مائي ڀاڳي - ٿر جي ڪويل (سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    مائي ڀاڳي - ٿر جي ڪويل (سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    تحرير : محمد سليمان وساڻ

    [JUSTIFY]اڄوڪو ڏينهن 7 جولاء سنڌ جي عظيم لوڪ فنڪاره جيڪا ٿر جي ڪوئل جي نالي سان مشهور هئي مائي ڀاڳيء جي ورسيء جو ڏينهن آهي. سنڌ سلامت پاران سنڌ جي هن سريلي ڳائڻي کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

    ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم ڏينھن جي سختين سامھون اڏول رات جي ٿڌڪار ۾ ڏھرن ۽ ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي ھٿ رکي ڪڏھن ٽيجون الاپين ته ڪڏھن ورساڙو ۽ ڪجلئي ٻول جا چئي پنھنجي اميدن ۽ آسن کي مظبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساھڻ جون تياريون ڪن. زندگي نھايت سخت آھي تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪھڙو مقابلي لاءِ ھر وقت موجود آھي ان ۾ زندگي کي ڏورڻ ۽ ان جي مشڪلن کي مڙس ٿي مقابل ٿيڻ جو احساس شامل آھي ۽ اھوجذبول تڏھن وڌيڪ وڻندڙ ۽ ھانو کي ٺاريندڙ لڳندو آھي جڏھن ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پر انھين ڀٽن مان ڪوئل جي ڪوڪ وانگر ڪو اوچتو آواز اسرندو ھو ۽ اھو ڏھرن توڙي ڀٽن کي پنھنجن سرن ۾ سمائي سرھو ڪري ڇڏيندو هو.

    ”تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻارو چل ٻارو چل پئي ڪري، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري“

    مائي ڀاڳي 1920 ع ڌاري ٿر ۾ مٺي ڀرسان هڪ ننڍي شهر ۾ جنم ورتو. مائي ڀاڳي شروع ۾ پنهنجي ماء سان ڳوٺ جي ننڍين ننڍين محفلن، ۽ شادين ۾ ڳائيندي هئي. شڪل جي ڪوجھي ۽قد جي ننڍڙي ڪن تي ھٿ رکي ڳائيندي ھئي. سندس اصل نالو هو ڀاڳ ڀري، پر پوء سندس نالو مائي ڀاڳي سان مشهور ٿيو. پر جيئن جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن تيئن لوڪ گيت ياد ڪري پاڻ اڪيلي سر ڳائڻ لڳي، ماڻهو ڀاڳ ڀريءَ جي ڳائڻ کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا، سندس آواز ۾ ڏاڍو ميٺاج هو، جڏهن جهونگاريندي هئي ته ڪنهن ڪوئل جهڙو سوز ڏسبو هو. ڀاڳ ڀري گهٽ ڳالهائڻي هئي، اڪثر خاموش ويٺي هوندي هئي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنهائي ۾ ويهي چپ چوريندي هئي. ڀاڳ ڀريءَ کي پنهنجي ٿر سان ڏاڍو پيار هو.سدائين ٿري گيت ڳائيندي هئي.

    ان سال مارئي جي ميلي ۾ ڀاڳ ڀري به سنبري ميلي ۾ ڳائڻ لاءِ، هي 1967ع جو زمانو هو، ڀاڳ ڀري ميلي ۾ پهتي ڪيترا ٻيا به لوڪ فنڪار آيل هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروڊيوسر شيخ غلام حسين ۽ ممتاز مرزا به مارئي جي ميلي تي ريڊيو لاءِ گيت رڪارڊ ڪرڻ لاءِ آيو هو. جڏهن ڀاڳ ڀري آئي ۽ پنهنجو گيت شروع ڪيائين ته پروڊيوسر شيخ غلام حسين گيت ڳائڻ واري ان ٿري مائيءَ کي ڏسڻ لڳو، جيڪا پنهنجي گيت ۾ ٻڌندڙن کي موهت ڪري چڪي هئي، هن سادي پوشاڪ پهريل ڀاڳ ڀريءَ کي ڪجهه لمحا غور سان ڏٺو ۽ وري رڪارڊنگ ۾ لڳي ويو. جڏهن ڀاڳ ڀري ڳائي اسٽيج تان هيٺ لهي آئي ته شيخ غلام حسين هن ڏانهن ويو ۽ کيس چيائين! مائي ڀاڳ ڀري تنهنجو آواز ته ڏاڍو مٺو آهي، ريڊيو تي ڳائيندينءَ؟ ڀاڳ ڀريءَ اڌ منهن کي پوتيءَ سان لڪائيندي شرمائي چيو! ”نه ڪو! آئون هتي ئي ڳايان“ شيخ صاحب چيو! پر مان چاهيان ٿو ته تنهنجو هي سريلو آواز سنڌ جي هوائن ۾ گونجي، پوري سنڌ ٻڌي! ڀاڳ ڀري: مون کي سڻندي سنڌ! ريڊي (ريڊيو) تي! نه ڪو! آئون ڪونه وڃان شيخ غلام حسين: ڏس جڏهن تون ڳائيندينءَ ته ماڻهو ٻڌندا، تڏهن توکي خبر پوندي ته تنهنجي آواز ۾ ڪيترو سوز آ. پوءِ ڏسجانءِ ته سنڌ توکي ڪيئن ٿي ٻڌي. شيخ صاحب ڪيتري دير تائين کيس ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ آماده ڪندو رهيو پر هوءَ ويچاري ايتري ته سادي هئي جو کيس اعتبار ئي ڪونه پئي آيو ته هوءَ ريڊيو تي ڳائي سگهي ٿي ۽ ماڻهو کيس پسند ڪري سگهن ٿا. شيخ غلام حسين کيس مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ڀاڳ ڀري مسلسل انڪار ڪندي رهي. وڏي مشڪل سان هوء ريڊيو تي ائڻ لاء تيار ٿي ۽ سندس پهريون ڪلام “تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻارو چل ٻارو چل پئي ڪري، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري“ جڏهن ريڊيو تان نشر ٿيو ته مائي ڀاڳي جي اوج جو چنڊ آسمان تي چوڏھين جيان چمڪڻ لڳو سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ ڄڻ ته مڪمل طور تي انقلاب اچي ويو، ان ڪلام مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. مرحوم عبدالڪريم بلوچ کيس ٽي وي تي متعارف ڪرايو جتي هن پهريون ڪلام ”کڙي نيم ڪي نيچي“ رڪارڊ ڪرايو جيڪو اڄ به اوتروئي مشهور آهي۔

    مائي ڀاڳي به پنھنجي جواني گذاري حياتي جي پوئين پھر ۾ سنڌ جي راڳ جي آسمان تي اڀري اھو بنھه نئون ۽ اثرائتو انداز ھو، آواز ايڏو مٺڙو جو ماڻھونان جي جادو ۾ اصل گم ٿي ويا. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪا اھڙي محفل ڪانه ھوندي ھئي جنھن ۾ مائي ڀاڳي شامل نه ٿيندي ھئي. جڏھن ھو اسٽيج تي ايندي ھئي ته ماڻھو جنون جي ڪيفيت۾ تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪندا ھئا ڪيترن موقعن تي ائين به ٿيو ته ماڻھو مائي ڀاڳي کي اٿڻ نه ڏيندا ھئا ھڪ ڪلام کان پوءِ ٻيون ٽيون چوٿون بس گيتن جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويندو ھو.

    اوچتو مائي ڀاڳي تي اڌرنگ جو حملو ٿيو ھلڻ کان حيران ٿي پئي پر ڀٽ شاه تي يا ثقافت کاتي جي ڪنھن سڏ تي پاڻ کڻائي اچي پھچندي ھئي. انهن ڏينهن ۾ سندس ڀٽائيء تي چيل ڪلام “ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور، منهنجون تو پڄايون” گهڻو مشهور ٿيو. سندس آواز ۽ ڪلامن ٻڌندڙن جي رويي ۾ وڏي تبديلي آندي ڪيترن شاعرن ته سندس چيل طرزن تي شعر چيا ۽ وڏن وڏن ڳائڻن انھن ڪلامن کي مائي ڀاڳي جي طرز تي ڳايو ۽ مقبول ڪرايو ھن پنھنجي مختصر فني زندگي ۾ انھي شھرت جي ڪڏھن پرواه نه ڪئي، پنھنجي فقيراڻي رنگ کي ترڪ نه ڪيو. پيرن فقيرن سان عقيدت ھئس سمن شاھه جي مريد ھئي اڌ رنگ جي حملي کان پوءِ نھايت جذباتي شعر پاڻ چئي ڳايائين ته:

    سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي
    گهڙا ڀريندس دل سان ........

    مائي ڀاڳي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر بلڪه پاڪستان کان به ٻاهر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. سندس زندگي کان متاثر ٿي محترم عبدالقادر جوڻيجي هڪ ڊرامو ڪاروان پڻ لکيو هو جيڪو پي ٽي وي تي هلي چڪو آهي. مائي ڀاڳي 7 جولاء 1986ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو۔

    سندس مشهور لوڪ گيتن مان ڪجهه هي آهن جيڪي گهڻو مشهور ٿيا:

    1۔ تارن مان ترندي اچي
    2۔ ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور
    3۔ کڙي نيم ڪي نيچي
    4۔ جوڳي ٿي مان مرليون وڄايان
    5۔ ڀينر منهنجا هجن حيات
    6۔ ڌارين منجه آيس الا
    7۔ ڀينر منهنجو ٻاروچو آيو الا
    8۔ سمن سائين مان ته گولي

    سنڌي لوڪ سنگيت جو ھيءُ نھايت معصوم ۽ سريلو آواز اسان جي ٿر جي ڏھرن ۽ ڀٽن مان اسريو ۽ سنڌ جي سمورن ميدانن ۾ ڇانئجي ويو. سنڌ جي ماڻھن ھن آواز سان عشق ڪيو، ۽ کيس ايڏي شھرت ڏنائون جو ايتري ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ٻي ڪنھن آواز کي نه ملي. پاڪستان جي حڪومت سندس فن جي اعتراف ۾ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو انکانسواء کيس شهباز ايوارڊ، لطيف ايورڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ پڻ مليا. ھيءُ چنڊ جيئن آسمان تي اوچتو چڙھيو، تيئن ھڪ ڏينھن ماٺ ميٺ ۾ لھي به ويو سڄي سنڌ کيس رنو ۽ ياد ڪيو، سندس آواز ۽ صورت اسان وٽ محفوظ آھي.جڏن به سندس آواز ڪنن ۾ ٻرندو ته سنڌ وارا ھن امر آواز کي سڪ سان سڻي سھڻن لفظن ۾ مائي ڀاڳي کي ياد ڪندا رھندا.

    حواله:
    وساريان نه وسرن (ليکڪ : ممتاز مرزا)
    سنڌي ثقافت جا امر آواز (ليکڪ : ڪمال ڄامڙو)
    [/JUSTIFY]





     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مائي ڀاڳي - ٿر جي ڪويل (سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    مائي ڀاڳيءَ جا گيت ان زماني ۾ جڏهن ريڊيو اسانجي گهرن ۾ ساڳي جڳهه رکندو هو جيڪا اڄ ٽي ويءَ کي آهي ... ان زماني ۾ مائيءَ ڀاڳيءَ جو سريلا آواز ۽ حب الوطنيءَ جا ٻول ٻڌي صبح ٿيندي هئي ... محترمه مائي ڀاڳيءَ جا سڀ اهي گيت جيڪي هن سڪ ۽ اڪير مان لطيف جون وايون، ڳايون سي وايون اڄ به اسانجي زبانن تي ماءُ جي لوريءَ جيئان اچن ٿيون ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ جي هن عظيم ڳائڻيءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ... آمين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تارن مان ترندي اچي​
    دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري​
    سنڌ جي ڪويل ۽ سدا حيات آواز مائي ڀاڳي جي اڄ 26هين ورسي ملهائي پئي وڃي۔ سنڌ سلامت پاران کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Javed Hussain

    Javed Hussain
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2012
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Hyderabad, Sindh
    مائي ڀاڳي . هڪ سريلو آواز. هن ملڪ جو هي الميو آهي جو ن جيئري قدر ڪيو وڃي ٿو ن وفا ت کان پوء .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,755
    ورتل پسنديدگيون:
    2,731
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    گِيت ڪڏھن پوڙھا ناھن ٿيندا“
    بيشڪ! ڪنھن جي جادوئي ڳلي مان نڪتل پيار ڀريا گيت ڪيئي سال لنگھي وڃڻ باوجود به جڏھن ٻڌبا آھن، ته اُھي بلڪل تازا ۽ جوان محسُوس ٿيندا آھن.


    وارياسي پَٽ، صحراءِ ٿر جي سدا حيات آواز، مائي ڀاڳيءَ جا گيت به جڏھن ڪنن جا ڪَپ ڪَنائيندا آھن، تڏھن رُوح کي راحت ملندي آھي. سنڌ کي سُريلا گيت اَرپيندڙ مائي ڀاڳيءَ هڪ امر ڳائڻي هئي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Javed Hussain

    Javed Hussain
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 جولائي 2012
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Hyderabad, Sindh
    بيشڪ عرس صاحب توهان صحيح پيا چئو .
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه هلال پاڪستان پاران اڄوڪي ايڊيشن ۾ شامل ڪيل ليک​
    [​IMG]
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,284
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٿر جي پهرين ڳائڻي” مائي ڀاڳي“ ”ٿر جي”ڪوئل“ جو لقب ما!ڻيندڙ
    تحقيق ڪندڙ؛ عبدالرزاق ميمڻ

    ٿر جي شهر مٺيءَ ۽ ڏيپلي ڀرسان 1920ع جنهن” ٿر جي ڪوئل“ جنم ورتو اُها هُئي اڄوڪي ”مائي ڀاڳي“، جنهن جو اصل نالو هو ” ڀاڳ ڀري“ سندس ماءُ جو نالو ”مائي ڪسي ۽ سندس پيءُ جو نالو وهنيون فقير هو، وهنيون فقير ذات جو مڱڻهار هو ۽ اهڙيءَ طرح مائي ڀاڳيءَ کي به ڳائڻ ورثي ۾ مليو هو ۽ ننڍ پڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو هُئائين. ”هوتي فقير“ سنس مُڙس هو. مائي ڀاڳي جڏنهن ڏهن ٻارهن سالن جي اچي ٿي ته کيس چمڙي جي هڪ بيماري اچي لڳي، جنهن سندس مُنهن ۽ اکين تي خراب اثر ڇڏيا، جيڪي غربت سبب بروقت علاج نه ڪرائڻ ڪري هميشه لاءِ پڪا ٿي ويا.

    مائي ڀاڳي بنيادي طور تي لوڪ گيتن جي ڳائڻي هُئي، کيس ورثي ۾ جيترا به لوڪ گيت مليا هن اُنهن کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳايو. پاڻ شاعره به هُئي تنهنڪري هن انهن لوڪ گيتن ۾ شاعريءَ مطابق بهترين ۽ نواڻ آندي ۽ نوان بند ڳڍيندي هُئي. هو جيڪي لوڪ گيت ڳائيندي هُئي سي گھڻي ڀاڱي سندس ئي لکيل هوندا هُوا پر پاڻ ٻين قديم ۽ جديد شاعرن کي به ڳايائين جهڙوڪ شاه عبداللطيف، حمل فقير، مصري شاه، شيرل فقير، بُلي شاه، عباس علي وغيره.

    مائي ڀاڳي اُستاد جمن جي گائڪيءَ کي ڏاڍو پسند ڪندي هُئي، ۽ استاد جُمن کي ٻوڌڻ وقت سندس اکين مان لُڙڪ لڙي پوندا هُئا، خاص ڪري سسئيءَ ۽ مارئيءَ جي سُرن کي ڳائيندو ٻُڌي. هن جي فقير گھراڻي سنڌي موسيقيءَ جي تمام گھڻي خدمت ڪئي ۽ حون ٿر جي لوڪ شاعريءَ وسيلي ٿر جي ماڻهن جو پيغام سڄي دُنيا کي پُهچايو ۽ ٿر جي لوڪ موسيقِيءَ کين موهي وڌو. هن جي ٿر جي ڪيترن ئي ڌُنن تي سنڌيءَ کان علاوه ٻين زبانن ۾ شاعريءَ کي ڪمپوز ڪيو ويو.

    مائي ڀاڳي ٿر جي ٻولين ڍاٽڪي ۽ مارواڙيءَ کان علاوه سنڌيءَ ۽ سرائڪي ۾ به جام ڳايو ۽ هن جو مشهور سنڌي جيڪو هن پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪرايو اُهو هو ” تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇُلندي اچي، دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري“ ۽ ٻيو هو ” مُرليءَ واري من موهيو ڙي الا

    ٿر سنڌ جو اُهو علائقو آهي جيڪو ڏُڪار ۽ خوشحاليءَ سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، سُڪار ۾ ٿر سر سبز هُجڻ ڪري، هي علائقو گھمڻ وٽان اهي، ۽ ان کي ڏسڻ لاِءِ ماڻهو پري پري کان ڪهي ايندا آهن. جڏنهن ته ڏڪار ، ماڻهن توڙي جانورن لاءِ جوکو بڻجي کين ٿر ڇڏڻ تي مجبور ڪندو آهي. اها ڪهاوت ته ” وَسي ته ٿرُ، نه ته بَرُ ئي بَرُ“ شايد اُنهيءَ ڪري ئي چئي وڃي ٿي، ڇو جو ويچارن ٿرين جو گُذاري جو دارومدار وسڪاري تي ئي ٿئي ٿو.

    ٿر جي سڃاڻپ ۾ اُتان جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ جو به اهم ڪردار آهي، ٿر جو لباس، اُتي جا لوڪ گيتَ ثر جي سونهن ۾ سامل آهن، جڏنهن به ٿر جو ذڪر نڪرندو آهي ته اکين اڳيان مائي ڀاڳيءَ جا لوڪ گيت ايندا آهن ۽ ڪنن ۾گونجڻ لڳندا آهن. ٿر جا لوڪ گيت ڪي اڄوڪا ناهن، انهن کي صدين کان ڳايو پيو وڃي ۽ اُهي صرف ٿر يا سنڌ جي ٻين علائقن جي سڃاڻپ هُئا پر ان جي نواڻ اها آهي ته اها مائي ڀاڳي ئي هُئي جنهن ٿر جي انهن لوڪ گيتن کي دُنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ڳائي پُهچايو ۽ جڏنهن ٿر کان ٻاهر نڪتي ته پوري دنيا ۾ پاڻ کي مڃارائي ورتائين ۽ ايتري مقبوليت ماڻيائين جو ٿر سندس سڃاڻپ ته هو پر پوءِ هوءَ ٿر جي سڃانپ بڻجي وئي. اهوئي سبب آهي جو کيس ”ٿر جي ڪوئل“ جو لقب ڏنو ويو.

    مائي ڀاڳي پهريائين پنهنجي ماءُ سان ميلن، ملاکڙن، شادين مُرادين ۽ ٻين خوشيءَ جي تقريبن ۾ گڏجي ڳائيند هُئي، ساڻس گڏ ”مُراد فقير“ به ڳائيندو هو ۽ مائي ڀاڳيءَ ڪُجھه اُن کان به سکيو هو. هڪ ڏينهن يعني 1967ع ۾ جڏنهن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد جو ناميارو پروڊيوسر مرحوم شيخ غلام حُسين مارئيءَ جي ڳوٺ ڀالوا ۾ لڳل مارئي جي ميلي جي ڪوريج لاِءِ ويو ته هُن اُتي مائي ڀاڳيءَ جو سُريلو آواز ٻوڌي ريڊئي تي ڳائڻ جو چيائين. مائي ڀاڳي بلڪل نه مڃيو پر پوءِ هو کيس ريجھائي ريجھائي ريڊئي تي وٺي آيو. ريڊئي تي اچڻ کان اڳ مائي ڀاڳيءَ کي سُرن ۽ تار جي خبر به نه هوندي هُئي ۽ پوءِ ريڊئي جي موسيقارن کان سکيائين. کيس جيئن ته ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، هُوءَ ان ڪري اسٽوڊيوءَ ۾ اٺ اٺ ڪلاڪ ويهي ڳائيند هُئي. ريڊئي تي به ڪئي اهڙا لوڪ گيت آهن جيڪي مائي ڀاڳي ۽ مُراد فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيا ويا.

    مائي ڀاڳي تمام گھڻي سادي هُئي، چون ٿا ته ايتري سادي جو کيس پنسه به ڳڻڻ ڪون ايندا هُئا. جڏنهن ڳائڻ ۾ مشهور ٿي وئي ته شيخ صاحب کي ڪڏنهن ڪڏنهن روئي روئي چوندي هُئي ته” تون کيس ٿر مان ڇو وٺي آئين، ، مان اُتي چڱي هُيس، اسان مارو ماڻهن کي مشهوري ڪا نه گھُرجي“ ٿر مان نڪرڻ کان پوءِ مائي ڀاڳي ريڊئي کان علاوه، سنڌ جي مختلف بُزرگن جي درگاهُن تي به فن جو مُظاهرو ڪندي هُئي، کيس صوفي بزرگن سان ڪافي عقيدت هوندي هُئي، جن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لال شهباز، ۽ پنگرئي ،ضلعي بدين جو بزرگ سمن سائين خاص ذڪر لائق آهن. انهن جي عُرسن تي ڳائڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجھندي هُئي. هن جي گائڪيون هي آهن ” ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نُور، مُهنجيون تو پُڄايون، مُهنجون تو پُڄايون، مَنَ جون مُرادون، دل جون اُميدون“ ۽ ” سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي، مَٽيون ڀرينديس من سان، دلا ڀريبيس دل سان

    کيس ٽي وي تي مرحوم عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو هو،هن سنڌ کان سواءِ پاڪستان جي ٻين شهرن ۽ ٻاهرين مُلڪن ۾ به ٿر جي راڳ کي پنهنجي مٺڙي آواز ذريعي گونجايو ۽ پنهنجي اولاد کي به پنهنجي فن مان ونڊ ڏنو. سنس پُٽ ڪالو فقير، ڌيءَ مائي سوني ۽ پوٽو برڪت علي ولد ڪالو به سُريلا ڳائڻا آهن. کيس گھڻائي مڃتا ايوارڊ به مليا جنهن ۾ پاڪستان سرڪار طرفان تمغي ءِ حوسن ايوارڊ، شاه لطييف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ سر فهرست آهن. هن ٿر جي ثقافت کي روشن رکي، دُنيا کي ڪيترائئ سنڌي، سرائڪي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي گيت ڏن پر جڏنهن هوءَ آخري ڏينهن ۾ بيمار ٿي پئي ته ڪنهن به سندس علاج ۾ صحيح مدد نه ڪئي ۽ انهيءَ بيماريءَ وگھي ئي هوءَ 7 جولاءِ 1986ع تي اسان کان جُدا ٿي وئي. انا لا الله وانا اليه راجعون. بيشڪ آئون الله لاءِ ئي آهيان ۽ بيشڪ هر وُجود رکندندڙ شي کي اُن طرف ئي موٽڻو اهي.
    [​IMG]
     
  9. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    886
    ورتل پسنديدگيون:
    1,977
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    7 جولاءَ تي ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳي جي 28 ورسي ملهائي پئي وڃي
    ٿر جي شهر مٺيءَ ۽ ڏيپلي ڀرسان 1920ع جنهن” ٿر جي ڪوئل“ جنم ورتو اُها هُئي اڄوڪي ”مائي ڀاڳي“، جنهن جو اصل نالو هو ” ڀاڳ ڀري“ سندس ماءُ جو نالو ”مائي ڪسي ۽ سندس پيءُ جو نالو وهنيون فقير هو، وهنيون فقير ذات جو مڱڻهار هو ۽ اهڙيءَ طرح مائي ڀاڳيءَ کي به ڳائڻ ورثي ۾ مليو هو ۽ ننڍ پڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو هُئائين. ”هوتي فقير“ سنس مُڙس هو. مائي ڀاڳي جڏنهن ڏهن ٻارهن سالن جي اچي ٿي ته کيس چمڙي جي هڪ بيماري اچي لڳي، جنهن سندس مُنهن ۽ اکين تي خراب اثر ڇڏيا، جيڪي غربت سبب بروقت علاج نه ڪرائڻ ڪري هميشه لاءِ پڪا ٿي ويا.

    مائي ڀاڳي بنيادي طور تي لوڪ گيتن جي ڳائڻي هُئي، کيس ورثي ۾ جيترا به لوڪ گيت مليا هن اُنهن کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳايو. پاڻ شاعره به هُئي تنهنڪري هن انهن لوڪ گيتن ۾ شاعريءَ مطابق بهترين ۽ نواڻ آندي ۽ نوان بند ڳڍيندي هُئي. هو جيڪي لوڪ گيت ڳائيندي هُئي سي گھڻي ڀاڱي سندس ئي لکيل هوندا هُوا پر پاڻ ٻين قديم ۽ جديد شاعرن کي به ڳايائين جهڙوڪ شاه عبداللطيف، حمل فقير، مصري شاه، شيرل فقير، بُلي شاه، عباس علي وغيره.

    مائي ڀاڳي اُستاد جمن جي گائڪيءَ کي ڏاڍو پسند ڪندي هُئي، ۽ استاد جُمن کي ٻوڌڻ وقت سندس اکين مان لُڙڪ لڙي پوندا هُئا، خاص ڪري سسئيءَ ۽ مارئيءَ جي سُرن کي ڳائيندو ٻُڌي. هن جي فقير گھراڻي سنڌي موسيقيءَ جي تمام گھڻي خدمت ڪئي ۽ حون ٿر جي لوڪ شاعريءَ وسيلي ٿر جي ماڻهن جو پيغام سڄي دُنيا کي پُهچايو ۽ ٿر جي لوڪ موسيقِيءَ کين موهي وڌو. هن جي ٿر جي ڪيترن ئي ڌُنن تي سنڌيءَ کان علاوه ٻين زبانن ۾ شاعريءَ کي ڪمپوز ڪيو ويو.

    مائي ڀاڳي ٿر جي ٻولين ڍاٽڪي ۽ مارواڙيءَ کان علاوه سنڌيءَ ۽ سرائڪي ۾ به جام ڳايو ۽ هن جو مشهور سنڌي جيڪو هن پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪرايو اُهو هو ” تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇُلندي اچي، دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري“ ۽ ٻيو هو ” مُرليءَ واري من موهيو ڙي الا“

    ٿر سنڌ جو اُهو علائقو آهي جيڪو ڏُڪار ۽ خوشحاليءَ سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، سُڪار ۾ ٿر سر سبز هُجڻ ڪري، هي علائقو گھمڻ وٽان اهي، ۽ ان کي ڏسڻ لاِءِ ماڻهو پري پري کان ڪهي ايندا آهن. جڏنهن ته ڏڪار ، ماڻهن توڙي جانورن لاءِ جوکو بڻجي کين ٿر ڇڏڻ تي مجبور ڪندو آهي. اها ڪهاوت ته ” وَسي ته ٿرُ، نه ته بَرُ ئي بَرُ“ شايد اُنهيءَ ڪري ئي چئي وڃي ٿي، ڇو جو ويچارن ٿرين جو گُذاري جو دارومدار وسڪاري تي ئي ٿئي ٿو.

    ٿر جي سڃاڻپ ۾ اُتان جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ جو به اهم ڪردار آهي، ٿر جو لباس، اُتي جا لوڪ گيتَ ثر جي سونهن ۾ سامل آهن، جڏنهن به ٿر جو ذڪر نڪرندو آهي ته اکين اڳيان مائي ڀاڳيءَ جا لوڪ گيت ايندا آهن ۽ ڪنن ۾گونجڻ لڳندا آهن. ٿر جا لوڪ گيت ڪي اڄوڪا ناهن، انهن کي صدين کان ڳايو پيو وڃي ۽ اُهي صرف ٿر يا سنڌ جي ٻين علائقن جي سڃاڻپ هُئا پر ان جي نواڻ اها آهي ته اها مائي ڀاڳي ئي هُئي جنهن ٿر جي انهن لوڪ گيتن کي دُنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ڳائي پُهچايو ۽ جڏنهن ٿر کان ٻاهر نڪتي ته پوري دنيا ۾ پاڻ کي مڃارائي ورتائين ۽ ايتري مقبوليت ماڻيائين جو ٿر سندس سڃاڻپ ته هو پر پوءِ هوءَ ٿر جي سڃانپ بڻجي وئي. اهوئي سبب آهي جو کيس ”ٿر جي ڪوئل“ جو لقب ڏنو ويو.

    مائي ڀاڳي پهريائين پنهنجي ماءُ سان ميلن، ملاکڙن، شادين مُرادين ۽ ٻين خوشيءَ جي تقريبن ۾ گڏجي ڳائيند هُئي، ساڻس گڏ ”مُراد فقير“ به ڳائيندو هو ۽ مائي ڀاڳيءَ ڪُجھه اُن کان به سکيو هو. هڪ ڏينهن يعني 1967ع ۾ جڏنهن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد جو ناميارو پروڊيوسر مرحوم شيخ غلام حُسين مارئيءَ جي ڳوٺ ڀالوا ۾ لڳل مارئي جي ميلي جي ڪوريج لاِءِ ويو ته هُن اُتي مائي ڀاڳيءَ جو سُريلو آواز ٻوڌي ريڊئي تي ڳائڻ جو چيائين. مائي ڀاڳي بلڪل نه مڃيو پر پوءِ هو کيس ريجھائي ريجھائي ريڊئي تي وٺي آيو. ريڊئي تي اچڻ کان اڳ مائي ڀاڳيءَ کي سُرن ۽ تار جي خبر به نه هوندي هُئي ۽ پوءِ ريڊئي جي موسيقارن کان سکيائين. کيس جيئن ته ڳائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، هُوءَ ان ڪري اسٽوڊيوءَ ۾ اٺ اٺ ڪلاڪ ويهي ڳائيند هُئي. ريڊئي تي به ڪئي اهڙا لوڪ گيت آهن جيڪي مائي ڀاڳي ۽ مُراد فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيا ويا.

    مائي ڀاڳي تمام گھڻي سادي هُئي، چون ٿا ته ايتري سادي جو کيس پنسه به ڳڻڻ ڪون ايندا هُئا. جڏنهن ڳائڻ ۾ مشهور ٿي وئي ته شيخ صاحب کي ڪڏنهن ڪڏنهن روئي روئي چوندي هُئي ته” تون کيس ٿر مان ڇو وٺي آئين، ، مان اُتي چڱي هُيس، اسان مارو ماڻهن کي مشهوري ڪا نه گھُرجي“ ٿر مان نڪرڻ کان پوءِ مائي ڀاڳي ريڊئي کان علاوه، سنڌ جي مختلف بُزرگن جي درگاهُن تي به فن جو مُظاهرو ڪندي هُئي، کيس صوفي بزرگن سان ڪافي عقيدت هوندي هُئي، جن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لال شهباز، ۽ پنگرئي ،ضلعي بدين جو بزرگ سمن سائين خاص ذڪر لائق آهن. انهن جي عُرسن تي ڳائڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجھندي هُئي. هن جي گائڪيون هي آهن ” ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نُور، مُهنجيون تو پُڄايون، مُهنجون تو پُڄايون، مَنَ جون مُرادون، دل جون اُميدون“ ۽ ” سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي، مَٽيون ڀرينديس من سان، دلا ڀريبيس دل سان“

    کيس ٽي وي تي مرحوم عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو هو،هن سنڌ کان سواءِ پاڪستان جي ٻين شهرن ۽ ٻاهرين مُلڪن ۾ به ٿر جي راڳ کي پنهنجي مٺڙي آواز ذريعي گونجايو ۽ پنهنجي اولاد کي به پنهنجي فن مان ونڊ ڏنو. سنس پُٽ ڪالو فقير، ڌيءَ مائي سوني ۽ پوٽو برڪت علي ولد ڪالو به سُريلا ڳائڻا آهن. کيس گھڻائي مڃتا ايوارڊ به مليا جنهن ۾ پاڪستان سرڪار طرفان تمغي ءِ حوسن ايوارڊ، شاه لطييف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ سر فهرست آهن. هن ٿر جي ثقافت کي روشن رکي، دُنيا کي ڪيترائئ سنڌي، سرائڪي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي گيت ڏن پر جڏنهن هوءَ آخري ڏينهن ۾ بيمار ٿي پئي ته ڪنهن به سندس علاج ۾ صحيح مدد نه ڪئي ۽ انهيءَ بيماريءَ وگھي ئي هوءَ 7 جولاءِ 1986ع تي اسان کان جُدا ٿي وئي. انا لا الله وانا اليه راجعون. بيشڪ آئون الله لاءِ ئي آهيان ۽ بيشڪ هر وُجود رکندندڙ شي کي اُن طرف ئي موٽڻو اهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,236
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سميرا مختيار
    ٿر هميشه ڏڪار ۽ ڏکن ۾ ورتل هوندو آهي. جڏهن به ٿر جو ذڪر ڪجي يا تصور ڪجي هميشه بک، بدحالي ۽ بي وسي جا منظر ئي ذهن ۾ تري ايندا آهن. اُتي جي ماڻهن کي سواءِ اُڃ، رڃ ۽ واري جي ٻيو ڪجهه به نصيب ڪونه ٿيو آهي. پر ٿر جي ڏکن ۽ در واري ان ماحول مان هڪ دردناڪ پر پَرسوز آواز جڏهن اڀريو ته ڄڻ اُتي ماڻهن کي زندگي جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ اهو آواز هو مائي ڀاڳيءَ جو، مائي ڀاڳي ڏيپلي شهر جي هڪ مڱڻهار گهراڻي ۾ جنم ورتو. شروع ۾ هُن پاڙي ۾ يا ڳوٺ جي شادين مرادين ۾ جهونگارڻ شروع ڪيو ته سندس نالو ٿر جي ڪوئل طور سڃاڻجڻ لڳو. سندس مڌر ۽ سريلي آواز ۾ جڏهن لوڪ گيت ٿر کان نڪري ٻاهر سنڌ ۾ گونجڻ لڳا ته ان نه رڳو سنڌي موسقي ۾ نواڻ آندي پر لوڪ گيتن ۾ به جرئت پيدا ٿي.

    ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن سندن آواز سنڌ ۾ گونجڻ لڳو ته اِهو آواز ريڊيو پاڪستان جي زينت پڻ بڻيو. 1960ع ۾ پروڊيوسر غلام حسين شيخ مائي ڀاڳي کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪيو، سندن پهريون ڪلام ”تارن مان ترندي اچي“ جڏهن رڪارڊ ٿي ريڊيو وسيلي سنڌ ۽ هند ۾ رسيو ته ڄڻ ان گيت شهرت جي بلنديءَ تي گهر ڪري ورتو ۽ پوءِ ان تي سال مرحوم عبدالڪريم بلوچ جيڪو ان وقت پي ٽي وي تي پروڊيوسر هو، ان مائي ڀاڳي کي پهريون ڀيرو ٽي وي تي آندو ۽ جڏهن سندن گيت ”کڙي نيم ڪي نيچي“ نشر ٿيو ته ڄڻ ان گيت نه رڳو لازوال شهرت حاصل ڪئي پر ان مائي ڀاڱي کي شهرت سان گڏ مڃتا جي اُفق تي رسايو. ان کانپوءِ مائي ڀاڳي جي گيتن جو مسلسل دور شروع ٿيو.

    مائي ڀاڳي کي پوءِ سنڌ ۾ باقاعده هڪ لوڪ فنڪار جي طور سڃاتو وڃڻ لڳو. مائي ڀاڳي هڪ اڻ پڙهيل عورت هئي. تنهن هوندي به کيس هزارين گيت زباني ياد هئا. ان ٿري، مارواڙي، ڪڇي، هندي، سنڌي ۽ ٻين زبانن ۾ پڻ گيت ڳايا.

    سندس مشهور گيتن ۾: (1) کڙي نيم ڪي نيچي. (2) تارن منجهان ترندي اچي. (3) مهراڻي جا مير. (4) ڀٽ جا ڀٽائي. (5) نهين مارون ري توني نهين مارون. (6) ڀينر منهنجا هجن حياتي. (7) مون کي جوڳي هڻي ڏي ڍارو. ۽ اهڙا ٻيا گيت شامل آهن. جيڪي اڄ به نشر ٿين ٿا ته انهن جي تازگي، سرهاڻ ۽ گائيڪي جو انداز اڄ به ٻڌڻ وارن تي سحر طاري ڪري ڇڏي ٿو. مائي ڀاڳي جا ڳايل گيت اڄ جي جديد دور ۾ نئين موسيقيءَ ۽ نون آوازن ۾ رڪارڊ ٿي رهيا آهن پر جيڪو سُر ۽ سوز مائي ڀاڳي جي ڳلي ۾ هو سو اڄ تائين ڪنهن کي به نه مليو ڇو ته ان جو انداز، ان جي آواز جي مٺاس، ان جي لفظن جي ادائگي اڄ به مائي ڀاڳي کي سڀ کان منفرد بڻائي ٿي.

    مائي ڀاڳي جو آواز سنڌ جي لاءِ هڪ لازوال ۽ قيمتي تحفو آهي. جيڪو اڄ تائين نه رڳو ٻڌو وڃي ٿو پر پسند به ڪيو وڃي ٿو. مائي ڀاڳي تمام نماڻي ۽ سادگي واري زندگي بسر ڪئي. سندس ڳائڻين جي انداز ۾ صوفي رنگ نمايان هو. مائي ڀاڳي جي شديد خواهش هئي ته هو حج تي وڃي پر بيماري سبب سندس اها خواهش اڻ پوري رهي. مائي ڀاڳي ڪيترائي ايوارڊ وصول ڪيا، تن ۾ لطيف ايوارڊ، نيشنل ايوارڊ، پي ٽي وي ايوارڊ ۽ ستاره امتياز پڻ شامل آهن.

    مائي ڀاڳي 1986ع ۾ نئون ڪوٽ ۾ وفات ڪئي. کيس راضي شاهه درگاهه جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

    مائي ڀاڳي اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. سندس گيت روح کي سڪون عطا ڪن ٿا ۽ اهو ياد ڏيارين ٿا ”جتي لُڪ لڳي، جتي اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ مائي ڀاڳي کي 38 سال گذري ويا آهن، اڄ سندس ورسي جي تاريخ آهي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته حڪومت پاران ان عظيم هستي جي مڃتا طور تي نه سندس ياد ۾ به ڪا سرڪاري تقريب ڪونه رکي وئي آهي. جڏهن ته نه ئي سندس نالي تي ڪو ماڳ ڪيو ويو آهي پر هو انهن شين جي محتاج ڪونهي، ان جو اصل مقام ماڻهن جي دلين ۾ آهي. جيڪو برقرار آهي. اسين سندس ورسيءَ جي موقعي تي سندس مغفرت جي لاءِ دل سان دعاگو آهيون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    مائي ڀاڳي سنڌ جي سرهاڻ هئي هن کي الله پاڪ شهريت عطا فرمائي الله پاڪ هن جي مغفرت فرمائي هن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    886
    ورتل پسنديدگيون:
    1,977
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    الله پاڪ هن جي مغفرت فرمائي هن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٿر جي ڪوئل: مائي ڀاڳي

    تحرير: عثمان راهوڪڙو

    ٿر جي تتل واري ۽ اڃايل ڌرتي جي مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائي جي شهر ڏيپلو ۾ لنگها مڱڻهار پاڙي ۾ ٿر جي ڪوئل جو خطاب ماڻيندڙ مائي ڀاڳي جو جنم ٿيو. هن لوڪ گيتن جي گائيڪي ۾ پنهنجي مڌر آواز ذريعي هند توڙي سنڌ سميت دنيا ڀر ۾ رهندڙ سنڌين جي دلين ۾ مڃتا ماڻي. سندس آواز ۾ ٿر جي صدين جي صدا به گونجندي هئي ته “سمن سائين مان گولي غلام تنهنجي در جي” جهڙي پڪار به سمايل هئي. هو جڏهن ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي هئي ته ٺريل رات جا نيڻ به جاڳي پوندا هئا. کڙي نيم ڪي نيچي هون هيڪلي، جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو، آئون واٽون سدا ويٺي نهاريان، من منهنجا اباڻا اچن، ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور، مرلي واري من موهيو ڙي الا جهڙا ڪلام ڳايا ۽ ڄارين ۾ ڄايس الا گيت ڳائي پنهنجي اباڻي اجهي ۽ زندگي جي اجهاڳ ڀٽن جيتري ڏکن جي عڪاسي ڪئي، ۽ سندس ٻيا انيڪ گيت جيڪي دلين جي پڪار بڻجي ويا، انهن کيس مڃتا جي آسمان تي پهچايو. پر مفلسي هن جو پيڇو ڪونه ڇڏيو. کيس ننڍپڻ ۾ چمڙي جي بيماري ٿي، جنهن سندس چهري ۽ اکين تي اثر ڪيو، هن ننڍپڻ دوران پنهنجي ماءُ ختيجه سان گڏجي شادين ۽ مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، کيس فن جي ابتدائي سکيا به پنهنجي امڙ ڏني. امڙ جي لولي واري ٻولي مارواڙي کان سواءِ هو ڍاٽڪي، سرائڪي، سنڌي ۽ ڪاٺياواڙي ٻوليون پڻ سکي، انهن ٻولين ۾ هن جنهن انداز سان گائڪي جي رنگ ۾ ڳايو، ان ۾ به ڪمال جي مهارت هيس. جڏهن هن ۽ مراد فقير گڏجي “ چيري ميرو بلالي سان پيار” ڳايو ته ٿرن برن، جهرن ۽ جهنگن، واهڻن ۽ وستين ۾ هن جي آواز بلي بلي ڪرائي ڇڏي. وقت بدليو، هوءُ اباڻو شهر ڇڏي، مٺي شهر ۾ وڃي رهي. جتان نئون ڪوٽ ۾ مهراڻي کي پنهنجو هميشه لاءِ گھر بنائي ويٺي. جتان ٻيجل جي تنبوري جهڙو آواز فضائن کي معطر ڪرڻ لڳو ۽ هوءُ واٽون نهارڻ لڳي اهي واٽون جن تي هن جو ننڍپڻ گذريو هو. جتي هو روهيڙي جي رتن گلن کي ڏسندي ڪونڀٽ جي لامن ۾ لڏندي ۽ پيرون چونڊيندي پنهنجي ساهيڙين سان کينچلون ڪندي هئي. اهي ڏينهن هليا ويا ۽ هاڻي هو هوٿي جي گهرواري ٿي چڪي هئي، هوٿي به سريلو فنڪار هو، جنهن جي اڱڻ تي به شرنائي جا سُر ٻرندا هئا، تنهن مٿس فن جي دنيا کان دور نه ڪيو. ۽ هي ٻئي گڏجي ڳائڻ به لڳا هئا. ۽ زندگي جي بهارن ۾ چانڊوڪي راتين ۾ رتل راضي شاهه جي پٽ مهراڻي ۾ سڪل هاڪڙي جي پيٽ کي ڏسي، جڏهن ڪنهن چانڊوڪي رات ڀاڳڀري عرف مائي مائي ڀاڳي جڏهن استاد جمن جي آواز ۾ سر سهڻي ۽ سر سسئي ۾ ڳايل ڪافيون گرامو فون يا ريڊيو پاڪستان جي براڊڪاسٽنگ جي وسيلي فضا ۾ گونجندي ٻڌندي هئي، ته هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو. استاد جمن جي آواز ۾ جڏهن سر مارئي ۽ سسئي ٻڌندي هئي ته هو بي اختيار روئندي هئي. ۽ لڙڪ روڪڻ سندس وس ۾ نه هوندا هئا. ريڊيو پاڪستان، ڀٽ شاهه، سنڌ جا ميلا ۽ ڪاڄ هر هنڌ تي مائي ڀاڳي جي هاڪ هئي. تار مان ترندي اچي، لوڙهه مان لڙهندي اچي، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري، جهڙا امر گيت هن جي امر آواز ڏنا. ۽ هو 1980ع کان وٺي اسٽيج جي دنيا جو ستارو بڻجي وئي. ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور جهڙا گيت ارپيندڙ مائي ڀاڳي زماني کي امر گيتن ۾ خوشيون ارپيون، پر پاڻ واري جي خاموش ذرڙن جيان مفلسي ۾ رهي. هن کي سرڪار طرفان اعلانيل حج به نصيب ڪونه ٿيو. 7 جولاءِ 1986ع ۾ هي جڳ مشهور فنڪاره سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي. ٿي تند وڙهي تلوارن سان جيان هن جي مڌر آواز ۾ ڳايل سمورا لوڪ گيت امر ٿي ويا آهن. هو ادارو هئي. هن سندس ڌيءَ مائي سوني کي پنهنجي فن جي جيڪا سکيا ڏني، ان به مائي ڀاڳي واري انداز ۾ ڳايو. مائي ڀاڳي اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي سواري ڪئي. اڃايل مورن جا ٽهوڪا ٻڌا. ۽ ٿر جي اڃ کي پنهنجي آواز ۾ صدين جو آواز بڻائي ڇڏيو. هو روزاني صبح جو راڳ جو رياض ڪندي هئي. هن جي هر ادا ۽ صدا ۾ ڪانگل قرب وارو هو. نئون ڪوٽ جي گنج بخش ڪالوني جيڪا هاڪڙي جي ڦٽل ڍوري تي آهي. اتي هن جا پير ۽ گيت ايندڙ ڪيترن دورن کي هن جي امر آواز جا ديوانا بنائيندا رهندا. ۽ اڃايل دلين ۾ هن جو آواز نوان نوان ويس اوڍي پيو ڪنڪنائيندو. مائي ڀاڳي جو ٻانگ جو نالو ڀاڳڀري هو. پر هو مائي ڀاڳي جي نالي سان مشهور ٿي. هو پنهنجي امڙ سان گڏجي شادين ۾ لوڪ گيت ڳائيندي هئي. 1967ع ۾ هن مارئي جي ميلي ۾ اچي سادي لباس ۾ هڪ لوڪ گيت ڳايو. ان ميلي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ مرحوم پروڊيسر غلام حسين شيخ رڪارڊنگ پي ڪئي. ان ڀاڳڀري جو آواز ٻڌو ۽ گيت ختم ٿيڻ بعد هن سان مليو. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڳائڻ جي ڪوٺ ڏنائين. ڪيتري دير تائين مائي ڀاڳي راضي نه پي ٿي. پر هن کيس راضي ڪري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن تي آندو. جتي مائي ڀاڳي جو پهريون لوڪ گيت تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري. رڪارڊ ٿيو. جنهن مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا. ۽ پوءِ مرحوم عبدالڪريم بلوچ سندس پي ٽي وي تي کڙي نيم ڪي نيچي هو تون هيڪلي، رڪارڊ ڪيو. جيڪو به مشهور ٿيو. مائي ڀاڳي فقيراڻي رنگ ۾ رنڱجي ڳايو. هن وقت ست ساز وڄائيندڙ موسيقار فقير ذوالفقار علي لنڊ مائي ڀاڳي جي فن ۽ گائڪي بابت ڳالهائيندي چيو ته “ مائي ڀاڳي ڀيروي، آسا، مانجهه، درگا ۾ اهڙي انداز سان ڳائي مڃتا ماڻي جيڪا ٻي ڪنهن فنڪار جي حصي ۾ اڄ تائين نه اچي سگهي آهي.” هن شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح، مصري شاهه، بلي شاهه، عباس علي شاهه، حمل فقير لغاري ۽ ٻين ڪيترن پنهنجي پنهنجي وقت تي وڏن شاعرن جي شاعري ڳائي. هن پنهنجي ڌيءُ مائي سوني پٽ ڪالو ۽ پوٽي برڪت فقير کي پڻ فن جي سکيا ڏني. کيس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. شهباز ايوارڊ، شاهه عبدالطيف ڀٽائي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليس. اتي کيس ٿر جي ڪوئل جو لقب پڻ مليو. سدا ملوڪ آواز جي مالڪ هن فنڪاره جو 7 جولاءِ 1986ع تي وڇوڙو ٿيو. کيس راضي شاهه جي درگاهه ڀرسان راضي شاهه رتل جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن جي خواهش هئي ته آئون حج تي وڃان پر موت کيس مهلت نه ڏني ۽ حج تي روانگي کان ٻه ڏينهن اڳ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. ۽ سندس اها خواهش پوري نه ٿي سگهي.

    urahookro@gmail.com

    0331 3834738
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    124
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    [​IMG][​IMG]
    سنڌي ثقافت جي سفير لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي جي

    31 ورسي مناسبت سان
    [​IMG][​IMG]

    مونکي جوڳي هڻي ڏي ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ سر سنگيت جي دنيا سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي سندس هر شهر وستي واهڻ جي ڪنهن به حصي تي نظر ڪبي ته اتي سريلي آواز ۽ ساز سان ڪو نه ڪو موتي داڻو ڪوئل جي ڪو ڪو جهڙي درد ڀري آواز سان فنڪار نظر ايندو اهڙي طرح سنڌ جي بيابان ٿر واري چمڪندڙ وارياسي زميني حصي ڏانهن نهارينداسين ته ڪافي سريلن ۽ ثقافتي آواز ۽ لباس سان ڪيترائي فنڪار پنهنجي فن ۽ ڪردار واري ڪرت سان ملڪان ملڪ پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙي ٿري فنڪارن منجهان مرد فنڪارن کان علاوه عورت فنڪارن پڻ پنهنجي درد ڀري آواز سان ڏيهان ڏيه مشهور ماڻي نالو جرڪايو جيڪو اڄ تائين سندس سڃاڻپ رهيو آهي اهڙن لوڪ ڪلاڪارن منجهان وهنيو فقير مڱڻهار جي گهر سال 1920ع ڌاري ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز جي مالڪ هي ننڍڙي نياڻي (ڀاڳ ڀري ) مائي ڀاڳي مٺي لڳ ڏيپلي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اکيون کوليون ته سندس مٽ مائٽ هن جي والد ۽ سندس امڙي مائي خديجه عرف (ڪسي ٻائي ) کي مبارڪون ڏيڻ لڳا .مائي ڀاڳي کي سر سنگيت واري ڪرت سندس گهران ئي ملي جنهن ڪري هو بچپن کان وٺي پنهنجي والد ۽ امڙ جا سهرا ،گيت ، ڳيچ ٻڌي هوبهو اهڙو ئي آواز سان سندس آواز ۽ ساٿ ڏيڻ ۾ ڪا ڪمي نه آندي ننڍي وهي ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان ڍولڪ، دلو پڻ ٺاهوڪي انداز سان وڄائڻ جي تربيت حاصل ڪري پنهنجي پاڙي وارن ۾ نالو ڪڍرايائين سندس ڳائڻ وڄائڻ واري شاگڙدائپ پنهنجي پيءَ ۽ ماءَ کان حاصل ڪيائين پوءِ آهسته آهسته مشهوري ماڻيندي وڃي سڄي دنيا ۾ سر سنگيت جي ڏاهن فنڪارن کان به گوءِ کڻي وئي مڱر ڳائڻ لاءِ باقائده تربيت ٿر جي مشهور راڳي مراد فقير کان پڻ حاصل ڪيائيان مائي ڀاڳي کي قدرت واري اهڙو ته ميٺاج واري آواز جو مالڪ بڻايو جو ٻڌندڙ سندس آواز ٻڌنڌي ئي سحر تاري ٿي ويندو هو لوڪ گيتن کي ته اهڙا الاپ ڏيندي هئي جو ٻڌندڙ جي دل منجهان واه مائي ڀاڳي واهه جو داد پيا ڏيندا هئا مائي ڀاڳي لوڪ

    گيتن کي سونهاري سنڌ کان علاوه سڄي دنيا تائين ان رنگ کي نمايا ڪندي نظر آئي هن لوڪ گيتن وسيلي ايتري ته مشهور ماڻي جو جو کيس سر سنگيت جا بادشاه به (ٿر جي ڪوئل ) جهڙي لقب سان نوازيو ۽ اڄ تائين اهو لقب سندس سڃاڻپ آهي مائي ڀاڳي پندرهن سالن جي عمر ۾ هوتي فقير سان نيهه جو ناتو جوڙي شادي جي ٻڌڙن ۾ ٻڌجي وئي هوتي فقير جو گهراڻو پڻ سر سنگيت سان لاڳاپيل هو سندس ئي گهراڻي سنڌي موسيقي جي بي انتها خدمت ڪندي گذاري مائي ڀاڳي کي ننڍي وهي ۾ ماتا جي بيماري جي ور چهڙي وئي جنهن سندس چهري تي وڏا اثر چڏيا .سال1967ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروڊيوسر غلام حسين شيخ صاحب مارئي جي ميلي تي (ڀالوا) ۾ مائي ڀاڳي جو درد ڀريو سريلو آواز ٻڌي ريڊيو حيدرآباد تي اچڻ لاءِ چيو مڱر مائي ڀاڳي سادي طبيت جي مالڪ ان ڳالهه ڏي ڏيان ئي نه ڌريو ڪجهه عرصي بعد غلام حسين شيخ مٺي شهر ڪنهن ڪم سانگي ويو ته مائي ڀاڳي جي ڳوٺ جو چڱو مڙس محترم محمد آچر بجير سان ماقات ٿي ان سان مائي ڀاڳي ڏي وري نياپو موڪليائين ته اهان ريڊيو تي اچو ته اوهان جو آواز ريڊيو تان لوڪ گيت سان نشر ڪيون بعد ۾ مائي ڀاڳي ٻڍو فقير سان گڏجي ريڊيو حيدرآباد تي پهتي جتي پروڊيوسر غلام حسين شيخ پهريون لوڪ گيت ( تارن مان ترندي اچي ، لهرن مان لوڙهندي اچي او دل ، ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري ) رڪاڊ ڪيو تنهن بعد مرحوم ممتاز مرزا جي ڪوششن سان پاڪستان ٽيليويزن تي محترم عبدالڪريم بلوچ معتارف ڪرايو جتي مائي ڀاڳي مارواڙي گيت ( کڙي نيم ڪي نيچي ، هون تان هيڪلي ) رڪارڊ ڪرائي ڏيهان ڏيهه مشهوري ماڻي مائي ڀاڳي پنهنجي سهڻي انداز ۽ سوز ڀري آواز سان سنڌي ، سرائڪي ، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي زبان منجهه سوين لوڪ گيت ڳائي پنهنجو نالو سڄي ڏيهه ۾ نروار ڪرايو سندس ڳايل لوڪ گيتن منجهان ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور ، مونکي جوڳي هڻي ڏي ڍارو منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو ، سمن سائين مان گولي غلام تنهنجي در جي مٽيون ڀريندس، من سان دليون ڀريندس دل سان ، سنسد لوڪيتن کي وڏي پذيرائي ملي مائي ڀاڳي پنهنجي درد ڀري آواز سان سوين لوڪ گيت ڳائي سنڌي ثقافت ۽ ٿري لوڪ گيتن کي پنهنجي من موهيندڙ نرالي انداز سان نروار ڪري نالو ڪمايو تنهن ڪري سندس (ٿر جي ڪوئل )واري لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي مائي ڀاڳي سر سنگيت جي فن منجهان پنهنجي اولاد کي به سيکاريو سندس پٽ ڪالو فقير سندس نياڻي سوني ۽ سندس هڪ پوٽو برڪت علي به ابي ڏاڏي واري ڪرت سان سلهاڙِيل آهن جن پڻ سنگيت جي دنيا ۾ پنهنجي فن کي جرڪائي مائي ڀاڳي جي نالي کي روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي مائي ڀاڳي کي فني قدرداني جي ڪري ڪيترن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو جن منجهان شاهه لطيف ايوارڊ ، سچل سرمست ايوارڊ ، ٿر ڪوئل ايوارڊ ، مارئي ايوارڊ ۽ حڪومت پاڪستان پاران تمغه حسن ڪار ڪارڪردگي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ، مائي ڀاڳي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ سٺي سريلي فنڪار موهن ڀڳت سان 8 مئي 1986ع تي سنجهوري شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سنجهوري پاران آخري ڀريو شام ملهائي وئي جتي هن پنهنجي فن جو مظاهرو زبردست نموني سان ادا ڪيو مائي ڀاڳي آخري ڏينهن ۾کي بيت الله ڏسڻ ۽ حج ڪرڻ جو ارادو ڪيو هيائين ان زماني ۾ سنڌ سرڪار حج ڪرڻ لاءِ 9 جولائي 1986ع تي ڀلي پار سرڪاري خرچ تي موڪلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٽڪيٽ پڻ ڏني مڱر هن عظيم فنڪاره کي حج نصيب نه ٿيو حج ڪرڻ کان اڳ سندس زندگي ساهه جو سڳو ٻه ڏينهن اڳ 7 جولاءِ 1986 سومر ڏينهن ٽٽي هميشه لاءِ سنڌ واسين کي الوداع چئي راهه رباني ٿي زندگي جا 66 سال 6 مهينا ۽ 6 ڏينهن گذارڻ بعد نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان وفات ڪري وئي ۽ سندس قبر مهراڻي جي مير راضي شاهه گهوٽ جي قبرستان ۾ موجود آهي سندس اڄ 7 جولاءِ 2017 تي 31 ورسي ملهائي ويندي سندس وفات کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن مڱر فن جي دنيا ۾ نالو هميشه جرڪندو نظر اچي ٿو سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي کي منهنجي نماڻي گذارش ته اهڙن عظيم فنڪارن جي ورسي ثقافت کاتي پاران ملهائڻ گهرجي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو