هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

'شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    دوستو سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت پاران ڪتابي سلسلي جي شروعات ۾ انٽرنيٽ تي ٻين دوستن پاران اپلوڊ ڪيل ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪرڻ کانپوء ٻئي مرحلي ۾ اسان سنڌ سلامت جي دوستن پاران ڪمپوز ڪيل ڪتاب سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ڪري رهيا آهيون۔

    ان سلسلي جو هي ڇهون ڪتاب ”هوائن مٿان گهر ۔۔۔۔ “ جيڪو پياري شاعر محترم سيال حيات جي خوبصورت غزلن تي مشتمل آهي، ڪمپوزنگ ۾ اسان جي مانواري ميمبر ۽ دوست اسد علي سيال جي ڪاوشن سان اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون۔ هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى ۽ مشهور شاعر سائين نثار ناز لکيو آهي۔

    محترم سيال حيات سنڌ جو بهترين شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار آهي پر وسائل نه هجڻ سبب هو مٿي اڀري ڪونه سگهيو ۽ کيس اها پذيرائي ڪانه ملي۔ جيتوڻيڪ سندس ڊرامه مختلف چينلن تان نشر ٿيا آهن ۽ سندس شاعري به اعلى پائي جي آهي۔ سندس لازوال شاعري خاص ڪري غزل تمام گهڻو وڻندڙ آهن۔ سندس هڪ غزل پيش آهي:

    ڪاش گلڙن کي ۽ ڪنڊن کي سڃاڻون
    غير کي سمجھون ۽ پنهنجن کي سڃاڻون
    ٻين جي عيبن تي ، نظر ڦيرڻ کان اڳ۾
    هڪ گھڙي جي ، پنهنجي جيون کي سڃاڻون
    جنهن کي ديوانو چئي ٿا ، ٽهڪ ڏيون پيا
    اڄ اچو انجي به ، اُڌمن کي سڃاڻون
    ظاهري مرڪن تي موهت ٿيڻ کان پهريان
    ساهه ۾ سانڍيل ته ، سڏڪن کي سڃاڻون
    ڌاڪ ڌاريئي جي ٻڌي ڇو دهلجون ، جي
    قرب جي ڪيچين جي ، قدمن کي سڃاڻون
    گھاءُ ڏيندڙ کي نه ڳوليوسين ، ڪڏهن ڀي
    پاڻ بس ، گھايل جي ، زخمن کي سڃاڻون
    هر سفر پنهنجو ، سڻائو ٿي پوي ، جي
    سونهن سندرتا جي ، ساٿين کي سڃاڻون
    ”سيال“ ڇو ڀٽڪون ، اسان ائين دربدر ٿي
    جي ڀٽائيءَ رحه جي ته ، بيتن کي سڃاڻون.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    سائين دوست جي محڻت کي سلام۔۔۔۔۔ماشاالله تمام بھترين لڳو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    مهرباني ادا عاشق ۔۔۔۔۔۔۔

    بلڪل دوست اسد علي سيال جي مهرباني آهي جنهن ڪتاب کي سهيڙيو آهي۔

    سائين سيال حيات جي شاعري لاجواب ۽ خوبصورت آهي۔
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    تمام سٺي شاعري آهي سيال حيات جي
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    واه سائين واه توهان جي محنت کي سلام آهي ۽ اسان جي دوست سيال حيات صاحب جن جي محنت کي به سلام آهي ائين ڦڙو ڦڙو درياء بنجي ويندو انشآء الله ڪنهن ڏينهن اسان جي هي اليڪٽرانڪ لائبريري هڪ وڏو انمول خزانو بنجي ويندي۔
     
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    تمام گهڻي محنت سان تيار ڪيل آهي۔

    سائين سيال حيات صاحب جي انمول شاعري کي خوبصورت صفحاتي ترتيب ۾ سهيڙيو آهي۔

    ادا اسد سيال تمام گهڻي محنت تي سبب ئي اهو ممڪن ٿيو آهي۔ کيس اهڙي بهترين پيشڪش تي مبارڪباد چوان ٿو۔

    ۽ ادا سليمان وساڻ جون به مهربانيون۔۔ هنن دوستن جي لا هن لاجواب ونڊ کي پيش ڪيو۔




    دعا ۾ ياد



















    .
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    ماشاءِ الله بهترين شاعري بهترين جن دوستن هن تي ڪم ڪيو سي سڀ جا سڀ تعريف جا حقدار آهن ۔
    وسلام
     
  8. Asad Ali Siyal

    Asad Ali Siyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    42
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد، سنڌ
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    "ٿورا م ٿورا مون تي ماروئڙن جا....!"

    زبردست... لک لائق... وڏا وڙ...
    سٻ کان پهرين سائين نثار ناز صاحب جا لک ٿورا جن انتهائي مصروفيتن باوجودڪتاب جو مهاڳ لکيو ...
    اُن کان بعد مان تهه دل سان ٿورائتو آهيان پياري سائين سليمان وساڻ جن جو جن جي رهنمائي ۽ تعاون کان بغير اهو سٻ ممڪن نه هو۔۔
    ۽ ان کان بعد وڌ ۾ وڌ ٿورا اسان جي هر دل عزيز پليٽ فارم سنڌ سلامت جا جنهن اسان کي پنهنجو سمجهي اسان جي رهنمائي ڪئي آهي... اسان کي فخر آهي ته اسان وٽ هڪ اهڙو پليٽ فارم موجود آهي جتي اسان پنهنجا خيالات، پنهنجون ڪاوشون ونڊ ڪري سگهون ٿا نه ته حقيقت ۾ ڏسجي ته اردو ادب ۾ اهڙا کوڙ پليٽ فارم، حلقا، گروپس آهن جن تي انهن جي اديبن کي باقائدا اظهار خيالات جو موقع حاصل آهي پر سنڌي ادب ۾ ٍڄڻ ته اسان ننڌڻڪا ٿي ويا هئا سين جو هتي هڪ ته اهڙو ادارو، پليٽ فارم نه هو ۽ جيڪڏهن هڪ اڌ ڪي هئا به ته اتي فقط هڪ مخصوص ٽولي کي ئي نوازيو پئي ويو، نتيجتآ ڪافي سٺا اديب پنهنجي ادبي پورهئي کي منظر عام تي آڻڻ کان قاصر هئا ڇو ته اڪثريت انهن ۾ غريب خاندان سان تعلق رکندڙن جي هئي جن وٽ يا ته پنهنجي ادبي پورهئي ڇپائڻ لاءِ معاشي ذريعا نه هئا يا ته انهن سفارشي ٽولن کي خوش ڪرڻ لاءِ سفارشون نه هيون نتيجي طور ڪنهن جي ٿورن جي دٻاءُ هيٺ اچڻ جي بجاءِ سيال حيات جهڙن انيڪ شاعرن ۽ اديبن خاموشي ۾ ئي عافيت سمجهي ۽ ڪنهن مسافر جيان گمنامي جي اڻڃاتل راهه جا راهي ٿي پيا پر دير سهي درست سهي آخر اهو گمنامي جو دور پٍڄاڻي تي پهتو ۽ سندن سندر سپنن کي سنڌ سلامت جهڙي اداري ساڀيان جو روپ ڏنو۔۔۔ جنهن لاءِ سنڌ سلامت جون ڪوششون ۽ ڪاوشون جس لهڻيون۔۔۔ ۽ ان سڄي محنت پويان جيڪو سائين سليمان وساڻ جوڪردار آهي اهو واقعي قابل تعريف آهي۔۔۔ پيارو سليمان هڪ فرد نه پر هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو جنهن سنڌي ادب جي بقا جو علم پنهنجي مظبوط هٿن ۾ کنيو آهي رب سائين شل کيس وڏي حياتي عطا فرمائي ته جيئن هو هي ڪم خوش اصلوبئ سان ۽ سچائي سان نڀائي سگهي (آمين)
    اسان جون نيڪ تمنائون سائين سليمان لاءِ ...
    سنڌ سلامت جا لک لک ٿورا ...

    دعائن ۾ ياد

    سنڌ سلامت جيسين ساٿ سلامت...

    ناچيز

    اسدعلي سيال
    حيدرآباد

    .....................................

    ۽ آخر ۾ انهن سڀني مهربانن جا ٿورا جن اسان جي ڪاوشن کي پسند ڪيو۔۔۔ لک لائق سرڪار۔۔۔۔!
     
  9. Doctor

    Doctor
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جون 2009
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    DOCTOR
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    سائين دوست جي محنت کي سلام۔۔۔۔۔ماشاالله تمام بھترين لڳو۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    مهرباني ادا فاروق پسند ڪرڻ جي
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    نوجوان دوست اسد علي سيال پاران سيال حيات جي شاعري ڪتابي صورت ۾ بعنوان ” هوائن مٿان گهر“ ، سنڌ سلامت تي سهڻي دوست سليمان پاران ونڊ ڪري سنڌ سلامت لائبريري ۾ هڪ سهڻو ۽ اهم اضافو ڪيو ويو آهي۔

    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي واڌايون ۽ سهڻي شاعر سيال حيات کي پڻ دل جي گهراين سان واڌايون ۔۔۔ قبول پون

    اڍائي سال اڳ جڏهن سنڌ سلامت جو بنياد وڌو ويو هو ته دوستن جا ارادا ۽ منصوبا جيڪي سوچيا ويا هئا سي ساڀيان ٿيڻ لڳا آهن ۽ سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌيت جي مان ۾ ٿيندڙ ڪم اڳ کان اڳرو ٿيڻ لڳو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت اوطاق جو مقصد ئي اهو هو ته سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪيو وڃي ۽ سنڌي ادب کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي ۔۔۔ الله جا لک شڪر آهن ته ان ڪم ۾ سنڌ سلامت مالا مال ٿيندي وڃي ۔۔۔

    سنڌ سلامت سنڌين جي اوطاق آهي جت سڀني دوستن جي گڏيل محنتن ۽ اوطاق کي متحرڪ رکڻ ۾ دوستن پاڻ ملهايو آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت مستقبل قريب ۾ سنڌين جي نمائنده سائيٽ ٿي اڀرندي ۔۔۔۔

    سنڌ جا سهڻا دوستو! سنڌ سلامت کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ لا اڃان ڪافي ڪم رهيل آهي، اچو ته سڀ گڏجي سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي نعري کي عام ڪريون ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت کي محفوظ ۽ مضبوط ڪريون ۔۔۔

    هلندي هوت پنهل ڏي کهجن کي کوٽيون

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  12. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    تمام بهترين ڪم ڪيو آهي۔۔۔۔۔۔۔جس لهڻي محترم سليمان وساڻ جن جي ڪوشش مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو پنهنجي وس آهر سنڌ سلامت کي بهتر کان بهتر ڪرڻ ۾ رات ڏينهن رڌل آهي۔۔۔۔۔

    ڪتابن جو سلسلو بهترين هڪ شروع ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    سائين مولوي رحيم بخش صاحب مهربانيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان بلڪل سچ لکيو ته ڦڙو ڦڙو تلاء ٿيندو۔ دوستن جون مهربانيون آهن جيڪي هن ڊجيٽل ڪتاب گهر لاء ڪاوشون ڪري رهيا آهن۔ هي ڪتاب به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي۔
     
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    پنهنجي ذميدارين کي پاڻ کڻندي اسان جي دوست سليمان وساڻ خوب ملهايو آهي۔۔۔ خوشي آهي ته هڪ وڌيڪ خوبصورت ڪتاب جو سنڌ سلامت طرفان اضافو عمل ۾ آندو ويو۔۔۔
    جيتري قدر ڪتاب ۾ موجود شاعري جو تعلق آهي ته ڪجهه غزل پڙهي اندازو ٿي ويو ته لفظن کي انتهائي خوبصورتي سان سهيڙي عام ماڻهون جي جذبات کي وائکو ڪيو ويو آهي۔۔۔ خوبصورت جذبن سان ڀريل بهترين ڪتاب۔۔۔
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    سائين سيال صاحب جن کي واڌايون، ادا سليمان جن جا ٿورا، سنڌ سلامت جا ٿورا...
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    مهرباني ادا درويش ۔۔۔۔

    سيال حيات صاحب جي خوبصورت شاعريء کي سهڻي ترتيب سان ادا اسد سيال پيش ڪيو آهي۔ دوستن جي اهڙين ڪاوشن ۽ محنتن تي کين سلام هجي۔ جڏهن اوهان غزلن کي پڙهندا ته اهڙي ته سٺي انداز سان احساسن کي بيان ڪيو ويو آهي جو هر ماڻهو هن شاعري کي پنهنجا احساس ٿو سمجهي۔
     
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    مهرباني سائين ڏاڏل

    بلڪل دوستن کي شاباس هجي جيڪي پاڻ ملهائن پيا۔ ادا اسد سيال جي محنت آهي، جنهن لاء هن کي داد ملڻ گهرجي، سندس ٿورائتا آهيون۔
     
  18. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    ادا محمد سليمان وساڻ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي تمام ٿوري عرصي ۾ ايترا ته تاريخي ڪارناما ڪيا آهن جنهن جو مثال سنڌ سلامت جي هن پياري اڱڻ تي ملڻ مشڪل آهي، جيئن هن اڱڻ تي انيڪ موضعن جا اِي ڪتاب گڏ ڪري سهيڙڻ وارو ڪارنامون به هڪ شاندار محنت ۽ ڪوشش آهي۔ حيات سيال جي هن ڪتاب جو مسودو مون پڙهيو، تمام گهڻي مصروفيات جي باوجود هن شاعري جي ڪتاب هوائن مٿان گهر جو مهاڳ لکڻ جي قابل ٿيس، اها منهنجي لا اعزاز جي ڳالهه آهي ته پهريون ڀيرو ڪنهن اِي ڪتاب جي مسودي پڙهڻ کانپو مون ان جو مهاڳ لکيو، اها مهرباني آهي ادا سليمان وساڻ جي ۽ محترم حيات سيال جي جو مونکي انهن دوستن انهي قابل سمجهيو جو ڪافي سارن بلند پايه شاعرن جي موجودگي ۾ مون ٽي درجي واري شاعر کي انهي خوبصورت ڪتاب هوائن مٿان گهر جو مهاڳ لکڻ جو چيو۔ دوستو هن اي ڪتاب جي ڪاپي ڊائون لوڊ ڪري ڇڏي اٿم ڪٿان پرنٽ ڪرائي هن ڪتاب کي پڪي جلد ۾ آڻي آئون پنهنجي تمام ننڍڙي لائبريري جي زينت ضرور بنائيندس۔ سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي منهنجون گُذارشون آهن ته اسان جي هن ڪتابي شعبي جي تشهير هر سنڌي پڙهندڙن سامهون ضرور ڪن ۽ ڪافي سنڌ سلامت جي دوستن وٽ پنهنجاپرنٽر ضرور هوندا انهن کي کپي ته هو پهرين فرصت ۾ ڪتاب هوائن مٿان گهر سميت ٻيا به سمورا ڪتاب پرنٽ آئوٽ ڪري انهن کي پڪو جلد ڪرائي پاڻ به پڙهن ۽ پنهنجي سڀني سنڌي دوستن کي به پڙهائن ۔ هڪ ڀيرو وري ادا محمد سليمان وساڻ صاحب جا ٿورا جو سنڌي ٻولي کي دنيا جي سامهون اڳي کان اڳرو ڪري رهيو آهي۔ ان کان علاوه منهنجون نيڪ تمنائون هن ڪتاب جي تخليق ڪار محترم حيات سيال تائين به پهچايون وڃن ته نوازشون ٿينديون شال ٻئي سنڌي ٻولي جا گهڻگُهرا شاد هُجن ۽ آباد هُجن آمين
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    مهرباني ڀاء اسد علي سيال ۔۔۔۔۔۔۔

    سچ ته اوهان جو ڪوششون ۽ ڪاوشون قابل داد آهن۔ اوهان ڪمپوزنگ جهڙو ڏکيو ڪم بهترين طريقي سان سر انجام ڏنو آهي۔ لک ٿورا جو اوهان اسان کي هيڏو مان ۽ عزت ڏيو ٿا۔

    سائين سيال حيات جي شاعري ۽ سندس ڪهاڻيون ۽ ڊرامه اعلى درجي جا آهن پر کيس اها موٽ ڪانه ملي جنهن جي هو لائق آهي۔ اسان ماڻهن جوپ قدر ئي ناهيون ڪري سگهيا۔ دعا ڪيو ته سنڌ سلامت ان قابل ٿئي جو دوستن جا ڪتاب ڇاپڻ ۾ ڪامياب ٿئي۔ اهو منهنجو خواب آهي ۽ انشاء الله اوهان جهڙ دوستن جي تعاون سان اسان ان قابل ٿي وينداسون۔

    مان اوهان جو، سائين سيال حيات صاحب جو ۽ سائين نثار ناز جو ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب کي اِي بوڪ جي صورت ۾ ڇاپڻ لاء ايترو سهڪار ڪيو ۽ رهنمائي ڪئي۔
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هوائن مٿان گهر : شاعري (سيال حيات)

    مهرباني سائين ۔۔۔

    اهڙي قسم جي موٽ ۽ حوصلا افزائي ٿيندي رهي ته دوست وڌيڪ بهتر ڪم ڪندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو