سيد سليمان شاهه کي اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو ڏانءُ هو، ڳائڻ دوران نچڻ ۽ موضوع جي مناسبت سان سمجهائڻ خاطر ڪن جملن جو استعمال ڪرڻ ۽ اشارن وسيلي اداڪاري ڪرڻ سندس خاصيت ۾ شامل آهن، ماڻهن جي مزاج کي ڏسي اهڙو ڳائيندو هو جو ٻڌندڙ منڊجي ويندا هئا، ان جي ڳائڻ جي انداز کي ڀڳتي انداز سڏيو وڃي ٿو، هو گهنگهرو يا ڇير ٻڌي نچندو هو، هن ان انداز ۾ ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو هو، ننڍيءَ عمر ۾ اسان وٽ ميلن ملاکڙن تي ناچو ته عام طور تي ڇير ٻڌي نچندا آهن پر ان کي آخري عمر تائين جاري رکندڙ سائين سليمان شاهه واحد فنڪار هو، هو ڏاڍو سهڻو لباس پائيندو هو، وڏا وار رکندو هو ۽ گهڻي ڀاڱي ڀرت ڀريل ريشمي ڪپڙا پائيندو هو. کنجري، ڇير يا گهنگهرن تي ڀڳتي انداز ۾ ڳائيندو هو، هن اهو انداز جوڳين ۽ سناسين کان سکيو، ريڊيي پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ جي روايت مطابق ته ”ننڍي هوندي جڏهن شاهه صاحب جي ڳوٺ ۾ جوڳي ۽ سنياسي آيا ۽ جڏهن سليمان شاهه انهن کي ٻڌو ته کيس اهو ڀڳتي انداز ايڏو ته وڻيو جو مائٽن کي بنا ٻڌائڻ جي هو انهن سان گڏ هليو ويو ۽ ٻه سال انهن سان گڏ رهي ڳائي اهو انداز سکيو. سندس پهرين تربيت اها آهي ۽ ٻي تربيت استاد بچوءَ شيخ کان ورتائين. سيد سليمان شاهه ننڍي پئماني تي ته مقبول ٿي چڪو هو پر کيس وڌيڪ مقبوليت ٽيليويزن تي سائين بلي شاهه جي ڪلام اسانون عشق مريندا، ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا، ڳائڻ کان پوءِ ملي، ان نغمي سبب کيس پوري پاڪستان ۾ مڃتا ملي، اهو ڪلام هن جي سڃاڻپ بڻجي ويو، ٽي ويءَ تي 1970ع ۾ کيس عبدالڪريم بلوچ آندو، ان کان پوءِ ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ تي تڏهوڪي سينيئر پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ کيس متعارف ڪرايو، خواجه صاحب سندس ڳوٺائي آهي، سيد سليمان شاهه جا ڳايل نغما ايترا ته مقبول آهن جو اڄ به مختلف فنڪار ڳائي مقبوليت ماڻن ٿا. شاهه صاحب ريڊيي، ٽي ويءَ، اسٽيج ۽ ڪيسيٽ کان سواءِ فلم لاءِ به ڳايو ۽ اداڪاري ڪئي، کيس فلمي دنيا ۾ فلم ڊائريڪٽر شيخ حسن ۽ سنڌي فلمن جو هيرو ۽ ڊائريڪٽر مشتاق چنگيزي وٺي آيو، شيخ حسن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهرين سنڌي فلم عمر مارئي ٺاهي ۽ ان کان پوءِ شهرو فيروز ٺاهي، شاهه صاحب ڳائڻ سان گڏ شهرو فيروز فلم ۾ اداڪاري به ڪئي آهي، کانئس هڪ فقير جو ڪردار ادا ڪرايو ويو آهي، جيڪو مختلف صوفي بزرگن حضرت قلندر لال شهباز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ شاهه بلاول نورانيءَ (بلوچستان) جي درگاهن تي ويٺل ڏيکاريل آهي، ان فلم جو پروڊيوسر بهار علي بلوچ هو، شاهه صاحب فلم چانڊوڪيءَ ۾ ولين جو ڪردار ۽ نوري ڄام تماچيءَ ۾ به هڪ ڪردار ادا ڪيو، فلم حاضر سائينءَ جا نغما به سيد سليمان شاهه ڳايا آهن، دوگاني ۾ عشرت جهان گڏ اٿس، فلم حاضر سائينءَ جو ڊائريڪٽر سيد فضل علي شاهه ڄاموٽ ۽ موسيقار به پاڻ آهي، موسيقار جي حيثيت ۾ نالو ايس گل حيدر سڏرائيندو هو، هو هندستان جي نالي واري موسيقار ماسٽر غلام حيدر جو شاگرد هو، جنهن ڪري نالي پٺيان حيدر لکندو هو. سليمان شاهه شيخ حسن جي هڪ اردو فلم جهڪ گئي آسمان جا نغما به ڳايا پر اها فلم مڪمل نه ٿي سگهي، ان کان سواءِ مشتاق چنگيزيءَ کانئس فلم پرديسي ۽ پيار جا نغما به ڳائرايا. هن ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ آمريڪا، برطانيا، روس، ترڪي، گڏيل عرب امارتون، آفريڪا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. هن شاهه بيگ لين ۾ هڪ ميوزيڪل ڪلب به کولي هئي، جتي پنهنجي دور جا وڏا وڏا فنڪار ۽ اداڪار ايندا هئا ۽ نوان ڳائڻا سکندا هئا، سندس شاگردن ۾ امير بخش ميراثي، مولا بخش مڱڻهار ۽ ڪارو شيخ وغيره شامل آهن. سندس پسند جا فنڪار ماسٽر محمد ابراهيم، محمد جمن، مهدي حسن، نورجهان، محمد رفيع ۽ لتا هئا، ڪوهياري ۽ راڻو وڻندو هئس. پاڻ نون فلمي نغمن (اردو ۽ پنجابي) جي ڪَٽُن تي پنهنجي شاعري به ڪندو هو، سنڌيءَ کان سواءِ سرائيڪي، بلوچي، اردو، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين ۾ به ڳائيندو هو، هو مذهبي ڪتاب گهڻا پڙهندو هو. سليمان شاهه 18 آگسٽ تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.
جواب: سيد سليمان شاهه(سنڌ جو منفرد لوڪ راڳي) جي ورسي سنڌ جي انهن فنڪارن مان جيڪي پنهنجي مخصوص ڊائلاگن سان ماڻهن کي به پاڻ سان گڏ موسيقيء ۾ مگن ڪندا آهن ۔ سيد سليمان شاهه به هڪ هو۔ سندس اکيون ۽ اشارا، سندس ڇير ۽ ڇم ڇم ، جڏهن وڄندا هئا ته ماڻهو به ڄڻ ته پاڻ کي انهيء ڇير جي ڇم ڇم ۾ محسوس ڪندو هو۔ سنڌ جي هن البيلي فنڪار جي لاء دعا آهي ته رب کيس جنت نصيب ڪري۔
جواب: سيد سليمان شاهه(سنڌ جو منفرد لوڪ راڳي) جي ورسي سنڌ جو مستانو راڳي ... جنهن جي راڳ ۽ آواز تي ڪئي دليون جهومي اٿنديون هيون ... سندس پير جي ڇير جو ڇمڪو ۽ سندس جسم جي لچڪ ۽ سندس موهيندڙ آواز، ماحول کي تڙپائي ڇڏيندو هو ... واه سائين ، ڇا ته ياد ڏياري اٿوَ ... سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سيد سليمان شاهه: سنڌ جو منفرد لوڪ راڳي محمد سليمان وساڻ پرائمري تعليم پاس سيد سليمان شاهه 20 جولاءِ 1933ع ۾ ضلعي ٺٽي جي جاتي واري شهر ۾ سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. 200 کان وڌيڪ گيت ڳائيندڙ هن جو استاد بچو شيخ هو جنهن راڳ ۽ رقص جي سکيا ڏني. پنهنجي انوکي رقص ۽ گائيڪي جي انداز ذريعي شاعري جي لفظ لفظ ۾ زندگي ڀريندڙ هن درويش صفت راڳي جي جيئڻ جو به انداز نرالو هو. هو پنهنجي انداز ۾ صوفياڻي ڪلامن تي رقص به عبادت جيان ڪندو هو. ان وقت وجد جي حالت ۾ نچندي ڳائيندو هو. پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي جڏهن سيد سيلمان شاهه محفل ۾ نچندو هو ته هن جي آواز تي هر محبت ڀري دل به ڪنهن درويشن جي مزار جو آڳند بڻجي ويندي هئي. سيد سليمان شاهه جو بدن راڳ ۽ ساز جي لئه تي لهر لهر تي مڙڻ لڳندو هو. سيد سليمان شاهه سنڌ جو اڪيلو راڳي هو. جنهن جو انداز به فقيراڻو هوندو هو. هو لباس سادو ۽ ڀرت ڀريل پهراڻ اڪثر ڪري پهريندو هو ۽ منفرد نموني سان ناچ ڪندو هو. ناچ ۽ راڳ دوران ويٺلن تي وجد طاري ٿي ويندو هو. هن جو ناچ هن جي جسم جي ڄڻ شاعري هوندي هئي نه صرف پيرن جا گهنگهرو پر هٿن ۽ اکين جا پڻ راڳ ڳائڻ دوران اشارا ڪندو هو. هن جو پورو وجود ناچ دوران محبت جو سمنڊ بڻجي ڇلڪڻ لڳندو هو. خاص طور تي جڏهن هو ”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون“ ڳائيندو هو ته سندس رقص جو پورو اظهار چپن تي مرڪ بڻجي ٽڙي پوندو هو. سيد سليمان شاهه کي اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو ڏانءُ هو، ڳائڻ دوران نچڻ ۽ موضوع جي مناسبت سان سمجهائڻ خاطر ڪن جملن جو استعمال ڪرڻ ۽ اشارن وسيلي اداڪاري ڪرڻ سندس خاصيت ۾ شامل آهن، ماڻهن جي مزاج کي ڏسي اهڙو ڳائيندو هو جو ٻڌندڙ منڊجي ويندا هئا، ان جي ڳائڻ جي انداز کي ڀڳتي انداز سڏيو وڃي ٿو، هو گهنگهرو يا ڇير ٻڌي نچندو هو، هن ان انداز ۾ ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيو هو، ننڍيءَ عمر ۾ اسان وٽ ميلن ملاکڙن تي ناچو ته عام طور تي ڇير ٻڌي نچندا آهن پر ان کي آخري عمر تائين جاري رکندڙ سائين سليمان شاهه واحد فنڪار هو، هو ڏاڍو سهڻو لباس پائيندو هو، وڏا وار رکندو هو ۽ گهڻي ڀاڱي ڀرت ڀريل ريشمي ڪپڙا پائيندو هو. کنجري، ڇير يا گهنگهرن تي ڀڳتي انداز ۾ ڳائيندو هو، هن اهو انداز جوڳين ۽ سناسين کان سکيو، ريڊيي پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ جي روايت مطابق ته ”ننڍي هوندي جڏهن شاهه صاحب جي ڳوٺ ۾ جوڳي ۽ سنياسي آيا ۽ جڏهن سليمان شاهه انهن کي ٻڌو ته کيس اهو ڀڳتي انداز ايڏو ته وڻيو جو مائٽن کي بنا ٻڌائڻ جي هو انهن سان گڏ هليو ويو ۽ ٻه سال انهن سان گڏ رهي ڳائي اهو انداز سکيو. سندس پهرين تربيت اها آهي ۽ ٻي تربيت استاد بچوءَ شيخ کان ورتائين. سيد سليمان شاهه ننڍي پئماني تي ته مقبول ٿي چڪو هو پر کيس وڌيڪ مقبوليت ٽيليويزن تي سائين بلي شاهه جي ڪلام اسانون عشق مريندا، ڍولڻ ول ول قتل ڪريندا، ڳائڻ کان پوءِ ملي، ان نغمي سبب کيس پوري پاڪستان ۾ مڃتا ملي، اهو ڪلام هن جي سڃاڻپ بڻجي ويو، ٽي ويءَ تي 1970ع ۾ کيس عبدالڪريم بلوچ آندو، ان کان پوءِ ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ تي تڏهوڪي سينيئر پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ کيس متعارف ڪرايو، خواجه صاحب سندس ڳوٺائي آهي، سيد سليمان شاهه جا ڳايل نغما ايترا ته مقبول آهن جو اڄ به مختلف فنڪار ڳائي مقبوليت ماڻن ٿا. شاهه صاحب ريڊيي، ٽي ويءَ، اسٽيج ۽ ڪيسيٽ کان سواءِ فلم لاءِ به ڳايو ۽ اداڪاري ڪئي، کيس فلمي دنيا ۾ فلم ڊائريڪٽر شيخ حسن ۽ سنڌي فلمن جو هيرو ۽ ڊائريڪٽر مشتاق چنگيزي وٺي آيو، شيخ حسن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهرين سنڌي فلم عمر مارئي ٺاهي ۽ ان کان پوءِ شهرو فيروز ٺاهي، شاهه صاحب ڳائڻ سان گڏ شهرو فيروز فلم ۾ اداڪاري به ڪئي آهي، کانئس هڪ فقير جو ڪردار ادا ڪرايو ويو آهي، جيڪو مختلف صوفي بزرگن حضرت قلندر لال شهباز، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ شاهه بلاول نورانيءَ (بلوچستان) جي درگاهن تي ويٺل ڏيکاريل آهي، ان فلم جو پروڊيوسر بهار علي بلوچ هو، شاهه صاحب فلم چانڊوڪيءَ ۾ ولين جو ڪردار ۽ نوري ڄام تماچيءَ ۾ به هڪ ڪردار ادا ڪيو، فلم حاضر سائينءَ جا نغما به سيد سليمان شاهه ڳايا آهن، دوگاني ۾ عشرت جهان گڏ اٿس، فلم حاضر سائينءَ جو ڊائريڪٽر سيد فضل علي شاهه ڄاموٽ ۽ موسيقار به پاڻ آهي، موسيقار جي حيثيت ۾ نالو ايس گل حيدر سڏرائيندو هو، هو هندستان جي نالي واري موسيقار ماسٽر غلام حيدر جو شاگرد هو، جنهن ڪري نالي پٺيان حيدر لکندو هو. سليمان شاهه شيخ حسن جي هڪ اردو فلم جهڪ گئي آسمان جا نغما به ڳايا پر اها فلم مڪمل نه ٿي سگهي، ان کان سواءِ مشتاق چنگيزيءَ کانئس فلم پرديسي ۽ پيار جا نغما به ڳائرايا. هن ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ آمريڪا، برطانيا، روس، ترڪي، گڏيل عرب امارتون، آفريڪا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. هن شاهه بيگ لين ۾ هڪ ميوزيڪل ڪلب به کولي هئي، جتي پنهنجي دور جا وڏا وڏا فنڪار ۽ اداڪار ايندا هئا ۽ نوان ڳائڻا سکندا هئا، سندس شاگردن ۾ امير بخش ميراثي، مولا بخش مڱڻهار ۽ ڪارو شيخ وغيره شامل آهن. سندس پسند جا فنڪار ماسٽر محمد ابراهيم، محمد جمن، مهدي حسن، نورجهان، محمد رفيع ۽ لتا هئا، ڪوهياري ۽ راڻو وڻندو هئس. پاڻ نون فلمي نغمن (اردو ۽ پنجابي) جي ڪَٽُن تي پنهنجي شاعري به ڪندو هو، سنڌيءَ کان سواءِ سرائيڪي، بلوچي، اردو، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين ۾ به ڳائيندو هو، هو مذهبي ڪتاب گهڻا پڙهندو هو. سليمان شاهه 18 آگسٽ تي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. حواله : ڪمال ڄامڙي جو مضمون مصطفيٰ ملاح جي رپورٽ