سنڌڙيءَ تي سر گهوريندڙ فقير عبدالغفور

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

    سنڌڙيءَ تي سر گهوريندڙ فقير عبدالغفور: الله بخش راٺوڙ
    فقير عبدالغفور جي پندرهين ورسيءَ جي مناسبت سان هي مضمون پيش ڪجي ٿو
    انڊس هيرالڊ جي ٿورن سان؛

    [​IMG]

    +++++++++++++++++++
    سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي درگاهه صوفي راڳين جي اها نرسري آهي، جتان سُر تي سِرُ ڏيندڙ راڳي پئدا ٿيا ، جن سڄي سنڌ کي پنهنجي راڳ جي الاپ ۾ قيد ڪري ڇڏيو. هي سر ئي هو جنهن جي سين تي سوين سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. انهن صوفي منش راڳين ۾ فقير عبدالغفور جو ڳاڻيٽو به ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي ننڍي ڄمار کان وٺي سچل جي درگاهه تي صوفي راڳين کي ڪن ڏئي سندن الاپ کي ٻڌندو هو. هو انهن جي انداز کي پنهنجي من ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو سچل جي راڳ جي وجدان کي پنهنجي
    Temperament
    سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو انهن فقيرن جيان سر جهونگاريندو هو ۽ پوءِ ساڳي انداز سان ان کي ورجائيندو هو، جنهن انداز سان صوفي فقير ڳائيندا هئا

    فقير عبدالغفور جنهن 1910 ڌاري جنم ورتو، 1986 ۾ ان جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. ان کان اڳ هو سنڌ جي انتهائي مقبول ترين راڳين ۾ ڳڻيو ٿي ويو. هن جيڪي گيت، ڪلام، وايون ۽ راڳ ڳاتا ان انداز سان ڪيترن ئي ان کي ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪوبه ڪاميابي ماڻي نه سگهيو. هينئر جيڪي اسان وٽ ليجنڊ ڪلاڪار آهن، انهن به فقير عبدالغفور کي ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳي انداز سان ڳاتو ڄڻ فقير پاڻ اٿي اچي انهن سان سنگت ڪري رهيو هو، پر فقير جو سواد انهن ۾ نه هو. هي فقير عبدالغفور ئي هو جيڪو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، سنڌ جي درسگاهن، سنڌ جي ٻهراڙين، سنڌ جي درگاهن، سنڌ جي محلاتن، سنڌ جي سياستدانن ۽ سنڌ جي هر ٻچي ۽ ٻار جي اڳيان پنهنجي سر جي ذريعي سنڌ جو آواز بلند ڪرڻ لڳو. هن ايل ايم سي ۾ شاگردن جي فرمائش تي جنهن وقت شيخ اياز جو گيت:
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار
    نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي، دوکي جي ديوار او يار
    گهڙا کڻي گهڙنديون سڀ سهڻيون، مرندا سڀ ميهار او يار
    جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي، ڪرندا ڪنڌ هزار او يار
    ………..
    ڳاتو ته ڄڻ شاگردن تي وجدان طاري ٿي ويو ۽ سمورا جوان مڌ پيئڻ بنا مست تي ويا ۽ هي ون يونٽ جو زمانو هو، جڏهن ان وقت جي حڪمرانن جي خلاف سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ ۽ نفرت عروج تي هئي. سنڌ جو وجود داءَ تي لڳل هو پر هن فقير اهو گيت ڳائي سڄي سنڌ کي ڄڻ ڪچي ننڊ مان سجاڳ ڪري ڇڏيو. پوءِ اهڙي ڪابه محفل نه مچندي هئي، جنهن ۾ اهو گيت نه ڳاتو ويوهجي، فقير عبدالغفور جنهن محفل ۾ نه پهچندو هو، ڄڻ اها محفل ٻسي محسوس ڪئي ويندي هئي، انڪري سندس انهيءَ گيت کيس امر ڪري ڇڏيو ۽ هو سنڌ جو آواز، درد ۽ پيڙا بڻجي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين گونجندو

    هي فقير جنهن گهڙولي، راڻو، دما دم مست قلندر، چلو وي سيان، انت بحر جي خبر نه ڪائي، سڻ بات برهه دي ڪيهي ۽ ٻيا ان ڳڻيا گيت ۽ ڪلام ڳاتا ۽ پنهنجن سرن جي ذريعي ٻڌندڙن کي مستي ڏياريندو رهيو، هن جي سرن کان وقت جو حڪمران ۽ چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجو پلئو آجو ڪرائي نه سگهيو. ڀٽو شهيد مست ملنگ ٿي فقير جي راڳ مان لطف اندوز ٿيندو هو، جيئن هو مڌو بالا جي رقص کي انجواءِ ڪندوهو. ڀٽي جي اها ادا ڏسي مون کي جواهرلال نهرو ياد ايندو آهي، جيڪو استاد دامن جهڙي فقير منش پنجابي عوامي شاعر جي اڳيان گوڏا ڀڃي سندس شاعري ٻڌندو هو. ڀٽو شهيد فقير کي پنهنجي اباڻي شهر ۾ سڏرائيندو هو ۽ پوءِ کيس چوندو هو فقير راڻو ڳاءِ. هو سڄي رات راڻو ٻڌندو ۽ مست ٿيندو رهندو هو. فقير جي به ڄڻ ڀٽي سان دل لڳي وئي هئي، انڪري جڏهن ڀٽو جيل ۾ هو ۽ هن کي ڦاسي ڏيڻ ۾ باقي ڪجهه مهينا بچيا هئا ته فقير ڀٽ شاهه تي آيو ۽ راڻو ڳائڻ شروع ڪيائين. جڏهن هن مومل جي راڻي کي آزاد ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي ته ڄڻ هال ۾ سڪتو طاري ٿيو ويو ۽ ماڻهن کي وري ٻيهر ڀٽو ياد اچي ويو ۽ ڪيترن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا ۽ پوءِ فوجي آمرن فقير جي گائڪي تي پابندي لڳائي ڇڏي، پر ان جي باوجود هو فقير کي ماڻهن جي دل ۽ دماغ مان ڪڍي نه سگهيا.

    فقير عبدالغفور سنگ ۾ ڳائيندو هو. هن جي چوڌاري فقيرن جي ٽولي جهومندي هئي ۽ سندس سر ۾ سر ملائيندي هئي. هڪ طرف علڻ فقير ۽ ٻئي پاسي حسين بخش خادم، فقير جو ساٿ ڏيندا هئا. هڪ ڀيري ميرپورخاص ويجهو ميرن پاران ڪوٺايل چوٿين جي موقعي تي فقير ۽ علڻ فقير پاڻ ۾ وڙهي به پيا ۽ جيجي زرينا بلوچ به ان محفل ۾ موجود هئي. جنهن ٻنهي کي دڙڪا ڏئي ماٺ ڪرايو. انهن محفلن ۾ سمورا فقير، فقير عبدالغفور جي چوڌاري پيا نچندا هئا

    اڄ جڏهن فقير جي پندرهين ورسي ملهائي پئي وڃي ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ته ڄڻ فقير هڪ ڀيرو ٻيهر يڪتارو ۽ چپڙي کڻي اياز جي گيت ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار“ ڳائي رهيو آهي ۽ هزارين ٻيجل سندس سر تي پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ آتا آهن

    ڪلام سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 جولائي 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌڙيءَ تي سر گهوريندڙ فقير عبدالغفور

    مهرباني سائين نثار ۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪالهه کانوٺي بجلي ڪانه هئي ۽ قريبن 21 ڪلاڪن کانپوء اڄ صبح جو بحال ٿي آهي۔ اهوئي سبب هو جو سنڌ جي هن ڪلاڪار کي ڀيٽا ڏيڻ رهجي وئي پر اوهان سنڌ جي هن فقير منش ڳائني جي ياد ڏياري دل خوش ڪري ڇڏي۔

    يڪتارو هجي ۽ فقير عبدالغفور هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔



    ---------- Post added at 10:39 AM ---------- Previous post was at 10:39 AM ----------

    مهرباني سائين نثار ۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪالهه کانوٺي بجلي ڪانه هئي ۽ قريبن 21 ڪلاڪن کانپوء اڄ صبح جو بحال ٿي آهي۔ اهوئي سبب هو جو سنڌ جي هن ڪلاڪار کي ڀيٽا ڏيڻ رهجي وئي پر اوهان سنڌ جي هن فقير منش ڳائني جي ياد ڏياري دل خوش ڪري ڇڏي۔

    يڪتارو هجي ۽ فقير عبدالغفور هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورسيء تي ڀيٽا
    آواز آلاپ جو راڻو فقير عبدالغفور
    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    يڪتارو چپڙي هٿ ۾ کڻي جڏهن فقير عبدالغفور آ ڪندو هو ته سندس آواز جي گونج پري پري تائين پهچي هلندن کي بيهاري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز ايترو وڏو هو جو هروڀرو لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت نه پوندي هئي. ڊگهي قد ڪاٺ وارو همراهه ڳائڻ وقت نچي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو.

    فقير عبدالغفور، صالح محمد لکڻ جي گهر حيدرآباد ۾ 1910ع ڌاري پيدا ٿيو. هو سنڌي پنج درجا پڙهيل هو. همراهه تکي طبيعت جو مالڪ هو. راڳ جي شوق کيس اڳتي پڙهڻ نه ڏنو. هن ٻارهن سالن جي عمر کان ڳائڻ شروع ڪيو. هو ان عمر ۾ حيدرآباد ويجهو ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳائڻي حاجيءَ سان ڳائڻ لڳو. ان لحاظ سان حاجي ان جو استاد آهي. استاد حاجي به يڪتاري تي ڳائيندو هو. فقير عبدالغفور ڳائڻ سان گڏ ٽانگو هلائي پيٽ پاليندو هو.

    هو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ فقير نه پر جوان مڙس هو. هڪ بهادر ۽ مڙس ماڻهو جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هو. هو لٺ باٺي ۽ جهيڙي جهڳڙي ۾ تيز هو. هرڪو کانئس ڊڄندو هو. هن پنهنجي ان جوان مڙديءَ کي غلط رخ ۾ نه استعمال ڪيو، بلڪه سماجي براين خلاف سندرو ٻڌائين، سندس ساٿين ۾ مرزا الطاف، مستري ممون ۽ نالي وارو شاعر مظفر حسين جوش شامل هئا. ان زماني ۾ حيدرآباد جي علائقي جا ڪجهه هندو مسلمانن کي تنگ ڪندا هئا، انهن جي داداگيري ختم ڪرڻ ۾ عبدالغفور اهم ڪردار ادا ڪيو. هو اهڙن جهيڙن ۾ هميشه سوڀارو ٿيندو هو.

    سندس زندگيءَ ۾ فقيري ان وقت آئي جڏهن هو حضرت سچل سرمست جي طالب ۽ ڪافي گو شاعر سردار محمد بخش ڪوجهيءَ سان مليو. هو عبدالغفور کي سچل سائينءَ جي درگاهه تي وٺي ويو، اتي هن سچل کي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ فقير بڻجي ويو. فقير عبدالغفور زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين سچل رح جي درگاهه تي حاضري ڀريندو رهيو.

    سچل جي هڪ عرس تي راڳ جي راڻيءَ عابده پروين فقير عبدالغفور جي ڳايل گهڙولي ڳائي، جنهن تي فقير صاحب کي ڪاوڙ لڳي ته ”مان جيئرو جاڳندو ويٺو آهيان، هاڻي کان ئي هن منهنجا ڳايل ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا آهن.“ فقير عبدالغفور سچل سائين جي عقيدت ۾ گيڙوءَ رنگ جو لباس پائڻ شروع ڪيو. سچل جو ڪلام سندس فقير ته ڳائيندا ئي هئا پر ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي سڀ کان اڳ فقير عبدالغفور ڳائڻ جي سعادت حاصل ڪئي.

    جڏهن آگسٽ 1955ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته فقير صاحب اتي ڳائڻ شروع ڪيو. ان وقت پروگرام سڌو سنئون نشر ٿيندا هئا، رڪارڊنگ جو سلسلو اڃا شروع نه ٿيو هو. ممتاز مرزا صاحب پنهنجي ڪتاب ”وساريان نه وسرن“ ۾ لکي ٿو ته ”سن 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته فقير به ٿوري ئي وقت کان پوءِ اچي ڳائڻ لڳو، ان زماني ۾ جيئن ته فقير ماچيس جي تار تي ڳائيندو هو، تنهن ڪري هن کي آسانيءَ سان پروگرام نه مليا. آواز جو امتحان ۽ سرتار جا معيار تمام سخت هئا، ڪنهن کيس صلاح ڏني ته ”يڪتارو ۽ چَپَرَ کڻ“.. فقير جي دل ۾ اها ڳالهه اصل ويهي وئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ماچيس مان جند آجي ڪري، يڪتاري ۽ پر تي ڳائڻ لڳو ۽ پوءِ اهي شيون ڄڻ ته سندس ذات جو حصو بڻجي ويون.“

    سنڌ جي مختلف درگاهن تي ”سُنگ“ ۾ ڳائڻ وارو انداز تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ صدين کان رائج آهي. سُنگ ۾ فقير هڪ ٽولي جي صورت ۾ گڏجي هڪ ڪلام ڳائيندا آهن. اهو ٽولو پنجن ڏهن يا انهن کان وڌيڪ فنڪارن جو ٿي سگهي ٿو. اٽڪل هر فنڪار جي هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙي هوندا آهن. اهو فقيراڻو انداز آهي. ان ۾ ضروري ناهي ته ٻيا ساز به شامل هجن. جڏهن ته جديد سُنگ ۾ ٻيا ساز به وڄايا وڃن ٿا. ان ٻڌڻ سان وجد طاري ٿي ويندو آهي. سُنگ ۾ گهڻي ڀاڱي صوفي بزرگن جو ڪلام ئي ڳايو وڃي ٿو. فقير گيڙو لباس پائيندا آهن. سُنگ واري انداز کي اڳتي وڌائڻ ۾ فقير عبدالغفور جو وڏو هٿ آهي. فقير صاحب ان انداز جي شروعات حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي 218 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ايڪيهين اپريل 1970ع کان ڪئي. فقير صاحب کي سنگ ۾ ممتاز مرزا صاحب ڳائرايو. ان کان پوءِ درگاهن کانسواءِ عام محفلن ۾ به اهو انداز وڻڻ لڳو.

    سنڌي راڳ جو اهو انداز نه رڳو پاڪستان ۾ بلڪه ٻاهرين دنيا ۾ به مقبول آهي. هتان اڪثر پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار انهن فقيرن کي ڏيساور موڪليندي رهندي آهي.

    فقير عبدالغفور ان انداز جو ماهر ۽ اڳواڻي ڪندڙ هو. فقير عبدالغفور گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ ڳائيندو هو. پر انهن ٻولين کانسواءِ اردو، پنجابي، فارسي ۽ گجراتيءَ ۾ به ڳايو اٿائين. هن شاهه رح، سچل رح، خواجه غلام فريد رح، بابا بُلي شاهه ۽ ٻين صوفين جو ڪلام گهڻو ڳايو آهي. هن فلم مٺڙا شال ملن جا نغما به ڳايا. جنهن ۾ شيخ اياز جو نغمو ””سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار“ تمام گهڻو مقبول ٿيو.

    فقير عبدالغفور آمريڪا، جپان، جرمنيءَ“ دبئيءَ وغيره ۾به فن جو مظاهرو ڪيو. هن جيڪي ڪافيون ڳايون انهن کي ٻين فنڪارن به ڳائي مقبوليت ماڻي. هن جي ڌنن تي پوري پاڪستان ۾ ڳايو وڃي ٿو.

    سندس مشهور ڳايل ڪجهه ڪلام هي آهن:

    ماهي يار دي گهوڙولي ڀردي هان (سچل رح)، جنهن دل پيتا عشق دا جام (سچل رح)، ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا (سچل رح)، گهوم چرخڙا سانئيان دا تيڏي وٽڻ والي جيوي (شاهه حسين)، ساڏي ويڙهي آيا ڪر يار صبح شام (بلي شاهه)، بار سوداگر لڏي گئي ني ساڏي دلڙي بيراڳڻ ڪر گئي ني (خواجه فريد) چلوري سيان چرچا ويکين (فقير قادر بخش بيدل)، لال موري پت رکيو ڀلا جهولي لالڻ.

    فقير عبدالغفور کي اڳتي آڻڻ ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري حميد آخوند جو به وڏو ڪردار آهي. فقير صاحب کي شاهه، سچل ۽ قلندر ايوارڊ کان سواءِ پاڪستان سرڪار 1967ع ۾ امتيازي تمغي سان به نوازيو. اهو پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندڙ کي ان اعزاز سان نوازيو ويو هو.

    فقير ٻه شاديون ڪيون، سندس اولاد ۾ سرور فقير به سندس رنگ ۾ ڳائي ٿو.

    ذوالفقار علي ڀٽو صاحب فقير کي گهڻو پسند ڪندو هو. ڀٽي صاحب کي راڻو ڏاڍو وڻندو هو. لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر جي افتتاح کان پوءِ رات جو سوا ٻي وڳي ڀٽي صاحب المرتضيٰ هائوس ۾ فقير عبدالغفور، بلاول بيلجيم ۽ مٺا خان زرداريءَ کي پنهنجي سيڪريٽريءَ عبدالوحيد ڪٽپر معرفت گهرائي فقير کان پهريان ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو“ ۽ پوءِ راڻو ٻڌو.

    فقير عبدالغفور ٻاويهين جولاءِ 1986ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس حيدرآباد ۾ سنڌ جي اڳوڻي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري ويجهو دفنايو ويو.

    _____________
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فقير عبدالغفور
    الستي آواز جو ڌڻي
    رکيل مورائي
    سنڌ جي صوفي راڳين ۾ فقير عبدالغفور ۽ ڍول فقير جو هڪ نرالو انداز آهي، راڳ ڳائڻ ۾. گهٽ ۾ گهٽ اسان جا موسيقيءَ جا ڄاڻو ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندا. اها ٻي ڳالهه آهي ته موسيقيءَ جا ڄاڻو، هنن روح سان راڳ ڳائيندڙ، ٻن فقيرن سان راڳ جي فني باريڪين جي حوالي ۾ وڌيڪ سختي ڪن ٿا، جيڪا نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته فقير عبدالغفور جو راڳ اهڙي سختيءَ کان الڳ آهي. يا چوڻ گهرجي ته صوفي راڳ جو هڪ پنهنجو رستو ۽ راهه آهي. اھو، فن جي ظاهري گهرجن کان وڌيڪ روح جي اڏام سان تعلق رکي ٿو. فقير عبدالغفور جو ڳايل راڳ، روح جو راز آهي، جنهن کي فقط رند پروڙي سگهن ٿا. موسيقيءَ جا ڄاڻو، هن سرمست ۽ الستي آواز جي مالڪ راڳيءَ سان، تنقيدي رويو رکندا ته پوءِ سندس ئي ڳايل مهدي سائين جي ڪافي ۾ انهن لاءِ هيءُ جواب هوندو ته: مهدي عليءَ جي صورت، ڪين مڃيندو منڪر!


    فقير عبدالغفور تي ۽ سندس الستي آواز ۾ ڳايل صوفي راڳ ۽ ان ۾ اوتيل سندس روح تي لکڻ لاءِ اندر جو اوجر ۽ روح جي پاڪائي ته گهرجي ئي گهرجي پر اها اندر جي سوجهه ٻوجهه به گهرجي، جيڪا سرمستن جي اندر ۾ موجود رهي ٿي. هن منزل تي ڪتابي علم، پنهنجو ڪارج ادا ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته هيءُ اهڙو راڳي آهي، جنهن کي روحاني طور ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽ اها اهڙي محسوسات آهي، جنهن کي فقط اندر ۾ ئي اوري سگهجي ٿو. ان جو اظهار نه ٿو ڪري سگهجي. اهو به اهڙيءَ طرح اظهار، جهڙيءَ طرح تڪ تور ڪجي ته اهو ممڪن نه ٿو بڻجي.
    فقير عبدالغفور جي ڳايل اڻ ڳڻين صوفي ڪافين ۽ ڪلامن ۾ سندس آواز جي هڪ اهڙي صدا آهي، جيڪا قدرت شايد هن فقير کي ئي عطا ڪئي هئي. ان جو مثال سندس ڳايل سچل سائين جي مشهور گهڙولي آهي. اڄ موسيقيءَ جا نقاد، مختلف صورتن ۾ ان کي ٻڌن ٿا، ان بابت ڳالهائين ٿا ۽ ان کي اڄ جي جديد موسيقيءَ جي دائري ۾ به آندو ويو آهي. ان کان اڳ ۾ اسان جي سنڌي راڳ جي نهايت اهم نالو، عابده پروين، ان کي پنهنجي سريلي آواز ۽ سڀني موسيقيءَ جي فني باريڪين سان ڳايو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته لاجواب ڳايو آهي. پر سچ اهو آهي ته ان ۾ فقير عبدالغفور وارو روح، ان جي سادگي ۽ ان جو وجدان نه آهي. ٻيو سڀ ڪجهه ڀلي هجي!
    فقير عبدالغفور حيدرآباد جهڙي هڪ اهم شهر ۾ ڄائو. حيدرآباد اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ سنڌ جو علم ۽ ادب، موسيقي ۽ ٻيا فن پليا ۽ نپنا، وڌيا ۽ ويجهيا آهن. حوالي لاءِ پڙهڻ گهرجن، ممتاز مرزا صاحب جا ٻه ڪتاب؛ ”سپيريان جي ڳالهڙي“ ۽ ”سدا سوئيٽا ڪاپڙي“.
    فقير عبدالغفور اهڙي دور ۾ اسريو آهي، جيڪو دور ريڊيو حيدرآباد جو سونهري دور ليکجي ٿو. سندس آس پاس، نه رڳو صوفي راڳ جا ڳائيندڙ ججهي انداز ۾ ملن ٿا، پر استاد منظور علي خان، محمد يوسف، سنگهار علي سليم ۽ وحيد علي جهڙا راڳي ملن ٿا. تنهن هوندي به فقير عبدالغفور جو انداز، نرالو محسوس ٿئي ٿو. هن جو لهجو پنهنجو نجو آهي، جنهن تي ڪنهن به لهجي جي ڇانو محسوس نه ٿئي ٿي. سندس ڪيتريون ئي ڪافيون ۽ ڪلام، ريڊيو تي اڳتي هلي ٽيلي ويزن تي سنڌي ماڻهن ٻڌا. ان کان سواءِ، سنڌ جي الڳ الڳ درگاهن تي، خاص طور ڀٽائيءَ جي عرس مبارڪ تي، هو ڳائيندو رهندو هو. سندس ڳائڻ، سنڌي ماڻهن جي روح تي سڌو اثر ڪندو هو. اهڙو يقينًا آهي، پر هڪ دور فقير عبدالغفور جو ٻيو به آهي، جيڪو هن کي هڪ نئين ۽ الڳ سڃاڻپ ڏئي ويو ۽ ان روپ سنڌ جي نئين نسل کي ايترو ته موهيو جو فقير عبدالغفور نئين نسل جو من پسند راڳي بڻجي پيو. سندس اهو روپ هئو، سنڌ جي هڪ قومي راڳيءَ وارو. فقير عبدالغفور جڏهن سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جي مشهور وائي؛

    سنڌڙيءَ تي سير ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار .!

    ڳائي ته سنڌ جو نئون نسل جهومي اٿيو. سنڌ جا تعليمي ادارا، سندس فقيراڻي آواز سان گونجڻ لڳا. انهن ادارن ۾ پڙهندڙ نوجوان، ان وائيءَ تي پتگن وانگر پچڻ لڳا ۽ فقير عبدالغفور سنڌ جي آڪاس تي اڏڻ لڳو. اهو دور، سنڌ جي سياست جو عجيب دور هو. هڪ پاسي ڀٽي صاحب جي پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هئي، ٻئي پاسي قومي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي. اهڙي ماحول ۾، اياز جي وائيءَ کي فقير عبدالغفور جو الستي ۽ پڙاڏو ڪندڙ آواز مليو ته سچ پچ جهوناڳڙهه جُهرندي محسوس ٿيندو هو. ان ئي دور جو هڪ واقعو، ممتاز مرزا صاحب پنهنجي ڪتاب ”وساريان نه وسرن“ ۾ لکيو آهي ته؛ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار جي ٻئي ڏينهن تي المرتضيٰ هائوس ۾ جڏهن مهمان وڃي آرامي ٿيا، ته سرمستيءُ جي موڊ ۾ آڌي رات جو ڀٽي صاحب فقير عبدالغفور کي سڏرائي چيو ته؛ ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو! ٻڌاءِ!“ جڏهن فقير ڳايو ته ڪيئي روح ريج ٿي ويا. فقير عبدالغفور اياز جي وائيءَ کي جنهن وجدان سان ڳايو، اهو معجزو ته نه هئو پر ان جهڙو ئي ڪو عمل هو. ساڳي وائي جڏهن، فلم مٺڙا شال ملن ۾ آندي وئي ته سينيمائن جا هال رقص گهر بڻجي ويا. جڏهن اهو ڪلام هلندو هو ته ڪو ماڻهو ويهي نه سگهندو هو، سڀ نچڻ لڳندا هئا. جڏهن عبدالغفور وائي جي سٽ؛

    ”جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي، ڪرندا ڪنڌ هزار او يار!“

    ڪڙڪيدار آلاپ ۾ اچاريندو هو ته محسوس ٿيندو هو؛ اسين ڪنهن وڏي جنگ جي ميدان ۾ بيٺا آهيون ۽ فقير عبدالغفور اسان جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. فقير عبدالغفور جي آواز جي صدا ته اڳتي هلي پوري ٿي. ۱۹۸۳ع جي تحريڪ ۾ ڪيترا ئي ڪنڌ ڪريا، پر ڀٽائيءَ جي ڀونءِ جو ڀرجهلو ڪو به ڪو نه ٿيو. فقير جو آواز رڻ ۾ رڃ بڻجي رهجي ويو. پر ڪروڙين روحن ۾ اڄ به زنده آهي، جڏهن ته فقير صاحب پاڻ ٻاويهين جولاءِ ۱۹۸۶ع تي، پنهنجي لافاني آواز سميت هن ڀٽائيءَ جي ڀونءِ ۾ سدائين لاءِ سمهي پيو ۽ بس!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي درگاهه صوفي راڳين جي اها نرسري آهي، جتان سُر تي سِرُ ڏيندڙ راڳي پئدا ٿيا ، جن سڄي سنڌ کي پنهنجي راڳ جي الاپ ۾ قيد ڪري ڇڏيو. هي سر ئي هو جنهن جي سين تي سوين سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. انهن صوفي منش راڳين ۾ فقير عبدالغفور جو ڳاڻيٽو به ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي ننڍي ڄمار کان وٺي سچل جي درگاهه تي صوفي راڳين کي ڪن ڏئي سندن الاپ کي ٻڌندو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو