رضوان گل شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل سرشاري [JUSTIFY]ڌرتيءَ تي ڪروڙين انسان آيا ۽ هليا ويا پر جن ماڻهن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا، امن ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي ۽ هاڪاري روّين سان محبتن جا ٻج پوکيا انهن جو نالو اڄ به زنده آهي. اهڙا املهه انسان جن هڪ ئي وقت مختلف شعبن ۾ قابلِ قدر خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ قاضي عبدالحئي قائل جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. قاضي قائل هڪ ئي وقت مثالي استاد، آرٽسٽ، خوبصورت شاعر، نثرنويس، بيباڪ صحافي، سياسي ڪارڪن، سماج سڌارڪ ۽ بهترين منتظم هو. سندس جنم 17 ڊسمبر 1917 تي ٺُل ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. سندس والد عبدالحق عبد قاضي قائل جي جنم کان ڪجهه عرصو پوءِ وفات ڪري ويو. قاضي عبدالحئي قائل 1922ع ۾ اي وي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جنهن کان پوءِ مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي مان ڇهين ۽ ستين جو امتحان پاس ڪيو، ان بعد 1933 ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪري مئٽرڪ ۽ انٽر ڊرائينگ جي سند به حاصل ڪيائين. 1935 ۾ کيس پي ڊبليو ڊي کاتي ۾ داروغي طور نوڪري ملي. 1940 ڌاري سندس پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ مقرري ٿي. ان نوڪريءَ سبب هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قيام ڪيو ۽ ماڻهن کي محبتون ڏنيون. بعد ۾ 1946 ۾ اي وِي سيڪنڊري اسڪول ۾ ڊرائينگ جي استاد طور مقرر ٿيو جتي شاگردن کي نه فقط رنگن ۽ لڪيرن جي علم کان آگاهي ڏنائين پر پاڻ ٻيا مضمون پڻ پڙهائيندو رهيو انهيءَ دوران ڊرائينگ ٽيچرز ٽريننگ ڪورس ۽ ماسٽر آف ڊرائينگ جي سند به حاصل ڪيائين. ائين پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل سان آخر تائين جُڙيل رهيو ۽ 16 ڊسمبر 1975 تي سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين. قاضي عبدالحئي قائل جي علمي ادبي خدمتن جو دائرو پڻ وسيع آهي. هن نوجوانن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو اتساهه پيدا ڪري ادبي تنظيمن جو بنياد وڌو. خاص طور تي سندس قائم ڪيل ”لطيف ادبي سنگت رتوديرو“ انهيءَ حوالي سان قابلِ ذڪر ڪم ڪيو. جنهن جي پلئٽفارم تان ڪيترائي ننڍا وڏا مشاعرا، تنقيدي گڏجاڻيون، ادبي رهاڻيون ۽ ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون ويون جن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ 1981 ڌاري قاضي قائل هڪ اشاعتي اداري ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو“ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن پاران ڪيترائي معياري سنڌي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي جي مقالن جو ڪتاب ”وکريل موتي“، مشهور ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب ”زندگيءَ ڏي موٽ“ جنهن کي مختار گهمري ۽ قاضي مقصود گل ترجمو ڪيو، قاضي مقصود گل جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“، ”سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”امن آبِ حيات“، استاد بخاريءَ جي چئوسٽن جو مجموعو ”لهر لهر درياء“، قاضي مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ”رت ڀنا رابيل“، قاضي منظر حيات جو لکيل مونو گراف ”هڪڙو پيارو ماڻهو ـــــ قاضي عبدالحئي قائل“، عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو ”مٽيءَ جا سُر“ ۽ ٻيا شامل آهن. سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ قائل صاحب غربت سبب پيڙهيل ماڻهن جي پرگهور ذاتي طور به لڌي، ته مختلف سماجي تنظيمن سان گڏجي پڻ ڪم ڪيائين. پاڻ عشر زڪوات جي چيئرمئن طور به سماجي ڀلائين وارن ڪم ڪارن ۾ تمام اڳڀرو رهيو. سياسي حوالي سان پاڻ اڳ ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو حامي هو پر بعد ۾ عملي طور به پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1977 واري اليڪشن ۾ پارٽيءَ جي حمايت ۾ شعر به لکيائين. صحافتي خدمتن جي حوالي سان سندس ڪيل يادگار ڪم 1982 ۾ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو بنياد وجهڻ هو، جنهن جو پاڻ صدر پڻ رهيو. جن اخبارن سان سندس وابستگي رهي انهن ۾”سارنگ“ جيڪب آباد، ”برسات“ڪراچي، ”سنڌ سجاڳ“ جيڪب آباد، ”هفتيوار هلال پاڪستان“ لاڙڪاڻو، ”هفتيوار آوازِ سنڌ“ دادو، ”هفتيوار آزاد“ ڪراچي، ۽ ”روزانه هلال پاڪستان“ ڪراچي شامل آهن. عبدالحئي قائل جي شاعري پنهنجي دور جي منظوم تاريخ آهي سندس شاعري ۾ مختلف انڊلٺي رنگ آهن هو ڪنهن به حوالي سان انتهاپسند نه آهي سندس شاعريءَ ۾ امن، ايڪي، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڳالهه ٿيل آهي، انهيءَ حوالي سان سندس شاعريءَ مان چند مثال ڏجن ٿا: [/JUSTIFY] ٿي مري انسانيت وحشت وڌو آ ٿرٿلو خون جي برسات سان آهي زمين تي زلزلو ظلم جو ظالم شروع ڪيو بزدلاڻو سلسلو هت وري ڏس مرد غازين جو وفا ۽ ولولو جي ڪُسي قربان ٿيا تن جانثارن تي سلام [JUSTIFY]قائل سرشاري جي گهڻ پاسائين شخصيت تي تمام گهڻو لکڻ جي ضرورت آهي. هتي سندس مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪم جو فقط تعارف بيان ڪيل آهي، جنهن مان بخوبي سندس ڪيل پورهئي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. پاڻ پنهنجون سموريون محبتون ڌرتيءَ ڌڻين کي ارپي 23 جولاءِ 1989 تي سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پر اڄ به قاضي عبدالحئي قائل جي ٻاريل لاٽ مان روشني پکڙجندي رهي ٿي. سندس پٽ قاضي خضر حيات، قاضي مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات جن جا نالا ئي سندن تعارف آهن ۽ انهن مان قاضي مقصود گل جي اولاد ياسر قاضي، سپنا گل ۽ ناصر قاضي اڄ به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جهولي ڀري رهيا آهن جيڪي قائل صاحب جوئي تسلسل آهن.[/JUSTIFY] هر شخص هينئر آهه ڀرڻ جهڙو آ، جيئرو آ اگر گل ته مرڻ جهڙو آ. اميد ڏکيو آهه وساري ويهڻ، قائل ته سدا ياد رهڻ جهڙو آ. (اميد خيرپوري)
جواب: شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل تمام سهڻي انداز سان ۽ تفصيلي مضمون ونڊ ڪرڻ لا مهرباني اوهان جي۔ قاضي عبدالحئي قائل سرشاري مرحوم بابت سٺي معلومات ميسر ٿي ، اميد آهي ته اهڙيون ڪوششون ڪندا رهندا ۽ سنڌ جي اهڙن سپوتن جن تي سنڌ کي ناز آهي اسان سان ونڊ ڪندا رهندا ، مهرباني
جواب: شاعر، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ صحافي قاضي عبدالحئي قائل ادا رضوان مهربانيون ۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي سٻاجهڙي انسان، پياري شاعر، ڀلوڙ نثرنويس، بيباڪ صحافي، بهادر سياسي ڪارڪن، اڻٿڪ سماج سڌارڪ ۽ بهترين استاد جي ورسي ڏهاڙي اسان سنڌ سلامت پاران ۽ پنهنجي پاران کين سلام پيش ڪيون ٿا۔ اوهان سندس باري ۾ مڪمل ڄاڻ وارو مضمون ونڊ ڪري کيس لاجواب ڀيٽا پيش ڪئي آهي۔
قاضي عبدالحي ’قائل‘ سرشاري : اڃا ٿي جيئين! سڄڻ ساريو نه مرين هيمون ڪالاڻي سانوڻ جي مند جي مينهن جا اوهيرا سنڌ تي وسائڻ لاءِ موسم سانباها پئي ڪري، جڏهن لـُڪون، جھولا ڌرتيءَ تي اڪرس ۽ ٻوسٽ جا سمئه برپا ڪندا آهن، تڏهن سانوڻ جو مندائتو مينهن ڪيئن! مارن کي ٻلهار ڪندو آهي، تنهن کي ڀلا ڪهڙي تشبيهه ۽ استعاري ۾ بيان ڪري سگھبو. سانوڻ خود هڪ تشبيهه ۽ شبيهه آهي، جنهن جي آسيس جي ڪيفيت مٽيءَ جي خوشبوءِ بڻجي ذهني حواسن تي پوندي آهي ۽ اسان آڏو فطرت جون نه وسهندڙ خوبصورتيون آشنا ٿينديون آهن. حياتيءَ ۽ موت جو سنگم پرٿوي جي وجود وٺڻ کان ٻٽ بڻيل آهي. انهن وچ ۾ ڪشمڪش ۽ جنگاڻ به اربها صدين تي محيط آهي، جنهن ۾ اڪثر موت هٿان زندگيون هارائينديون اچن ٿيون ۽ ڏسڻ، پڙهڻ لاءِ اهو به ملي ٿو ته ڪن زندگين موت کي شڪست ڏئي هميشه لاءِ جيئندان پئي ورتو آهي. ڏکڻ کان ڀرجي ايندڙ سانوڻيءَ جون ڪڪريون ولهار هيل به وسائينديون، ڪنوارين ڇاتين مان امالڪ محبت جا جذبا اٿلون کائي، کٿوري سمنڊ کي آڻي اکا به ڏيندا. وڻجارن جون وهون، اڀيون تڙ پوڄي! ساموندين جا سڙهه سنڀارينديون، ڪونجن جا ڪرلاڪ اتر ڏانهن اٿندي ٻڌيا ۽ ڪي منڊليون نيون مچنديون ۽ ڪي گذريل زماني جي يادن جون ڪرنشون ذهن اندر جھانورين اکين مان اوتجي من ڪوملتائن جي سمنڊ جا بند کولينديون. سنڌ جو ادب ۽ ان جا سرجيندڙ سانوڻي جي مينهن جي ڪڻين جهڙيون جيڪي لفظن جون مالهائون پوئين ٿا، سي ئي ته منهنجي ڏيهي ٻوليءَ کي جيئندان ڏين ٿيون. رتوديرو، جنهن جي صدوري مٽي سنڌ جي محبوب، ارڏي سورمي بشير خان قريشيءَ کي جنم ڏئي، جتي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ اٿيل تحريڪن جي تاريخ کي نئين سر جيئاريو، اتي هن ئي شهر جي ٻين اهلِ عمل شخصيتن پنهنجي هڙان وڙان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو آهي. ائين ئي هينئر جڏهن لکڻ لاءِ قلم کڻي ويٺو آهيان، ته سنڌ جي ادبي سمنڊ جي هڪ بندرگاهه جي پاتڻيءَ جا ترنم، لئه ۽ شائستگيءَ سان ڀرپور شاعراڻا ٻول ذهني ڪينواس تي تري اچي رهيا آهن ته: پاڻ پنهنجيءَ دل ۾ دلبر جو پتو ڳولهي لڌم زندگي گھارڻ جو سهڻو مشغلو ڳولهي لڌم منتشر ۽ ڇڙوڇڙ هو ڄڻ تصور تو سوا تنهنجي دامن ۾ سڄڻ هڪ سلسلو ڳولهي لڌم ۽ آءُ هيئن جي هيج مان پنهنجي ڏيهي ٻوليءَ جو دامن وسيع ڪندڙ هڪ ادبي پارکوءَ تي لکڻ ۽ لکڻ سان نڀاءُ ڪري سگھڻ لاءِ پاڻ کي آماده ڪري رهيو آهيان. لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي شائق، استاد، سماجواد ۽ ڏاهي قاضي عبدالحئي قائل جو نالو جيتوڻيڪ منهنجي ٽهيءَ ڪتابن ۽ سندس لکڻين جي بطور ٻڌو آهي، پر جهڙيءَ ريت هو پنهنجي ٻوليءَ جي ورجاءَ، سلوڻي ڪيفيتي اظهار سان مخاطب ٿئي ٿو، ائين ٿو ڀاسجي ته سندس سامعين اڄ جي ٽهي هجي. قاضي عبدالحي قائل 17 ڊسمبر 1917ع تي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو ۽ رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جي سخن ور مٽيءَ تي پنهنجي زندگيءَ جا پهريان ٻاتا ٻول ٻوليا. سندس والد قاضي عبدالحق عبد ملازمت سانگي عارضي طور تي ٺلهه ضلعي جيڪب آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. قاضي عبدالحي قائل پنهنجي ڳوٺ رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم بعد مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽ 1933ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيو. هيءُ پنهنجي تر جو پهريون سنڌي مسلمان هو، جنهن ورنيڪيولر تائين تعليم حاصل ڪئي. قاضي عبدالحي قائل 1935ع ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات داروغي جي حيثيت سان ڪئي، پر پوءِ 1940ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿيو. استاد ٿيڻ باوجود به پنهنجي تعليم جاري رکي ايليمنٽري ۽ انٽر گريڊ ڊرائنگ جا امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. اڳتي هلي ڊسمبر 1946ع ۾ سيڪنڊري اسڪول رتيديري ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. 1958ع ۾ ڊرائنگ ٽيچرس جي ٽريننگ سانگھڙ مان ڪري 1965ع ڌاري ’ماسٽر آف ڊرائنگ‘ جي سند ورتائين. اهڙيءَ ريت هن محنت، قابليت ۽ سچائي ۽ خلوص سان ملازمت جو مقرر عرصو پورو ڪري 1975ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان رٽائر ڪيو. ’قائل سرشاري‘ سندس شاعراڻو تخلص هو، پاڻ تعليم سان گڏوگڏ ادب، شاعري، صحافت، سماجي ڀلائي جي ميدانن ۾ اڳرو رهيو. شاعريءَ ۾ سندس استاد الله بخش سرشار عقيلي هو ۽ سندس نالي جي نسبت سان هو پاڻ کي ’قائل سرشاري‘ سڏرائيندو هو. ان سان گڏوگڏ عبدالڪريم گدائيءَ سان سندس گهرا تعلقات هئا ۽ گدائيءَ کان به پنهنجي ڪلام جي اصلاح ڪرائيندو هو. هن رتيديري شهر ۾ ’لطيف ادبي سنگت‘ جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ادبي پروگرام توڙي هفتيوار ادبي ڪلاس ۽ عروض جي مختلف صنفن تي سنڌي ٻوليءَ جي هاڪارن اديبن کان ليڪچر ڪرائڻ ۾ سرگرم رهندو هو. قاضي عبدالحئي قائل ادبي سرگرمين ۾ اشاعتي حوالي سان رتيديري ۾ ’سنڌڙي ڪتابي سلسلي‘ جو بنياد پڻ وڌو، جنهن اداري جي طرفان عطا محمد حاميءَ جي مقالن جو مجموعو ’وکريل موتي‘، استاد بخاريءَ جي ڪتاب ’لهر لهر دريا‘ جا پهريان ٻه ڇاپا، سرڪش سنڌيءَ جي زندگيءَ جو پهريون ڪتاب ’امن آب حيات‘، مقصود گل جي شاعريءَ جو مجموعو ’رت بنا رابيل‘ ۽ عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو ڪتاب ’مٽيءَ جا سر‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. ان وقت سنڌي ادب لاءِ سندس اشاعتي خدمتون وڏي قيمت لهڻن. صحافتي ميدان ۾ سرانجام ڏنل سندس خدمتون به قابلِ تحسين آهن، هو هڪ متحرڪ ۽ بيباڪ صحافي هو، ڪيترين ئي سنڌي توڙي اردو اخبارن لاءِ رتيديري شهر مان نمائندي جي حيثيت سان عملي ڪم ڪيائين. سندس شمار رتيديري پريس ڪلب جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ٻه ڀيرا پريس ڪلب رتيديري جو صدر به رهيو. سندس سر سنگيت سان پڻ گهرو لڳاءُ هوندو هو، وٽس گھر ۾ پنهنجو ذاتي هارمونيم پڻ هوندو هو. راڳ جي فن توڙي آلاپ مان به چڱو ڀلو واقف هو. هي ڪائناتي سچ آهي ته سجاڳ ۽ صحتمند ذهن فطرتي خوبين ۽ انساني ڀاونائن کي سرور ڏيندڙ شين جا شائق ٿيندا آهن. قائل جنهن طرز سان موسيقيءَ جي تندن تي ڇيڙيل آڱرين واري ٻوليءَ کي لفظن جو روپ ڏيئي ’ڪَلا‘ سرجي، سا اڄ به سنڌي شاعراڻي ادب جي هونهار تخليقي ڪاوش آهي. پاڻ برجستو سماجواد هو، عشر زڪوات ڪاميٽي رتيديري جو ميمبر ٿيو، خاص طور تي بي پهچ ماڻهن جي سهائتا لاءِ سرگردان رهيو، اڳتي هلي کيس ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، سندس چيئرمين شپ واري دور ۾ سندس ايمانداري، قابليت ۽ غريب پروريءَ جو قدر ڪندي عشر زڪوات جي وزارت پاران کيس حڪومت جي خرچ تي حج ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر پاڻ اهو چئي انڪار ڪيائين ته: ”آءُ صاحبِ زڪوات آهيان، حڪومت جي پاران غريبن واري فنڊ جي پئسي مان حج ڪرڻ منهنجي لاءِ ڪنهن قدر به مناسب ناهي.“ جنهن کانپوءِ پنهنجي ذاتي خرچ تي جون 1989ع ۾ حج جو فريضو ادا ڪيائين. سندس مٽيءَ مان لڌو ۽ حج دؤران 23 جولاءِ 1989ع ۾ مڪي شريف ۾ سندس روح جسد خاڪيءَ جي قيد مان آزاد ٿي، حقيقي وصال جي ويجو ٿيو، کيس مڪي شريف جي قبرستان جنت المعلى ۾ دفن ڪيو ويو. کيس چار فرزند قاضي خضر حيات، ناميارو شاعر، اديب ۽ ڪهاڻيڪار قاضي مقصود گل، قاضي اختر حيات ۽ قاضي منظر حيات آهن، جيڪي سنڌي ادب توڙي آرٽ جي مختلف صنفن ۾ پاڻ مڃائي چڪا آهن. سندس شخصيت، فن ۽ فڪر جي موضوع تي قاضي منظر حيات ’هڪ شخصيت هڪ ادارو‘ جي عنوان سان مونو گراف پڻ لکيو، جيڪو 1991ع ڌاري ’هڪڙو پيارو ماڻهو‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. قاضي عبدالحئي جي نالي سان سندس فرزند قاضي مقصود گل اپريل 1995ع ۾ ’عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول رتيديري‘ جو بنياد وڌو، ان اسڪول مان ڪيترن ئي نوجوانن تعليم پرائي آهي، جيڪو سلسلو اڄ سوڌو جاري آهي. اڄ پنجويهه سال گذرڻ کانپوءِ به اهو شخص پنهنجي ڪاوشن ڪري زندهه آهي. ان جي چشم دراز نظر عيوض سونهاري ٻوليءَ جي لولي شائسته آهي. لطيف به ته اهڙن شخصن لاءِ چيو آهي ته: اٿي چل چرين جيئن، سڱ سڀيئي ڇن، جي ڀائين پرين مڙان، ته مت منهنجي ڳن.