سائين شمشيرالحيدري جي طبيعت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ ناساز ٿيندي پئي وڃي ۽ اخبارن ۾ به روز اهي خبرون پيون هلن. شروع ۾ ئي منهنجي ساڻن فون تي ڳالهه ٿي ته پاڻ چيائون ته مان تندرست آهيان بس بخار جي ڪري ڪمزوري آهي. مان ۽ ادا ذوالفقار بهڻ روز سائين سان ملڻ جو سوچي رهيا هئاسون پر ڪڏهن پنهنجي ڪاهلي ته ڪڏهن آفيس جي مصروفيت ته وري ڪڏهن ڪراچي جا خراب حالات. بحر حال 13 جولاء 2011 تي ذوالفقار بهڻ ۽ مان سائين سان ملڻ سندس گهر پاڪستاني ڪوارٽرس لاء وياسين. پهريان سائين هدايت بلوچ جي گهر وياسين ۽ اتان پوء سائين هدايت سان گڏ شمشير صاحب جي گهر وياسين. سائين گهڻو ڪمزور لڳي رهيو هو ۽ خاص ڪري سندس نظر گهڻو ڪمزور ٿي چڪي آهي. حال احوالن ۾ پاڻ گهڻو مزاحيه لڳي رهيا هئا ۽ حوصلامند هئا. پاڻ زندگي مان خوش ۽ مطمئن لڳي رهيا هئا ۽ ڪنهن به موقعي تي ڪنهن کان ڪا شڪايت ڪونه ڪيائون. ان دوران ذوالفقار بهڻ ۽ مان نئين ڪتاب ڪراچي جا حال حيات سرجڻهار ۽ سنڌ سلامت لاء سائين کان هڪ ننڍڙو انٽرويو به ڪيو.
هڪ موقعي تي سائين سيريس ٿي چيو ته منهنجي مرڻ جي سازش سليمان وساڻ، نثار ابڙي ۽ سنڌ سلامت وارن ئي سٽي آهي. مان پريشان ٿي سائين کان پڇيو ته اهو ڪيئن؟ پاڻ کِلي ۽ مزاحيه انداز ۾ چيائون ته بابا سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر ۾ سڀني مئلن سان گڏ هڪڙي جيئري شمشير جو ڦوٽو لڳايو اٿن ۽ پوء سڀ کلڻ لڳا.
هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته سائين جي سگريٽ پيئڻ جي رفتار اڃان ساڳي لڳي ۽ ان سان گڏ سائين جي اهائي اڌ چمچو کير، باقي پاڻي ۽ تيز پتي واري چانهه به ساڳي پئي هلي. سائين سان ڪيل ڳالهيون ۽ سندس حوالي سان ڪجهه بايو ڊيٽا هيٺين مضمون ۾ پيش ڪجي ٿي.

شمشير الحيدري : دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جو بنيادڪار
تحرير : سليمان وساڻ
شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ حڪيم پڻ آهي. هو هر فن مولا آهي، هو مست آهي، ملنگ آهي، ڀوڳائي آهي. اين جي وي ۽ نور محمد ھائي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھي خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو.
شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، 15 سيپٽمبر 1931 ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بدين چار درجا پڙھيو ۽ پنجين درجي ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ داخلا ورتي پر اتان تنظيمي سرگرمين ڪري مدرسه ۽ بورڊنگ ھائوس مان بيدخل ڪيو ويو جنھن ڪري ست درجا پاس نه ڪري سگھيو. ھن دوران اين جي وي ۾ داخلا لاءِ پھتو ته کيس داخلا کان جواب ڏنو ويو، نور محمد ھائي اسڪول ۾ به کيس داخلا نه ملي سندس چواڻي ته نور محمد هاء اسڪول ۾ بغير داخله جي ڪجھ ڏينھن ويٺو رھيس، آخر ٽنڊي باگي واري لارينس مدرسي ۾ داخلا ملي جتان ميٽرڪ ۾ فيل ٿيس وري سپليمينٽري امتحان ۾ به فيل ٿيس جنھن ڪري 1950 ۾ پڙھائي کي خيرباد ڪيم اھڙي طرح ميٽرڪ نه ڪري سگھيس. پوء حيدرآباد ۾ نوڪري دوران ئي محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان گڏ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوء اديب عالم سنڌيء جا امتحان پاس ڪيا بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان سنڌي ادب ۾ بي اي آنرس ۽ ايم اي ڪيائين.
روزگار جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندڙ شمشير شروعات منشيء جي حيثيت ۾ 1950 ۾ رائيس مل بدين مان شروعات ڪئي.ھن بعد ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريونيو ۾ ڊويزنل ڪلارڪ، ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪئي. روزانه ھلال پاڪستان کان ادبي لکڻين جي شروعات ڪيائين ۽ اتان ئي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پوء ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر پڻ، نئين زندگي جو 11 سال ايڊيٽر 1977 تائين رھيو،ان بعد يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف گريڊ ۾ 19 رھيو ۽ 20 گريڊ جي لاءِ سندس سمري وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ ويل هئي وئي جيڪا محترمه جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئن ان عھدي تان 1991 ۾ پاڻ رٽائر ٿيا.
شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار آهي. هو نه ڪنهنجي اڳيان جهڪيو آهي نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته اها اخبار جنهن جو مالڪ آمرن سان گڏ حڪومت ۾ ويٺو هو ان اخبار جي پرچي اچڻ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا ۽ اخبار هٿو هٿ وڪامجي ويندي هئي. اهو اخبار جو نه پر شمشير جو ڪمال هو. 50 پئسن جي اخبار 50 رپين ۾ وڪامبي هئي ۽ اخبار جون ڪاپيون وڪامجڻ بعد فوٽو ڪاپيون ڪرائي هاڪر وڪڻندا هئا. مهراڻ ۾ پاڻ ڦلترو جي عنوان سان ڪالم لکندا هئا ۽ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو اڄ به سچ جو ساٿاري آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواء پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي بوليء تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي. هو پاڻ کي اڃان به بنيادي طور هڪ ڪارڪن ئي سمجهي ٿو.
سندس شاعري جي شروعات آزاد نطم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو اٿس چوندو آهي ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوي ٿو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا آهن. جڏهن شمشير کان پڇجي ٿو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملي ٿو، هو چوي ٿو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان.

شمشير سٺو ڊرامه نگار پڻ آهي. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا آهن. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاء فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشر ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ آهي.
حيثيتون:
1. سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، 3 سال
2. سيڪريٽري : سنڌي ادبي سنگت، 11 سال
3. ميمبر : فلم سينسر بورڊ، 3 سال
4. ميمبر : اردو ڊڪشنري بورڊ، 3 سال
5. باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
6. ميمبر : آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان
7. ميمبر : پريس ڪلب ڪراچي
8. ميمبر : پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل
ڇپيل ڪتاب :
1. انسان ڪامل (شخصيتون) 1953ع
2 . ڪاروان ڪربلا (تاريخ) 1954ع
3. لاٽ (شاعري) 1962 ع
4. تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) 1961ع
5. تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) 1963ع
6. سوکڙي (ترتيب) 1964ع
7. آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) 1963ع
8. بهترين سنڌي ادب (افسانا) 1669ع
9. سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر : 1984ع
10. سنڌي شاعريء جو اڀياس
11. تاريخ جو ڪچرو : شاعري 1995ع
12. سجاڳ سانگهڙ : گزيٽيئر
13. Sindh Update (انور پيرزادي سان گڏ : انگريزي ۾) 2003ع
14. Flame & Flute : انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ
15. پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو)
16. ڪاڪ محل (ڊرامو)
17. Poet for all Time (سهيڙ ۽ ترتيب)
18. ٻارن جا گيت(روشن تارا پروگرام)
19. لاٽ : ٻيو حصو (تياريء هيٺ)
20. ٽيليويزن لاء 150 کان مٿي ڊرامه، اسڪرٽ ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس.
مليل اوارڊ :
1. پاڪستان ٽيليوزن ٽي اوارڊ
2. سنڌي ادبي سنگت سنڌ
3. سنڌي اڪيڊمي : دهلي
4. مارئي : دهلي
5. سمبارا ٽاپ ٽين
6. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل
7. عوامي آواز سٿ
8. ماهوار نئين زندگي
9. بزمِ جنگ
10. پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل 2 اوارڊ
11. صدارتي اوارڊ (پرائڊ آف پرفارمنس)
شمشير جي ڪجهه شاعري :
هن وقت جي پيالي ۾ ، مڌ پنهنجي حياتي جو
باقي ڪو بچيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
هن برھ جي بستيء ۾ ، “ شمشير ” جيهو جوڳي
ڪجه ڏينهن ٽڪيل آهي ، من ڪوئي اچي نڪري
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو
يا وري
ابليس کي چئي ڇڏيو ، سجدي جي تياري ڪر
دنيا تي “ انا الحق ” جا اسرار کُلن شايد !
سوريء تي سڏڻ وارا ! هڪ ڳاله ته سوچي ڇڏ
مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد !
بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي
آئنده بهارن جا پيغام هجن شايد !
’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’ شمشير‘ ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد
يا وري هي شعر
شب و روز ’شمشير‘ ڳرندو وڃين،
لڳي وئي زماني جي توکي نظر
ڪڏهن ڪڏهن دوستن لاء به ڳاله ڪري ٿو :
جن گهري ورتي هئي دل، ياد جو تحفو ڪري،
سي به اڄ ’شمشير‘ جي خاطر خبر ڀلجي ويا
تنهنجا اي ’شمشير‘ هي نغما،
ڄڻ ته ڇڄي پيئي ڪا تار!
ڪٿي آهي ’شمشير‘، جو چنگ چوري،
زمانو ته ڀلجي ويو ” چارڻ“ جون ڳالهيون.