دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت پاران ڪتابي سلسلي جو پنجون ڪتاب ”شاهه عبدللطيف ڀٽائيء جا ڊزائن ڪيل بيت“ پيش آهي۔ هي ڊجيٽل بو ڪ ايڊيشن جو شمارو سچ ته تمام خوبصورت هجڻ سان گڏ تخليق ڪندڙ جي بهترين فن جي عڪاسي پڻ آهي۔ غلام شبير ڪيريو پاران فيسبوڪ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيء جي بيتن کي ڪمپيوٽر چترڪاريء ذريعي سهڻي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي۔
محترم غلام شبير ڪيريو سنڌ سلامت جي ميمبر هجڻ سان گڏ فيسبوڪ تي به پنهنجي خوبصورت ڊزائن ۽ چترڪاري سبب تمام گهڻو مشهور آهي۔ سندس ڪم سچ ته تمام گهڻو تعريف ۽ اوارڊ جي لائق آهي۔ سنڌ سلامت سندس اهڙي خدمتن تي کيس سلام پيش ڪندي ، سندس ڊزائن ڪيل بيتن کي سهيڙي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪري رهي آهي۔ اميد ته دوستن کي هي ننڍڙي ڪاوش پسند ايندي۔ هن ڪتاب جي سائز وڏي هجڻ سبب ٿي سگهي ٿو آنلائين نظر اچڻ ۾ ڪا پريشاني اچي۔ اهڙي ڪنهن صورت ۾ هن لنڪ تان ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهجي ٿو۔
مان شڪرگذار آهيان ڀاء غلام شبير ڪيريو جو ،جنهن سنڌ سلامت کي اها اجازت ڏني ته سندس ڪم کي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان پيش ڪيون۔