دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت پاران ڪتابي سلسلي جي شروعات ۾ انٽرنيٽ تي ٻين دوستن پاران اپلوڊ ڪيل ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪرڻ کانپوء ٻئي مرحلي ۾ اسان سنڌ سلامت جي دوستن پاران ڪمپوز ڪيل ڪتاب سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ڪري رهيا آهيون۔
ان سلسلي جو هي چوٿون ڪتاب ”دل ته چوي ٿي ۔۔۔۔ “ جيڪو پياري دوست ، بهترين شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي خوبصورت شاعريء تي مشتمل ڪتاب آهي اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون۔هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ مون پاڻ ڪئي آهي۔ سندس شاعريء جي هن ڪتاب مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي:
ســـڄي رات چنڊ ساڻ گڏجي رُلياسين
مگر پوءِ به توسان نه ڪاٿي ملياسين
جــــڏهـــــن ياد آئي اوهان جي اسان کي
ته ٻــــارن جيــــان پــــاڻ ڏاڍو رُناســــين
اسان ڳوٺ جا هونــئن به رولاڪ ماڻهو
نه تنهنجا ٿياسين نه ڪــنهنجا ٿياسين
وڌي چاهتــــن سان ويا وير ليــــڪن
اســــان محــــبتن جا مسافر بڻياسـين
مــــري وينـــدو مشتاق پوءِ کوڙ چوندا
اڙي ڇا لاءِ مشتاق کي ڏک ڏناسين؟