شاعري جي صنف ”ڪنٺ “ جي باري ۾ سمجهاڻي

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ۽ فيس بُڪ جا ساٿيو اڄ آئون توهان سڀني دوستن کي شاعريءَ جي نئين صنف ”ڪنٺ“ کي سنڌ جي چوٽِيءَ جي شاعر مهان شاعر ايوب کوسي جي سمجهاڻي مطابق سمجهايان ٿو هر نئين شاعر يا ان پُراڻي شاعر جنهن اڃا ”ڪنٺ“ کي ڇُهيو به ناهي، مونکي پوُرِي اميد آهي ته ڀلوڙ [justify]سنڌي شاعر ايوب کوسو جي سمجهاڻي مطابق شاعريءَ جي نئين صنف ڪنٺ کي توهان سڀ آسانِيءَ سان سمجهي ويندا. دوستو دنيا ۾ ڪا شيءَ مشڪل ناهي ، ڳالهه صرف حوصلي جي آهي دوستو ته پيش آهي ايوب کوسي جي شاعريءَ جي ڪتاب ”ڪنارن جا سڏ“ مان شاعري جي نئين صنف ڪنٺ جي سمجهاڻي جنهن ۾ مهان شاعر ايوب کوسو لکي ٿو ته :[/justify]

    ”هي نئين جوڙيل صنف آهي، جيل جي عرصي دوران سيپٽمبر 2002ع ۾ هن صنف کي شروع ڪرڻ جي لاءِ قلم کنيم.
    ”ڪنٺ“ لفظ جي هڪ معنى ڳچِي آهي ، ڪنٺ کي ڪنڌيءَ ، ڪپر، ڪناري طور به استعمال ڪيو ويو آهي ، مون به ان کي ڪناري واري معنا ۾ رکيو آهي ، هن صنف جي پهرين ۽ آخري سٽ ڪناري جو ڪردار ادا ڪري ٿي، ترتيب مطابق ڪنٺ 9 سٽن ۾ لکبو:
    پهريون ٽي سٽون هڪٻئي سان قافيو نه ملائينديون، 4 ۽ 5 نمبر سٽون هم قافيا ٿينديون، 6 نمبر وارِي سٽ 3 نمبر وارِيءَ سٽ سان قافيو جوڙيندي، 7 نمبر وارِي سٽ 3 نمبر سٽ واري ساڳي سٽ طور ورجاءُ ڪندي، 8 نمبر وارِي سٽ 2 نمبر واري سٽ سان قافيو ملائيندِي ۽ آخري 9 نمبر وارِي سٽ پهرين سٽ سان قافيو جوڙي ڪنٺ کي مڪمل ڪندي، ڪنٺ هڪ ئي موضع تي لکبو، موضوع جي هڪ بحر وزن جي ڪابه پابندي ناهي، پر عنوان طور اهو موضوع هڪ لفظ ۾ مٿي ڏيڻ ضروري آهي ڪنٺ جي هيٺان توڙي مٿان بيهڪ ڏسبي ته هڪ جهڙي محسوس ٿيندي.“(ايوب کوسو سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڪنارن جا سڏ صُفحو نمبر 134 هي ڪتاب سنن 2008ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد لاڙڪاڻو طرفان شايع ڪرايو ويو....)​


    [JUSTIFY]ان سلسلي ۾ محترم ايوب کوسي جا هي 3 بهترين ڪنٺ ٽن مختلف موضوعن ۾ جنهن جي غريباڻي ڊزائن مون ٺاهي آهي توهان دوستن جي سمجهاڻي لاءِ پيش ڪريان پيو . دوستو آهي نه مزي جهڙي ڳالهه سمجهاڻي جي سمجهاڻي ۽ خوبصورت شاعري به توهان جي مشاهدي لاءِ توهان جي مفيد راين جو شدت سان انتظار رهندو.[/JUSTIFY]

    [​IMG]
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: شاعري جي صنف ”ڪنٺ “ جي باري ۾ سمجهاڻي

    اشاءالله سائين تمام پياري....ڊزائين ۽ شاعري جي چونڊ به لاجواب.
     
  3. مگسی عبدالغفار

    مگسی عبدالغفار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائین جن جا ورب جی اسان کی ایتری بهترین معلومات ڈنی مهربانی
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو