دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت پاران ڪتابي سلسلي جي شروعات ۾ انٽرنيٽ تي ٻين دوستن پاران اپلوڊ ڪيل ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪرڻ کانپوء ٻئي مرحلي ۾ اسان سنڌ سلامت جي دوستن پاران ڪمپوز ڪيل ڪتاب سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ڪري رهيا آهيون۔
ان سلسلي جو هي ٽيون ڪتاب ”اداس شام جو پهر ۔۔۔۔ “ جيڪو پياري شاعر محترم سيال حيات جي خوبصورت شاعريء جي ڊزائن ڪيل ڪمپوزنگ ۾ اسان جي مانواري ميمبر ۽ دوست اسد علي سيال جي ڪاوشن سان اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون۔ محترم سيال حيات سنڌ جو بهترين شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار آهي پر وسائل نه هجڻ سبب هو مٿي اڀري ڪونه سگهيو ۽ کيس اها پذيرائي ڪانه ملي۔سندس لازوال شاعري خاص ڪري غزل تمام گهڻو وڻندڙ آهن۔ سندس هڪ غزل پيش آهي:

پئي سمنڊ ڀريا سڏڪا ۽ چنڊ ڏنو روئي،
يادن جا مليا تحفا ۽ چنڊ ڏنو روئي .
هڪ چنچل چاهت جي چادر ٿي چهاڙيون وئي،
سپنا ٿي ويا صحرا ۽ چنڊ ڏنو روئي .
ڪنهن واءَ وفائن کي ڪک پن جيئن اڏاريو هو،
وکري ويا سڀئي سپنا ۽ چنڊ ڏنو روئي .
محبوب ميارن جا تو مينهن وسايا پئي،
اکڙين مان ڪريا الڪا ۽ چنڊ ڏنو روئي .
لفظن کي تقدس کي ڪا باهه وڪوڙي وئي،
پئي سيال جليا جذبا ۽ چنڊ ڏنو روئي .