سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو اسلام عليڪم
    انٽرنيٽ جي وسيع دنيا ۾ سنڌين کي ڀرپور معلومات ۽ تفريح پهچائڻ لاءِ ڪافي ڌريون سرگرم آهن.. جيڪي مختلف ويب سائيٽس ذريعي بغير ڪنهن معاوضي جي پنهنجي هم زبان سنڌين جي خدمت جاري رکيو ويٺا آهن...
    ان سلسلي ۾ جي صرف موسيقي تي توجه ڏجي ته ڪافي اهڙا نالا سامهون ايندا جن ڪافي ڪم ڪيو آهي... محترم محمد قاسم ماڪا جي جستجو ڪنهن کا لڪيل نه آهي ... جن سنڌ جي مهان راڳين جي ڪلام کي جديد انداز سان سامهون آڻي حقيقي راڳ ۽ پنهنجي دور جي مشهور ڳائڪن جي آواز کي محفوظ رکندي لازوال ڪم ڪيو آهي...
    محترم غلام مصطفى سمون المعروف ڄام سمون کان ڪير واقف نه هوندو جنهن سنڌ جي موسيقي ۽ ڊرامن کي سهيڙي انٽرنيٽ تي اهڙي طرح آندو آهي جو عقل دنگ آهي ته هر نئون ۽ پراڻو ڪلام سندس يوٽيوب چينل ”سنڌ رنگ“ تي موجود آهي... آءٌ ته سندس اهڙي ڪارنامي کي ڏسندي ئي حيران هوندو آهيان ته جيڪو ڪم هُو اڪيلي سر ڪري رهيو آهي ان لاءِ جيڪڏهن ڪو ادارو ڪم ڪري ته به مشڪل لڳندو... سڀ کان اهم ڳالهه ته اهڙو محنت سان ڀريل ڪم ڪرڻ جو معاوضو ڪجهه به نه آهي ... بلڪه الٽو پنهنجي کيسي مان خرچ وڌيڪ آهي...
    هڪ دفعي کيس ڪال ڪندي درخواست ڪيم ته توهان جو ڪم انتهائي لاجواب ۽ محنت سان ڀرپور آهي ۽ جانچڻ سان خبر پوي ٿي ته توهان جو لڳايل وڊيوز هر ويب سائيٽ تي ملن پيون ... بس هڪ ڳالهه جي گهٽتائي لڳي ته هن ڪم جي ڪابه ترتيب نه آهي... کيس درخواست ڪيم ته جي اجازت هجي ته سنڌ سلامت ذريعي توهان جي ڪم کي ترتيب ڏئي منظم طريقي سان سهيڙجي.. جنهن جي پاڻ خوش دلي سان اجازت ڏنن...
    ڪافي عرصي کان وٺي ان ڪم کي ڪرڻ جي خواهش رهي پر مصروفيت هئي جا ان ڪم کي مڪمل ته ٺهيو پر شروع ڪرڻ ئي نه ڏئي ... آخر ڪجهه ڏينهن ئي ٿيا جو ادا سليمان وساڻ سان ذڪر ڪيم .. هن ڀلي ماڻهون هميشه وانگر همت ڏني ۽ ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو..
    شايد مون کي اڃان دير لڳي ها پر ادا سليمان جي روز روز فون تي پڇڻ ڪري همت ڪيم ۽ هن دفعي ڳوٺ موڪل تي وڃڻ دوران سنڌ سلامت ٽيوب جو هڪ خاڪو ٺاهي ان تي ڪم شروع ڪري ڏنم...
    جڏهن سنڌ سلامت ٽيوب جو بيٽا ورجن تيار ٿي ويو ته هڪ نظر ادا سليمان کي ڏيکاري داد گهرڻ جي خواهش ٿي .. ادا سليمان حيران ٿي ويو ته هي ڪم ته بلڪل ايئن آهي جيئن يوٽيوب وارن جو ۽ سهولتون به سموريون اهي بلڪه ان کان به وڌيڪ... خوش ٿي ڪم جلدي مڪمل ڪرڻ لاءِ زور ڀرين...
    جڏهن سنڌ سلامت ٽيوب جي هڪ معمولي شڪل سامهون آئي ته ڪم وڌڻ لڳو ۽ ڪم کي تڪڙو اڪلائڻ لاءِ ادا سليمان کي پڻ ڪم ڪرڻو پيو پر آءٌ ان وقت حيران ٿي ويم جڏهن پاڻ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ 400 کان به وڌيڪ وڊيوز سنڌ سلامت ٽيوب ۾ شامل ڪري ڇڏيون...
    ظاهر آهي ته ائين ڪرڻ سان سنڌ سلامت فورم جي ڊيٽابيس ۾ پڻ ڪافي اضافو ٿي ويو ۽ وري جيڪڏهن هڪ ئي وقت ۾ ايندڙ درجنن جي تعداد ۾ رڪن فورم تي اچي اهي وڊيوز ڏسڻ ۽ پنهنجا رايا ڏيڻ شروع ڪن ته سنڌ سلامت فورم جي بينڊ وڊٿ ايڪسيڊ ٿي سگهي ٿي .. پر جڏهن ان ڳالهه جو ادا علي علي سان ذڪر ڪيو ته هن سهڪار ڏيندي سموريون الجهنون درست ڪري ڇڏيون...
    جنهن کان پوءِ سنڌ سلام ٽيوب کي لانچ ڪرڻ ۾ ڪابه پريشاني سامهون نه آئي .. ان ڪري اڄ سنڌ سلامت فورم پنهنجي هڪ وڌيڪ منزل طئي ڪندي توهان سڀني دوستن اڳيان سنڌ سلامت ٽيوب کي باقائده لانچ ڪري ٿو.. ان موقعي تي مان پنهنجي محسنن جناب ڄام سمون، محترم علي علي ۽ ادا سليمان وساڻ جو تمام گهڻو شڪريو ادا ڪندم جن پنهنجي ڀرپور سهڪار سان هن ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو...

    [​IMG]

    سنڌ سلامت ٽيوب جا ڪجهه فيچرس هي آهي...
    سنڌ سلامت ميوزڪ لائبريري
    هن وقت 50 ڪيٽيگرين تي مشتمل لڳ ڀڳ 500 وڊيوز لائبريري ۾ شامل آهن جنهن جي انٽرفيس تي سمورين ڪيٽيگرين کي خاص ترتيب ڏيندي ظاهر ڪيو ويو آهي.. ان کانسواءِ سنڌ سلامت ٽيوب جي مرڪزي صفحي تي ئي نيون ايندڙ وڊيوز سان گڏو گڏ مشهور وڊيوز (جن کي گهڻي تعداد ۾ ڏٺو ويو هجي ) يا وري وڌيڪ درجو رکندڙ وڊيوز (جن کي توهان طرفان ووٽ ڏيندي بهترين چونڊيو ويو هجي ) کي ترتيب ۾ رکيو ويو آهي..
    وڊيوز جي ڳولا..
    سنڌ سلامت ٽيوب جي مرڪزي صفحي تي ساڄي پاسي کان مٿان مٿان وڊيوز ڳولڻ لاءِ آپشن رکيو ويو آهي.. جنهن ذريعي وڊيوز جا ٻول لکي ڳولا ڪري سگهجي ٿي.. ان ڳولا تي ڪم هلندڙ آهي جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي... ان کانسواءِ سنڌ سلامت ٽيوب ۾ شامل وڊيوز کي گوگل تي ڳولڻ لاءِ پڻ ڪم هلندڙ آهي ... ياد رهي ته يوٽيوب تي رکيل وڊيوز کي سنڌي بجاءِ رومن سنڌي ۾ ڳولڻ جي سهولت آهي.. پر سنڌ سلامت ٽيوب اچڻ کان پوءِ هاڻي ڪنهن به وڊيو کي گوگل تان ئي سنڌي ۾ ڳولڻ ممڪن ٿي سگهندو... .
    پلي لسٽ
    هن اختيار ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته لڳاتار هڪ ئي ايونٽ جون وڊيوز هڪ خاص ترتيب سان هتي رکيو وڃن جهڙوڪ ڪنهن ڊرامي يا پروگرام جي وڊيوز کي هتي عنوان ڏئي رکيو ويندو ته جيئن ڳولا ڪندڙ يا ڏسندڙ هڪ ئي وقت ۾ ان پروگرام يا ڊرامي جي سمورين وڊيوز کي هڪ ئي هنڌ ڏسي سگهي...
    پسند جي فهرست
    هتي مختلف ڪيٽيگرين مان وڊيوز ڏسندي جيڪڏهن ڪا وڊيو توهان کي پسند اچي ته ان جي عنوان جي سامهون موجود دل نما آئڪان تي ڪلڪ ڪري توهان ان وڊيو کي پنهنجي پسند جي فهرست ۾ شامل ڪري سگهو ٿا.. اهڙي طرح توهان پنهنجي پسند جي فهرست کي کولي تڪڙو مطلوبا وڊيو تائين پهچي سگهو ٿا.. پنهنجي پسند جي فهرست ۾ رهي ڪري پڻ وڊيوز فهرست مان ڪڍي سگهجي ٿو يا وري ساڳي وڊيوز جي عنوان جي سامهون دل نما آئڪان کي ٻيهر ڪلڪ ڪري فهرست مان ڪڍي سگهجي ٿو...
    وڊيو موڪلڻ
    سمورن رجسٽرڊ رڪنن کي ان ڳالهه جي اجازت هوندي ته هو سنڌ سلامت ميوزڪ لائبريري ۾ اضافو آڻيندي اڳ ئي موجود ڪيٽيگرين تحت وڊيو موڪلي سگهن ٿا.. اهي وڊيوز يوٽيوب کانسواءِ ميٽاڪيفي، ڊيلي موشن، ميگا وڊيو، يواسٽريم ........ وغيره مان پڻ لڳائي سگهجن ٿيون... پر وڊيو لڳائڻ وقت ان ڳالهه جو يقين ڪرڻ گهرجي ته وڊيو سنڌي ۾ آهي ۽ اها اخلاقي دائري اندر آهي.. وڊيو شامل ڪرڻ وقت رڪن طرفان صرف يور آر ايل ايڊريس لڳائي موڪلڻ سان هڪ خودڪار طريقي ڪار تحت وڊيو جو عنوان، ٽيگس ۽ وضاحتون شامل ٿي وينديون .. پر جيئن ته اهي سڀ وڊيو اپلوڊ ڪندڙ طرفان انگريزي ۾ ليکيل هونديون جنهن کي تبديل ڪندي سنڌي ۾ لکڻو پوندو ... وڊيو شامل ڪندڙ رڪن کي گهرجي ته گهٽ م گهٽ عنوان سنڌي ۾ لکي موڪلي.. ته جيئن ڳولڻ ۾ آساني رهي..
    شراڪت داري
    هر وڊيو لڳائيندڙ پاڻ مرادو ان وڊيو جي شراڪتداري ۾ شامل ٿي ويندو ... جڏهن به وڊيو ڏسندڙ ان وڊيو ته ڪا راءِ موڪليندو ته پانمرادو رڪن کي ذاتي پيغام ذريعي اطلاع نامون موڪليو ويندو.. ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن ٻي وڊيو ۾ ڪو رڪن شراڪتداري رکڻ چاهي ته وڊيو هيٺان کاٻي پاسي کان شراڪتداري آئڪان تي ڪلڪ ڪري ائين ڪري سگهي ٿو...

    دوستو جيئن ته سنڌ سلامت ٽيوب جو هي ابتدائي ۽ بيٽا ورجن آهي جنهن ۾ راءِ ۽ وڊيو جي تفصيل موڪلڻ واري جاءِ تي سنڌي پيڊ لڳائڻ رهي ٿي... ان سلسلي ۾ ادا عامر ضياء چارڻ کي اڳ ئي درخواست ڪئي وئي آهي .. جلد ئي ان تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو... ان کانسواءِ ڪافي هنڌن تي توهان اڳيان الجهنون به پيدا ٿي سگهن ٿيون جن کي توهان طرفان آگاهي کان پوءِ جلد دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.... ۽ سنڌ سلامت سکيا ۾ پڻ ان بابت موضوع موڪليا ويندا...

    دوستو سنڌ سلامت طرفان هي عمل توهان کي ڪيئن لڳو پنهنجا رايا ۽ صلاحون ضرور ٻڌائيندا ته جيئن اسان جا حوصلا وڌن ۽ سنڌ سلامت ٽيوب کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ..

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    السلام عليڪم ادا

    ادا اڄ ڪلهه جي هن تيز رفتار دور ۾ ۽ وري توهان جي مصروف ترين نوڪري هوندي توهان کي جيڪي ٻه چار ڏينهن موڪل

    جا ملن ٿا اهي سنڌ ۽ سنڌيت جي خاطر سنڌ سلامت فورم تي ڪم ڪرڻ نوان نوان آئيڊين تي سوچڻ وري ان کي عملي جامو

    پهرائڻ تي توهان کي جس هجي جن به دوستن توهان سان گڏ هن پراجيڪٽ ۾ حصو ورتو آهي خاص طور تي سائين سليمان وساڻ

    صاحب محترم وڏو علي علي ۽ سائين عامر ضيا چارڻ صاحب کين پڻ جس هجي

    سائين سليمان صاحب ٿورو وقت ايترو ويڊيو سرچ ڪيا آهن کيس فقير طرفان اٿي بيهي سلام

    ادا رشيد سنڌ سلامت فورم تي سنڌ سلامت ٽيوب هڪ نئي نواڻ آهي اميد ته دوستن کي هاڻي سنڌ سلامت فورم تي ئي رهي

    ڪري ويڊيوز ملي ويندا ۔

    ان سان گڏ مان خاص طور تي سائين ڄام سمون صاحب جن جو ٿورائتو آهيان الله پاڪ کيس وڏي حياتي ۽ عمر عطا ڪري (آمين)

    سنڌ سلامت فورم جا دوستو اچو ته گڏجي ڪري سنڌ سلامت ٽيوب کي انجوائي ڪريو ۽ دوستو جيڪي توهان کي ايررس نظر اچن ان جي

    ڪمپلين ڪري ته جيئن ان کي جلد کان جلد دور ڪري سگهجي

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    جهڙي ريت سنڌ سلامت جي اوطاق جا وارث، سنڌي فن ۽ ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن ته انجو مثال ڪنهن ٻي سنڌي فورم تي ملڻ مشڪل آهي، دوستن جي ڏينهن رات جو ڪاوشون، سنڌ سلامت کي منزلن مٿان منزلون طع ڪرائي اهو ثابت ڪري رهيون آهن ته سچائي ۽ جذبو هجو ته جبل به جهاڳي منزل تي رسي سگهجي ٿو ۔۔۔

    ڪتابن جي لائبريريءَ کانپوءِ هاڻ راڳ جي لائبريري قائم ڪري اوهان سنڌي راڳ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، رشيد جي ماهرانه ترتيب ۽ سليمان جو جنون جڏهن ملن ٿا ته رات و رات تبديليون اچي وڃن ٿيون ۔۔۔ علي علي ته آهي ئي جهونو ماڻهون، جيڪو گهر جي اڱن تي چلم دکايون ويٺو آهي، ۽ سندس سگهاري ڪراڙپ اسانجي ڪم اچي رهي آهي ۔۔۔ عامر ضياء يا ڄام سمون يا جنهن به دوست سنڌ سلامت کي سنوارڻ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي انهن سڀني دوستن لاءِ مان ۽ فخر آهي ۔۔۔

    اميد ته هاڻ دوست سنڌ سلامت جي اڱڻ تان سنڌ جو قديم يا جديد راڳ ٻڌندي، پاڻکي لطف اندوز ڪندا رهندا ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    سائين رشيد صاحب هڪ عرض ڪيترن ڏينهن کان ڪرڻ ٿي چاهيم ته ڪجهه ڏينهن کان آءُ جيڪا به وڊيو سنڌ سلامت تي هلايانٿو ته اها برائوزنگ کانپوءِ ايرر ڏي ٿي، پر جڏهن وڊيو تي ڪلڪ ڪجي ٿو ته اها وڊيو يو ٽيوب تي هلي ٿي ۔۔۔۔ ، هاڻ اهو مسئلو مونسان ٿئي ٿو يا وري ٻين دوستن سان، جيڪڏهن ٻين دوستن سان به آهي ته پوءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي ۔۔

    لک ٿورا، ايرر جي تصوير ڪجهه هن طرح سان آهي ۔۔۔
    [​IMG]
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    هوئن ته اهڙي قسم جي ايرر اچڻ جو سبب انٽرنيٽ ڪنيڪشن هوندو آهي ۔۔ جيڪو ڪنهن وقت بهتر به ٿي ويندو آهي ۔۔ پر توهان جي لڳايل اسڪرين شاٽ مان اندازو ٿيو ته توهان فائرفاڪس برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هڪ ننڍڙي ٽپ منهنجي ذهن ۾ آئي جنهن تي عمل ڪري ڏسو۔۔
    برائوزر جي Tools تي ڪلڪ Options سليڪٽ ڪريو۔۔

    [​IMG]

    سامهون کلندڙ ونڊو مان Privacy ٽيب سليڪٽ ڪريو ۽ هيٺ موجود Exceptions بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    نئين کلندڙ ونڊوز ۾ ويب سائيٽ لاءِ ڇڏيل خالي جڳهه تي http://www.youtube.com لکي Allow بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي ڪلوز بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي برائوزر کي ڪيبورڊ تان F5 بٽڻ کي دٻائي ريفريش ڪريو۔۔ ۽ چيڪ ڪريو ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي۔۔ ٻي صورت ۾ گوگل ڪروم برائوزر تي وڊيو چيڪ ڪري ڏسو۔۔۔ جي ٻنهي برائوزرس تي مسئلو حل نه ٿيو ته امڪان آهي ته توهان کي ملندڙ نيٽ ڪنيڪشن جو مسئلو آهي جيڪو ڪجهه وقت ۾ درست ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    سائين تمام بهترين ڪوششون آهن هڪ قدم اڳتي کڻڻ لاء پوري ٽيم کي مبارڪون هجن سلامت هجو شال زندگيء جا سڀئي سال سائين نثارجن جي سوال متعلق عرض ته اهو مسئلو مون وٽ ته نظر نه ٿو اچي باقي ٻيا دوست به ان متعلق راء ڏين ته ڳالهه وڌيڪ واضح ٿي ويندي.
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    سلام آهي سائين رشيد سمون صاحب، ادا سليمان وساڻ صاحب، سائين ڄام سمون صاحب، ادا عامر چارڻ ۽ اسان جي گهر جي سُتون ادا علي علي جن جي همت محنت ۽ جي داد ڏيڻي پوندي، ڌڻي سنڌ سلامت رکي ۽ اوهان کي مزيد توفيق ڏي۔ آمين۔۔۔ اميد آهي ته قرآن مجيد، حمد ۽ نعت جون ڪيٽيگريز به جلد اچي وينديون۔
     
  9. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    تمام سٺو ڪم ڪيو آهي توهان ادا پر ادا هڪ منهنجي صلاح آهي ته سنڌي نعتن جو ڪيٽگري کوليو ته مهرباني ٿيندي
    ته وري عرض ٿو ڪيان ته ادا رشيد کي سنڌي نعتن جو ڪيٽگري کوليو
     
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    ادا رشيد سمون صاحب!

    اوهان جيڪو ڪجه ڪريو پيا ان جي واکاڻ لاءِ سان وٽ ته لفظ ئي ناهن۔ ايڏي محنت!
    يقينن ڄام سمون کي به اهو سڀ پنهنجي خرچ تي ڪرڻو ٿو پئي پر اوهان به ته وقت جهڙي قيمتي شئي هن ڪاز لاءِ بنا لوڀ جي خرچ ڪريو پيا۔
    شل آباد هجو۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    مهرباني

    ادا طاهر اميد ته اوهان حمد، نعت ۽ قرآن شريف جي تلاوت سنڌي ترجمي سان وارين ڪيٽيگرين تي ڪم ڪري سنڌ سلامت ٽيوب جي اهميت ۽ سونهن ۾ واڌارو ڪندا۔ حمد ۽ نعت واريون ڪيٽيگريز ته انشاء الله اڄ ئي شروع ڪبيون پر قرآن شريف جي تلاوت ۽ سنڌي ترجمي تي ڪم ڪرڻ جي ذميواري اوهان کي ڏجي ٿي۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    مهرباني ادا

    سنڌي نعت ۽ حمد جي ڪيٽگري اڄ ئي شامل ڪئي وئي آهي۔ اميد ته اوهان سٺين صلاحن سان گڏ سنڌ سلامت ٽيوب جي خزاني ۾ سنڌي وڊيوز موڪليندا رهندا۔
     
  13. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    ادا رشيد شال جڙيا هجو توهان جي ڏينهن رات محنت سان ئي سنڌ سلامت تي ان نئي پروگرام جو اضافو ممڪن ٿيو۔
    هن فيچر ٺاهڻ ۾ ڪيترو ٽائيم لڳو آهي اهو ته اوهان ئئي ڄاڻندا هوندا پر هي سهولت لاجواب آهي۔
    جتي اسان جي سنڌي دوستن کي سنڌي صوفياڻا ۽ لوڪ فنڪارن جا راڳ ڳولڻ ۾ تمام ڏکيائي پيش ٿيندي هئي اتي سنڌ سلامت
    سندن مشڪلن ۾ آساني ڪري ڇڏي آهي۔ مطلب ته يوٽيوب يا ٻين ويبسائيٽن تي وڃڻ جي ضرورت ئي نه آهي۔

    مان اهڙي بهترين ڪاوش تي سنڌ سلامت جي تمام دوستن، انتظاميا ۽ خصوصاً ادا رشيد کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔


    سدائين گڏ۔۔



    دعا ۾ ياد۔





    ۔،
     
  14. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    نعت جو سيڪشن شروع ٿي چڪو آهي سڀني دوستن کي ان سلسلي ۾ سنڌي ۾ نعت شيئر ڪرڻ لاء عرض رکجي ٿو۔
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    ادا ان شاءَ الله ان تي جلد ڪم ڪبو، دعائن ۾ ياد۔۔۔
     
  16. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    پر ادا رشيد توهان هڪ غلطي ڪئي آهي
    توهان نه ڪو ماسٽر منظور نه وري نگهٽ ناز جي ڪيٽگري وڌائي
    ته ان ڪري عرض آهي ادا رشيد کي ته ٻئي ڪيٽگري وڌايو
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    ادا مهرباني

    اوهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي پر اڃان کوڙ ساريون ڪيٽيگريون ٺهڻيون آهن جيڪي وقت سان گڏ اپڊيٽ ٿينديون رهنديون۔

    مهرباني اوهان نشاندهي ڪري ساٿ ڏئي رهيا آهيو۔
     
  18. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    جڏهن رشيد ء مان ڳوٺ وياسين ته اتي رشيد سنڌ سلامت ٽيوب لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي مون چيو سٺي ڳالهه آهي ان سان سنڌي موسيقي هڪ جڳهه تي ملي سگهندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌسلامت ٽيوب ڪارنر ڏسي خوشي ٿي پر جڏهن کوليم ته نه کليو جنهن تي مون هڪ ٿريڊ ڪاوڙ جي اظهار ۾ ڏنو هو۔۔۔۔۔ بعد ۾ انتظاميه ٻڌايو ته اڃان ان تي ڪم جاري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪجهه ڏينهن کانپوء سنڌ سلامت ٽيوب ڏسي حيرت ٿي ته ايترو آسان ء بهترين نموني ڪم ٿيل آهي جو هر دوست پنهنجي پسند جو وڍيوآسانيء سان لڳائي يا ٻڌي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    تمام بهترين نواڻ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    بهترين ڪاوش تي سنڌ سلامت جي تمام دوستن، انتظاميا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔
     
  19. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت ٽيوب جو آغاز۔۔۔۔

    بهترين ڪاوش تي سنڌ سلامت جي تمام دوستن، انتظاميا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو