فقير محمد لاشاري - جرئتمند صحافي جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اڄوڪو ڏينهن 17 جولاء سنڌ جي هڪ بيباڪ ۽ جرئتمند صحافي فقير محمد لاشاري جي 18 ورسي جو ڏينهن آهي۔ سنڌ سلامت پاران سنڌ جي هن عظيم شخصيت کي سلام پيش ڪجي ٿو۔

    سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته انيڪ صحافي نظر ايندا جن پنهنجي لکڻين ۽ قلم زريعي قوم جي ضمير کي جنجهوڙيو ۽ غفلت جي ننڊ مان اٿاريو آهي. اهڙين شخصيتن مان هڪ بيباڪ، جرئتمند ۽ بهادر صحافي فقير محمد لاشاري به هو. فقير محمد لاشاري جي لکڻين سچ ته صحافت کي نوان موڙ ۽ نيون راهون ڏنيون. 42 سالن جي ڦوهه جواني واري عمر ۾ شهادت ماڻيندڙ فقير محمد لاشاري سچ ته پنهنجي قلم ذريعي صحافت کي جيئندان ڏئي ويو.

    فقير محمد لاشاري جي والد جو نالو محمد حسن لاشاري هو. هو 4 سيپٽمبر 1951 تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارهه جي قديم ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ وارهه هاء اسڪول مان 1968 ۾ پاس ڪيائين. هو ڳوٺ جو واحد ماڻهو هو جيڪو 1968 ۾ به انگريزي اخبار گهرائي پڙهندو هو. گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾ بي اي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس 1974ع ۾ ۽ لاڙڪاڻي مان 1979ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين. شروعات ۾ هو استاد ٿيو پر سياست ۾ گهري دلچسپي هجڻ ڪري مدلل بحث ڪندو هو. ڪجهه وقت هن اخبارن لاءِ وارهه مان رپورٽنگ به ڪئي پوءِ اتان ئي صحافي لڏي ۾ لاڳاپا شروع ٿيس. شروع ۾ هن سياست ڏانهن لاڙو ڪيو ۽ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان گڏجي ڪم ڪيائين.

    هن اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ماڻهن سندس لکڻين کي گهڻي موت ڏني. سندس قلم ۾ هڪ لوچ ۽ سوچ سمايل هئي جيڪا پڙهندڙ کي جلد متاثر ڪندي هئي. 1972 ۾ ڪراچي اچڻ کانپوء هن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي سان به پاڻ ملهايو ۽ 7 سال سنگت سان گڏ رهيو ۽ ان سان گڏ لاشاري صاحب مختلف مضمون، ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيون. ان دوران هن جا مضمون ۽ لکڻيون گهڻو مشهور ٿي چڪيون هيون ۽ هاڻي هو ف م لاشاري طور مشهوري ماڻي چڪو هو. فقير محمد لاشاري پنهنجي صحافتي سرگرمين جي شروعات هڪ اردو اخبار جي رپورٽنگ سان ڪئي، ان کانپوءِ ڪيترن ئي اخبارن، رسالن جو ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر رهيو.

    صحافت ۾ رهندي فقير محمد لاشاري جي ادب دوستي، ادبي ڄاڻ، ڏيهه ۽ عالمي حالتن تي عبور کي محسوس ڪندي روزانو عوامي آواز ۾ کيس چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. عوامي آواز ۾ پهچڻ شرط سندس جا ايڊيٽوريل سنڌي صحافت جي جان بڻجي ويا ۽ هر هڪ سنجيده ادب سياست جو شعور رکندڙ سنڌين محسوس ڪيو ته عوامي آواز اخبار به هاڻي سنڌي صحافت ۾ قابل اعتماد نالو، تحريڪ ۽ جدوجهد جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي. لاشاري سال 1979ع ۾ هلال پاڪستان ۾ ملازمت ڪئي ۽ سال 1988ع ۾ عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد خبر پڙهي ته لاشاري عوامي آواز جي ايڊيٽرشپ تان پاڻ استعيفا ڏني. دراصل هو آزاد سوچ ۽ ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو هيو. سندس صلاحيتون ڪنهن حڪم جون محتاج ڪونه هيون. هن روزانه جاڳو ۾ پنهنجا ايڊيٽوريل لکيا. اخبار ۾ اهڙا ته ايڊيٽوريل لکندو رهيو جو اڪثر ماڻهو صرف ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ ئي اخبار خريد ڪندا هئا.

    هن ادب ۾ 800 کان وڌيڪ مضمون لکڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ادب ۾ سال 1985ع ۾ ”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو“، ”ڌرتي جي دانهن“ 1988ع، ”سنڌ جا سور“ 1988ع، ۽ ”سنڌ پيپلز پارٽي کان ڄام صادق تائين“ 1993ع جهڙا معلوماتي ڪتاب شايع ڪيا، ف م لاشاري جي ادب جو تجزيو ڪبو ته سندس مضمون ۽ تقرير ۾ فلسفو گهڻو هوندو. ڇاڪاڻ ته هو پئسي وارن اديبن وانگر خيالن جي عياشي نه ڪندو هو. پر هو هيٺئين ڪلاس جي حالتن کي دنيا جي انقلابن ۽ فلسفن ساڻ ملائيندو، ٻڌائيندو هو. تنهن ڪري عام پڙهندڙ شروع شروع ۾ سندس مضمون آساني سان نه سمجهي سگهندو هو. پر لاشاري ان کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ عام حوالا ۽ تشبيهون ڏيندو هو.

    نه صرف صحافت پر هن ادبي ميدان ۾ ڪهاڻيون به لکيون. انکانسواء هو هڪ بهترين نقاد پڻ هو.صحافت ۾ رهندي هن جو قلم نه ڪڏهن رڪيو ۽ نه ڪڏهن هو پاڻ به ڪنهن طاقت اڳيان جهڪيو. کيس خريدڻ جي گهڻي ڪوشش ٿي، هن کي ڌمڪايو ويو ، لالچايو ويو پر سندس قلم آزاد رهيو. هن صحافت کي جديد لاڙا ڏنا ۽ سچ جو ساٿاري رهيو، صداقت جو پيغام بهادري سان ڏيندو رهيو..
    هن بحيثيت صحافي نيپال، برطانيه، آمريڪا جا پڻ سفر ڪيا ۽ انهن پرڏيهي سفرن تي هن ڪتاب پڻ لکيا. فقير محمد لاشاريءَ جا 9 ڪتاب لکيل آهن. محترمه بينظير ڀٽو جي لانگ مارچ جي سڏ ۾ سڏ ملائيندي ف م لاشاري ، ڊاڪٽر اسماعيل اوٺيجو، جڳديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو سان گڏ 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور کان اسلام آباد ويندي پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيا جنهن ۾ اسماعيل اڍيجو ۽ ف م لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته جڳديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو زخمي ٿي پيا (جڳديش ملاڻي به ڪجهه ڏينهن کانپوء وفات ڪري ويو). کيس اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس صحافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن عيوض 1995ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران ستاره امتياز ڏنو ويو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فقير محمد لاشاري - جرئتمند صحافي جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    سائين محترم فقير محمد لاشاري پنهنجي وقت جو هڪ مڃيل صحافي، سياسي ڪارڪن ۽ اديب پڻ هو ،،، سندس لڳ لاڳاپا پڻ اهڙا جن مان سنڌيت جي شيدائي هجڻ جا سبق ملن ٿا ۔۔۔

    مون کيس گهڻو ته نه پڙهيو آهي، پر ساڻس هڪ ملاقات ٿي هئي جڏهن هو معمار ڪمپليڪس ڪراچيءَ جي پريان 120 گز جي ننڍڙي گهر ۾ رهندو هو ،،، هڪ دفعي هو جڏهن بيمار ٿيو هو ۽ منهنجو رشتو سائين شمشير الحيدريءَ جي گهر ٿيو هو ته انهن سان گڏجي ساڻس ملڻ ويو هيس، جت خبر پئي ته سائينءَ جن جا گهرا رشتا آهن ۽ مرحوم تاجل بيوس سان ته خانداني رشتا ٿيل اٿن ۔۔۔۔ تاجل بيوس، شمشير الحيدري ۽ فقير محمد لاشاري، جڏهن گڏ ويهندا هئا ته اسانجهڙن سيکڙاٽن جو وات گودو ٿي ويندو هيو ۔۔۔ علم ۽ ادب جو بحر وهندو هو ۔۔۔۔

    ساڻس پهرين ڪچهريءَ ۾ ئي آءُ سندس ڏاهپ کان متاثر ٿيو هيس ۔۔۔

    کلڻو، مهمانواز ۽ تمام سهڻو انسان ۔۔۔

    محترم سليمان اوهان کيس ياد ڪري ۽ اسانکي به سندس جي ياد ڪرائي وڏا وڙ ڪيا آهن ۔۔۔

    رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فقير محمد لاشاري - جرئتمند صحافي جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    مهرباني سائين نثار

    اوهان لاشاري صاحب جون يادون هتي ونڊ ڪيون۔ مونکي ياد آهي ته اسان سندس ايڊيٽوريل پڙهندا هئاسين ۽ ماما تاج محمد اسان کي اها تلقين ڪندو هو ته ف م لاشاري جا مضمون ، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل ضرور پڙهو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: فقير محمد لاشاري - جرئتمند صحافي جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    مون ننڍي هوندي پرهيو هو ته قلم تلوار کان وڌيڪ تکو آهي ۔۔۔!!!!!!

    ننڍي هوندي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر جڏهن لاشاري صاحب جا ايڊيٽوريل ۽ ڪالم پڙهيا ته ڳالهه سمجهه ۾ آئي۔ بيباڪ، بهادر ، سچو ۽ کرو ليکڪ ۽ صحافي۔ هن جي شهادت تي اڄ سنڌ کيس سلام ڪري ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فقير محمد لاشاري - جرئتمند صحافي جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    اوهان بلڪل سچ فرمايو ته قلم تلوار کان تيز آهي۔۔۔۔۔۔۔۔

    فقير محمد لاشاري جهڙا ماڻهو ان قلم واري ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي ويا ۔۔۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فقير محمد لاشاري سنڌ جو جرئتمند صحافي هو، سندس قلم تلوار مثل هو، هن جا لکيل ايڊيٽوريل سنڌ جو آواز هوندا هئا۔ مونکي ياد آهي ته جڏهن شروع ۾ سچل ڳوٺ کي ڊاهڻ لاء پوليس ڪاهه ڪئي هئي ته ان وقت جي سنڌي اخبارن هڪ گڏيل ايڊيٽوريل هلايو هو، جنهن هلچل مچائي هئي، ان آواز ۾ شامل ماڻهن ۾ فقير محمد لاشاري به هيو۔

    سنڌ اڄ کيس سندس 19 هين ورسيء تي سلام پيش ڪري ٿي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وري رهي ٿي جهڙالي موسم
    نصرت لاشاري

    گذريل ڪيترن ڪلاڪن کان ڪوشش پئي ڪيان ته ننڊ اچي وڃي پر ننڊ جهڙي نازڪ شيءِ ڀلا اندر ۾ هلندڙ طوفان هوندي ڪٿان ايندي؟ ڪي ڏينهن، ڪي مهينا ۽ ڪي سال ايڏا ته ظالم هوندا آهن جهڙو شايد هٽلر جهڙو ظلم به ان جي اڳيان معصوم لڳندو آهي. اهڙو ظالم جهڙو سترهين جولاءِ جو ڏينهن 1993ع جي سج سان اڀريو هو ۽ شام ٿيندي ٿيندي اونداهي رات ڇڏي ويو هو، هڪ هنيانءَ ڏاريندڙ خبر سان ته ”.فقير محمد لاشاري جو گجر خان وٽ ڪار حادثو هو، هاڻ هو اسان ۾ ناهي رهيو“ اها هڪڙي خبر نه هئي، پر اهڙي حسين ماڻهو جو جوان موت هيو جنهن جنهن اها خبر پڙهي يا ٻڌي انهن جو اندر اڌ ٿي پيو، ڇيهه ڇڄي پيا، هو پنهنجي زندهه دل ٽهڪن جيان خوبصورت هيو، پر ڪنهن سندس اندر ۾ جهاتي پائي ڏٺو هو ته هو ڪيترو حسين انسان هو؟ شايد ڪڏهن به نه ۽ ڪوبه اهڙو نه هو جنهن سندس اندر ويٺل معصوم مرڪ واري ٻار کي، ماڻهن کي انسان سمجهي ان کي اهميت ڏئي، ڌرتي سان عوام سان، مٽيءَ سان پلال سان سنڌ جي جهر جهنگ سان عشق ڪيو ۽ ان عشق جو حق به ادا ڪيو، کيس محبت جي بدلي ڪو به مال دولت نه پيو کپي، صرف هو موٽ ۾ ساڳي پيار جو طلبگار هيو، فقير محمد لاشاري هڪ شخص نه پر هڪ تحريڪ جو نالو آهي، جنهن سدائين جنگ وڙهي انهن مظلومن جي جن جو ڪوبه داد فرياد ڪرڻ وارو نه هيو، پوءِ اهي حڪمران ٽولا هجن يا وري پنهنجي تر جا ظالم وڏيرا هجن پاسو سدائين انهن جو کنيو جن جي دانهن ورنائڻ وارا ڪن ئي بند پيل هيا، اکيون ته هيون پر ڏسن نه پيون، اتي قلم کان تلوار جو ڪم هڪ صحافيءَ ورتو، اهو صحافي جنهن کي ڪو وڏيرو، پير مير خريد به نه پيو ڪري سگهي، شايد ان ڪري ئي سندس وڇوڙي کان پوءِ اسان کي بابا جي جيڪا بئنڪ اسٽيٽمينٽ پوسٽ ۾ ملي ان ۾ موجود بيلنس فقط اڍائي هزار هيو، پر ماڻهن جي محبتن جا خزانا ڀريل هئا ۽ اڄ به ڀريل آهن، شايد سندس مقصد به اهو ئي هيو ته محبتون ميڙجن جيڪي سڀني کان وڏي دولت آهي.

    سانوڻي جي مند آهي، وري اچي سنگهارن جي سارنگ سار لڌي آهي، جهڙا گهرا ڪارا بادل ڪر کڻي وسڻ جا ويس پيا ڪن، من جي موسم به جُهڙالي آهي، سور آهي جيڪو سندو ئي نه ٿو ڪري، وري اهو سانوڻ جو وسڪارو ياد اچي ويو جڏهن اسان اسڪول مان موٽندي، اسڪول وين واري اسان کي گهر کان گهڻو پري لاهي هليو ويو هو، اسان چارئي ڀاءُ ڀينر ايڏي تيز مينهن ۾ ڪرندا ٿاٻڙندا جڏهن گهر جي ويجهو پهتاسين ته ڏٺوسين ته امان ۽ بابا پنڌ گهران نڪري پيا، مون پهريون ڀيرو بابا ۽ امان کي اسان لاءِ ايڏو پريشان ڏٺو، مينهن به اهڙو جو اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان.

    يادگيرين جا ورق ورائجن ٿا ته، شايد منهنجي شعور جي شروعات اتان ٿي هجي، گاجي کهاوڙ واري گهر ۾ جڏهن اسين پنهنجي ڏاڏي محمد حسن، چاچي غلام مصطفيٰ، غلام مرتضيٰ ۽ سچل سان گڏ رهندا هئاسين ۽ بابا ڪراچي مان جنهن ڏينهن اچڻو هوندو هو ان ڏينهن امان اسان کي نوان ڪپڙا پارائي ايئن تيار ڪندي هئي ڄڻ ته عيد هجي ۽ اسان ان مهل پاڻ کي ڏاڍو معتبر سمجهندا هئاسين، پنهنجن سئوٽن ماساتن کي خوش ٿي ٻڌائيندا هئاسين ته بابا اڄ ڪراچي مان ٿو اچي. لئه مان اسان جو هلڻ ئي مٽجي ويندو هو. امان جي چهري تي مُرڪ ڏسي آئون ڏاڍي خوش ٿيندي هيس، هڪ ڀيرو بابا آيو ته امان کي مون بابا سان وڙهندي ڏٺو، اها ڳالهه منهنجي ننڍڙي سمجهه کان ٻاهر هئي، جڏهن بابا هليو ويو واپس ڪراچي ته مون امان کان پڇو ته تون ڇو پئي وڙهين بابا سان، امان چيو پپو (اسان جو ڀاءُ ظفر) بيمار آهي مان چاهيان ٿي ته ڪراچي هلي توهان جي بابا سان رهون ۽ ان جو علاج به ڪرايون، امان جي ڳالهه ته صحيح هئي پوءِ بابا ڇو نه پيو مڃي؟ وري بابا جلدي ڳوٺ موٽي آيو هن ڀيري امان اسان ٻارن کي وٺي ان ڏينهن اسان جي ناني جي گهر هلي وئي جنهن ڏينهن بابا ڳوٺ آيو، بابا جو اسان کي گهر ۾ نه ڏٺو ته ڏاڍو پريشان ٿيو، امان جي ماسي کي موڪليائين ته وڃين وٺي اچو منهنجي ٻارن کي پر امان نه آئي، ٻي ڏينهن صبح جو بابا واپس پئي ويو ڪنهن امان کي اچي ٻڌايو، ان مهل امان ڊوڙندي پنهنجي وڏي در تي اچي بيٺي مان به امان جو دامن جهلي بيٺي هيس امان جي اکين ۾ ڳوڙهن جا نار ڏسي آئون به روئي پئي هيس، اسان ٻنهين مان بابا اک نه ڪڍي واپس اچي مون کي ڀاڪر پائي ايڏو رُنا امان به هڪ اکر نه ڳالهايو بابا بس ايترو چيو ته هفتي کان پوءِ مان توهان کي وٺڻ ايندس تيار رهجو. اهو ماڻهو جيڪو پل به پري نه رهي سگهي ان کي امان کان رُٺي اڄ اڻويهه سال ٿي ويا آهن، امان جيڪا بابا جي محبت کي عبادت سمجهي اسان اولاد جو ساٿ ڏنو آهي، کيس فرشتا به سلام ڪندا.

    امان او امان هي بابا جي پهرين ورسي آهي جو مان توکان پري آهيان، پر مان جتي به هجان 17 جولاءِ جو درد ڪان بڻجي منهنجي اندر ۾ لهي ويو آهي، اهو تڏهن ختم ٿيندو جڏهن مان نه هوندس، زندگيءَ ۾ اهڙي پياري ماڻهو کي وسارڻ ممڪن ئي ناهي، منهنجي پياري امان تون شهيد جي وني آهين ۽ شهيد ته رڳو پردو مٽائي ويندا آهن، تون سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ ڏس جتي تنهنجي دلبر محبتن جا ٻج ڇٽيا آهن، جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو سي اڄ به پنهنجي فقير سان بي لوث محبت ڪن ٿا جنهن جاڳو جاڙيجا جي صدا هڻي سنڌ جي ستل شعور کي جاڳايو. جنهن سنڌي صحافت کي جديد صحافت جو جامو پارايو. اهڙا شهيد ته سدائين زندهه هوندا آهن.

    يادگيريون نه هجن ته شايد ان ماڻهو وٽ ڪجهه به نه هجي، راج ڪپور جي فلم ”ميرا نام جوڪر“ جيڪا اسان ڪيترا ئي ڀيرا بابا سان گڏ ڏٺي هئي، ان جو گانو ”جاني ڪهان گئي وه دن ڪهتي ٿي تيري ياد مين نظرون ڪو هم بڇائينگي، چاهي ڪهين ڀي تم رهو، چاهين گي تم ڪو عمر ڀر، تم ڪو نه ڀول پائين گي“ ڪالهه ڪٿان واپس ايندي گاڏي ۾ ريڊيو تي هليو ته مون ڀر ۾ ويٺل پنهنجي ڀيڻ تخليق ڏٺم، هن به مون کي ڏٺو لفظ ڪونه هئا بس سانوڻي جو وسڪارو هو، ٿورو پاڻ سنڀالي سارنگ کي فون ڪيم، چيائين ادي ڇو تنهنجو آواز ڀريل آهي، چيم ميرا نام جوڪر جو گانو ٻڌوسين، سارنگ به چپ ٿي ويو، لفظ نه هئا بس ٻنهي پاسي خاموشي.

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    763
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي
    ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي۔۔

    احساسن سان ڀريل تحرير،جيڪا پڙهڻ کانپوء
    الهي ڇو مون به پنهنجا پيارا ياد ڪندي به ڪوسا لُڙڪ
    هاري جلدي پانڌ سان پنهنجيون اکيون اُگهي ڇڏيون
    وڌيڪ روئڻ مناسب نه سمجهيم الاهي ڇو؟؟؟؟
    منهنجي ناني جا فون تي ڇيل لفظ اڄ به منهنجي ذهن تي گردش ڪن ٿا
    جڏهن آئون مذدوري سانگي نوري آباد ۾ رهندو هئس ۔۽ فون ڪري سڀ کان پهرين
    پنهنجي بوئا جيڪا ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هئي ان جو ئي پُڇندو هئس
    19۔08۔2007 جي اُها اڀاڳي سام مون جيئن ئي فون تي نانا کان بوئا جو پُڇيو ته ان چيو
    تنهنجي بوئا هاڻي پرلوڪ پڌاري وئي،، هڪ اهڙير جهان جتان نه ڪا خبر ايندي آهي ۽
    نه ئي ڪا تار، عجيب حادثا ٿيندا آهن ماڻهو جي زندگي ۾،۔۔۔۔۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,125
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو