پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,646
    ورتل پسنديدگيون:
    27,126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو
    امير احمد ڇڄڙو

    [JUSTIFY]پکين ۽ جانورن ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ پکين ۽ جانورن ۾ فرق بيضا ڏيڻ يا ٻچا ڄڻڻ يا اڏامي سگهڻ يا اڏامي نه سگهڻ جو نه آهي، ڇاڪاڻ ته واڳون، ڳوهون سانڊا، چچيون ۽ نانگ وغيره جانور وانگر هوندي به بيضا ٿا ڏين ۽ چمڙو اڏامي سگهڻ جي باوجود ٻچا ٿو ڄڻي. حضر علي ڪرم الله وجهه کان ڪن يهودين پڇو ته ڪهڙا جانور يا پکي وغيره ٻچا ٿا ڄڻين ۽ ڪهڙا بيضا ٿا ڏين؟ پاڻ فرمايون ته جن جا ڪن اندر آهن اهي بيضا ٿا ڏين ۽ جن جا ڪن ٻاهر آهي اهي ٻچا ٿا ڄڻين. اهو بلڪل ئي صحيح آهي ليڪن هن مان صرف ٻچن، ڄڻڻ ۽ بيضن ڏيڻ جو فرق معلوم ٿئي ٿو، پکين ۽ جانورن جي فرق معلوم نٿو ٿئي. ان کانسواءِ اهو صرف ڌرتي جي مٿاڇري تي رهندڙ مخلوق ۾ ائين آهي پاڻي يا سمنڊ جي مخلوق ۾ ائين نه آهي. ڇاڪاڻ ته ڊولفن ۽ ٻهلڻو وغيره ڪن اندر هئڻ جي باوجود ٻچا ٿيون ڄڻين، علم zoology يعني حيوانيات مطابق جن کي ريڙ جي هڏي آهي ۽ کير پيارين ٿا اهي جانورن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا ۽ باقي سڀ کين ۽ ٻين قسمن جي جيوت ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، پکين ۽ جانورن ۾ چمڙي ۽ کنڀن جو فرق به چئي سگهجي ٿو.

    هاڻ اچون ٿا پکين جي قسمن تي

    پکين کي مکيه چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. اهي جيڪي اڏامي سگهن ٿا ٻيا اهي جيڪي اڏامي نٿا سگهن، ٽيان پاڻي تي رهڻ وارا ۽ چوٿان سڪي يا خشڪي تي رهڻ وارا، اڏامي سگهڻ وارا پکي بيشمار آهن، باقي چند پکي آهن جيڪي اڏامي نٿا سگهن. اهي اٺ پکن، پنجوئن. ڪوي ۽ ڪي بدڪن جا قسم ۽ ڪڪڙ وغيره به تمام ٿورو اڏامي سگهندا آهن. پاڻي تي رهڻ ۽ سڪي تي رهڻ وارن پکين ۾ خاص فرق اهو هوندو آهي ته پاڻي تي رهڻ وارن پکين جا کنڀ قدرتي طرح سڻڀا هوندا آهن ۽ پاڻي انهن ۾ جذب به ٿيندو آهي. پاڻي جي پکين جو پيرن جو آنڱريون گهڻي ڀاڳي ڳنڍيل هنديون آهن، جيڪي پاڻي ۾ ترڻ ۾ مدد ڏينديون آهن ۽ مڇي وغيره کي جهلڻ لاءِ انهن جون چهنبون به خاص قسم جون وڏيون ۽ ويڪريون هونديون آهن.

    هاڻ اچون ٿا پکين متعلق دلچسپ معلومات تي دنيا جو سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو پکي ۽ وڏي ۾ وڏو پکي
    دنيا جو سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو پکي اهو آهي جيڪو پوپٽ وانگر گلن جو رس چوسيندو آهي. اهو اسان جي سنڌ ۾ به ٿئي ٿو. جنهن کي اسين اڪ چوپڻي سڏيندا آهيون. ڇاڪاڻ ته اها اڪثر اڪ جي گلن جو رس به چوسنيدي نظر ايندي آهي. اڪ چوپڻي جي کنڀن هڻڻ جي رفتار هڪ منٽ ۾ 50 کان 75 دفعا آهي. اڪ چوپڻي متعلق اهو به لکيل آهي ته اهو واحد پکي آهي جيڪو ابتو اڏامي سگهي ٿو، اهو انهي ڪري ته جيڪڏهن گلن جو منهن هيٺ هوندو آهي ته انهن جو به جيئن رس چوسي سگهي. اهڙي طرح اڏامندڙ پکين ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو پکي “swan” ٿئي ٿو، جنهن کي سنڌي ٻولي ۾ هنس يا هنج وغيره چيو وڃي ٿو ۽ غير اڏامندڙ پکين ۾ ڊگهي قد جو اٺ پکي سڀ کان وڏي ۾ وڏو پکي آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو بيضو ننڍي قد جي اٺ پکي جو هڪ قسم جو ٿئي ٿو، جنهن جي ڊيگهه 13 انچ ۽ ويڪر وارو حصو 9 انچ ٿئي ٿو.

    دنيا جو سڀ کان طاقتور پکي

    دنيا ۾ سڀ کان طاقتور پکي آسٽريليا جو “Eagle” يا عقاب آهي. جيڪو آسٽريليا جي جهنگلن ۾ رهندڙ باندرن ۽ آسٽريليا جي وڏن طوطن کي به پڪڙي کائيندو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪڙيل پکي به تمام وڏي طاقت رکندڙ پکي آهي. هو باز وانگر ٿئي ٿو پر باز کان گهڻو وڏو ٿئي ٿو ۽ هن جي خوراڪ مڇي آهي، هو زري گهٽ هڪ ڪلو جيتري مڇي پاڻي مان چنبن سان جهلي ٻاهر ڪڍي اچي کائيندو آهي. ڪڙيل پکي جو بيضو تمام ڪارائتو ٿيندو آهي. پيڻ بلا جيڪڏهن ڪنهن جو ساهه پي وڃي ته ڪڙيل جي بيضي جو رس جو ذرو قطرو به جيڪڏهن گلي ۾ داخل ڪبو ته يڪدم گلو کلي ويندو آهي، ڪڙيل ۽ ننڍو چٻرو پوري دنيا ۾ ڏٺا ويندا آهن.

    دنيا جو سڀ کان تيز اڏامندڙ پکي

    دنيا ۾ سڀ کان تيز اڏامندڙ پکي peregrine يا Falcon يعني شڪاري باز يا شاهين آهن. شڪاري باز پٺيان جهاز لڳائن کانپوءِ ڏٺو ويو ته هن جي اسپيڊ 180 في ڪلاڪ جي هئي، جڏهن هن هڪ Golden Eagle سنهري سرڻ جي پٺيان حملو ڪيو ته ان وقت 120 ميل في ڪلاڪ هئي. هڪ جهاز دان ٻڌائي ٿو ته هو 90 ميل في ڪلاڪ جي اسپيڊ ۾ هو ته Red backed Sand Piper هن کان ڪراس ڪري ويو، هن اندازو لڳايو ته اهو 110 ميل في ڪلاڪ جي اسپيڊ ۾ هوندو. ٻين پکين جي اڏامڻ جي رفتار عام طرح سان 20 کان 60 ميل في ڪلاڪ تائين هوندي آهي. ٻاهريان ايندڙ کومي پکين ۽ هنس جي اڏامڻ جي اسپيڊ 40 کان 55 ميل في ڪلاڪ هوندي آهي، دنيا ۾ سڀني جاندارن کان وڌيڪ تيز نظر گوشت خور پکين عقابن، بازن ۽ سرڻن وغيره جي آهي، هو ڪيترو به پري يا مٿي هوندا آهن پر ذري جيترو به ڪو گوشت جو ٽڪرو يا سندن شڪار هوندو آهي ته ڏسي وٺندا آهن، سنڌ ۾ هڪ باز جو قسم آهي، جنهن کي پرمار يا ڪئا مار چيو ويندو آهي. هو تمام مٿي اڏامندي ڪئي جو ڪو ٻر ڏسندو آهي ته هوا ۾ ڪافي دير تائين هڪ جاءِ تي بيهي رهندو آهي ۽ اهو واحد پکي آهي جيڪو هوا ۾ ڪافي دير تائين هڪ جاءِ تي بيهي سگهي ٿو.

    دنيا جو سڀ کان وڌيڪ سنگهڻ جو حواس

    دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سنگهڻ جو حواس ڳجهه پکي جو ٿئي ٿو، سون ميلن تائين به مئل جانورن جي بوءَ محسوس ڪندي آهي، ان کانپوءِ جيتن ۾ ماڪوڙي جو سنگهڻ جو حواس به تمام تيز ٿئي ٿو، ڪيترو به مٿي ڪا مٺي شيءَ يا ڪا سندس پسند جي شيءَ پيل هوندي آهي ته اتي پهچي ويندو آهي.

    موسيقار پکي

    هي پکي باز وانگر گوشت خور آهي، هي باز کان ننڍو ٿئي ٿو، هي پکي شايد باز وانگر تيز اڏامي ڪنهن پکي کي جهلي نٿو سگهي، ان ڪري قدرت واري هن کي اهڙو هٿيار ڏئي ڇڏيو آهي جو هو آساني سان پکين کي پڪڙي سگهي ٿو، اهو هٿيار اهو آهي ته هن جي چهنب ۾ سنها سنها سوراخ ٿين ٿا جن مان هو تمام سريلا آواز ڪڍي ٿو، اهو آواز ٻين کي ايترو نه باقي پکين کي تمام گهڻو متاثر ڪندو آهي. جڏهن هو پنهنجي مرلي وڄائيندو آهي ته ان کي ٻڌڻ لاءِ ڪيترائي پکي از خود هن وٽ اچي گڏ ٿيندا آهن پوءِ هو پنهنجي مرلي وڄائيندو رهندو آهي. مرلي وڄائڻ سان گڏ آهستي آهستي پکين کي ويجهو به ٿيندو ويندو آهي، پوءِ ڏسندو آهي ته جنهن کي سندس راڳ تمام گهڻو سٺو لڳو آهي ۽ اهو اکيون پوريو هيٺ ڪنڌ ڪيو ويٺو آهي ته پوءِ پتو تڏهن پوندو آهي جڏهن جهمپ ڏئي ڳٿر کان وڃي جهليندو اٿس.

    ڪئي مهينن تائين آري تي ويهندڙ پکي

    آمريڪا جي جهنگلن ۾ هڪ پکي رهي ٿو جيڪو سڪل وڻن جي پورن ۾ بيضا لاهيندو آهي، شايد هن جا بيضا تمام سخت ٿين ٿا. ان ڪري انهن کي ڦٽڻ لاءِ تمام گهڻو وقت ۽ گهڻي گرمي جي ضرورت هوندي آهي. ماده جڏهن آري تي ويهندي آهي، تڏهن نر وڻ جي پور کي مٽي سان راڳي صرف ايتري جاءِ ڇڏيندو آهي جو هن جي چهنب مٽي سگهي. ماده ڪيترن مهينن تائين آري تي ويٺي رهندي آهي. اتي نر کيس چهنب ذريعي انهي سوراخ مان کاڌو ۽ پاڻي پهچائيندو رهندو آهي.

    فرمانبردار پکي

    هي پکي شايد دير سان تور ڏيندو آهي جو تور ڏيڻ کانپوءِ هو ايترو ته ڪمزور ٿي ويندو آهي جو اڏامڻ کان رهجي ويندو آهي. پر کاڌو پيتو هن کي لازمي کپي ان ڪري سندس ٻچا جيڪي ايستائين جوان ٿي ٿا وڃن اهي ويٺي ويٺي ماءُ پيءُ کي چوڳو ۽ پاڻي کارائيندا پياريندا آهن ۽ پکين جي عادت هوندي آهي گهمڻ ۽ سير سفر ڪرڻ ان ڪري اهي پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ کي پٺن تي ويهاري صبح سانجهي سير سفر ڪرائيندا آهن.

    ٻن مختلف قسمن جي پکين جو پاڻ ۾ پيڪٽ

    هڪ پاڻي جو رهندڙ پکي جيڪو هر وقت پاڻي ۾ رهي ٿو پاڻي ۾ رهندڙ مڇيون ۽ جيت وغيره جهلي سگهي ٿو ليڪن انهن کي کائيندو نه آهي، ڇاڪاڻ جو سندس خوراڪ مڇيون نه بلڪه خشڪي جي جهنگلن جون تڏيون ۽ ڪيڙا وغيره آهن. هاڻ ڏسو ته قدرت وارو پاڻي ۾ رهندي کيس تڏيون وغيره ڪئين ٿو کارائي. بلڪل ئي اهڙي طرح هڪ پکي رهي ٿو خڪشي جي جهنگلن ۾ پر هن جي خوراڪ مڇي آهي، هو تڏون ۽ ڪيڙا وغيره جهلي سگهي ٿو پر کائيندو نه آهي. انهن ٻنهين قسمن جي پکين جو پاڻ ۾ پيڪٽ ٿيل هوندو آهي. خڪشي جو پکي تڏون وغيره جهلي اچي ڪناري تي ڇڏيندو آهي ۽ هو مڇيون جهلي اچي ڪناري تي ڇڏيندو آهي. خشڪي جو پکي ڊوڙي وڃي مڇيون کائيندو آهي ۽ پاڻي وارو پکي وڃي تڏون وغيره کائيندو آهي.

    هڪ ٻيو سڪي جو پکي جيڪو پاڻي ۾ ترڻ ته درڪنار پر پاڻي ۾ گهڙندو ئي نه آهي پوءِ به قدرت وارو هن کي مڇي کارائندو آهي، هن پکي جون ٽنگون ننڍيون ۽ ڳچي ۽ چهنب ڊگهيون ٿين ٿيون، در اصل انهي ملڪن جي ڪن وڻن ۾ ٻير کان ٿورا وڏا اڇي رنگ جا نرم نرم گوگڙا ٿين ٿا، جيڪي مڇي وڏي چاهه سان کائيندي آهي، اهي گوگڙا خراب ڪو نه ٿا ٿين ۽ هر موسم ۾ ڪٿي نه ڪٿي ملي ويندا آهن، هي پکي فقط اهو گوگڙو وڻن مان پٽي ايندو آهي. پاڻي جي ڪناري تي ويهي اهو پاڻي ۾ ڇڏيندو آهي. مڇي جئين ان کي ڏسندي آهي ته يڪدم کائڻ لاءِ ڊوڙ پائيندي آهي. جئين ئي اها ويجهو ايندي آهي ته هي ان کي پنهنجي ڊگهي ڳچي ۽ چهنب سان جهلي ويندو آهي ۽ پوءِ وري اهو گوگڙو کڻي وٺندو آهي ۽ وري ٻئي هنڌ وڃي ڇڏيندو آهي.

    ٽيٽا ۽ ٻگها وغيره

    ٽيٽا ۽ ٻگها وغيره توهان کي اڪثر پاڻي ۾ نظر ايندا آهن پر هي پاڻي جا پکي نه آهن، هي اصل ۾ سڪي جا پکي آهن پر هن جي خوراڪ قدرت واري پاڻي جي ڪيڙن وغيره ۾ رکي آهي. هن جون ٽنگون ڊگهيون ان ڪري هونديون آهن ته هو ننڍي پاڻي ۾ گهڙي ڪري ڪيڙا وغيره کائي سگهن. هو پاڻي ۾ گهڙي سگهن ٿا ليڪن کنڀن سڻڀن نه هئڻ ڪري تري نه سگهندا آهن. اتفاق سان جيڪڏهن ٻگا ۽ ٽيٽا وڏي پاڻي ۾ ڪري پون ته ٻڏي مري وڃن پر ٽيٽن ۾ ويڪرن چنبن سان هڪ اهڙي قسم جو ٽيٽو ٿئي ٿو جيڪو وڏي پاڻي تي گاهه يا پاڻي جي ڄاري تي هڪ جاءِ تي ويٺو رهندو آهي پوءِ ڪو ڪيڪڙو يا ننڍي مڇي هن وٽان لگهندي آهي ته اها جهلي کائي ڇڏيندو آهي. ٻگها ٽيٽا ۽ ٻيا پکي جنهن مهل چڳندا پيا آهن ته مٿان ٻيا ايندا آهن ته کنڀ کولي انهن جي آجيان ڪندا آهن يا ڀلي ڪار ڏيندا آهن.

    ڪوئل پکي

    هي پکي سنڌ کانسواءِ ٻين به ڪافي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن جي ٻولي باغن جي سونهن آهي. هو گهڻو ڪري باغن يا وڏن وڏن وڻن ۾ ويهي ٻوليون ڪندي آهي، سندس ٻولي سان باغن ۽ وڻن ۾ وڏي سونهه پيدا ٿيندي آهي. شاعر ڪنهن مٺي آواز واري حسينه يا گلوڪاره جي آواز کي ڪوئل جي ٻولي سان تشبيهه ڏيندا آهن، ليڪن هي پکي منفرد ۽ دوکي باز آهي. هو نڪي آکيرو ٺاهڻ ڄاڻي ۽ نڪي آري تي ويهڻ ڄاڻي. يا ته هن ۾ گرمائش گھٽ آهي ان ڪري هو وجهه وٺي ڪانو جي آکيري ۾ ڪانون جي آنن سان گڏ آنا لاهي ويندي آهي، پوءِ ڪانو پنهنجن ٻچن سان گڏ ڪوئل جي ٻچن کي پالي پوسي وڏو ڪندو آهي. جڏهن هن جا ٻچا وڏا ٿيندا آهن ته ڪوئل پنهنجي ٻولي ۾ سمجهائيندي آهي ته اصل ۾ سندن ماءُ هو ئي آهي پوءِ اهڙي طرح هو پنهنجا ٻچا ڪانون کان واپس وٺي ويندي آهي. اوهان ڏٺو هوندو ته ڪانو اڪثر هن پٺيان لڳل هوندا آهن.

    ملهاري

    ملهاري ليلهي وانگر ٿئي ٿي پر هن جون رنگ نر جهرڪ وانگر ٿئي ٿو. هي گهاٽن جهنگلن ۾ رهندي آهي، ڪوئل وانگر هي پکي شڪار ڪندڙن لاءِ وڏي دوکي جو سبب بڻبي آهي. ڇاڪاڻ ته ملهاري سڀن پکين جون ٻوليون ڪري ڄاڻيندي آهي. هو جنهن مهل بگڙي تتر جي ٻولي ڪڍندي آهي ته شڪاري گهاٽن جهنگلن جي ڪاٺين ڪنڊن مان رهڙجي سهڙجي وڃي اتي پهچندا آهن ۽ پوءِ جڏهن ملهاري تي نظر پوندي اٿن ته ڦڪو منهن کڻي موٽي ايندا آهن.

    ڪاٺ ڪٽو

    قدرت واري هن پکي جي خوراڪ وڻن جي ٿڙن ۾ اندر پيل ڪيڙن ۾رکي آهي. قدرت واري هن کي اهڙي نظر ۽ حواس ڏنو آهي جو وڻ جي ڇوڏي ڏسڻ سان ئي سمجهي ويندو آهي ته هن جاءِ تي ڪو ڪيڙو وغيره ٿي سگهي ٿو. پوءِ اتي پنهنجا ويڪرا چمبا ڀچائي پنهنجي سخت تيز چهنب سان ڇوڏو ٽڪي ڪيڙا ڪڍي کائيندو آهي. سهانجڙي جو وڻ هن جي پسند جو وڻ آهي، ڇاڪاڻ ته سهانجڙي جي وڻ جو ڇوڏو هڪ ته نر ۾ ٿئي ٿو ٻيو ان ۾ ڪيڙا به گهڻا ٿين ٿا.

    ٻوڙي يا ڪوري پکي

    اسان جي سنڌ ۾ جهرڪي جيڏو پکي ٿئي ٿو جنهن کي عام طرح ٻوڙي يا ڪوري پکي چيو ويندو آهي. هن جا آکيرا مشهور آهن، هو سرن يا پاڻي ۾ بيٺل پن جي تندن مان آکيرا ٺاهيندو آهي. اوهان عام طرح سان ڏٺو هوندو ته سرن، ٻٻرن ۽ پن ۾ هن جا آکيرا لڏندي نظر ايندا آهن، انهي آکيري اندر هو تبڪا يا ننڍا ننڍا گهر به ٺاهيندو آهي ۽ جڏهن هوائون تيز لڳنديون آهن ته پوءِ هو بيضن يا ٻچن کي لوڏي کان محفوظ رکڻ لاءِ آکيري کي مٽي يا ڇيڻي سان راڳي ڇڏيندو آهي ته جئين اهو ڳرو ٿي وڃي ۽ گهڻو لڏي نه سگهي. هن کي ٻوڙي انهي ڪري چيو ويندو آهي جو فصلن جوئر ٻاجهر وغيره جي سنگن مان جڏهن داڻا ڪڍي کائيندو آهي ته جهار هڪليندڙ جي هڪل تي نه اڏامندو آهي، جيستائين کانڀائي جو ڳوڙهو نه اڇلائبو آهي. ان ڪري هن کي ٻوڙي سڏيو ويندو آهي، پر هن جي ٻولي تمام وڻندڙ هوندي آهي. ٻوڙيون چوڳو چڳي پوءِ سڀ هڪ جاءِ اچي گڏ ٿينديون آهن پوءِ عورتن وانگر گڏجي ڳيچ ڳئينديون آهن. سندن ڳيچن جون لاتون ۽ لهرون وڻن ۽ ٽڻن فصلن وغيره کي جهولي وانگر جهلائي ڇڏينديون آهن. سندن ڳيچن جو آخري آلاپ تمام پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

    پاڻي جي پکين متعلق معلومات

    پاڻي جي پکي هڪڙا ديسي آهن يا ٻاهرين ملڪن ۾ جڏهن برف يا سخت سردي پوندي آهي تڏهن ايندا آهن. فارسي مهينن جا نالا پکين جي هجرت مطابق رکيا ويا آهن. پاڻي جا سنڌ ۾ رهندڙ ديسي پکي هي آهن. سانهن ڪهنگ، ڪڙيل کيڻاٺي ڪئنگري ۽ ٽيٽن جا ڪي قسم ڪڪڙ وغيره وغيره. اسان جي سنڌ ۾ گهڻو ڪري سائيبيريا ۽ آسٽريليا وغيره کان سمنڊ پار ڪري پکي ايندا آهن، انهن ۾ ڪي اسان جي ديسي بدڪن وانگر ٿين ٿا جن جا پيرا اڪثر گنڍيل هوندا آهن. پير ڳنڍيل پکين کي عام طرح سان کومون پکي چيو ويندو آهي، انهن جا سنڌي ۾ نالا هي آهن، مثلا چيکلو، نيرگهي، رتونگو ٿورهانگو، دهلاري ڳهڻو، ڊگوش هنجهر، ڏوئيلو آڙي پيڻ، تورچيهون، ڪوراڙو وغيره. سنڌ ۾ اڳي ڪاز يا منگهه به ايندا هئا. انهن مان ڪن جا نالا انهن جي رنگ ۽ بناوٽ وغيره تحت رکيا ويا آهن، مثلا نيرگهي جي ڳچي نيري رنگ جي ٿئي ان ڪري ان جو نالو اصل ۾ نير رنگي آهي، پوءِ نيرگهي ٿي ويو آهي. رتونگو جي ڳچي وغيره جو رنگ گهرو ڳاڙهو آهي، ان ڪري ان کي رتونگو سڏيندا آهن. دهلاري پاڻي ۾ پنهنجن کنڀن کي دهل وڄائڻ وانگر ڪندو رهندو آهي. ان ڪري دهلاري سڏجي ٿو، ڏوئيلو جي چهنب ڏوئلي وانگر ٿيندي آهي. ان ڪري ان کي ڏوئلو سڏجي ٿو، اسان جي سنڌ ۾ پاڻي جي پکين کانسواءِ سياري يا اونهاري مطلب ته معافق آب هوا جي لحاظ کان ٻين ملڪن جا پکي به ايندا آهن. مثلن تلور، ڪونجون، ٻار ڌوتارڻيون، کٽياڻيون، ڪرڪٽون وغيره. ان کان سواءِ پيرن ۽ پڪن جي ڏينهن ۾ دويا ۽ برسات جي موسم ۾ تاڙا ۽ ميهار پکي به ايندا آهن. سندن ٻولي ڪيڏي نه وٺندڙ ۽ عجيب لڳندي آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت سنڊي ايڊيشن تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    بهترين مضمون آهي ، ڪافي ناليج وارو مضمون آهي ، مهرباني ادا سليمان وساڻ صاحب ۔
    پر تصويرن ۾ ”ڪوئل پکي“ واري مقام ۾ اوهان جيڪي ڪوئل رکيا آهن سو هن اسان جهڙن موڳن کي سوچ ۾ وهجي ڇڏيو آهي ۔ اوهان ٻيهر ڦيرو ڏيندا ،ته شايد اوهان کي به شايد ساڳي مون واري ڪيفيت ٿي ويندي ، ته آيا اهي ئي ڪوئل آهن جيڪي اوهان رکڻ چاهيو پيا ؟
    مهرباني
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    هاهاهاهاهها ۔۔۔۔ يار سليمان اهي ڪوئل پکين اسانکي به منجهائي وڌو آهي ۔۔۔ ابا ائين نه ڪر وضون ٽٽي پيو ۔۔۔ خئير وضون ته ٻيهر ٿي ويندو پر اهڙيون ڪوئلون پهريون دفعو ڏٺيون آهن ۔۔۔۔۔

    لڳي ٿو چوهاڻ صاحب حيرت م حيران ٿي ويو آهي ۔۔۔۔

    خئير خبر کاڌن کان پڇو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    ادا سليمان توهان جو هي ونڊ ڪيل موضوع تمام بهترين لاجواب آهي پر يار ڪوئل جي اهڙن رنگن اسان کي منجهائي وڌو آهي۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,837
    ورتل پسنديدگيون:
    2,482
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    اچي سيارو ته ڪيون پکين جو شڪار ۽ لڳايون ديڳڙا، هئي هئي، ۔۔
     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    ڀوڳ ته سڀنن ڪيو پر ڀوڳ مٿان ڀوڳ ڪري ادا نثار ابڙي صاحب ملھ ماري ويو آهي ،
    خئير ڀوڳن ڀوڳن ۾ ادو سليمان وساڻ صاحب الاهي ڪاڏي گم ٿي ويو خبر ئي نه پئي ، ادا سليماڻ يار ڏاهو ٿي هڪ ته تصوير به اوهان گم ڪري ڇڏي آهي مٿان وري پاڻ به گم ٿي ويا آهيو ، ٻيلي ائين ته نه ڪيو ۔ ڪٿي ائين ته ناهي وري حيدرآباد رخ ڪري ورتو اٿو ، حيدرآباد جي ڳالھ نڪتي ته عرض اهو ته يار آخر ۾ حيدرآباد ۾ آهي ڇا جو اوهان ادي علي علي ڏاڍو زور ڏيدا رهندا آهيو فورم تي ؟؟؟؟
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,320
    ورتل پسنديدگيون:
    6,861
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    ادو سليمان به اتي ئي آهي بس جيئن چوندا آهن ته دادوءَ مان آ جادو، تئين هاڻ حيدرآباد ۾ به ڪجهه شادباد آ ۔۔۔ ماڻهون جيڪو حيدرآباد ويو سو شا د ۽ باد ٿي ويو ۔۔۔ انڪري دوست عليءَ سميت حيدرآباد حيدرآباد پيا ڪن ۔۔۔ جيئن سسئي جي دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري ۔۔۔

    الله خئير ڪندو حيدرآباد جو ۽ کيس بچائيندو عليءَ کان ۔۔۔
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,185
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    سائين ھن پکيء مان اڄ ڪل جي بي فرمان نوجوانن انسانن کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.

    ٿريڊ پڙھندي تمام سٺو لڳو....پکين بابت ٿوري گهڻي مختلف ڳالھيون پڙھيون هُيوسين، محترم امير احمد ڇڄڙو جو ھي ليک تمام بهترين ۽ تفصيلي لڳو.....مھرباني سليمان سائين ونڊڻ جي....ڪوئل....واري ڳالھ جي خبر پھريان کان ھُئي...ته اھو پکي دغاباز آھي.
     
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    لڳي ٿو دال ۾ ڪارو آهي ، يا وري سڄي دال ئي ڪاري آهي ۔
    ٻيلي ادا نثار ائين نه ڪر ڳالھ چٽي نموني ٻڌائي اسان ۾ ڪنفيوزن وڌي وئي آهي ۔
    هڪ ته يار آهن ڇڙا مٿان ڪوئلن جي تصويرون وري حيدرآباد جو رخ معنى ڪا ڳالھ آهي جيڪا لڪائي پئي وڃي ،
    خير اسان جو ڪم يارن جي ياري سان ۔۔۔۔ پر هڪڙي ڳالھ آهي ادو سليمان اڃان پردي تان گم آهي ، هو اچي ڪا وضاحت ڪري اسان جي ڪنفيوزن ختم ڪري ته ٻي ڳالھ آهي (ڀوڳن ڀوڳن ۾)
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,068
    ورتل پسنديدگيون:
    3,013
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: پکين بابت دلچسپ تحقيقي پهلو

    ادا افتخاار يار اصل حيدر آباد جا انب مشهور آهين ۽ ادو سليمان پڪل انبن چوسڻ جو شوقين آهي سو ان ڪري دليمان تاه ڇا پر ادا پاڻ وارو وڏي ايڊمن به اصل انبن جو شوقين آهي سو ابا انب ميوو ئي اهڙو آهي جو هر ڪو ان کي ڏسڻ ۽ چوسڻ جو شوق رکي ٿو سو سائين اوهان به ڪڏنهن حيدر آباد جو چڪر هڻو ن يا حيدر آباد جا انب کائو ته پوء اوهان به اسان وانگر حيدر آباد حيدر آباد پيا ڪندا ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو