1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

ڍول فقير ( لوڪ موسيقي ۽ صوفياڻي رنگ وارو فنڪار ) - ورسيء تي کيس ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڍول فقير ( لوڪ موسيقي ۽ صوفياڻي رنگ وارو فنڪار ) - ورسيء تي کيس ڀيٽا

    محمد سليمان وساڻ

    [JUSTIFY]سنڌ جي هن ڌرتيء انيڪ فنڪار پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي نرالي انداز ۽ صوفياڻي رنگ سان ماڻهن جون دليون جهومايون آهن۔ اهڙن ئي امر آوازن مان هڪ آواز مرحوم ڍول فقير جو به آهي۔ ڍول فقير 1917 ۾ ٿي ۽ سندس وفات 22 جون 1992 ع تي ٿي۔

    مرحوم ڍول فقير جي ڳائڻ جو پنهنجو انداز هوندو هو۔ ڍول فقير اهڙو محبتي فنڪار هو جنهن جي جهونگار ۽ مٺڙن ٻولن سان محفل مچي ويندي هئي۔ يڪتاري تي سر ملائي ”ها… ها“ ”هون … هون“ ”ڀلو ڙي“ يا جيئن آکاڻي جي صورت ۾ بيان ٻڌائبي آهي تيئن سسئي ۽ مارئي جي داستانن مان شاهه سائين جا بيت انهيءَ رڌم، انهيءَ لئي ۾ اهڙي ريت ادا ڪندو هو جو ٻڌندڙ جي دل ۾ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. اهو ڍول فقير جو پنهنجو انداز هو جيڪو نه هن کان اڳ ڪنهن فقير صوفياڻي ڪلام ڳائيندي اختيار ڪيو ۽ هاڻي به ڪو اهڙو ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

    ڪچهرين جو مور، وٽس وڃبو ته هميشه پياري گفتگو ٻڌبي هئي. نه آڪڙ نه وڏائي، هاڻي ته اهڙا فنڪار به ڏسون پيا، جيڪي ڪاٽن جي ڪپڙن، موبائيل سان ائين آڪڙ سان هلندا آهن ڄڻ سو ڏاچين جا سر ڏنا هجن پر جڏهن کين ٻڌبو ته بي سُرن جا بادشاهه پيا لڳندا. پنهنجي مخصوص جهونگار ۽ يڪتاري تي ڳائڻ واري هن سريلي فنڪار جا ڪيترائي لازوال ڪلام مشهور آهن جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
    [/JUSTIFY]






     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 جون 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    767
    ورتل پسنديدگيون:
    1,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا بهترين ڀيٽا۔
    ڪنهن دوست وٽ سندس ڪلام ”لائي ته نماڻي سان نينهن“ هجي ته مهرباني ڪري مونکي ضرور ٻڌائي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,612
    ورتل پسنديدگيون:
    27,105
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا هي وٺو اهو ڪلام

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 جون 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    178
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ - ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ
    ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺳﺮﻳﻠﻮ ۽ ﻧﻤﺎﮢﻮ ڪﻼڪﺎﺭ
    ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ
    ﺻﻮﻓﻴﺎﮢﻲ ﮔﺎﺋﻴڪﻲﺀَ ۾ ﻻڙ ﭘٽ ﺟﻮ
    ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﺑﻪ ﺁﻭﺍﺯ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ
    ﺗﺎﺭﻳﺨﻮﻥ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻣﻴﺴﺎﺭﻱ ﻧﻪ ﭤﻴﻮﻥ
    ﺳﮕﻬﻦ. ﺍﻧﺒﻦ ﺟﻲ ﺭﺱ ۽ ﭼڪﻦ ﺟﻲ
    ﻣﻴﭡﺎﺝ ﺟﻬڙﻭ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻮ ﺁﻭﺍﺯ
    ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻧﻔﺮﺍﺩﻳﺖ ۾ ﺍﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﻧﺮﺍﻟﻮ
    ﺁﻫﻲ، ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻲ ﺗﺮ.
    ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍﻟﺴﺘﻲ ﺻﻮﻓﻲ ﺭﺍﮘﻲ ﮂﻭﻝ
    ﻓﻘﻴﺮ ۱۹۱۷ﻉ ﮄﺍﺭﻱ ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ﺟﻲ
    ﻫڪ ﻭﺳﻨﺪﻱ ’ ﭘﺎٽﻮﻳﻦ ‘ ۾ ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ
    ﺧﺎﺻﺨﻴﻠﻲﺀَ ﺟﻲ ﮔﮭﺮ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ .
    ‏(ڪﺠﮭﻪ ﻟﮑﺘﻦ ۾ﺳﻨﺪﺱ ﮘﻮﭞ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ
    ’ ﻣﺎٽﻮﺋﻲ‘ ﭴﺎﮢﺎﻳﻞ ﺁﻫﻲ .‏) ﻣﭥﺲ ﮀﭡﻲﺀَ
    ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ’ ﮂﻭﻟﮡ ‘ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ. ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ
    ﺍﻫڙﻱ ﻣﺎﺣﻮﻝ ۾ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﮐﻮﻟﻴﻮﻥ،ﺟﺘﻲ
    ﺳﻨﮅﻱ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺍﻭﺍﺋﻠﻲ ﺻﻨﻒ ﻧڙ ﺑﻴﺖ
    ﺟﺎ ﺁﻻﭖ ﺍﮘﻮﺍٽ ﺋﻲ ﮔﻮﻧﺠﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ.
    ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ۽ ﺳﻨﺪﺱ
    ﭜﺎﺀُ ﺻﺎﻟﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﺅﺭ ۾ ﻧڙ
    ﺗﻲ ﺑﻴﺖ ﺁﻻﭘﻴﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺪﺱ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﻫﺮ
    ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻧﺼﺎﺑﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪﻱﺀَ ﮐﺎﻥ ﺑﻲ
    ﻧﻴﺎﺯ ﮔﺬﺭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﻫﻮ ﺍﺳڪﻮﻟﻦ
    ﺟﻲ ﺍﺳﻴﺮﻱﺀَ ﮐﺎﻥ ﺁﺟﻮ، ﺻﻮﻓﻲ
    ﺩﺭﮔﺎﻫﻦ ۽ ﺍﻭﺗﺎﺭﻥ ﺗﻲ ﺁﺯﺍﺩﻱﺀَ ﺳﺎﻥ
    ﺍﻳﻨﺪﻭ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ، ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪﺱ
    ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﺎڪﺎﺭﻱ ﺻﻮﻓﻲ
    ﺩﺭﻭﻳﺶ ﻣﻨﭡﺎﺭ ﻓﻘﻴﺮ ﺭﺍﭴڙ ﺳﺎﻥ ﭤﻲ،
    ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺒﺐ ﭔﺎﻟڪﭙﮡ ۾ ﺋﻲ ﻣﭥﺲ
    ﻓﻘﻴﺮﻱ ﺭﻧﮓ ﭼڙﻫﮡ ﻟﮙﻮ . ﺻﻮﻓﻲ ﻣﻨﭡﺎﺭ
    ﻓﻘﻴﺮ ﺭﺍﭴڙ ﺟﻲ ﺁﺳﺘﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺍﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ
    ۾ ﻓﻘﻴﺮ ﺑﺨﺶ ﻋﻠﻲ ﺭﺍﮖ ﻭﻳﺮﺍﮖ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ
    ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ۽ ﭔﮅﻱ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ
    ﮐﻲ ﺑﻪ ﺭﺍﮖ ﮘﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ .
    ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺟڏﻫﻦ ﭔﺎﺭﺍﮢﻲ ﻭﻫﻲﺀَ ﮐﺎﻥ
    ﺟﻮﺍﻧﻲﺀَ ﻃﺮﻑ ﻭﮐﻮﻥ ﻭﮄﺍﻳﻮﻥ ۽ ﮐﻴﺲ
    ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺳﻮﭺ، ﺳﻤﺠﮭﻪ ۽ ﺳﺮﺕ ﺍﭼﮡ
    ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻩ ﺳﮑﻴﺎ ﻭﭠﮡ
    ﺿﺮﻭﺭﻱ ﻋﻤﻞ ﺳﻤﺠﮭﻴﻮ. ﺍﻧڪﺮﻱ ﻫﻦ
    ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﺳﮑﻴﺎ ﻻﺀِ ﺿﻠﻌﻲ
    ﺳﺎﻧﮕﮭڙ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﻣﺮﻱ ﮐﺎﻫﻲﺀَ ۾ ﺍﺳﺘﺎﺩ
    ﺣﺎﺟﻲ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﮐﺎﻥ ﻳڪﺘﺎﺭﻱ ﻭﭴﺎﺋﮡ
    ﺟﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﻭﺭﺗﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﻩ
    ﺭﺍﮖ ﺟﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﻣﻨﭡﺎﺭ ﻓﻘﻴﺮ ﺭﺍﭴڙ ﺟﻲ
    ﻓﺮﺯﻧﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﻭﻟﻲ ﺑﺨﺶ ﮐﺎﻥ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ.
    ﻭﺍﺿﻊ ﺭﻫﻲ ﺗﻪ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ۽ ﻓﻘﻴﺮ ﻭﻟﻲ
    ﺑﺨﺶ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﻫﺠﮡ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﺑﻪ
    ﻫﻢ ﻋﻤﺮ ۽ ﻫڪ ﭔﺌﻲ ﺟﺎ ﺳﺎﭤﻲ ﺭﻫﻴﺎ
    ﺁﻫﻦ. ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮘﻮﭞ
    ﮀڏﻱ ﻣﺴﺘﻘﻞ ﻃﻮﺭ ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ۾ ﺍﭼﻲ
    ﺳڪﻮﻧﺖ ﭘﺬﻳﺮ ﭤﻴﻮ، ﺟﺘﻲ ﻣﻌﺎﺷﻲ ﮔﺬﺭ
    ﺳﻔﺮ ﻻﺀِ ﻫڪ ﻫﻮٽﻞ ﭘﮡ ﮐﻮﻟﻴﺎﺋﻴﻦ.
    ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﻭﺭﻫﺎﮜﻲ ﮐﺎﻥ ﺳﺘﺖ ﭘﻮﺀِ
    ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺷﺪ ﻣﺨﺪﻭﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺯﻣﺎﻥ
    ﻃﺎﻟﺐ ﺍﻟﻤﻮﻟﻰ ﺟﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﺭﻳڊﻳﻮ
    ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺗﻲ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ
    ﭤﻴﻮ، ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ
    ڪﻼﻡ ’ ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ﺣﺴﻦ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ
    ﺗﮑڙﻳﻮﻥ ﺗﺮﺍﺭﻳﻮﻥ‘ ﺭﻳڪﺎﺭڊ ڪﻴﻮ
    ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ ﻣﺤﻤﺪ
    ﺑﺨﺶ ﺍﻧﺼﺎﺭﻱﺀَ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ﮐﻲ
    ﺭﻳڊﻳﻮ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺗﻲ
    ﺭﻳڪﺎﺭڊ ڪﻴﻮ ۽ ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺳﻨﺪﺱ
    ﺁﻭﺍﺯ ﺭﻳڊﻳﺎﺋﻲ ﻟﻬﺮﻥ ﻭﺳﻴﻠﻲ، ﻫﻮﺍﺋﻦ
    ﺟﻲ ﺩﻭﺵ ﺗﻲ، ﭘﻮﺭﻱ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺭﻳڊﻳﻮ
    ﺍﺳٽﻴﺸﻨﺰ ﺳﻤﻴﺖ ﺁﻝ ﺍﻧڊﻳﺎ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺟﻲ
    ﺳﻨﮅﻱ ﺳﺮﻭﺱ ﺗﺎﻥ ﺑﻪ ﭘﻮﺭﻱ ﺩﻧﻴﺎ ۾
    ﮔﻮﻧﺠﮡ ﻟﮙﻮ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ
    ٽﻴﻠﻴﻮﻳﺰﻥ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺳﻴﻨٽﺮ ﺗﻲ
    ﮐﻴﺲ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﭜﻴﺮﻭ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮ
    ﻋﺒﺪﺍﻟڪﺮﻳﻢ ﺑﻠﻮﭺ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﻳﻮ .
    ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺍﻫﻮ ﺳﺮﻳﻠﻮ،
    ﺳﭕﺎﺟﮭﻮ، ﻣﭡڙﻭ ۽ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﺻﻮﻓﻲ ﺭﺍﮘﻲ
    ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲﺀَ ۾
    ڪﺎﻓﻲﺀَ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴڪﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﮔڏ
    ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﮔﻮﺋﻲﺀَ ﺟﻲ ﻓﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺟﻼ
    ﺑﺨﺸﻲ . ﭘﺎﮠ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻔﺮﺩ ۽ ﺳﺮﻳﻠﻲ
    ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺳﺎﻥ ﻭﭺ ڪﺎﻓﻲﺀَ ۾ ﮐﻦ ﭘﻞ ﻻﺀِ
    ﺭﮄﻡ ﺑﻨﺪ ڪﺮﻱ، ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﺑﻴﺎﻥ ڪﺮﮠ ۾
    ﻣﻬﺎﺭﺕ ﺭﮐﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻫڙﻱ ﺍﻧﺪﺍﺯ
    ﮐﻲ ’ﺳﺪﺍ ﺭﻧﮕﻲ ‘ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﭘﮡ ﺳڏﻳﻮ ﻭﭸﻲ
    ﭤﻮ. ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ، ﺳﭽﻞ
    ﺳﺮﻣﺴﺖ، ﻣﺼﺮﻱ ﺷﺎﻫﻪ، ﻣﺤﻤﻮﺩ ﻓﻘﻴﺮ
    ﮐٽﻴﺎﻥ، ﻧﻮﺍﺏ ﻭﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۽
    ﭔﻴﻦ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﺟﻮ ڪﻼﻡ ﮘﺎﻳﻮ، ﻫﻮ
    ﻣﺨﺪﻭﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺯﻣﺎﻥ ﻃﺎﻟﺐ ﺍﻟﻤﻮﻟﻰ ۽
    ﻣﻨﭡﺎﺭ ﻓﻘﻴﺮ ﺭﺍﭴڙ ﺟﻮ ﻋﻘﻴﺪﺗﻤﻨﺪ ﻫﺠﮡ
    ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﻥ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺩﻝ ﻭ ﺟﺎﻥ ﺳﺎﻥ
    ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﮘﺎﻳﻞ
    ﻣﺸﻬﻮﺭ ڪﻼﻣﻦ ۾؛
    .1 ’ ﻻﺋﻲ ﺗﻪ ﻧﻤﺎﮢﻲﺀَ ﺳﺎﻥ
    ﻧﻴﻨﻬﻦ‘ ،
    .2 ’ ﺳﻮﺭ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﺎڙﻱ، ﻫﻮ
    ﺟﻲ ﻫﻠﻴﺎ ﻭﻳﺎ ‘ ،
    .3 ’ﻋﻤﺮ ﻣﻮﻥ ﻧﻪ ﭤﺎ ﻭﺳﺮﻥ
    ﻭﻳڙﻫﻴﭽﻦ ﺟﺎ ﻭﺍڙﺍ ‘ ،
    .4 ’ ﻫڪڙﻱ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭼﻮﺍﻥ ﻣﻦ
    ڪﺎ ﻣﺤﺐ ﻣﭹﻲ‘
    ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻴﺎ . ﮂﻭﻝ ﻓﻘﻴﺮ ﮐﻲ
    ﺳﻨﺪﺱ ﻓﻦ ﺟﻲ ﻋﻴﻮﺽ ۲۳ ﻣﺎﺭﭺ
    ۱۹۸۹ﻉ ﺗﻲ ﺣڪﻮﻣﺖ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ
    ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺻﺪﺍﺭﺗﻲ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﺑﺮﺍﺋﻲ ﺣﺴﻦ
    ڪﺎﺭڪﺮﺩﮔﻲ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﮘﻮﮢﻲ
    ﺻﺪﺭ ﻏﻼﻡ ﺍﺳﺤﺎﻕ ﺧﺎﻥ ﺟﻲ ﻫﭥﺎﺭﺍﺋﻮﻥ
    ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ، ﺍﻥ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﮐﻴﺲ ﻟﻄﻴﻒ
    ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ۽ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﮐﻮڙ ﺳﺎﺭﺍ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﭘﮡ ڏﻧﺎ
    ﻭﻳﺎ . ﮂﻭﻝ ۲۲ ﺟﻮﻥ ۱۹۹۲ﻉ ﻭﻓﺎﺕ
    ڪﺌﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺰﺍﺭ ٽﻨڊﻱ ﺍﻟﻬﻴﺎﺭ ۾
    ﺁﻫﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﻓﺮﺯﻧﺪ ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ’ ﮂﻭﻝ
    ﻓﻘﻴﺮ ﻓﺎﺋﻮﻧڊﻳﺸﻦ ‘ ﻧﺎﻟﻲ ﺍﺩﺍﺭﻭ ﻗﺎﺋﻢ
    ڪﺮﻱ ﺍﺷﺎﻋﺖ ﺟﻮ ڪﻢ ڪﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ
    ﺁﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ﭘﺎﮠ ﺑﻪ ﻭﺍﻟﺪ ﺟﺎ ڪﻴﺘﺮﺍ
    ڪﻼﻡ ﺳُﺮﻳﻠﻲ ﺁﻭﺍﺯ ۾ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    223
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    جي ھا سائين ڈهول فقیر جو جنم اسان جي ئي شھر پاٹویون <Patoyun>م ثیو
     
  6. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    886
    ورتل پسنديدگيون:
    1,977
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌ جو سريلو ڪلاڪار ڍول فقير

    ناصر قاضي

    لاڙ جي ڏکڻ اوڀر واري پٽيءَ جو مزاج به پنهنجو آهي، جيئن واهوندا هتان کان وڃي راجسٿان جو تر کڻندا آهن، تيئن ئي هتان جي ماڻهن جي نياءَ ۽ سڀاءَ جو پنهنجو رنگ آهي. ميرپور خاص، ٽنڊو الهيار، نصرپور ۽ ٽنڊو ڄام سر سبز ۽ شاداب باغن جي حوالي سان جڳ مشهور آهن، تيئن ئي ثمر جي لحاظ کان هتان جي لوڪ جي پنهنجي ڏيا رهي آهي. فنونِ لطيفه جي شعبي ۾ پڻ هن تر جو پنهنجو رنگ آهي، راڳ رنگ هجي يا وري شاعري، مطلب ته واهه واهه لڳي پئي آهي.

    صوفياڻي گائيڪيءَ ۾ هن تر جو هڪ اهڙو به آواز آهي، جنهن کي تاريخون ڪڏهن به ميساري نه ٿيون سگهن. انبن جي رس ۽ چڪن جي ميٺاج جهڙو ڍول فقير جو آواز پنهنجي انفراديت ۾ ائين ئي نرالو آهي، جيئن هي تر.

    سنڌ جي الستي صوفي راڳي ڍول فقير 1917ع ڌاري ٽنڊي الهيار جي هڪ وسندي ’پاٽوين‘ ۾ فقير محمد خاصخيليءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. (ڪجھه لکتن ۾سندس ڳوٺ جو نالو ’ماٽوئي‘ ڄاڻايل آهي.) مٿس ڇٺيءَ جو نالو ’ڍولڻ‘ رکيو ويو. ڍول فقير اهڙي ماحول ۾ اکيون کوليون،جتي سنڌي راڳ جي اوائلي صنف نڙ بيت جا آلاپ اڳواٽ ئي گونجي رهيا هئا. سندس والد فقير محمد ۽ سندس ڀاءُ صالح محمد پنهنجي دؤر ۾ نڙ تي بيت آلاپيندا هئا. سندس ننڍپڻ هر قسم جي نصابي پابنديءَ کان بي نياز گذريو، جنهنڪري هو اسڪولن جي اسيريءَ کان آجو، صوفي درگاهن ۽ اوتارن تي آزاديءَ سان ايندو ويندو هو، جتي سندس ملاقات سنڌ جي هاڪاري صوفي درويش منٺار فقير راڄڙ سان ٿي، جنهن سبب ٻالڪپڻ ۾ ئي مٿس فقيري رنگ چڙهڻ لڳو. صوفي منٺار فقير راڄڙ جي آستاني تي انهن ڏينهن ۾ فقير بخش علي راڳ ويراڳ ڳائيندو هو، جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي ڍول فقير کي به راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو.

    ڍول فقير جڏهن ٻاراڻي وهيءَ کان جوانيءَ طرف وکون وڌايون ۽ کيس راڳ جي سوچ، سمجھه ۽ سرت اچڻ لڳي ته هن راڳ جي باقاعده سکيا وٺڻ ضروري عمل سمجھيو. انڪري هن راڳ جي بنيادي سکيا لاءِ ضلعي سانگھڙ جي ڳوٺ مري کاهيءَ ۾ استاد حاجي اسماعيل کان يڪتاري وڄائڻ جي سکيا ورتي، جنهن بعد باقاعده راڳ جي سکيا منٺار فقير راڄڙ جي فرزند فقير ولي بخش کان ورتائين. واضع رهي ته ڍول فقير ۽ فقير ولي بخش استاد ۽ شاگرد هجڻ باوجود به هم عمر ۽ هڪ ٻئي جا ساٿي رهيا آهن. اڳتي هلي ڍول فقير پنهنجو ڳوٺ ڇڏي مستقل طور ٽنڊي الهيار ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، جتي معاشي گذر سفر لاءِ هڪ هوٽل پڻ کوليائين.

    ڍول فقير ورهاڱي کان ستت پوءِ پنهنجي مرشد مخدوم محمد زمان طالب المولى جي معرفت سان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي متعارف ٿيو، جتي سندس آواز ۾ پهريون ڪلام ’اهڙيون حسن واريون تکڙيون تراريون‘ ريڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد پروڊيوسر محمد بخش انصاريءَ سندس آواز کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ريڪارڊ ڪيو ۽ اهڙي طرح سندس آواز ريڊيائي لهرن وسيلي، هوائن جي دوش تي، پوري سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنز سميت آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان به پوري دنيا ۾ گونجڻ لڳو، جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي کيس پهريون ڀيرو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو.

    ڍول فقير سنڌ جو اهو سريلو، سٻاجھو، مٺڙو ۽ محبوب صوفي راڳي هو، جنهن سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪافيءَ جي گائيڪيءَ سان گڏ داستان گوئيءَ جي فن کي به جلا بخشي. پاڻ پنهنجي منفرد ۽ سريلي انداز سان وچ ڪافيءَ ۾ کن پل لاءِ رڌم بند ڪري، داستان بيان ڪرڻ ۾ مهارت رکندو هو. سندس اهڙي انداز کي ’سدا رنگي‘ انداز پڻ سڏيو وڃي ٿو. ڍول فقير شاهه سائين، سچل سرمست، مصري شاهه، محمود فقير کٽيان، نواب ولي محمد لغاري ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳايو، هو مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ منٺار فقير راڄڙ جو عقيدتمند هجڻ ڪري سندن شاعري دل و جان سان ڳائيندو هو. سندس آواز ۾ ڳايل مشهور ڪلامن ۾ ’لائي ته نماڻيءَ سان نينهن‘، ’سور انهيءَ ساڙي، هو جي هليا ويا‘، ’عمر مون نه ٿا وسرن ويڙهيچن جا واڙا‘، ’هڪڙي ڳالهه چوان من ڪا محب مڃي‘ بيحد مشهور ٿيا. ڍول فقير کي سندس فن جي عيوض 23 مارچ 1989ع تي حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي ايوارڊ برائي حسن ڪارڪردگي پاڪستان جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جي هٿارائون ڏنو ويو، ان کانسواءِ کيس لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا به کوڙ سارا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ڍول 22 جون 1992ع وفات ڪئي. سندس مزار ٽنڊي الهيار ۾ آهي. سندس فرزند فقير محمد ’ڍول فقير فائونڊيشن‘ نالي ادارو قائم ڪري اشاعت جو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو پاڻ به والد جا ڪيترا ڪلام سُريلي آواز ۾ ڳائيندو آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 جولائي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    40
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    [​IMG]
    سدا بهار لوڪ فنڪار ڍول فقير جي 22جون تي 24 ورسي جي مناسبت سان

    هڪڙي ڳالهه چوان ، من ڪا محب مڃي .

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    وادي مهراڻ جي لاجواب سر زمين سنڌ جو هر شهر پنهنجي پنهنجي منفرد حيثيت سان مشهور آهي انهن سڀني شهرن منجهان وري ميرپورخاص شهر وري پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت ٿدڙين هوائن ۽ انبن جي حوالي سان ته ويتر پوري دنيا منجهه هڪ منفرد ۽ الڳ حيثيت رکي ٿو.هت ذڪر سر سنگيت جي هڪ اهڙي فنڪار جو ذڪر ڪبو جيڪو صرف ميرپورخاص جو نه پر پنهنجي آواز جي جادو سان سونهاري سنڌ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ۽ مقبول ڪرايو اهڙن فنڪارن منجهان ڍول فقير به هڪ هو سنڌ جو هي لوڪ سر۽ سنگيت جو امر آواز فقير محمد خاصخيلي جي گهر منجهه سال 1921 ع ڌاري ميرپور خاص شهر ڀرسان ڳوٺ (پاٽوين ) ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو (مطالعي ڪرڻ بعد سندس ڄم جو سال ڪيترن ئي ڪتابن منجهه سال 1917ع به معلوم ٿئي ٿو ) اسان جو هي سدابهار لوڪ فنڪار جڏهن هن جهان منجهه اک کولي ته هن جو والد صاحب هن جهان کي خير آباد چئي چڪو هو . سندس والد صاحب ڪڙمت (هارپي ) جي ڪرت ڪندو هو چارسالن جي عمر جو ڍول فقير مس ٿيو ته امڙ جي ڇائون کان به محروم ٿي ويو. ڍول فقير پنهنجي والد کي نه ڏسڻ ۽ جيجل امڙ جي مرتي جي صدمي هن لوڪ فنڪار کان سڀ سک کسي ورتا هئا سندس ڏکن من جهوري ست ئي نپوڙي ڇڏيو هيس. هو پنهنجي من اندر موجود ڏکن جي اظهاي لاءِ لڇڻ ۽ پنهنجي ڦٽيل روح کي ريجهائڻ جو وسيلو کيس ڳائڻ ۾ نظر آيس ۽ الله توهار ڪيائين . هن پنهنجي هڪ منفرد انداز سان هڪ هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙيون کڻي جڏهن ڀلو ڀلو ميان، ووءِ ووءِ ۽ الو ميان ڪندو هو ته پرستار سندس اهڙي سهڻي انداز تي جهومي پوندا هئا . سندس اصل نالو ڍول فقير پهريان ڍول عرف ڍولڻ هو جيڪو سندس استاد فقير ولي بخش رکيو هو . جيڪو منٺار فقير راڄڙ جو پوٽو تنهن سر سنگيت جا پڻ سڀ گر سيکاري پنهجي شاگڙدي جو گانو ٻڌو هويس . سندس وڏو ڀاءَ محمد صالح خاصخيلي ۽ والد محمد خاصخيلي نڙ بت چوڻ جا ماهر هوندا هئا ڍول فقير جڏهن ڏهن سالن جو مس هو ته ڳائڻ جو شوق جاڳيس پهريان پهريان هو سادين مرادين ۾ ٿيندڙ محفلن کي باقاعدگي سان ٻڌڻ شروع ڪيو اڳئين زماني يعني ڍول فقير جي ڳائڻ واري زماني ۾ اڪثر ڪري (ڀڳت) ڳائيندا هئا ۽ مسمان فنڪار پڻ ڀڳتي انداز منجهه ڳائڻ پسند پڻ ڪندا هئا ڍول فقير انهن ڀڳتن جا ڳايل ڪلام پنهنجي منهن دل ئي دل ۾ پيو جهونگاريندو وتندو هو. انهن جا ڳايل ڪالم ياد ڪري پوي آهستي آهستي هن پڻ ڀڳتي محفلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو انهن ڳائڻ دوران هن هڪ ڀڳتي ٽولي جي ان وقت مشهور سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ مري کاهي جي ڳائڻي اسماعيل مري کان ڳائڻ جي ترتيب پئي حاصل ڪئي ۽ پنهنجو استاد ورتائين .مختلف ڳوٺن ۾ ٿيندڙ محفلن ۾ ڳائيندو رهيو ان زماني ۾ ڍول فقير سنڌ جي نالي واري صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي درگاهه تي ويو جتي منٺار فقير جي پوٽي فقير ولي بخش سان ملاقات ٿي جيڪو راڳ جو نهايت قابل ۽ ڄاڻو هو. ڍول فقير کائنس وڌيڪ سر سنگيت جا سڀ گر ۽ فقيراڻي رنگ جي سکيا ۽ روحاني فيض پڻ هن کان حاصل ڪري سندس شاگرد پڻ ٿيو. ڍول فقير يڪتاري تي ڳائيندڙ اهڙن فنڪارن منجهان هو،جيڪي صوفياڻي رنگ کي نج سنڌي موسيقي سان گڏوگڏ صحيح سر ،داستان، راڳ،تال سان آواز جو مڌر سنگم ڏيئي آمر بڻائي ڇڏيو .ڍول فقير جي هڪ خوبي اهيا به هوندي هئي ته هو جيڪو به ڪلام ڳائيندو هو ان سان جيڪڏهن ڪو نيم تاريخي قصو لاڳاپيل هوندو هو ته ڳائڻ دوران اها ڳالهه يا قصو به ٻڌائيندو هو سندس قصي ٻڌائڻ جو انداز نهايت سهڻو ۽ لاجواب نرالو ۽ ٻين فنڪارن کان قدر ئي مختلف هوندو هو ڍول فقير جي ڳائڻ جي اهيا به خصوصيت هوندي هئي ته هلندڙ ڪلام جي دوران تال (لي ) کي بيهاري پنهنجي ليکي فقيري رمز ۾ وري ڪلام کي جاري ڪري وٺندو هو .ڪڏهن ڪڏهن ڪلام ۾ وري سر ۾ ڳائيندي وچ ۾ بيهي (ڏوهيڙا) تحت الفظ به چئي ڏيندو هو .جيڪو سندس خاص انداز سڏبو هو ڍول فقير راڳ کي عبادت سمجهي ڳائيندو هو .هن شروع کان وٺي آخر تائين ڪابه فيس وغيره مقرر نه ڪئي ۽ نه ئي ورتي . هو ان زماني ۾ پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي اچي ٽنڊوالهيار ۾ اچي آستانو اڏيو ۽ اتي پيٽ گذر لاءِ هڪ هوٽل به کوليائين . هڪ محفل منجهه نالي واري علمي ادبي سياسي سماجي روحاني شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولي ڍول فقير کي ڪنهن محفل ۾ ٻڌو ۽ نهايت تمام گهڻو متاثر ٿيو .ان زماني ۾ ڍول فقير مخدوم صاحب جو مريد به ٿيو . مخدو صاحب جي مهرباني سان سال 1948ع ڌاري ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تان ڳائڻ لڳو بعد ۾ وري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ان زماني جي پروڊيوسر محمد بخش انصاري صاحب کيس معتارف ڪرايو هو . جتي ڍول فقير جيڪو پهريو ڪلام رڪارڊ ڪرايو هو تنهن جا ٻول هئا

    (اهڙيون حسن واريون تکڙيون تراريون،

    محبوب مون تي تو اچي اولاريون ) ڍول فقير ريڊيو پاڪستان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن تي به خوب ڳايو سندس کي ٽيليويزن تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ صاحب معتارف ڪرايو .ڍول فقير جن شاعرن جي شاعري ڳائي انهن ۾ منٺار فقير جي شاعري کي جلا بخشيائين انهن کان علاوه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ،سچل سرمست رح طالب المولي ، مصري شاهه ، محمود فقير کٽياڻ ،نواب ولي محمد لغاري وغيره جي شاعري کي خوب ڳايو ۽ ٻين صوفي شاعرن کي پڻ ڳايو سندس ڳايل ڪلام ريڊيو پاڪستان تان وقت به وقتن نشر ٿيندا رهندا آهن .ڍول فقير کي قدرت واري ايتري ته صلاحيت بخشي هئي جو هن کي 300کان 400 ڪلام به زباني ياد هوندا هئا . ڍول فقير جي پسند جو شاعر منٺار فقير راڄڙ ۽ فنڪارن منجهان ماسٽر محمد ابراهيم کي خوب پسند ڪندو هو .هن سرڪاري خرچ تي ڏيهه کان علاوه پرڏيهه ۾ به پنهنجي ملڪ پاڪستان سان گڏ سنڌ ڌرتي جو نالو روشن ڪرايو ڍول فقير اهو خوشنصيب فنڪار هو جنهن پنهنجي زندگي منجهه حج جي سعادت به ماڻي. ڍول فقير کي مڃتا طورسرڪار پاران 23 مارچ سال 1989ع ڌاري (پرائيڊ آف پرفامنس ايوارڊ )۽ مڃتا طور لطيف ايوارڊ سان به نوازيو ويو .ڍول فقير زندگي جي آخري وقت ۾ گيڙو رنگ جو پٽڪو ۽ سلوار قميص پهريندو هو .هٿن پيرن ۽ وارن کي ميندي لڳائيندو هو . هن عظيم لوڪ فنڪار پنهنجي زندگي ۾ (ٻه) شاديون ڪيون.سندس اولاد منجهان هڪ پٽ فقير محمد ڍول به سندس پيءِ واري ئي انداز ۾ ڳائيندو آهي سنڌ ڌرتي جو هي لوڪ فنڪار زندگي جي آخري ڏينهنن ۾ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو زندگي سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. آخر ڪار سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري، هي سدا بهارامر آواز اسان سڀني کان22جون 1992ع سومر ڏينهن تي هميشه لاءِ گذاري ويو سندس آخري آرام گاهه ٽنڊي الهيار ۾ آهي .سندس ڳايل مشهور ڪلامن ۾ (1) لائي ته نماڻي سان نينهن دوست ائين نه دل مٽجي (شاهه)

    2 ) عمر مون نه ٿا وسرن ڌنارن جا ڌاڙا

    بڃي ڀور ٿيندءِ ڪنجون ڪرف تاڙا(شاهه)

    3 ) سور انهي ساڙي هو ،جي ويا هليا (شاهه)

    4 ) هڪڙي ڳالهه چوان ، من ڪا محب مڃي (شاهه)​
    [​IMG]
    سدا بهار لوڪ فنڪار ڍول فقير جي 22جون تي 24 ورسي
     
    آخري ترميم: ‏6 سيپٽمبر 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو