البيلي راڳي سيد سليمان شاهه جي وڇوڙي کي اڄ 15 سال مڪمل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]
    البيلي راڳي سيد سليمان شاهه جي وڇوڙي کي اڄ 15 سال مڪمل
    ڪراچي (رپورٽ: مصطفيٰ ملاح) ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ جهڙو شاهڪار گيت ڳائيندڙ سنڌ جي منفرد انداز واري راڳي مرحوم سيد سليمان شاهه جي وڇوڙي تي اڄ 15 سال مڪمل ٿي ويا آهن کيس ورسي تي ڪنهن به ياد نه ڪيو. مداحن ۽ پرستارن پاران سبب ورسي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. پنهنجي انوکي رقص ۽ گائيڪي جي انداز ذريعي شاعري جي لفظ لفظ ۾ زندگي ڀريندڙ هن درويش صفت راڳي جي جيئڻ جو به انداز نرالو هو. هو پنهنجي انداز ۾ صوفياڻي ڪلامن تي رقص به عبادت جيان ڪندو هو. ان وقت وجد جي حالت ۾ نچندي ڳائيندو هو. پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي جڏهن سيد سيلمان شاهه محفل ۾ نچندو هو ته هن جي آواز تي هر محبت ڀري دل به ڪنهن درويشن جي مزار جو آڳند بڻجي ويندي هئي. سيد سليمان شاهه جو بدن راڳ ۽ ساز جي لئه تي لهر لهر تي مڙڻ لڳندو هو. سيد سليمان شاهه سنڌ جو اڪيلو راڳي هو. جنهن جو انداز به فقيراڻو هوندو هو. هو لباس سادو ۽ ڀرت ڀريل پهراڻ اڪثر ڪري پهريندو هو ۽ منفرد نموني سان ناچ ڪندو هو. ناچ ۽ راڳ دوران ويٺلن تي وجد طاري ٿي ويندو هو. هن جو ناچ هن جي جسم جي ڄڻ شاعري هوندي هئي نه صرف پيرن جا گهنگهرو پر هٿن ۽ اکين جا پڻ راڳ ڳائڻ دوران اشارا ڪندو هو. هن جو پورو وجود ناچ دوران محبت جو سمنڊ بڻجي ڇلڪڻ لڳندو هو. خاص طور تي جڏهن هو ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ ڳائيندو هو ته سندس رقص جو پورو اظهار چپن تي مرڪ بڻجي ٽڙي پوندو هو. پرائمري تعليم پاس سيد سليمان شاهه 20 جولاءِ 1933ع ۾ ضلعي ٺٽي جي جاتي واري شهر ۾ سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. 200 کان وڌيڪ گيت ڳائيندڙ هن جو استاد بچو شيخ هو جنهن راڳ ۽ رقص جي سکيا ڏني، سليمان شاهه راڳي سان گڏ هڪ سٺو اداڪار به هو. هن سنڌي فلم ايڪتا، عمر ماروي، شهرو فيروز، چانڊوڪي، نوري ڄام تماچي، حاضر سائين، پرديسي ۽ پيار جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ انهن فلمن ۾ پڻ گيت به ڳايا. هن جي مشهور گيتن ۾ دل توکي ڏئي درد پرايو. اسان ڪون عشق ماريندا، سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ شامل آهن. هن ٻه شاديون ڪيون جنهن مان هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. 18 آگسٽ 1996ع تي هو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سيد سليمان شاهه برطانيه روس، ترڪي، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جا مظاهرا ڪيا. سليمان شاهه، لتا، محمد جمن کي شوق سان ٻڌندو هو. هن سنڌي، اردو، پنجابي، گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڳائي ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون آنديون جيڪي اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. سليمان شاهه پيرن ۾ ڇير وجهي فن جو مظاهرو ڪندڙ سنڌ جو پهريون فنڪار هو.



     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: البيلي راڳي سيد سليمان شاهه جي وڇوڙي کي اڄ 15 سال مڪمل

    [​IMG]

    سنڌ جي انهن فنڪارن مان جيڪي پنهنجي مخصوص ڊائلاگن سان ماڻهن کي به پاڻ سان گڏ موسيقيء ۾ مگن ڪندا آهن ۔ سيد سليمان شاهه به هڪ هو۔ سندس اکيون ۽ اشارا، سندس ڇير ۽ ڇم ڇم ، جڏهن وڄندا هئا ته ماڻهو به ڄڻ ته پاڻ کي انهيء ڇير جي ڇم ڇم ۾ محسوس ڪندو هو۔

    سنڌ جي هن البيلي فنڪار جي لاء دعا آهي ته رب کيس جنت نصيب ڪري۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: البيلي راڳي سيد سليمان شاهه جي وڇوڙي کي اڄ 15 سال مڪمل

    ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ هل ته سهي اصل ڳالهه ته اکين جي آهي هر شروعات اکين سان ئي ٿئي ٿي۔۔۔۔۔۔۔ جڏهن ننڍا هوندا هئا سين ته سليمان شاهه جو اهو ڪلام ٽي وي تا ڏسندا هئا سين اسانکي ته بس هن جو نچڻ وڻندو هيو۔۔۔۔۔۔۔

    موقعي جي مناسبت سان سٺو ونڊ ڪيو اٿو مهرباني
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: البيلي راڳي سيد سليمان شاهه جي وڇوڙي کي اڄ 15 سال مڪمل

    ادا موقعي جي مناسبت سان سٺو ونڊ آهي
    سائين سليمان ساهه جو هڪ ڪلام توهان سان شيئر پيو ڪريان اميد ته توهان کي پسند ايندو ۔
    http://youtu.be/BJthMB1iz2s
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو