جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ ۔ دوستو اجالو حق آهي ۽ انڌيرو ناحق آهي جڏهن جڏهن روشني ۽ اوندهه جو جهيڙو ٿيو، فتح حق جي ٿيندي اهي روشنين جي ٿيندي آهي، اوندهه کي سدائين مات ٿيندي آهي، بلڪل نڪور وائي توهان دوستن سان ونڊ ڪريان ٿو، اميد ته پسند ايندي۔[/JUSTIFY]

    وائي
    نثاراحمدناز

    جيئن جيئن پرهه ڦُٽي !
    ويڙهه وڙهون انڌيارن سان

    دهشت ساري جَڳَ مان،
    خُونِي کيل کُٽي...........!
    ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان

    دوکي جون ديوارون،
    باقِي ڏينهن ٻه ٽي...........!
    ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان

    اُجيارا آخر انڌ کي ،
    ويندا نيٺ لُٽي.........!
    ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان

    ڌُنڌِ جو بادل سنڌ مٿان،
    سِگهڙو “ناز” ٽُٽي............!
    ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان

    جيئن جيئن پِرِهه ڦُٽي....!
    ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
    ويڙهه وڙهون انڌيارن سان ​


    [​IMG]
     
  2. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

    ادا نثار ناز تمام خوبصورت توهان جي لکيل وائي پڙهڻ وٽا گذري ۽ تمام سٺي ڊزائين پيش ڪرڻ جي مهرباني
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

    مهرباني ادا ممتاز جو توهان کي اسان جي هي غريباڻي وائي خوبصورت لڳي ان کان علاوه ڊزائن به توهان کي سُٺي لڳي لک لائق ادا۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

    سائين محترم نثار ناز ۔۔۔ جڏهن حق ۽ ناحق جي جنگ ٿيندي آهي ته ان ۾ بيشڪ فتح حق جي ٿيندي آهي ۔۔۔ رب العالمين پنهنجي ڪلام ۾ سلامتيءَ واري راهه کي روشني چيو آهي ۽ شيطان جي راهه کي اونده سان تشبيهه ڏني آهي ۔۔۔ بيشڪ اڄ جنهن سماج ۽ ماحول ۾ رهون ٿا ان ۾ شيطاني اونده ايتري وڌي وئي آهي جو هڪ هٿ ٻي هٿ کي ڏسڻ کان قاصر آهي، پر الله جي فرمان سان هن ڪائنات ۾ اوهان جهڙا مرد مجاهد پئدا ٿيندا آهن جيڪي اونده جي خلاف جهاد ڪندا آهن ۽ پنهنجن هٿن ۾ روشنيون کڻي نڪرندا آهن ۔۔۔

    يقين ڄاڻو ته جي هڪ به مرد مجاهد موجود آهي ته لاٽ ٻرندي رهندي اونده سان جهاد جي ۔۔۔

    اوهانجي هي سهڻي وائي ۽ انجو پيغام به لاٽ آهي، جوت آهي اونده جي خلاف

    لک واڌايون جهدي فڪر پيش ڪرڻ تي ۔۔۔ نرڙ تي چمين جا نذرانا قبول پون

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

    سائين نثار ناز سلام

    دوکي جون ديوارون
    باقِي ڏينهن ٻه ٽي
    ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان


    سچ ته اوهان جي هي وائي، حوصلي، عزم جي نشاني آهي. اوهان جي شاعري سچ ته معاشري کي جاڳائڻ لاء هڪ قدم آهي پر اسان جي قوم خبر ناهي ڪڏهن سجاڳ ٿيندي۔ لاجواب شاعري ۽ ڏات جو ڪمال آهي۔

    تمام خوبصورت چترڪاري جنهن به ڄڻ ته چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن هن وائيء کي۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

    لا جواب وائي
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

    ادا نثار ابڙا ڳالهه وري به ڦري گهري حوصلن جي آهي، هڪڙو شاعر پنهنجي محاذ تي جيڪو هُن پنهنجي ليکي منتخب ڪيو آهي، يا فڪري لحاظ کان ڏيهه جي ڏات ڌڻي کيس فطري طور تي سونپيو آهي انهي محاذ تان پنهنجي قلم جي سگهه سان نت نوان تخيل، نت نوان فڪر، روشني ۽ اُجالي جي صورت ۾ بغير ڪنهن ڊپ ڊا جي پنهنجي قوم کي بار بار سونپي حقيقتن ، سچائين، اميدن، اوسيئڙن، آسرن ۽ پنهنجي قوم تي غليظ ماڻهن جي ويساهه گهاتين جا ڪلور پنهنجي قوم جي نان کُلي عام ڪري پنهنجو فرض نڀائيندو آهي، هاڻي ٻي محاذ تي اسان جي قوم انهن ڳالهين کي ڪيئن ٿي سمجهي، انهن ڳالهين کي ڪيئن عملي طور تي اڳيان وڌائي ٿي ۽ پنهنجو فرض نڀائي ٿي۔ ائين به ڪونهي ته شاعر صرف لفاظي ڪري پنهنجي جان ٿو ڇڏائي پر جڏهن به قوم پنهنجي آجپي لا هٿ هٿ ۾ روشني ڦهيلائڻ وارا مُشال کڻندي ته شاعر به يقينن انهن هٿن مان هڪ هٿ ضرور بڻجندو، اسان پنهنجي سنڌي قوم کان مايوس ڪونه آهيون، اسان جي قوم الله نه ڪري جو مُئل قوم ٿئي پر اسان جي قوم صرف ننڊ ۾ آهي، ڪو اهڙو پيشوا اچي اهڙو ڀير تي ڏونڪو هڻي جو درواڙ وارا اگهور ننڊ مان اُٿي جاڳي کڙا ٿين، بقول تنهنجي تو سميت اسان جا به هٿ مٿي آهن من ڪو سنڌي ماڻهون پنهنجي فرضن کي سُڃاڻي اڳيان وڌن۔ تنهنجا لک لائق ادا جو پنهنجون خلوص سان لبريز چُميون هن نثار ناز ٽي درجي واري شاعر تان وارين پيو، ۽ پيار چاهي چمين جي صورت ۾ هُجن چاهي عشق جي صورت ۾ هُجن انهن جو ڪو مول ڪونه هوندو آهي۔ تنهنجون چميون منهنجي اکين تي۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

    ادا، محمد سليمان وساڻ وعليڪم السلام، تون يقين ڪر وساڻ اسان جي سنڌي قوم ضرور اگهور ننڊ مان جاڳندي، پنهنجي ٻنين، ونين، پنهنجي ننگ ۽ ناموس جي حفاظت ضرور ڪندي، ڳالهه صروف روشنين واري اجالي کي روشن روشن راهون ڪرڻ جي آهي، توهان منهنجي هن شاعري کي حوصلي ۽ عزم وارو لکي هڪ نئين معنا ڏني آهي ۔ لک لائق ادا۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جيئن جيئن پرهه ڦُٽي ! ويڙهه وڙهون انڌيارن سان (وائي) نثاراحمدناز

    ادا طاهر سنڌي توهان منهنجي هن وائيءَ کي لاجواب چيو آهي ان ڪري جو تون خود لاجواب آهين۔ لک لائق ادا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو