عبدالواحد آريسر جا فڪري ۽ ڏاهپ وارا مضمون پڙهڻ لائق هوندا آهن۔ سندس هي ڪتاب ”وريا واهرو“ لطيفيات تي هڪ بهترين ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي فڪر کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ لطيف کي هڪ نئين رخ کان نظر وڌي وئي آهي۔
ڪجهه ڪتاب بابت:
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم آفتاب احمد ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تان متعارف ڪرايو ويو آهي۔
ڪجهه ڪتاب بابت:
آئون لطيف کي محبِ وطن عوام دوست، انقلابي، آزاد سنڌ جو علمبردار، امن جو پيغمبر ۽ هيٺين طبقي جو حامي سمجھان ٿو هن کي نه صرف پنهنجي سرزمين سان محبت هئي، پر عوام سان به عشق هو. هو هر قسم جي غلاميءَ جو دشمن، آزاديءَ جو ڪوڏيو ۽ جنگ جو ويري هو. هو پنهنجي تاريخي شعور جي روشنيءَ ۾ هن نتيجي تي پهتو هو ته آزادي، هر انسان جو پيدائشي حق آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ سموري انسان ذات کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي. امن هن ڪائنات جي فرد جي ضرورت آهي. امن جي ذريعي ئي تهذيب جي اوسر ٿئي ٿي، تمدن وڌي ٿو، فڪر ۽ فن نسري ۽ نِکري نروار ٿين ٿا. جنهن انسان، فرد، قوم ۽ فنڪار کي پنهنجي سرزمين ــــــــــــــ ان جي عوام جي آزادي ۽ خوشحاليءَ سان محبت ناهي، سو خود غرض ۽ مطلبي آهي ــــــــ ۽ اِها وصف حيوانيت جي به هيٺئين درجي جي آهي.
مون لطيف کي، پنهنجي گھٽ علم ۽ عقل آهر ائين سمجھيو آهي ۽ انهيءَ پروڙ جي روشني ۾، آئون ڀٽ ڌڻي ڪن بيتن ۽ بيتن جي سِٽن جي سمجھاڻي لکي رهيو آهيان. ظاهر ڳالهه آهي ته اِهو منهنجو نقطئه نظر آهي ۽ انهيءَ نقطئه نظر موجب مون هي رنڊا روڙيا آهن.
ـــــــــــــــ عبدالواحد آريسر
(ڪتاب جي پيش لفظّ تان کنيل ٽۡڪڙو)
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم آفتاب احمد ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تان متعارف ڪرايو ويو آهي۔