محترم بيدل مسرور صاحب کي جنم ڏڻ جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ جي ناليواري فنڪار، شاعر، ناول نگار ، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ محترم بيدل مسرور کي سندس جنم ڏڻ تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔

    جڏهن به سنڌ جي انهن ڳائڻن جو ذڪر نڪرندو جن انقلابي گيتن سان گڏ شيخ اياز کي منفرد انداز سان ڳايو آهي انهن ۾ بيدل مسرور جو نالو سڀني کان نمايان هوندو. سندسي ڳائڻ جو انداز نرالو ، جي سامهون ٻڌجيس ته دل چوندي ته کيس ٻڌندو ئي رهجي. بيدل مسرور نه صرف سنڌ جو نالي وارو ڳائڻو آهي پر ان سان گڏ شاعر ، ليکڪ ، ناول نگار، مترجم ۽ نقاد به آهي. سندس ٻي اهم سڃاڻ ٽي وي پروڊيوسر ۽ ڊآئريڪٽر واري پڻ رهي آهي.

    بيدل مسرور جو پورو نالو بيدل بخش مسرور بدوي آهي. سندس جنم 11 جولائي 1947 ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. بيدل مسرور جو تعلق پي ٽي وي سان رهيو آهي ۽ سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ٿيا آهن. پاڻ موسيقي ۽ ڊرامن جي پروگرامن تي چار گولڊ ميڊل ۽ پي ٽي وي اوارڊ حاصل ڪيا. سندن وڏي خوبي موسيقي جي ميدان ۾ نئين جدت آڻڻ رهي آهي خاص ڪري پاڻ شيخ اياز، امداد حسيني، استاد بخاري ۽ ٻين سنڌي شاعرن کي نئين انداز سان ڳائي ، نون سرن سان سينگاري پنهنجي منفرد ڪمپوزيشن سان ڳايو آهي. سندس آواز ۾ هڪ عجيب سرور آهي جنهن کي ٻڌڻ سان ماڻهو موسيقي جي مڌر سُرن ۾ گم ٿي ٿو وڃي.

    سندن ڪجهه تصنيفون هيٺ ڏجن ٿيون :

    راڻي (ناوليٽ)
    ڀوڳنا جو سفر (ڪهاڻيون)
    چاهتن جي ٽواٽي تي ۽ آء لو يو (جاڙا ناوليٽ)
    سپنن جو سنسار (ترجمو)
    بيدل نامو
    ڪليات مسرور (ترتيب)
    هير رانجهو (فقير غلام علي مسرور جي مثنوي جي ترتيب)
    نظرين جو چڙيا گهر ۽ ڀولو (ناول جيڪو ماهوار پورب ۾ قسطوار ڇپيو)

    بيدل مسرور پنهنجي شروعاتي عمر ۾ سياست سان به لاڳاپيل رهيو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن شڪارپور جو باني رهيو آهي. ان کانسواء سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو ميمبر، سنگت ڪراچي جو ميمبر ۽ سنگت سچل ڳوٺ ڪراچي جو باني ميمبر رهيو آهي. پاڻ سماجي حيثيت ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو 5 سال چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي. سندس ٻي شادي مشهور ٽي وي اداڪاره بينا مسرور سان ٿي جيڪا سحر امداد جي ڀيڻ آهي. بيدل مسرور جو هڪ پٽ سائرس مسرور ٽي وي اداڪار ۽ ماڊل آهي. بيدل مسرور جي رهائش هن وقت سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ آهي.

    بيدل مسرور جي اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ئي آهي خاص ڪري شيخ اياز جي قومي شاعري ۽ شيخ اياز جا گيت جيڪي اڄ به ماڻهو ايترو ئي گهڻو ٻڌن جيترا ماضي ۾ ٻڌندا هئا. سندس ڳايل شيخ اياز جو قومي گيت ” مان ڏوهي هان ، مان ڏوهي هان “ اڄ به ايتروئي مقبول آهي. سندس آواز جو جادو اهڙو آهي جو مان کيس سنڌ جو ٻيجل سڏيندو آهيان۔

    دعا آهي ته مڌر آواز ۽ قومي سوچ جي مالڪ هن شخصيت کي رب پاڪ وڏي ڄمار ڏي جيئن سنڌ سان پنهنجي ناتي کي نڀائيندا رهن ۽ رهنمائي ڪندا رهن.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]



    [​IMG]








     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 جنوري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: محترم بيدل مسرور صاحب کي جنم ڏڻ جون واڌايون


    سائين سليمان وساڻ صاحب سلام
    محترم بيدل مسرور صاحب جن کي اسان پاران به جنم ڏينهن جو لک لک واڌايون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين بيدل مسرور کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ دعا آهي ته هي جنم ڏينهن سندس زندگيء ۾ کوڙ ساريون خوشيون آڻي ۽ ڪنهن بهار جو پيغام کڻي پهچي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    محترم بيدل مسرور کي اسان جي طرفان به جنم ڏينهن جون لک واڌايون هجن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم ۽ مانواري سائين بيدل مسرور کي جنم ڏينهن جون واڌايون
     
  6. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    سائين بيدل مسرور کي جنم ڏينهن مبارڪ شال حياتي کي اڃا چار چنڊ لڳن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ جي ناليواري فنڪار، شاعر، ناول نگار ، ڪالم نگار ۽ ليکڪ محترم بيدل مسرور کي سندس جنم ڏڻ تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو