سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر ابراهيم منشي (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر ابراهيم منشي

    تحرير : محمد سليمان وساڻ


    جنگ جنگ جنگ آ توسان منهنجي جنگ آ
    پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ

    سنڌ جي انهن قومي شاعرن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو جن ڌرتيء سان ڪيل عشق جي شاعري ڪندي پوري زندگي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو انهن عظيم ڪردارن مان مرحوم ابراهيم منشي جو نالو به نمايان هوندو. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ڪيترائي سپوت ۽ جوڌا جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ جدوجهد لاءِ ارپي آهي. جيڪي سنڌي قوم جي اجتمائي مفادن ۽ سنڌ جي آجپي جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويا آهن. منشي محمد ابراهيم به انهن امر ڪردارن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ منشي محمد ابراهيم 15 جنوري 1934ع ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد به ان وقت بهترين شاعرن مان هڪ ليکيو ويندو هو.

    جيتوڻيڪ غربت ۽ غريب خاندان سان تعلق هجڻ ڪري هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو پر پوء به پرائمري تعليم حاصل ڪري ورتائين. انکانپوء هن پنهنجي پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاري جنهنڪجري سندس لقب به منشي ٿي ويو. ان وقت هن شاعري جي شروعات ڪئي ۽ گهڻو ڪري قومي شاعري ڪندو رهيو. سندس شاعريء ۾ ٺيٺ سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، سولي ۽ سادي. سندس شاعري فطرت ، سونهن ۽ عشق جي شاعري آهي.

    هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
    اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي

    هو مارشلا هجي جا جمهوري دور پر سنڌ سان پنهنجي ازلي عشق کي نروار ڪندو رهيو خاص ڪري سنڌي ٻوليء کي . هن فوجي آمرن جي ڏهڪاء واري دورن ۾ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبرداري ڪانه ڪئي.

    ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
    هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان

    ابراهيم منشي 1972 ۾ حيدرآباد ۾ هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ قومي شعر ۽ شاعري پرهي جنهن سبب هن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان سان گڏ هن قومي ڪارڪن کي 6 مهينا ٽيپ ۽ 5 هزار روپيه ڏنڍ لڳايو ويو هو. پر اهي سڀ تڪليفون هن کي سنڌ ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿراڻ کان روڪي نه سگهيون ۽ ٻيهر هن 1973 ۾ جلسي ۾ قومي شاعري پيش ڪئي جنهن سبب کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سائين جي ايم سيد سان هن جو عشق هو ۽ 1974 ۾ هن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري پورا 10 مهينا سخت پورهئي سان کيس جيل جي سزا ڏني ويئي. سندس شاعري ڪجهه هن طرح جي هئي:

    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي
    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.

    سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ 1975 ع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ کيس ڀرپور عوامي موٽ ملي پر کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. ضياء الحق جي مارشلا خلاف 1983 واري هلچل ۾ حصو وٺي، گرفتاري ڏنائين.

    سندس شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري ، پورهيت ۽ شاگرد رهيا.هن کي جاگيرداري ۽ سرمايداري واري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي جنهن جو هن پنهنجي شاعريء ۾ کليو اظهار ڪيو آهي. ساندس شاعريء ۾ درد ۽ جذبا سمايل هئا، سندس شاعري ۾ نفرت ۽ چڙ هئي، سندس شاعري سچ ته سونهن ۽ سنڌ سان عشق جو سنگم هئي. هو قومپرست سياست جي اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهو سان به گڏ رهيو. جيتوڻيڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن جو تعلق وقت جي حڪمرانن ممتاز ڀٽو ۽ ڄام صادق جي ويجهو رهيو پر هن ڪڏهن به ڪا رعايت نه ورتي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري عهدو.

    برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،
    پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري

    مرحوم ابراهيم منشي جي مشهوري جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعريء کي ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ڏانء کيس ڀلي نموني ايندو هو. هو شاعر هجڻ سان گڏ پاڻ به هڪ لوڪ فنڪار هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيڪي ۾ ڳائي آهي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ پاڻ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. سندس شاعري سچ ته قومي تهريڪ کي هڪ سگهه ۽ طاقت ڏني هئي.

    هو زندگيء جي آخري سالن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو ۽ کيس ٻه دفعا دل جا دورا پيا. وقت جي حڪمرانن ته سندس ڪا سار نه لڌي پر سنڌ جي هڪ اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس علاج ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪئي. 31جولاء 2003ع تي دل جي دوري سبب حيدرآباد جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ سندس ساهه جو ڌاڳو ٽٽي ويو ۽ منشي سنڌ جي مٽيء سان وڃي مليو.









    ڪو وڏ ڦُڙو هت وسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،
    رت راھ رتوليءَ رسڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ،


    برساتن ۾ باهيون وسنديون، کوهن ۾ پڻ کوريون تَپنديون،
    ڌرتي ساري ٽامون ٿيندي، سنڌ سموري سامهون ٿيندي،
    اُڀ اُڀارون کائي کائي، نيٺ پَٽيندو ساهي ساهي،
    گوريلن جا گيت هوا ۾، ٻرندا محبت ميت هوا ۾،
    راڄ ۾ ڪو به نه روڳي رهندو، ٺڳ نه ڪو ڪو ٺوڳي رهندو،
    اهڙو ڏينهن به اچڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.


    هي بڪتر بند هوائي حملا، شينهن مردن ٻڌيا شملا،
    وانگي ورندا وِيرن وانگي، سر ڪٽائڻ سنڌوءَ سانگي،
    آيا آيا ڄاڻ ته آيا، گيت ڳنوارن ائين پئي ڳايا،
    ڪِرندا ڪنگرا ڪوٽ ۽ قلعا، ٻاهر نڪري ايندا ٻلا،
    ڪونڌر رکندا ڪنڌ مروڙي، هنن ڇڏيا ٽڪر ٽوڙي،
    هي ڳوٺن شهرن ڳهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.


    تاريخ جڏهن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانهن ٻُري ٿي،
    تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنهن جي غلامي ڪيِن ڪريون ٿا،
    اهڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون،
    دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اهڙا لکين مائن ڄايا،
    جو لهڻو آ سو ڏيئڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ.


    ڀَونءَ اَٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽِڻ قوم پرستي وائي،
    ڏهيسر هڻندا دهلن ڏونڪا، وِيرن وانگي ورندا وونڪا،
    يورپ جا هي پاليل ڪُتا، نيٺ ته ڀڄندا کائي جُوتا،
    اڄ قوم جي ڪُک ۾ ڪانِ لڳو آ، گھر گھر اهڙو گھنڊ وڳو آ،
    هر ماڻهو ”منشي“ مرڻو آ، هن ڀونءَ جو پيٽ ته ڀرڻو آ،
    هر سُور سنڌوءَ جو سَهڻو آ، هر ديس دروهي دَسڻو آ


    *************************************************

    ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
    هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان.


    اها تيري ميري تو وٽ رک، هت ڳُڻن ڀريو ويهي ڳالهاءِ،
    نه ته نڪري وڃ هن نگري مان، هت پير پليت نه ڪو پاءِ،
    هي سنڌ انهن آ سنڌين جي، جو سنڌي پاڻ کي صاف سڏاءِ،
    نه ته گھر به ويندءِ سِر به ويندءِ، سنڌ مٽيءَ جو مونکي سُنهن،
    ڪر کڻي اڄ ڪُونڌر اٿيا، ڪندا تنهنجو ڪارو مُنهن،
    ٽنگيل هوندين ٽياسن ۾، هتي ٽولي ٽولي ٽوليءَ سان!


    مُنڍا کائي مورين جا هتي، مَتو آهين مانگر مَڇ،
    ٿورا ڏينهن اهي ٿُونا تنهنجا، راڻن ڦير يا توتي رڇ،
    ڪُنڍيون تنهنجي ڪلين ۾ تون، ڪيڏا ڀڄندين ڀُڄ ۽ ڪَڇ،
    تو لُوسي آ للڪاريو اڄ، غيورن جي غيرت کي،
    هن دودن ديس دليرن ۽، جرنيلن جي جُرئت کي،
    هي لٺين جون تان لوليون تو کي، لوليون ڏيندا لوليءَ سان!


    هي دودي دريا خان دلاور، ڌُوپارن جو ديس اٿئي،
    هي مانجھين مردن ٻاگھين ٻارن، جھُونجھارن جو ديس اٿئي،
    هي سچن سانگين سرواڻن، ۽ سنگھارن جو ديس اٿئي،
    شينهن سُتل تو جاڳايا هي، منٽن ۾ تو مات ڪندا،
    تو رت تپايو راڻن جو هي، هڏ به تو هضمات ڪندا،
    هي سنڌوءَ جا سرواڻ اٿئي جي، ڇيڙيا آهن تو ڇوليءَ سان!


    هي ٻولي سچل سامي سانوڻ، شاھ ڀٽائي گھوٽن جي،
    هي ٻولي ڪُل کان آھ قديمي، ارڏن ۽ اڻموٽن جي،
    هي ٻولي ڏاڏي ناني جي ۽، ماساتن جي سوٽن جي،
    آڱر هن ڏانهن جيڪو اُٿاري، تنهن جو ڌَڙ سِر ڌار ڪندا،
    هي ”منشي“ سڀ مهمير اٿئي، تو چيري ٽُڪرا چار ڪندا،
    هي هولي کيڏي ڄاڻي هر هڪ، هولي ڏسندين هوليءَ سان!


    *************************************************

    مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو،
    سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون،
    جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري،
    تن ٻول ٻُڌائي وينداسون.


    مان ڪنهن کي ڀلا ڇو چور چوان،
    ڪنهن ڪانگ چوان ڪنهن مور چوان،
    ڳالھ نئين هي تازي آهي،
    هر ڪنهن پنهنجو ماضي آهي،
    خود ڀيٽ ڪريو اک ٽيِٽ ڪريو،
    ڪنهن پيٽ ڀريو ڪنهن چيٽ چَريو،
    اسان جڳ ۾ جڳنا جوتي آهيون،
    جوت جلائي وينداسون.


    درياھ به لاهن چاڙهن ۾،
    انسان به ڇانئن ڪاڙهن ۾،
    ڪو شيشن ۾ ڪو شِيخن ۾،
    هي قاضي هميشه عيش ۾،
    تعويذ وٽن ڪو آهي سَڳو،
    يا ڪنهن جو رت آ مُنهن لڳو،
    کاتا به ڦِريا ماڻهو به مُئا،
    ڪنهن ڪِين ٻُڌا ڪنهن ڪينِ سُئا،
    جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي،
    اسان سا به ڪمائي وينداسون.


    اها ڳالھ اسان لئه ناهي نئين،
    اسان روپ ڏٺا آهن اهڙا ڪئين،
    ڪو وانگيئڙن جي لاءِ وڙهي،
    ڪو مايا ميڙڻ گھاٽ گھڙي،
    ڪرسي ته اها ئي ساڳي آ،
    ڪنهن لک نه لهي ڪو داڳي آ،
    خود ڀيٽ ڪريو اک ٽِيٽ ڪريو،
    ڪنهن پيٽ ڀريون ڪنهن چيٽ چَريو،
    اسان ساڌا سوڌا ٻيجھلڙا؛
    پر ٻول ٻُرائي وينداسون.


    مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو،
    سچ سڀ کي سُڻائي وينداسون،
    جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري،
    تن ٻول ٻُڌائي وينداسون.

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏31 جولائي 2014
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر منشي ابراهيم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    سائين تمام بهترين نموني اوھان سنڌ جي عاشق کي پيٽا پيش ڪئي آھي مھرباني۔

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر منشي ابراهيم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    تمام بهترين ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر منشي ابراهيم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    ادا سليمان وڏيون مهربانيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين لاجواب

    منشي ابراهيم هڪ وڏو قومپرست شاعر هيو ان بابت تفصيلي معلومات ڏيڻ لاء مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر منشي ابراهيم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    مٿيون مضمون محترم صفدر وڳڻ هلال پاڪستان جي منشي ابراهيم اسپيشل ايڊيشن ۾ پڻ ڇاپيو آهي۔

    [​IMG]
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اڄ وري ابراهيم منشي جي ورسي جو ڏينهن ۽ اڄ وري سندس شاعري الائي ڇو منهنجي من ۾ گونجي رهي آهي۔

    هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
    اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو، ڀاڳن جي ڀري آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي
    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.
    تمام سهڻي ڀيٽا پيش ڪرڻ تي توهان جا اسان ٿورائتا آهيون، شل سنڌ جي اهڙن هيرن بابت اسان کي ڄاڻ ڏيندا رهو ته جئين ايندڙ نسل به اسان جي قومي هيرن جو قدر ڄاڻي۔​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433

    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي
    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.
    ابراهيم منشي سنڌ جو ارڏو ڪردار ۽ قومي شاعر هيو ، سندس بهترين قومي گيت اڄ به سنڌ جي وستي واهڻ ۾ گونجن پيا ،
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. محمد عليم سومرو

    محمد عليم سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تون ڪاله ب هئين ارغونن سان ترخانن سان غدارن سان
    مون ڪاله ب سوري سينگاري هئي هوشو هيمون پارن سان۔۔منشي
    لاجواب شاعر تي لاجواب مضمون۔۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لاڙ پٽ جي قومي شاعر ابراهيم منشي جي ورسيء تي سنڌ سلامت سٿ پاران کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مرحوم محمد ابراهيم منشي سنڌ جي قومي شاعرن ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو۔ جيتوڻيڪ پاڻ غربت جي ڪري گهڻوپڙهي نه سگهيا پر ان باوجود سندن علمي سگهه، سمجهه، عقل ۽ ڏاهپ چڱن ڀلن پڙهيلن کان به وڌيڪ هئي۔ سندس دل سنڌ امڙ لا پيار، سڪ ۽ چاهه سان ٽمٽار هئي۔ پاڻ سڄي ڄمار انقلابي شاعري جي ذريعي سنڌ جي قوم پرست سياست ۾ نئون روح ڦوڪيندا رهيا۔ اڄ به سندن لازوال شاعري پڙهڻ سان سنڌ جي ڏکن دردن جو احساس دل ۾ جاڳڻ سان گڏوگڏ هڪ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ٿي پوي ٿو۔
    پاڻ سنڌي ادب کي 4 ڪتابن جو تحفو ڏنائون۔
    • گونڌر ويا گذري
    • پيغام مظلوم
    • ڌنري ڏين ڌارا
    • ڌرتي دين ڌرم
    [​IMG]
    منشي ابراهيم سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري ۾ به وڏي مهارت رکندڙ هو۔ سندس ان ڏات کي مڃتا ڏيندي سنڌ ڪلچرل ڊپارٽمنٽ لطيف سائين جي شاعري کي سندس آواز ۾ ريڪارڊ ڪيو هو۔ پاڻ جيئي سنڌ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي حقن لا جاکوڙ ڪندا رهيا۔
    [​IMG]

    مرحوم پنهنجي پٺيان 3 پٽ ۽ 4 نياڻيون سوگوار ڇڏي 31 جولا 2003 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو۔
    الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي، سندس روح کي امن ۽ سڪون ۾ رکي ۽ جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا ڪري۔آمين۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. آزاد خاصخيلي

    آزاد خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2014
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گولاڙچي
    ادا تمام سٺو
     
  16. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    جواب: سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر منشي ابراهيم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)
    تمام بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    منهنجو پسنديده شاعر ابراهيم منشي جي هڪ تخليق سندس ورسي جي مناسبت سان اوهان سڀني سان ونڊجي ٿي

    کـٿُرين سندا کيت وڪجي ويا، نڌڻڪن جيان نيٺ وڪجي ويا

    اڙي چنڊ اُلهي هليو وڃ هتان، چانڊوڪين جهڙا چيٽ وڪجي ويا

    ٿيو سنڌ ڌرتيءَ جو نيلام عام ۽ سنڌ جالس ليٽ وڪجي ويا

    جيڪي رهبر هئا سيئي رهزن ٿيا، ڪري نيٺ اک ٽيٽ وڪجي ويا

    لُولي جي لانگهي کان لُون لُون لُڇي، پنهوارن سندا پيٽ وڪجي ويا

    وڪيا سنگ سونا ۽ سايو ٻنيون، وڏي واڪ جي هيٺ وڪجي ويا!!!
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
    اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي


    منشي ابراهيم جي ورسيءَ تي سندس سار


    [​IMG]
     
  20. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ جو عاشق ۽ قومپرست شاعر ابراهيم منشي
    بيشڪ هڪ هس سچو سنڌ جو عاشق هو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو