سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2011۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    سائين محمد سليمان پيارا توهان جي تحقيق طرف رغبت سٺي شيء آهي ليڪن هڪ عرض ته تاريخ جي آئيني ۾ تحقيق ڪو عام معمولي ڪم نه آهي مشهور چوڻي آهي ته المورخ کحاطب بالليل تاريخ لکندڙ رات جو ڪاٺيون گڏ ڪندڙ جي مثال وانگر آهي جيڪو سڪين ساين ۾ تميز نه ڪري سگهندو آهي انڌيري ۾ هٿو راڙيون ڏئي بس ڀري ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۔

    ٻيو ته تاريخ لکندڙ به انسان هوندو آهي ان جا پنهنجا جذبا به هوندا آهن ڪنهن سان همدردي يا نا اتفاقي هڪ انسان جو فطري عمل آهي جڏهن اهي سڀ ڳالهيون حقيقت آهن ته پوء تاريخ جي آئيني ۾ حق ڳولڻ ڪيترو مشڪل آهي توهان پاڻ فيصلو ڪري سگهو ٿا ۔

    تازو محترمه بينظير جو مسئلو ئي کڻو سو ٻه سو سال بعد اهو به تاريخ جي ورقن ۾ سمائجي ويندو ليڪن توهان اسان جي سامهون اهو واقعي ٿيو ڇا سو فيصد سچ اسان جي سامهون اچي سگهيو آهي هر ڪنهن جا پنهنجا نظريا آهن جنهن مطابق اهي اندازا آهن ته فلاڻو قاتل آهي يا فلاڻو ليڪن اڃا تائين حق تي پردو رکڻ جي ڪوشش جاري آهي ليڪن اهو سڄو مسئلو جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ سمائجي ويندو ان مان ڪيتري قدر حقيقت معلوم ٿيندي ان جو اندازو هر صاحب عقل لڳائي سگهي ٿو ۔

    ان کان علاوه تاريخ پڙهندڙ جو پنهنجو ذهن به ڪنهن هڪ پوائنٽ سان متفق آهي اهو فقط اهي حوالا ڳوليندو جيڪي سندس نظريه مطابق هجن
    ان طرح ڪيتري قدر حقيقت معلوم ٿيندي ؟

    انهن سڀن ڳالهين جي باوجود تاريخ کي مڪمل غلط نه ٿو چئي سگهجي هر ڪو تاريخ مطالعو ڪري حق تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي اوهان به ڀلي ڪوشش ڪيو ۔

    اوهان کي ڪتابن جا لنڪ موڪلجن ٿا۔
    ليڪن اها معذرت ته اهي ڪتاب به عربي ۾ آهن۔




    http://www.4shared.comfile/KxciJrVn/Tarikhbagdad.html/[/SIZE][/COLOR][/CENTER][/CENTER]

    http://www.4shared.com/file/KxciJrVn/Tarikhbagdad.html

    http://www.4shared.com/file/8ESp6lrZ/THARIKHYAQOOBI.html
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    اسلام جي شروعات محمد بن قاسم رح کان اڳ سنڌ ۾ ٿي چڪي هئي ، پر ڳالھ آهي ته سنڌ کي باب الاسلام محمد بن قاسم جي دور کان ڇو ڄاڻايو ٿو وڃي ادا سليمان اصل ٽاپڪ اها ڳالھ هئي پر دوست ڳالھ مان پنهنجا ذاتي اغراض ۽ اصل پهلو کي ڇڏي ڪري ڪامينٽس ڏيڻ شروع ڪري ڏنو جنهن جي اوهان پڻ وضاحت ڪئي آهي .
    1، سنڌ باب الاسلام محمد بن قاسم جي دور کان ڇو سڏرائي ٿي ؟
    2 . ڇا اها ڳالھ غلط آهي ؟
    3. ڇا اصل ڳالھ هن جي برعڪس آهي ؟
    ڪوشش ڪندم ته اصل ڳالھ جي وضاحت ڪيان .
    تاريخ جئين ته هڪ متضاد روايتن جو تسلسل آهي جيڪو اسان تائين پهتو آهي ، هر تاريخ دان جي ڪن پهلوئن تي اعتراض ٿيا آهن گهڻن تاريخدانن جي تحقيق کي رد ڪيو ويو آهي ، اسان کي گهرجي ته تحقيق ٿيل ۽ مثبت ڳالھ کي حاصل ڪريون جئين محنت ۽ جستجو بيڪار ۽ رائيگان نه ٿي وڃي. تاريخ کي ٽوڙي مروڙي هر ڪنهن فڪري سوچ رکندڙ ۽ خاص مذهب رکندڙ ۽ خاص فرقه رکندڙ تاويل ڪري اهڙيون ڳالهيون اخد ڪندو رهيو آهي جيڪا هن جي فائدي جي هجي ۽ اهي سڀ حقيقتون رد ٿو ڪري جيڪو هن جي مخالفت ۾ هوندي آهي .
    پر اسلام هڪ ڪامل مذهب آهي ۽ هن کي ڳالھ کي ٽوڙي مڙوري پيش ڪرڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نٿي ٿئي ، اسلام جي وحدانيت ۽ حقيقت پنهنجي پاڻ نروار ۽ چٽي ٿيندي رهندي آهي . اسلام جي اڳيان باطل نظريه، باطل مذهب توڙي فرقه مٽي جي محل وانگر پنهنجي بيهڪ قائم رکي ناهن سگهندا .
    1 . سنڌ کي باب الاسلام محمد بن قاسم جي دور کان ڇو سڏرائي ٿي؟
    آدم عليه سلام پهريون نبي ۽ رسول هو جنهن کي الله تعالى هن منصب تي نوازيو . اها ڳالھ هر ڪنهن کي خبر به هوندي ، پر قرآن مجيد فرقان حميد ۾ ارشاد آهي ته ؛[FONT="Al_Mushaf"] إِنَّا أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ كَمَا أَوْحَيْنَا إِلَىٰ نُوحٍ وَالنَّبِيِّينَ مِن بَعْدِهِ ۚ وَأَوْحَيْنَا إِلَىٰ إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَاقَ وَيَعْقُوبَ وَالْأَسْبَاطِ وَعِيسَىٰ وَأَيُّوبَ وَيُونُسَ وَهَارُونَ وَسُلَيْمَانَ ۚ وَآتَيْنَا دَاوُودَ زَبُورًا (سورت النساء آيت 163)
    [/FONT]
    ترجمو ؛ اسان توڏانھن (اھڙيءَ طرح) وحي ڪيو جھڙي طرح نوح ڏانھن ۽ کانئس پوءِ (ٻـين) پيغمبرن ڏانھن وحي ڪيوھوسون، ۽ ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسىٰ ۽ اَيُّوب ۽ يُونس ۽ ھارون ۽ سليمان ڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون. ( ترجمو امروٽي رحمة الله عليه)


    هاڻي ڳالھ ۾ ساڳي تضاد نظر پيو اچي . ڇا نعوذ بالله اسان ساڳيو روش هتي به رکي سگهنداسين ، نه هر گز نه هاڻي اسين اهل حق ۽ علمائن کان تشريح ۽ تفسير ۽ نبي ڪريم ﷺ جي روايتن جي مدد سان ڳالھ کي سمجهڻ جي سعيو ڪنداسين .
    نوح عليه السلام کي آدم ثاني به سڏيو ٿو وڃي ، تفسيرن ۾ اچي ٿو ته نوح عليه السلام کان اڳ وارن جو ذڪر نه اچڻ هن ڪري ٿيو آهي جو نوح عليه سلام تائين شريعت ڪامل ٿي وئي هئي اڳ ۾ ڪامل نه هئي ۽ شريعت جو ڪم ابتدائي مرحلي ۾ هو ۽ نوح عليه السلام کان اڳ ۾ قومن تي عذاب نازل نه ٿيڻ جو سبب به اهو ئي هو پر نوح عليه السلام کان پوءِ نافرمانين تي شريعت ڪامل هجڻ ڪري حجت ٿي ويو هن ڪري وحي جو سلسلو به هن ايت ۾ نوح عليه السلام کان منصوب ڪيو ويو ۽ تنهن ڪري رسالت جو سلسلو هن کان شروعات منصوب ڪيو ويو آهي ، ۽ اهو واقعو نهايت مشهور به آهي ۽ نوح عليه السلام کان جيڪي اڳ نبي گذريا ضمنن هن جي بيان نه ڪيو ويو . پر حقيقت اها به آهي ۽ حقيقت اها به آهي ، ساڳيو انداز ۽ ساڳي نموني اهل قلم ۽ محقق تاريخدانن به ڪيو ، اسلام جي تبليغ برابر محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ افغانستان ، ايران ۽ ڪجه سنڌ جي علائقن تائين پهتي ۽ اسلام ۾ ماڻهو داخل ٿيندا رهيا پر جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته هن وقت مڪمل سنڌ وڃي ملتان کان به اڳتي ۽ هندستان جي علائقن تائين اسلام ڦهيلجي ويو اهو هڪ وڌو واقعو هو ۽ هن وقت وڏي تعداد ۾ ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيا ۽ حقيقي طور تي سنڌ سڄي اسلام جي دائري ۾ اچي داخل ٿي ته سنڌ کي دارالاسلام جو شرف اچي مليو ، اها اها حقيقت آهي جنهن کي برهمڻي ذهنيت ۽ اموي تعصب ڪري مسح ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ، سمجهو ۽ حقيقت جي پرک رکندڙ حضرات ضرور ڳالھ جي اونهائي ۾ وڃي حقيقت تي رسائي حاصل ڪري سگهندا آهن . اوهان اڄ به هنن فلاسفرن ۽ ليکڪن جو جائزو وٺو هنن جي لاڳاپن جي ڳولها ڪريو ضرور اوهان کي اهڙن فڪر رکندڙن جو ” بيڪ گرائونڊ“ يا ته هندن سان ٿيندو يا وري اموي حڪمران جي مخالفن جو ۽ اهو ڪردار هر دور ۾ اڪبري دور جي ابو الفضل ۽ مير جعفر وارن جو تسلسل آهي جيڪو هلندو نظر ايندو . ملڪِ پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ هندو تهذيب کي هٿي وٺرائڻ ۾ افسوس اسان جا مسلمان جيڪو هندن جي ذهنن ۽ فڪرن جي تڪميل لاءِ آله ڪار طور ڪم ڪري رهيا آهن هنن جو خواب ڪڏهن به پائي تڪميل تائين نه پهچندو ، سنڌ جي غيور مسلمان اهڙن فڪرن جي نمائندگي ڪرڻ وارن ۽ ڪميونزم جي بقاياجات کي ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو آهي ۽ نه ي اڳتي قبول ڪندا ، باقي اڄ ڪلھ ميڊيا جو دور آهي اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ، غلط کي صحيح ۽ صحيح کي غلط ڪرڻ جي جيڪا روايت وڌي وئي آهي خاص ڪري سنڌ ۾ ڪميوزم ۽ قومپرستي جي آڙ ۾ اسلام ۽ اسلامي تهذيب کان سنڌين کي پري ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪرڻ وارن کان سنڌ جي غيورمسلمان عوام چنگي نموني ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو ....
    تحرير ؛ افتخار علي چوهان
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    محمد بن قاسم متعلق ڪافي ڪتابن ۾ تذڪرو ملي ٿو ليڪن منهنجي نظر کان ته سندس متعلق ڪتابن ۾ ڪافي سٺي راء گذري آهي. وڌيڪ والله اعلم ته اها حقيقت آهي يا نه جو مان ايترو تاريخ جو حافظ ماهر نه آهيان نه ڪا دعويٰ ڪيان ٿو فقط چند حوالا جيڪي منهنجي نظر کان گذريا سي دوستن جي معلومات خاطر قارئين جي نظر ڪيان ٿو.
    مذڪوره موضوع ۾ اهو پڻ هو ته ڇا محمد بن قاسم کان اڳ به هتي اسلام هيو يا نه ان متعلق پڻ ڪجهه ته وڊيو ۾ وضاحت هئي ليڪن هڪ ڪتاب ۾ آهي ته :
    پهريون مسلمان جنهن ديبل ۾ پير پاتو سو حضرت عثمان بن ابو العاص ثقفي هو، جيڪو هجري سن 15 ڌاري حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي دور ۾ ديبل تي حمله آور ٿيو هو. محمد بن قاسم هن شهر کي فتح ڪرڻ کان پوء هتي هڪ شاندار مسجد به تعمير ڪرائي هئي. ۽ چار هزار عرب مسلمان خاندان به ديبل ۾ آباد ڪيا هئا.

    307

    احمد بن يحى ابو جعفر المعروف بلازري ٽن عباسي خليفن معز ، متوڪل ۽ مستعين جو درباري هو فارسي به ڄاڻندو هو سنڌ ۾ نه آيو هو پر سنڌ متعلق اسلامي فتوحات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو.
    محمد بن قاسم ديبل ۾ جمعي جي ڏينهن ٻيڙن سميت پهتو شهر جي چوڌاري کاهي کوٽايائين. کاهي جو چوڌاري نيزا اڀا ڪرايائين ۽ جهنڊا پڻ کڙا ڪيائين ماڻهن کي پنهنجن جهنڊن هيٺ ترسايائين ۽ عروس نالي هڪ منجنيق مندر جي سامهون بيهاريائين ان منجينق کي پنج سوء ماڻهو ڇڪيندا هئا ديبل ۾ هڪ وڏو مندر هو ، جنهن جو هڪ تمام اوچو منارو هو ، جنهن ۾ هڪ لڪڙو پڻ لڳل هو ، جنهن ۾ هڪ ڳاڙهي رنگ جو جهنڊو جهولندو هو.

    سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ ص 304 مرتب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو.
    ديبل جي باري ۾ عربي شعر
    ڪان ذراعه المشڪول منه
    سليب من رجال الديبلان
    ترجمه
    شراب جو ڪارو مٽ ، جنهن مٽ جو منهن ٻڌل آهي (يعني ان ۾ شراب بالڪل پچي ڪري ۽ پاروٿو ٿي ڪري اهڙو نشيدار بڻجي چڪو آهي ) اهو مٽ ديبل جو ماڻهن جي رنگ وانگر ڪارو ٿي چڪو آهي.
    306ص
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي هڪ تحقيقي مضمون ۾ جيڪو هڪ رسالي اسلامڪ ڪلچر ۾ جيڪو حيدرآباد دکن مان نڪرندو هو ، ان جي اشاعت سن 1952ع واري ۾ ديبل جي جي Location بابت اها راء لکي آهي ته:
    ديبل ۽ ڀنڀور هڪ ئي جڳهه تي آهن. ... ديبل جو محل وقوع ڀنڀور واري جڳهه ئي آهي.
    ص310
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ديبل سنڌ جو هڪ عظيم سامونڊي بندر هو ، جنهن کي سنڌ جي عرب حڪمرانن پنهنجي دور اقتدار ۾ وڌيڪ زوردار ۽ بارونق شهر بنايو. هن ئي دور ۾ ديبل جي اسلامي حيثيت به اڀري ۽ ديبل جو نالو اسلامي دنيا ۾ هڪ نئين دنيا سان نروار ٿيو. ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته ديبل سر زمين پاڪ وهند ۾ پهريون حديث رسول جو مرڪزهو.
    310
    سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ ص 310 مرتب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو.
    712ع ۾ محمد بن قاسم راجا ڏاهر کي شڪست ڏئي سنڌ فتح ڪري هن خطي ۾ اسلامي تهذيب ۽ ثقافت کي فروغ ڏنو ، جنهن جي ڪري سنڌ کي "باب الاسلام" يعني "اسلام جو دروازو" به چيو ويندو آهي

    ملڪن ۽ قومن جي انسائيڪلو پيڊيا ص123​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ محمد بن قاسم کان اڳ ئي باب الاسلام هئي

    ادا فتخار اوهان جي مهرباني

    سائين مولوي رحيم بخش صاحب جا لک ٿورا جن اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندي ڪجهه وڌيڪ شيون اسان سان شيئر ڪيون آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو