سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ، محقق ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر عبدلجبار جوڻيجو اڄ ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔[/JUSTIFY]

    انا لله و انا اليه راجعون

    [JUSTIFY]ڊاڪٽر عبدالجبار جو جنم 26 نومبر 1935ع ۾ پير فتح شاهه تعلقو ۽ ضلعي بدين ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو سلطان احمد آهي۔ ڊاڪٽر صاحب جنهن اسڪول ۾ پرائمري ءَ جي تعليم حاصل ڪئي اتي جي استادن ۾ محمد عرس منڌرو، حاجي محمد سليمان منڌرو، لکاڏنو واڍو، حاجي پنيلڌو، حاجي عبدالله مينڌرو، محمد رحيم ملاح، عبدالرشيد خاصخيلي، چتون مل ميگهواڙ، ڏاتر ڏنو مينڌرو، محمد عيسيٰ ملاح، محمد خان ڪنڀر، عبدالرحمان جوڻيجو ۽ هيرانند جنهن وٽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ سندس ڀاءُ عبدالمجيد ٽيوشن پڙهڻ ويندا هئا. ماستر هيرانند جو گهر تنهن وقت ميرواهه ڪپ جي پاسي ۾ هوندو هو. جنهن وٽ سنڌي ۽ انگريزي گرامر پڙهيا.

    پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1946 ع ۾ بدين آيو، اتي چار درجا انگريزي پاس ڪري، 51-1950ع ۾ ٽنڊي باگي پڙهڻ لاءِ ويو، ٽنڊو باگو بدين کان 12 ميل اوڀر اُتر ڪنڊ تي آهي، جتي جو هاءِ اسڪول ميرغلام محمد ٽالپر ٺهرايو. جنهن جو نالو”لارينس مدرسه ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو هو“ هتي ڊاڪٽر صاحب مسٽر غلام رضا ڀٽو، ان وقت ان اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ اتي پڙهائيندڙ استادن ۾ لطف علي ٽالپر، شيخ عزيز، مسٽر لطفي ۽ مسٽر الله بخش شامل آهن.

    سٽي ڪاليج ۾ 58-1956ع تائين ٻه سال پڙهيو .انهيءَ دوران ادب ۽ تاريخ سان گهري دلچسپي پيدا ٿيس. 1958ع تائين سٽي ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ ان کان پوءِ فرسٽ ۽ انٽر آرٽس ۾ ڪئي. 1960ع ۾ سنڌيونيورسٽي مان سنڌي ۾ B.A (Hons) ٽئين نمبر ۾ ڪئي، 1962ع ۾ ايم اي سنڌي ۾ پهرين نمبر ساڻ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، تنهن کان علاوه آنرس سميت پوري فيڪلٽي ۾ به پهريون نمبر حاصل ڪيائين. جنهن وقت ڊاڪٽر صاحب B.A ۾ داخلا ورتي ته ان وقت سنڌي شعبي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ۽ ان بعد علي نواز جتوئي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهيو.

    نوڪريون :

    1960ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ جونيئر ليڪچرر مقرر ٿيو.
    1962-08-21 ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو.
    76-1970ع کان سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو.
    1976-1983ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر ٿيو.
    1976ع ۾ سوٽا جو صدر ٿيو تنهن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ شيخ اياز وائيس چانسلر هيو.
    1983ع کان 1995ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ چيئرمين رهيو. (تنهن وقت ۾ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي هو)
    1993ع کان 1995ع تائين آرٽس فيڪلٽي جو ڊين رهيو.
    1993ع کان 1994ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين پڻ رهيو.
    2004ع کان 2007ع تائين ڊائريڪٽر لاڙ ميوزيم بدين رهيو .
    ائڪڊمڪ ڪائونسل سينٽ بورڊ آف ائڊوانسڊ اسٽڊيز انٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ميمبر پڻ رهيو.

    ادبي ۽ علمي ڪاوشون:

    هونئن ته ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جي شعبي ۾ مڃتا پوري سنڌ اندر آهي، پر ملڪي سطح تي سندس نالو مانوارن محققن جي فهرست ۾ نمايان آهي. پر گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڊاڪٽر عبدالجبار موسيقيءَ ۾ پڻ وڏي مهارت رکي ٿو. اسان لاڙ وارن لاءِ ته ڊاڪٽر صاحب وڏي وٿ آهي. نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانءَ، استادن اديبن لاءِ رهبر ۽ وڏي ڄمارَ وارن لاءِ مثالي انسان آهي. مون جڏهن سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“ پڙهيو ته دنگ رهجي ويس. ان هڪ ڪتاب جي ترتيب لاءِ جوڻيجي صاحب سوين ڪتاب، مضمون ۽ مقالا پڙهيا ۽ مصنف سان روبرو ملي مستند ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي جو اهو هڪ نئون لاڙو هو، ان کان اڳ اهڙي جامع ڪوشش ڪنهن ڪانه ڪئي هئي. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي مڪمل سوانح، علمي پورهيو ۽ جستجو جي تفصيلي تاريخ سمايل آهي. ان ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪمن ۽ ڪارنامن کان بخوبي آگاهه ٿي سگهي ٿو. ان نئين ادبي روايت کي ڊاڪٽر صاحب اڃا به اڳتي وڌايو ۽ ’شيخ اياز: هڪ مطالعو‘، ’ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو‘، ’محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو‘، ’سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو‘ لکي، ان روايت کي پڪو پختو ڪيو. ان جي تقليد ۾ پوءِ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ اديبن ۽ خاص طور ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي ساڳي انداز ۾ ڪتاب تيار ڪرايا آهن، جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهم سرمايو ثابت ٿيا آهن.

    ڊاڪٽر صاحب 1952ع کان شاعري شروع ڪئي هئي ۽ ”شام“ تخلص سان دوها، بيت، وايون ۽ نظم چيائين. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”مرگهه ترشنا“ جي نالي سان 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن کيس سٺن شاعرن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو، پر اڄڪلهه نه ته هو شاعري ڪري ٿو ۽ نه وري پنهنجي نالي سان تخلص ”شام“ جو استعمال ڪري ٿو. شايد ان جو هڪ سبب اهو به هجي ته ”عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جيءَ جو جانان نه رهيو....“

    ڊاڪٽر صاحب لسانيات جو وڏو ماهر آهي، هن سلسلي ۾ پاڻ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ چيني ٻولين جو ماهر آهي. عربي ۽ فارسي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ رکي ٿو. سندس تعلق جيئن ته لاڙ واري علائقي سان آهي، ان ڪري هن ”لاڙ جي لغات“ ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ نج لاڙ جا ڪيترائي لفظ شامل آهن، پر ڪيترائي لفظ اهڙا به شامل آهن، جيڪي اتر توڙي وچولي سنڌ ۾ پڻ رائج آهن. هن ”سنڌي ادب جي تاريخ“ لکي آهي، جيڪو نهايت ڪارآمد ڪتاب آهي ۽ ادب جي شاگردن جي سٺي رهنمائي پڻ ڪري ٿو. علي نواز جتوئي مرحوم سان گڏجي ترتيب ڏنل سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”غزلن جو غنچو“ بي- اي جي ڪورس لاءِ منظور ٿيل آهي. ان کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مختلف موضوعن تي ڇپيل آهن، جن مان ڪجه هن ريت آهن:

    ”سوکڙي“ (بيتن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو 1956ع)،
    ”اباڻو گهر“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1958ع)،
    ”دانشمندي“ (ايڊٽ ڪيل 1958ع)،
    ”ڪنز اللطيف“ (شاهه جي رسالي بابت 1961ع)،
    ”سوري آ سينگار“ (ناول 1963)،
    ”غزلن جو غنچو“ (ايڊٽ ڪيل 1963ع)،
    ”سنڌيون“ (مذهبي شعر بابت 1970ع)،
    ”سڄڻ نت سوجهرو“ (حضور صه بابت نظم جو ترجمو 1971ع)،
    ”سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصاب 1973ع)
    ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ (سفرنامو 1973ع)،
    ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽي ايڊيشن 93-83-1973ع)،
    ”اڪيلي“ (ناول ترجمو 1974ع)،
    ”لاڙ جي لغات“ (1975ع)،
    ”مرگهه ترشنا“ (شعرن جو مجموعو 1976ع)،
    ”لطيفيات“ (ببليو گرافي 1977ع)،
    ”لطيف ڪوئيز“ (شاهه لطيف بابت چٽاڀيٽيءَ جا سوال 1978ع)،
    ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ (ٿيسز 1980ع)،
    ”نه ڪر هار سينگار سکي“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1981ع)،
    ”سچل نامو“ (ببليو گرافي 1981ع)،
    ”ديپڪ ملهار“ (آتم ڪهاڻي 1984ع)،
    ”سنڌي لوڪ گيت“ (1985ع)،
    ”سليس سنڌي“ (نصاب 1989ع)،
    ”سنڌي ڪوئيز“ (معلومات 1989ع)،
    ”ونڊ سر محل جو مسافر“ (سفرنامو 1989ع)،
    ”لاڙ جو مطالعو“ (مرتب ڪيل 1991ع)،
    ”ٿر جي ٻولي“ (هدايت پريم سان گڏ 1994ع)،
    ”مقالا“ (بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس لاءِ تربيت ڏنل 1988ع)،
    ”نرتي تند نيازسين“ (مرتب 1988ع)،
    ”ڪٺمال“ (تنقيدي مضمون 2003ع)،
    ”سنڌي لوڪ گيت“،
    ”سليس سنڌي“،
    ”سرائيڪي شاعري: ايڪ مطالعه“ ۽
    ”ميرا عشق ڀي تو“.

    جيئن مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته ڊاڪٽر جبار جو اهم ڪم مختلف شخصيتن بابت مطالعا لکڻ آهي. اهڙي طرح ”سنڌي ادب جي تاريخ“ به سندس لازوال ڪم آهي. ان ڏس ۾ پهريون قدم محمد صديق مسافر کنيو هو، هن ٻن جلدن ۾ ادبي تاريخ لکي، جنهن ۾ وڏو ڀاڱو انگريزن جي دور بابت آهي. ان کان پوءِ ٻين عالمن ۽ اديبن خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تحقيقي ڪم ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ اهم آهن، پر ڊاڪٽر عبدالجبار نهايت تحقيق ۽ باريڪ بينيءَ سان اهم ڪم ڪيو آهي. سندس پهريون ڇاپو زيب ادبي مرڪز پاران 1973ع ۾ شايع ٿيو، جيئن ته اهو ڪتاب نصاب تي رکيو ويو هيو، ان ڪري جلد ناپيد ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ساڳئي اداري پاران 1983ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.

    ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جي ٻئي جلد لاءِ اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: ”ان ڪتاب جو ادبي تاريخ جي ڪتابن ۾ هڪ جدا ۽ منفرد مقام آهي، ڇاڪاڻ جو ڊاڪٽر عبدالجبار سلسليوار سڀني اهم ۽ غير اهم اديبن شاعرن جو ذڪر ڪرڻ بدران هر دور جي صرف نمائنده ليکڪن جي باري ۾ لکيو آهي، پر اهو صرف ذڪر نه پر باقاعده تنقيدي انداز ۾ لکيل آهي. ادبي تنقيدي تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن ۽ مقالن جو ڪتاب ”ڪٺمال“ به اهم تصنيف آهي. هن ۾ سندس مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل ادبي مضمون آهن، جن ۾ شاهه، سچل، سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري ۽ شخصي مضمون وغيره شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي عنوان سان جامع ادبي تاريخ لکي رهيو آهي، جنهن جو پهريون جلد شايع ٿي چڪو آهي. اهو ڪتاب سڀني ادبي تاريخن کان منفرد ۽ مستند آهي.“

    ڊاڪٽر صاحب جي تنقيد ۽ تحقيق جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ قديم سنڌي شاعرن جي ارتقا ۽ اوسر تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي. خاص طور شاهه لطيف جي فن، فڪر ۽ سوانح تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿائين. جيڪي ”لطيفيات ۾ نهايت اهم جڳهه والارين ٿا. لطيفيات بابت ببليو گرافي جي ابتدا به هن ڪئي. اهڙي طرح سچل سرمست تي به سندن مطالعو گهرو ۽ وسيع آهي. شاعري جي مختلف صنفن جي هيئت ۽ اوسر تي به ڪيترائي مقالا لکيا اٿائين.

    ايوارڊ :

    1. بين الا قوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي 1988ع
    2. سچل سرمست سيمينار درازان.
    3. لاڙ ثقافتي ميلو بدين 1991ع
    4. سچل سرمست ايوارڊخيرپور 1998ع
    5. انٽرنيشنل ڪانفرنس آن آرڪيالاجي خيرپور 2003ع
    6. ڀارت ۾ ماڊلز جا ايوارڊ 2005ع (قطب مينار دهلي- تاج محل آگرو، پارليامينار مسجد حيدرآباد دکن ۽ سنڌي ٻولي وڪاس پريشد جئپور)
    7. نئين زندگي ايوارڊ 2006ع
    8. بيدل ايوارڊ روهڙي 2006.
    9. انسٽيٽيوٽ آف بزنيس اِسٽڊيز ڪراچي 2008ع
    10. سنڌي ٻولي، لکت ۽ تهذيب ڪانفرنس حيدرآباد 2009ع
    11. سما دؤر سيمينار ڪراچي يونيورسٽي 2009ع
    12. ڪلهوڙا دور 2009ع
    13. روضي ڌڻي ايوارڊ حيدرآباد 2010ع
    [/JUSTIFY]

    حواله:

    ماٺيڻو محقق: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (تحرير : عطاءُ الله شاهه بخاري)

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو تخليقي ادب ۔۔۔هڪ جائزو (عبدالباسط وگهيو)
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

    اناالله واناعليه الراجعون۔۔۔۔۔ سنڌي ادب جي عالم، محقق، اديب ۽ شاعر جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جي ساڃهه وند طبقو هن وقت رنج ۾ مبتلا آهي اسان سندس لاءِ دعاگو آهيان ته الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي
     
  3. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

    ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا ۔۔۔۔۔

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ٻولي جو ناميارو محقق ۽ سينيئر اديب هو سندس لاڏاڻو سنڌي ادب لا تمام وڏو هاڃو آهي​


    .....................................

    ڊاڪٽر صاحب جي حوالي سان وقتائتي ڄاڻ ڏئي اوهان ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي پيارا سليمان ۔۔ ان سان اسان جي انهن نوجوانن کي ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت جي وشال هئڻ جو احساس ٿيندو جن صرف سندس نالو ٻڌو آهي ۔۔۔ تمام ساراهه جوڳو ڪم ڪيا ٿا اوهان سنڌ سلامت ذريعي​
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,068
    ورتل پسنديدگيون:
    3,013
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

    انا لله و انا اليه راجعون

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جن جو سنڌي ٻولي لا خدمات ڪنهن تعارف جون محتاج نه آهين سائين جن ججي لاڏاڻي سان يقينن سنڌي ٻولي جي لاء ليکڪن جي کوٽ ۾ هڪ ٻيو خال پيدا ٿي ويو آهي اسان سنڌ سلامت انتظاميه طرفان سائين جن جي پوئلڳن سان تعزيت پيش ڪيون ٿا ۽ انهن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

    انا لله وانا عليه راجعون، رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ... آمين

    باقي اوهان تفصيل معلوماتي لکي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سندس شخصيت تي ڳالهائڻ آئيني جو اولڙو ٿيندو ۔۔۔ لک ٿورا
     
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    807
    ورتل پسنديدگيون:
    483
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

    انا لله و انا اليه راجعون

    سنڌي ادب جي عالم، محقق، اديب جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ هن وقت رنج ۾ مبتلا آهي رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ... آمين













    .
     
  7. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

    انا لله و انا اليه راجعون

    درسي ڪتابن ۾ نظرثاني ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر جبار جوڻيجو جو نالو به هوندو هو، اوهان تفصيلي مضمون لکيو آهي

    الله پاڪ مرحوم کي جنت ۾ جاء ڏي
     
  8. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

    انا لله وانا عليه راجعون، رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ... آمين
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻوليء جو ناليوارو ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: هڪ مثالي محقق ۽ شفيق استاد

    [JUSTIFY]سال 1968ع ۾ مون جڏهن B.A آنرس انگريزيءَ ۾ داخلا ورتي ته شرط لاڳو ڪيو ويو ته انگريزي ادب سان گڏ مشرقي زبانن (اردو، فارسي، عربي ۽ سنڌي) مان هڪ عدد ٻولي Minor ٻه سال پڙهڻي پوندي. منهنجي دل ۾ فارسي ۽ عربيءَ مان هڪ زبان کڻڻ جي سوچ هئي ته پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي جي مشوري کي مڃيندي، سنڌي شعبي ۾ وڃي پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئيءَ وٽ پهتس، جنهن داخلا فارم تي صحيح ڪئي. ڪجهه دير حيرانگيءَ سان پروفيسر صاحب طرف ۽ سندس دستخط کي ڏسندو رهيس، اوچتو پروفيسر صاحب انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندي مون کي پيار سان چيو: “This will do” (اهو ڪافي آهي). ان وقت ۾ سنڌي شعبي جا استاد به انگريزي ڳالهائيندا هئا (علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جو اثر اڃان قائم و دائم هو) هاڻ ته انگريزيءَ جا پروفيسر ۽ ليڪچرار، انگريزيءَ بدران يوناني ۽ لاطيني زبان پيا ڳالهائين! ڊاڪٽر عبدالجبار اسان کي ڪلاسڪ شاعري (سُر سريراڳ ۽ مارئي) پنهنجي مخصوص ڌيمي لهجي ۾ پڙهائيندو هو ۽ جنهن کي سمجهڻ لاءِ به تمام گهڻي توجهه ڏيڻي پوندي هئي. پاڻ مون کي ڪلاس کان پوءِ ٻڌائيندو هو ته هو سنڌ جي ادبي تاريخ لکي رهيو آهي، جيڪا اڳئين ٻن تاريخن محمد صديق ميمڻ (اصل ليکڪ محمد صديق مسافر) ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي وارين تاريخن کان گهڻي جديد، مختصر ۽ ڪارائتي هوندي. ڊاڪٽر عبدالجبار جي ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ 1973ع ۾ پهريون دفعو پڌري ٿي ۽ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن ۾ هزارين شاگردن کي مستفيض ڪندي ان جا چار ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. 2004ع ۾ سنڌي ادب جي تاريخ 3 جلدن ۾ لکي پڌري ڪيائين، جيڪا هيستائين شايع ٿيل سڀني ادبي تاريخن تي ڀاري آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڀاءُ آفتاب جوڻيجو. پهريون شاگرد هو، جنهن انگريزي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس، پهرين پوزيشن وٺي 65-1966ع ۾ ڊاڪٽر سلطان (والد صاحب) جو نالو روشن ڪري، پوءِ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. ڊاڪٽر عبدالجبار ولد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو 26 نومبر 1935ع تي ڳوٺ پير فتح شاهه (هاڻوڪي تعلقي ۽ ضلعي بدين) ۾ ڄائو، 1995ع ۾ بحيثيت پروفيسر سنڌي ۽ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس رٽائر ڪيائين. 93-1994ع ۾ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ به رهيو، سندس رهبري ۾ اٺن شاگرد پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي فارسي ۽ چيني زبان تي به چڱي خاصي دسترس هئي ۽ ڊپلوما به ڪيل هئس. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ ننڍا وڏا لکيل ۽ ترتيب ڏنل 50 ڪتاب پڌرا ڪيا. آخر وقت تائين هو پنهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ تحقيقي ڪم ۾ مصروف رهيو. لاڙ ميوزيم بدين جو اعزازي ڊائريڪٽر رهڻ جو به اعزاز کيس حاصل رهيو. ڊاڪٽر جبار صاحب جي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان علمي ۽ ادبي وابستگي آخر تائين رهي. ڪجهه وقت اڳ جڏهن ڪجهه ”مهربانن“ لوڪ ادب جي موضوع تي پنهنجي مابعد ”جديديت“ جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر بلوچ جي شخصيت تي اجائي ”غير سنجيدگي“ وارو رويو رکيو، تڏهن ڊاڪٽر جبار هڪ مفصل مضمون لکي انهن سڀني نقطن جو عالمانه جواب ”ڪاوش“ جي ڪالم ۾ ڏنو. مابعد جديديت ۽ لوڪ ادب ٻه الڳ الڳ شعبا (Discipline) آهن، Post-structuralism ۽ De-construction جا حامي خوامخواهه Folk Lore جي ميدان ۾ ڪاهي پيا. ڊاڪٽر عبدالجبار جي علمي ۽ منطقي دليلن جو جواب اهو آيو ته ڊاڪٽر بلوچ خلاف مهم ڪجهه هفتا بند ٿي وئي. ڇا آغا سليم جديد فڪر جو دانشور نه آهي، جو هو به ڊاڪٽر بلوچ کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. غلام نبي مغل ۽ حميد سنڌي، رسول بخش پليجو به ڊاڪٽر جبار جيان ڊاڪٽر بلوچ جو دل سال احترام ڪندا آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مرحوم سان آخري ملاقات 3 مهينا اڳ ڪراچي آرٽس ڪائونسل واري ادبي ميڙاڪي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي وفات تي هڪ عاليشان ريفرنس ڪراچي يونيورسٽي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪرائي، امر جليل ۽ سراج الحق ميمڻ کان ڊاڪٽر صاحب جي حياتي ۽ ڪارنامن تي روشني وجهرائي. اتي شام واري اجلاس ۾ ڊاڪٽر الانا جي صدارت ۾ مقالن جي نشست ۾ ڊاڪٽر جبار پنهنجو پرمغز مقالو ”ڊاڪٽر بلوچ ۽ علم موسيقي“ پيش ڪيو. اِهو واحد مقالو هو، جيڪو وڏي ريسرچ سان لکيل هو، باقي ٻيا مقالا بشمول منهنجي مقالي، ڪنهن ڪو نه ٻڌا ۽ سمجهيا. ڊاڪٽر جبار جي علم موسيقيءَ جي ڄاڻ، هندستاني ڪلاسيڪل راڳڻين تي دسترس ۽ لوڪ ادب ۽ ڊاڪٽر بلوچ شناسي، لطيف شناسي کان ڪنهن به طرح گهٽ نه هئي. هڪ ادبي ميڙاڪي ۾ مون جڏهن اِهو چيو ته علامه اقبال کي ڳائي نه ٿو سگهجي، خاص طور تي غزل ۾! تڏهن برملا مون سان اختلاف ڪندي تنقيد جي راهه ورتائين. ڊاڪٽر جبار، جيئن ته هڪ سکر گهراڻي سان تعلق رکندو هو، ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ سندس وفات تي ڪلچر ڊپارٽمينٽ تي روايتي ملامت ڪونه ٿيندي. هن نه ڪڏهن سرڪاري علاج جي درخواست ڪئي ۽ نه هو پاڻ کي ان جو مستحق انسان سمجهندو هو. هن جهڙا باشعور، اورچ، جاکوڙي محقق ۽ شفيق استاد هاڻ سنڌ ۾ گهٽ پيدا ٿين ٿا. آخر تائين لوڪ ادب، لطيفيات ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي ڪم ڪندو رهيو. ”حق مغفرت ڪري، عجب آزاد مرد ٿا.“[/JUSTIFY]

    گل محمد عمراڻي /حيدرآباد

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو