فيس بوڪ جو موت۔۔۔۔ گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ جو 31 جولاءِ کان باقائده آغاز۔۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    چيو پيو وڃي ته فيس بوڪ ۽ ٽويٽر ڪو بيڪري جو ڪيڪ پيس ناهن جنهن کي ڪو آرام سان ڳڙڪائي وڃي پر گوگل بز مقابلو ڪنهن حد تائين ڪيو ضرور۔۔
    ۽ هيئنر جڏهن لڳ ڀڳ 700 ملين جي تعداد ۾ ماڻهون رڳو فيس بوڪ تي موجود آهن ۽ سوشل نيٽ ورڪ جو لطف پيا وٺن ۔۔۔ گوگل وارن دعوه ڪئي آهي ته سندن ايندڙ سوشل نيٽ ورڪ ڪجهه شيون اهڙيون کنيو ٿو اچي جو فيس بوڪ جو موت يقيني آهي۔۔۔
    مون جڏهن غور ڪيو ته مون کي ڪجهه منصوبو به ٺهندڙ لڳو۔۔ ڇو ته توهان نوٽ ڪيو آهي ته هاڻي گوگل تي سرچنگ دوران مٿان اڇي بار بجاءِ هڪ ڪارو بار نظر اچڻ لڳو آهي۔۔ وري جي وڌيڪ غور ڪريو ته توهان جي لوڪيشن سائيڊ بار ۾ به پئي ڊسپلي ٿيندي۔۔۔
    دوستو اهي آسار آهن ته گوگل پلس پس منظر ۾ ورڪنگ ڪري رهي آهي ۽ يقينن گوگل پنهنجي سمورين پروڊڪٽس سان گڏ گوگل پلس جو ڀرپور وار فيس بوڪ تي لڳائڻ واري آهي۔۔ پر فيس بوڪ تي حملي کان اڳ کيس پنهنجا هٿيار تيار ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳو آهي ۔۔ هن مهل تائين جي تحقيق موجب گوگل پلس وٽ Circles, Instant Uploads, Hangouts, Sparks, ۽ Huddle. هٿيار بلڪل تيار آهن ۔۔ انهن هٿيارن جو هڪ معمولي نظار توهان هنن وڊيوز مان ڪري سگهو ٿا۔۔۔














    اهي ڳالهيون يقينن فيس بوڪ وارن کي ڳڻتي ۾ آڻڻ لاءِ ڪافي آهن ۔۔۔ مٿان وري گوگل اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته 31 جولائي کان سمورا گوگل پبلڪ اڪائونٽ پنهنجي سوشل نيٽ ورڪ گوگل پلس جي پروفائيل طور تسليم ڪيا ويندا۔۔۔ هتي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلجي ته جيڪي ماڻهون مرد هجڻ باوجود سوشل نيٽ ورڪ تي پاڻ کي عورت ڪري پيش ڪندا آهن ۔۔ گوگل پلس تي ايندڙ اهڙا گوگل کاتا نالي ۽ جنس طور ظاهر ٿيندا۔۔۔ جن لاءِ گوگل وارن جو چوڻ آهي ته سموري معلومات ۾ ته ترميم ڪري سگهبي پر جس ۽ نالو اهو ئي ظاهر ٿيندو جيڪو گوگل کاتي ۾ ڏنل هوندو ۽ ان کي تبديل ڪرڻ ممڪن نه هوندو۔۔۔۔ مطلب ته گوگل جي اڳ ۾ ئي اي ميل وارا رڪن پنهنجي پروفائيل ذريعي ڌوڪو نه ڏئي سگهندا۔۔۔ گوگل پلس پروفائيل جو هڪ معمولي نظارو ڏسڻ لاءِ هي تصوير ڏسو۔۔

    [​IMG]

    ويندي ويندي هڪ اهم ڳالهه ته گوگل جا اهي کاتيدار جن پنهنجو کاتو ٺاهڻ وقت پبلڪ بجاءِ پرائيوٽ کاتو کوليو هجي ۔۔۔ گوگل اعلان ڪندي چيو آهي ته اهڙا سمورا کاتا ختم ڪيا ويندا ۔۔ ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن دوست پنهنجو کاتو پرائيوٽ طور کوليو هجي ته اهو هاڻي پنهنجي کاتي جي سيٽنگ ۾ وڃي ان کي پبلڪ ڪري ڇڏي ته جيئن سوشل نيٽ ورڪ تي پنهنجو خوبصورت پروفائيل جرڪندي ڏسي سگهي۔۔۔ ته پوءِ بس هاڻي انتظار ڪجي ته 31 جولائي 2011 جو ۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ جو موت۔۔۔۔ گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ جو 31 جولاءِ کان باقائده آغاز۔۔۔

    گوگل وارا گهڻو جلدي ترقي ڪري رهيا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔

    يقينن سندن ڪم کي ڏسندي اهو لڳي رهيو آهي ته گوگل فيس بوڪ کي ڪاپاري ڌڪ رسائيندو پر اسان لاء ڀلو آهي جو ڪامپيٽيشن ٿيندي ۽ گهڻيون شيون مفت ۾ ملي وينديون۔ گوگل تي اسانجو اڪائونٽ اڳ ئي ٺهيل آهي مطلب ته ڊائريڪٽ ميمبر ٿي وينداسون ۔۔۔۔۔۔

    لاجواب شيئرنگ
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بوڪ جو موت۔۔۔۔ گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ جو 31 جولاءِ کان باقائده آغاز۔۔۔

    ادا جيڪڏهن اهڙي طرح سان گوگل وارن پنهنجو منصوبو لائونچ ڪيو ته فيس بوڪ کي نه صرف ڌڪ پر اصل ڪاپاري ڌڪ

    لڳي سگهي ٿو پر ادا ٿئي سگهي ته فيس بوڪ به ڪي وري اهڙا بهتر پروجيڪٽ لائونچ ڪري بهرحال وڙهن چور ڀلو ٿئي ڀاڳين جو

    اسان ته مفت ۾ مزا وٺنداسين

    سدائين گڏ
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: فيس بوڪ جو موت۔۔۔۔ گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ جو 31 جولاءِ کان باقائده آغاز۔۔۔

    لاجواب شيئرنگ
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: فيس بوڪ جو موت۔۔۔۔ گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ جو 31 جولاءِ کان باقائده آغاز۔۔۔

    تمام بهترين ادا مطلب ته گوگل وارا هاڻي اسان کي فيس بڪ تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهين خير فيس بڪ سان دل لڳي ته فيس بڪ فرينڊز سان به باقي اڳتي جيڪو ٿيو سو حال پريان حآضر هوندا سي ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي جادوگر اهڙيون ڌماڪيدار خبرن جو سللسو جاري رکندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو