کي شاعراڻي ارپنا ۽ دغابازي واري شاعري هاڻ بند ٿيڻ کپي. سچ پڇو ته حسن جو موت ڏاڍو ڳرو ۽ ارم جا ڪُلها اهو بار کڻڻ کان گهڻا نازڪ آهن...

    شاعر جي زندگي سان اها ڪمهلي موت واري مسخري بند ٿيڻ کپي. رڳو سندس دل جي قريب ۽ رات رهاڻين جي دوستن ئي نه پر سڄي سنڌ پاران حسن جي موت تي وهايل ڳوڙهن جو مُلهه، اُن رت ڦوهاري جو ڪڏهن به بدل نٿو ٿي سگهي، جيڪو موت کان ڪي ڪلاڪ ڌاران به ڊاڪٽر بند ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا هئا.

    حسن جي دل مان نڪتل اِن رت ڦوهاري ۾.... سندس جگر جي قريب سڀني دوستن کي خون آلود ته ڪيو ئي... پر اهو شايد ڪنهن نه ڏٺو ته اُن رات جي گرهڻ ادي ماهتاب جي گهر کي ڪيئن گهيرو ڪيو. هوءَ هڏين مُٺ ارم، نازڪ ڪُلهن تي حسن جي ڪمهلي موت جو ڳرو بار کڻي، حسن سان ماهتاب جي گهر ڇا پهتي هئي... ڳچ وقت کان... وقت جي گهيري ۾ آيل ادي ماهتاب جي گهراڻي ۾ اُها رت جي ندي لهي پئي هئي. ادي ماهتاب جي گهر ڀاتين جي دل ۾ ڪرندڙ ڳوڙها سچ به خون آلود هئا...
    ادي ماهتاب جي هنن گهر ڀاتين وٽ اهو موت نه شاعراڻو هو، نه رومينٽڪ هو ۽ نه ئي شايد حادثو هو... دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اِهو اُلڪو، اِهو خوف، اِها دهشت، اها گرهڻ رات ارم وٽ اڳ ئي شايد ساريل... شايد ڪٿي روحل جي روح ۾، ادي ماهتاب جي اندر ۾ ڄڻڪ سڀ ڪٿيل... قدرت ڪي ٻه ٽي ڀيرا حسن، ارم جي امانت ارم کي صحيح سلامت موٽائي هئي... ارم ڪنهن ڀيري ته حسن جي مٿي ۾ لڳل شيشن جا ٽُڪر پاڻ ٿي چونڊيا ۽ پئي ٻه اڌ ٿي... ارم ۾ ڪنهن حادثي جي سهپ نه هئي.... خوف سندس لڱن ۾، سندس ساهن ۾... ساهه جي ’ارم‘ بمشڪل بحال ڪري سگهي هئي.... ها، پر هن حادثي ارم کي ساهه کڻڻ نه ڏنو... حسن ته سدا شاعري ۾ جيئرو موت کي شڪست ڏيندڙ... غور ڪري ڏسو ته هن حادثي ۾ ارم مري ويئي هئي....

    حسن پنهنجي دوستن جي ڪانڌپي ۾ آيل... هجومن ۾ کٽولو کڄيل... پر ’ارم‘ اڪيلي ئي پنهنجي ارٿي پاڻ کڻي حسن سان مشائخ هوٿي هلي آئي هئي...

    حسن جي جاءِ ٺهي هئي کليل آسمان هيٺ، پاسن ۾ وڻن ڇانوَ به، ته ڪويل ڪوڪ به... پر ڪُتبو لڳل....

    پر ’ارم‘ ماهتاب جو چنڊ، بنا ڪتبي جي، اڌ جان، روح اُڏامي ويل بيجان ڌڙ... ان ڪنڊ ۾ جتي نه ڪو روشني جو گذر هو ۽ نه ڪنهن هوا جو ڪو رُخ... مون پهرين ڏينهن ئي غور سان ڏٺو... ته دراصل حسن نه موت ته ارم کي ماري ويو... اِن حادثي جو شڪار حسن نه پر شايد ارم هئي... هاڻ ڏک نه... مون کي اُن جوان موت تي غصو اچڻ شروع ٿيو هو. جوان موت هاڻ شاعراڻي تشبيهه جيتري خوبصورت نه هئي... اِن ۾ مون لاءِ ڪا تشبيهه نه پر ائين ڄڻ قبر جي رات...جتي شاعري نه ڪو خواب....

    تور تڪيل.... ڪٿيل ۽ ڪنهن خوف جيان اڳ ئي گهر ڪري ويل... ارم لاءِ، ادي ماهتاب جي گهراڻي لاءِ هيءُ ڪو به خوبصورت حادثو نه هو... ها پر حسن جو اهو ساٿ جيڪو حسن جي موت کي رومانس جي غلاف ۾ ويڙهي خوبصورت، حسين ۽ قابل رشڪ بنائڻ لاءِ ڪوشان آهي، اُهو ساٿ جيڪو سندس لائف اسٽائل کي اعلى، اُتم بڻائي قابل قبول صورت ڏيڻ ٿو چاهي. دراصل اُن ساٿ ئي سنڌ ۾ رومانس جو اهو ڪوهيئڙو طاري ڪيو آهي، جنهن ۾ حادثو اوس آهي، جنهن ۾ موت يقيني آهي جنهن ۾ سنڌ جي تخليق جو، ڏات جو ۽ سنڌ جي سداحيات سونهن جو خون شعوري آهي....

    ان ڪوهيئڙي ۾ هو نماشام کانپوءِ شروع ٿيل سانجهي ۾، رات جي گلاسن ۾ هو آهستي آهستي موت اوتين ٿا. سُرڪ سُرڪ ڪري سنڌ جي ساڃاهه کي، سونهن کي ۽ ڏات کي هو موت پيارين ٿا...

    هو تخليق جي نالي ۾ شاعري جو رستو کوٽو ڪندڙ...

    هو بحث جي نالي ۾ ڄڻ ته گارگند جي ڍير تي ويٺل...

    هو ... دوستي جي نالي ۾ ڄڻ زندگي سان دغا ڪندڙ...

    هو سچ پچ ته بي ترتيبي جي رومانس ۾ زندگي جي ترتيب کي هيٺ مٿي ڪري، زندگي جي رڌم کي ڦٽائيندڙ...

    رڳو حيدرآباد ڇو....سچ پڇو ته سنڌ جي ڏات ڌڻين جو هيءُ پنهنجي پاڻ سان دشمني وارو خودساخته رومانس آهي.

    آڌي جي پياڪن جي واپسي تي سندن گهر ونيون ئي نه پر سچ پڇو ته ڏات جي ڏيهه جون، سنڌ جي ساهه جون سموريون رڳون سوڙهيون ٿينديون هونديون ته موت جي ڏائڻ، کين آڌي جي سفر مان ڪيئن کنڀي کڻندي.

    هيءَ دوستي نه... هيءَ پنهنجي جيءَ سان، پنهنجي ڏات سان دشمني آهي.

    سچ ته سنڌ جا سڄڻ آڌي جو، پياڪن جي واپسي، هي زندگي ڏانهن غير سنجيدگيءَ جي بي ترتيبي، هيءُ رومانس، سنڌ جي ڏات، شاعري، تخليق جي ٽارگيٽ ڪلنگ واري واٽ هئي ۽ ان واٽ تي هلندي حسن جي ساٿين اهڙي ئي رومانس وارو خنجر سندس سيني ۾ لاٿو هو، پر اِن لائف اسٽائل جي رومانس ۾ ويڙهيل خنجر جو سنڌ ۾ نه حسن پهريون ۽ نه ئي سندس آخري شڪار آهي. ان ئي لائف اسٽائل جو سماجي ساراهه وارو رويو آهي، جيڪو ڳپل وقت کان سنڌ جي ڏات ۽ سونهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ واري سفاڪ قاتل جيان نشانو بنائي بيٺو آهي.

    مون کي پتو ناهي ته ڇو ان ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙي رويي کي ان وقت به غلط نه سمجهيو ويو، ان وقت به ان رويي کي guilt ۽ روح تي شرمندگي جو ڳڻ نه سمجهيو هو، جڏهن ڪنهن اهڙي ئي سياهه رات ۾ سنڌ جو عجيب کاهوڙي، لاکيڻو اي جي چانڊيو پريس ڪلب ۾ ان شام جي گلاسن واري دؤر جي وٺ وٺان ۾ زندگيءَ کان هارائي ويو هو.

    دوست ته دوستن جا ڪُلها ٿيندا آهن، هي ڪانڌپي تي راضي ڇو ٿيا هئا، هي ڪهڙا دوست هئا... مون سمجهيو هو ته اي جي چانڊئي وارو اهو اويلو موت سندن سيني ۾ ايڏو درد ڪندو جو هو شام جي پيالي سان زندگي جي رس سان رهاڻ ته ضرور ڪندا پر اُن کي موت جي سوڙهي پيچري بنائڻ کان ضرور ڇرڪندا. جڏهن به جنهن پل سندن گلاس زندگي جي معنى کي وڃائڻ لڳندا، تڏهن اي جي چانڊئي جي پريس ڪلب جي ڏاڪڻ تي پيل زندگي لاءِ پُڪار... کين زندگي ڏانهن واپس ورائيندي موت جي بي معنويت تي سوچڻ تي مجبور ڪندي.

    پر ائين نه ٿيو هو. اِن ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار عزيز پلي به ٿيو ته ياسر ڪاڇيلو به انهن شامن جو شڪار ٿيو.

    ناز کان پڇو... هُن جڏهن پونم تي اسر ويل هن چنڊ حسن جي جسم کي ڀاڪر وجهي اسپتال لاءِ ٻي گاڏي ۾ منتقل ڪيو، تڏهن کيس ان دوست جو بار ڪيئن ڪائنات جو سڀ کان ڳرو بار لڳو هوندو... دوست جي جوان موت جو بار آخر ڪهڙو ڪافر کڻي سگهندو هو.

    سنڌ ۾ گهوڙن، ڳجهن ۽ مورن جي جيوت جي بچاءَ لاءِ ته پاڻ وٽ پراجيڪٽ هئا پر پاڻ سنڌ جي هنن ڏات ڌڻين جي نسل جي بقا جو هُنر ڄاڻي نه سگهياسين. ڳجهون، گهوڙا ۽ مور بچائيندي پاڻ حسن جهڙا شاعر ڏات ڌڻي مرڻ ڏنا... پاڻ هُن جا ڪُلها نه ٿياسين، ڪُلهي ڪانڌي ٿياسين. ان بيترتيبي جي تال تي، ان رولاڪي، ان زندگي کي سنجيدگي سان نه وٺڻ واري رويي جي سماجي ساراهه هڪ حسن نه ماريو، هن ڪيتري وقت کان هڪ هڪ ڪري پي نشانو چٽيو آهي ۽ پوءِ سرعام... سڙڪ تي اسان حسن کي به ماري ڇڏيو، جوان عمري ۾، سندس سموري شاعري جو باب بند ڪندڙ اِهو موت مون لاءِ سچ پڇو ته حُسناڪ نه پر ڪربناڪ آهي، دهشتناڪ آهي، لڱ ڏڪائيندڙ آهي... مون وٽ ان موت لاءِ ڪائي به محبت نه... اَٿاهه نفرت، ان خلاف ڪروڌ ۽ غصو ڀريل آهي.

    amarsindhu@yahoo.com

    (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ حسن درس تي پڙهيل تاثر)[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت 30 جون 2011
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حسن درس - سونهن، رومانس ۽ انقلاب جو شاعر (سندس وڇوڙي تي لکيل مضمون ۽ تاثرات)

    حسن درس: خوابن جو شهزادو
    تاج جويو

    [JUSTIFY]منهنجو حافظو جيڪڏهن درست آهي، ته اُهو پڪ ئي پڪ 01 جنوري 1983ع جو ڏينهن هو، جو آءٌ ۽ منهنجو پيارو دوست رسول بخش درس، جيڪي سنڌي ادبي سنگت جا مرڪزي عهديدار هئاسون، جُهڏي ۾ چاچي محمد خان مجيديءَ سان ملهائجندڙ شام ۾ شريڪ ٿيا هئاسون. سخت لُري پئي لڳي ۽ سيءَ سَٽيو پئي، ان ڪري اسٽيج جي ڀر ۾ مچ ٻاريو ويو هو. اوچتو پروگرام ۾ هڪ سنهڙو ڊگهڙو ڇوڪرو اسٽيج تي اچي شعر پڙهڻ لڳو، گلو کليل، شايد شرٽ ۽ پينٽ پاتل هئس. جڏهن نظم، جنهن جو عنوان ”جيئي سنڌ“ هو، پڙهيائين ته مجمعي ۾ موجود سامعين جي مٿي مان ٺڪاءَ نڪري ويا. اسٽيج تي ويٺل رسول بخش درس چيو ته، ”ڇوڪري وٽ شاعريءَ جو ڏانءُ آهي، اڃا ته ٻارُ آهي، هي ڇوڪرو سنڌ جو پڪ ئي پڪ نالي وارو شاعر ٿيندو.“ اتي ئي اسان کي خبر پئي ته اهو ڇوڪرو، هن ٿڌ ۾، حيدرآباد مان اسڪوٽر تي آيو هو ۽ سندس نالو حسن درس هو. ان زماني ۾ حسن درس محمدي پلازه گاڏي کاتي حيدرآباد جي فليٽ ۾ شايد مقبول نظاماڻيءَ وٽ رهندو هو ۽ ثانوي تعليم پڙهي رهيو هو- ۽ پوءِ گاهي ماهي حسن درس سان مختصر ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ سندس شاعري رسالن ۾ ڇپجندي رهي. ساڻس هڪڙي ملاقات 1985ع ڌاري ’محمدي پلازه‘ ۾ ئي ٿي هئي. جتي، مون مشڪور ڦلڪاري، حسن درس ۽ آڪاش انصاريءَ ڪچهري ڪئي هئي ۽ اسان جو موضوع هو ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“. حسن درس، جيڪو حسن ۽ جماليات جو شاعر هو، لطيف جي جمالياتي اظهار کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ چيائين ”مار! لطيف ايڏو حسن پسند ۽ حسناڪ شاعر آهي.“ ۽ پوءِ هُن لطيف کي پڙهڻ شروع ڪيو هو.

    هڪ ٻيو واقعو حسن درس جي نسبت سان اهميت لائق آهي. 31 ڊسمبر 1987ع جي ڳالهه آهي، جو 20 صديءَ جي وڏي شاعر شيخ اياز کي پريس ڪلب حيدرآباد ۾، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيمينار - ”قومي تحريڪ ۾ اديب جو ڪردار“ جي صدارت ڪرڻ لاءِ وٺي آيا هئاسين، جنهن ۾ ماهَتاب محبوب ۽ ٻين اديبن مقالا پڙهيا هئا. ان وقت شيخ اياز، محمد ابراهيم جويي، فقير محمد لاشاري، دادا سنڌي، نصير مرزا، طارق عالم ۽ ٻين اديبن کي ’سنگت ادبي ايوارڊ‘ ڏنا هئا. ان موقعي تي مون شيخ اياز جي آڏو سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾، سنڌ جي صرف ٻن نمائندن شاعرن کان شاعري پڙهائي، مٿس واضح ڪيو هو ته سنڌ جي لوڪ شاعري ۽ جديد شاعريءَ جا هي ٻه نمائنده رنگ به ملاحظه ڪريو، جيڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي واٽ تي اڳتي وڌندڙ حسين قدمن جي نشاندهي ڪن ٿا- ۽ پوءِ اياز آڏو رمضان عرف شيطان فقير سگهڙ، روايتي سگهڙن جي ”ڀلي آئين ڀلا پرين، ڀلا ڪمشنر“ واري روايت جي ابتڙ جديد قومي شاعريءَ سان هم آهنگ هڪ طويل قومي نظم پيش ڪيو هو، ته شيخ اياز نه رڳو اُن سگهڙ جو نظم ٻڌي حيران ٿيو هو، پر مون کي چيو هئائين ته ’هي ته ڪلاسيڪي لوڪ شاعريءَ جي روايت ”ڪوسيون ڪَپارن ۾، چُهٽيو وجهن چَڪ“ جو تسلسل آهي- ۽ جڏهن جديد شاعريءَ جي نمائندگي ڪندي، نوجوان شاعر حسن درسُ اسٽيج تي آيو هو ۽ هن ڳڀرو شاعرَ، گرجدار آواز ۾ پنهنجو نظم ”ننگي سرمد جي حضور ۾“ پيش ڪيو هو، ته شيخ مون ڏي ڏسي چيو هو ته ”تاج! آءٌ اياز گل کي ئي پنهنجو تسلسل سمجهندو هوس ۽ ان کان پوءِ منهنجي مطالعي ۾ ڪو اهڙو نئون نالو نه آيو هو. ڇا اياز گل جي ٽهيءَ کان پوءِ به هن قسم جا نوجوان شاعر پيدا ٿي چڪا آهن؟‘

    اهو نظم اڄ 24 سالن کان پوءِ، آءٌ هڪ ڀيرو ٻيهر، اوهان جي آڏو، پنهنجي اڌ صدي اورانگهيل اڌڙوٽ آواز ۾ پڙهان ٿو، جنهن ۾ حسن درس وارو بانڪپن ۽ بيباڪ پڻو ته لازمي طرح نه هوندو:

    مان تنهنجو ساڳيو اڀيچند
    تهمتن جي ديس ۾،
    ڌنڌلي ڪنهن شام جي هن شهر ۾
    تنهنجي عريانيءَ جي مئخاني اڳيان
    درد جا پيالا ڀري،
    ڪي ڏوڪيان ٿو،
    پاڻ کي ئي ٽوڪيان ٿو،
    ڪنهن اگهاڙي موهه جي اقرار ۾،
    پيار جو انجام ڪو،
    گُهگهه اونداهين گهٽين جي ڀوڳنا ۾
    بخت جون ساريون لڪيرون
    تخت جي هيٺان اچي دٻجي ويون- ۽
    وقت جيڪو،
    رات جو سينو ڪُٽي، پٽبو رهيو،
    رُتِ پنهنجا روڳ ڏيئي ،
    تنهنجي پيرن مان جا ڦٽڻي هئي پرهَه،
    مان ته ٿو تنهنجا اُهي ئي پير ڌوئان،
    مان ته ٿو تنهنجا اهي انڌير روئان!
    مان ته ڪنهن اُجڙي ويل ٻوٽي مثل
    تون وڏو جهنگل،
    جهين جو ڪاٺ ڀي ايڏو وڏو آواز آ، جو
    ڏار ڌڙڪن!
    مان ته هان ڪنهن،
    وکريل جُهوٽي مثل
    تون وڏو طوفان،
    ڪوئي ٿرٿلو،
    ڪو زلزلو،
    جو هر گهر جي دل ڌُٻي
    پو به تنهنجو هن وڏي دنيا اندر،
    نانوَ پنهنجي جو ننڍو نذرانو ڏيان ٿو،
    درد جو بچيل تنهنجو،
    تنهنجي اوبر
    ڏوڪيان ٿو!
    مان تنهنجو ساڳيو اَڀيچند،
    مان تنهنجو ساڳيو اڀيچند!!


    اُهو اڀيچند ڪير هو ۽ اُهو سرمد ڪير هو، اُن لاءِ آءٌ ڪنهن ’ست رنگي نقاد‘ جي فتويٰ ۽ ڪنهن ’اوجهري‘ ۾ اُلجهندڙ گاريالي تجزئي نگار جو رايو ٻڌڻ بدران تاريخ جي نقاد/ مستقبل جي سچي نقاد تي ڇڏيان ٿو، جيڪو حسن درس جي سموري شاعريءَ جو مطالعو ڪري، اهو راز افشان ڪندو. في الحال جذبات جي وهڪرن کي ڀلي وهڻ ڏنو وڃي.

    حسن درس سنڌ جي خوبصورتين جو شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ رومانس ۽ انقلاب سان گڏ زندگيءَ جا سمورا رنگ، موسمن جون سموريون رَعنايون، ماحول جون ساريون ڪڙايون، ڌرتيءَ جو سمورو ڪَرب، ماحوليات جي سموري تباهيءَ ۽ سدا حيات ۽ سدا روان دوان سنڌوءَ جا نوحا شامل هئا. حسن درس، اياز گل کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾، روايتي لب و لهجي کان هٽي، پنهنجو هڪ منفرد ۽ انوکو لهجو اختيار ڪيو هو. هن جا لفظ، هن جا اصطلاح، هن جا ڪِنايا، هن جون تشبيهون ۽ هن جا استعارا پنهنجا ۽ هن سرزمين سنڌ جي مٽيءَ مان ڦٽي نڪتل هئا. هن جو ڪو هڪ استعارو، ڪو هڪ ڪنايو ۽ ڪا هڪ تشبيهه کڻي ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ منهنجي نظر ۾ حَسن درس سان زيادتي ٿيندي. حسن مجتبيٰ ڪنهن حد تائين صحيح لکيو آهي ته ’شراب، گهوڙو، عورت ۽ سمنڊ‘، حسن درس جي شاعريءَ جا استعارا هئا. پر جن حسن درس جي جنم ڀومي هوٿي مشائخ ڏٺي آهي؛ جن هن سان بدين ۽ ٺٽي جا گڏجي سفر ڪيا آهن؛ جن جاتي ۽ مغل ڀين، روپا ماڙي ۽ ڪڇ جي ڪٺار، هن سان گڏ گهمي ڏٺي آهي؛ جن هن کي هاڪس بي ۽ ابراهيم حيدريءَ ۾ اڙٻنگايون ڪندي ڏٺو آهي؛ جن هن کي ڪاڪاهُو ڍنڍ ۽ اڇڙي ٿر ۾ ٽيلارا ڏيندي، مهراڻي ۽ پارڪر ۾ پسار ڪندي، گوڙهيار ۽ گوڙيءَ جا مندر گهمندي، عمرڪوٽ ۽ پدمات جي پٽن، روحل واءِ ۽ ڇور واهه جي ڪنارن تي ڪچهريون ڪندي ڏٺو آهي، جن هن سان گڏ ڪاڇي ۽ کيرٿر جا پنڌ ڪيا آهن، ڪينجهر ۽ ماڃر جا ماڳ ڏٺا آهن ۽ موهن جي دڙي ۽ واهي پانڌيءَ ۾ اڪيلو پنڌ گهمندي ڏٺو آهي؛ سکر ۽ شڪارپور، خيرپور ۽ جيڪب آباد، چولستان ۽ روهيءَ ۾ رلندي، ۽ سفر ڪندي ڏٺو آهي، تن وٽ هن جا اجرڪ، ٻانڌڻي، رليءَ، گج ۽ الائي ڪهڙن ڪيترن قسمن جا استعارا ۽ ڪيتريون انوکيون ۽ اَڇُتيون تشبيهون، پنبڻين جي پلڪن ۾ سانڍي رکيل آهن:

    جڏهن عشق پائي اچي اجرڪون،
    جڏهن پيار پائي اچي ٻانڌڻو،
    جڏهن ڀونءِ ڀليءَ رليءَ جان لڳي،
    سڄو ديس تنهنجيءَ ڳليءَ جان لڳي،
    جڏهن چوٽ تان چنڊَ تارا تڪي،
    جڏهن دريا سان گڏجي ڪنارا ڪهن،
    جڏهن گجّ سارو ڪري گفتگو،
    چُنيءَ تي سمورا ستارا لهن،
    جڏهن ماڪ مکڙيون چپن جون چُمي،
    خدا جي خدائيءَ تي خوش ٿيو وڃي،
    جڏهن موتيو گُهورَ گهوري ڏسي،
    پٽي اکّ ۽ اکّ پوري ڏسي،
    تڏهن مان ٿو سمجهان ته منهنجي مٺي!
    ازل کان اسين ٻيئي گڏ گڏّ آهيون،
    اسين هڪٻئي لئه اُهو سڏّ آهيون!


    حسن درس، عبدالقادر جوڻيجي جي لفظن ۾ ’عمر جو چور‘ هو. آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته 80ع واري ڏهاڪي ۾ هاءِ اسڪول جي شاگرد هئڻ کان وٺي 2011ع ۾ هڪ مئچوئر شاعر تائين، حسن درس ۾ هڪ البيلي ۽ لاڏلي ٻار واري چلولائي ۽ معصوميت بکندي هئي. هن جي ياراڻين ۽ دوستين جا ڀاڪر هميشه ڀنل هوندا هئا، هن جي گفتگوءَ جو انداز ۽ هن جو ڪمهلو موت، آرٽ جو بي بدل نمونو هو.
    آءٌ هتي حسن درس جي ڪُمهلي موت کي سندس ڪن جذباتي عاشقن وانگر جسٽيفاءِ نه ٿو ڪريان؛ نه ئي سندس مڌ- پياڪي ۽ آواره گرديءَ کي ڪو معراج ٿو سمجهان- پر هتي دنيا جي ادبي تاريخ جي انهن عظيم شاعرن جي قطار ۾ کيس بيهارڻ لاءِ سنڌ ۽ هند جي وڏي نقاد لڇمڻ ڪومل جي، حسن درس بابت لکيل اُن ٻن صفحن واري مختصر مضمون جو حوالو ڏيڻ گهران ٿو، جنهن، ٻه ماهي ’ڪونج‘، بمبئيءَ جي جولاءِ- آگسٽ 2011ع واري پرچي ۾ لکيو آهي ته:

    - ”سنڌ جي نئين نسل جي نمائندگي ڪندڙ هن شاعر جي نئين نڪوري ۽ اڻ ڇُتل شاعري رڳو حسن درس جهڙن شاعرن جي ئي حصي ۾ آئي، جنهن جو خال ڀرڻ لاءِ هن سنڌ کي الائي ڪيترن سالن جو انتظار ڪرڻو پوندو.

    - ”عظيم فرانسيسي اديب البرڪامئو، حسن درس جي عمر ۾ ڪار جي حادثي ۾ راهه عدم ورتي. چيڪ اديب فرانز ڪافڪا به اُنهيءَ ئي عمر ۾ هليو ويو. روس جي عظيم انقلابي ۽ رومانوي شاعر ماياڪو وسڪيءَ به ايتري ئي ڄمار ماڻي.

    - الائي ڇو خوبصورت اديب ۽ شاعر زندگيءَ جو چوٿون ڏهاڪو پار ڪرڻ سان ئي اسان کان وڇڙي ٿا وڃن!“


    آءٌ حسن درس جي خُماريل گهڙين ۾، پونم پيٽرول پمپ جي اُن نڀاڳي موڙ واري ’ڪنڊائتي پارڪ‘ ۾ ٿيل حادثي کي، سندس ڪن دوستن پاران ’سوم رس جو معراج‘ ۽ ڪن پاران کيس ’ڪاني ڪرامت واري پير جو وڇوڙو‘ سڏڻ واري ڳالهه سان اتفاق نه ٿو ڪريان. حسن درس پوين ڏينهن ۾ ڪنهن اندرين ڇِڪ يا Intuation تحت اهڙيون ڳالهيون پئي ڪيون، جيڪي سندس ’جوان موت‘ کان پوءِ ئي اسان کي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳيون آهن. جڏهن اُن چنڊ گرهڻ واري نڀاڳيءَ رات جي پهرئين پهر ۾، هو پنهنجي ونيءَ ارم ۽ سَسُ ماهتاب محبوب سان، جنهن کي هو هميشه ’امي‘ جهڙي پوتر نالي سان سڏيندو هو، پنهنجي محبوب دوست طارق عالم جي تڏي تي ويو هو، تڏهن هن سندس تعزيتي بُڪ تي لکيو هو ته: ”آهي“ ۽ ”هو“ ۾ ڪيترو فرق آهي؟ يا واپس ورندي ڄامشوري ۾، ماهتاب محبوب کي جيڪي لفظ چيا هئائين ته ”امي! انساني زندگي به چاٻيءَ تي هلندڙ رانديڪي وانگر آهي. چاٻي ڏي ته هلندو وتي، چاٻي ختم ته بيهيو رهي“- ڪنهن ٿي ڄاتو ته طارق جي نوٽبڪ تي لکيل سندس آّخري لفظ ۽ اميءَ ۽ ونيءَ سان ڳالهايل سندس جملا يا عمر قاضيءَ ۽ مقبول سومري سان ٿيل سندس آخري بحث ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون شاهديون ۽ گواهيون گڏ ڪبيون ته معلوم ٿيندو ته حسن درس کي ان ڦوهه جوڀن ۾ ئي وڃڻو هو ۽ اها کيس خبر هئي. اُن رات به کيس پَسڻَ پئجي ويا هئا ته هن رات، هن چنڊيءَ چنڊ گرهڻ واري رات جو صبح ٿيڻو ئي نه آهي، ۽ واقعي علي الصبح جو حسن درس اسان کي ڇڏي ويو. هو عمر جي آڱرين مان ڦُلي وانگر ڇڻي ويو. هيءُ شعر سندس ان اندرئينءَ Intuation جو مظهر ئي ته آهي؟

    عشق جي ڪرڻ ڦل مان قطرا ٿي،
    سمنڊ خشڪيءَ ۾ غرق ٿئي ڏسجان.
    ـــــ
    ڇو رُنس ۽ رڙيس چوڪ تي
    شهر وارا نه ڄاڻي سگهيا!


    ڇا اها حقيقت نه آهي ته حسن درس جي ڪار جي حادثي وقت پونم پيٽرول پمپ جا چوڪيدار، ۽ قاسم آباد ۽ جي.او.آر ڪالونيءَ جا پوليس وارا، حسن کي رَت ۾ لت پت ڪار ۾ ڏسي کيس سڃاڻي نه سگهيا هئا، ۽ کين ايترو به شرم ۽ ڪهڪاءُ نه پيو هو ته ڪار جو شيشو ڌڪ هڻي ڀڃي سگهن ها ۽ هن آخري پساهن کڻڻ وقت دوستن ۽ پيارن کي مس ڪالون ڪندڙ شاعر کي بچائي سگهن ها؟

    حسن درس، واقعي ڪنهن چواڻي، جديد سنڌي شاعريءَ ۾، پنهنجن همعصرن ۾ آخري پساهن تائين هڪ وڏو شاعر هو. سندس خوبصورتيءَ ۽ شاعريءَ کي شايد ظالم زماني جي نظر کائي وئي. شايد کيس ’آوارگيءَ‘ ۾ به ڪنهن چواڻي ’تنهائي‘ پسند هئي- تڏهن ته روڊ تان گذرندڙ، پيٽرول پمپ جا چوڪيدار ۽ ماڻهن جي کيسن ۾ چرس جون گوريون وجهي کين گرفتار ڪندڙ سپاهي، سنڌ جي هن حسين شاعر کي سڃاڻي نه سگهيا، ۽ سندس ويجهو نه ويا.

    اُسي عزيز تهي آوارگي مين تنهائي
    نه جاني آخر کهان، کس نگر گيا لوگو!


    حسن جي من ۾ ’گهوڙي جي ٽاپولي‘ هئي، سندس اکين ۾ ڪو سمنڊ هو. هو عاشق هو، هن جو ڪو ساحل هو، ۽ هو اُن ساحل ڏانهن ئي هليو ويو ۽ اسان لاءِ، ۽ اسان جي مٺڙي ڀيڻ ارم لاءِ اوسيئڙا ۽ اوسيئڙن جا ليئڙا ڇڏي ويو، جن ۾ ڪيئي ڇوليون ڇلي رهيون آهن:

    هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي،
    گهوڙي جي ٽاپولي آهي،
    هر ماڻهوءَ کي سمنڊ ذرو آ،
    هر عاشق کي ساحل آهي،
    اوسيئڙو ۽ اوسيئڙي جي ليئڙي ۾،
    ڪائي ڇلندڙ ڇولي آهي!


    حسن پنهنجي حياتيءَ جي حقيقت ڪنهن ’سگهڙ جي سٽ‘ ۾ سوگهي سمجهي هئي ۽ پنهنجي پياري دوست اويس توحيد جي لفظن ۾ ’هو سنڌ ڌرتيءَ تي لٿل ڄڻ ته ڪنهن آواره بادل جيان هو، خوابن ۾ گم، بادلن جي پويان لڪل، آسمان جا راز بيان ڪندڙ، منزل جي تلاش ۾ خوابن جو شهزادو.“

    هو خوابن جو شهزادو شاعر رات جي پوئين پهر ۾، هن وشال ڪائنات ۾ گُم ٿي ويو- هو هڪڙو پورو دور هو، پوري دور جي پرولي هو- ۽ اُها پرولي اڃا ڪنهن نه ڀڳي آهي، ڇو ته هيءَ ڪائنات وڏي آهي. وقت ضرور اُها پرولي ڀڃندو- ۽ جڏهن پرولي ڀڄندي- هر ماڻهوءَ ۾ هڪ مور نچندو، ۽ ساري سنڌ پنهنجي هن حسناڪ شاعر جي شاعريءَ ۾ ’پرينءَ جو پاڇو‘ بنجي اُڀرندي:

    هر ماڻهوءَ ۾ مور نچي ٿو،
    هر ماڻهوءَ ۾ چور نچي ٿو،
    تارونءَ ۾ تلوارون ترندڙ،
    هڪڙو پورو دور نچي ٿو،
    هر ڪو دور پرولي آهي!
    ـــــ
    رات پوئين پهر ۾،
    هن ڪاري قهر ۾،
    جندڙي ڪمزور آهي،
    جندڙي هيڪل جڏي آ،
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ!
    ڪائنات ڪيڏي وڏي آ!
    ـــــ
    ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو،
    جيڪو جر تي جاڳي پيو ٿو!!

    [/JUSTIFY]

    (حسن درس جي جنم ڏهاڙي 05 سيپٽمبر تي لکيل پر پروگرام ۾ نه پڙهيل)

    روزانه عبرت 7 سيپٽمبر 2011​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو