سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ا
    آيا اڱڻ عجيب مون نصيب ڀلا
    اهي اڱڻ چمان يا عجيب چمان

    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران اسان جي نهايت ئي دل گهريي دوست ۽ سنڌ پرست سائين نثار ابڙو کي سنڌ جي سرزمين تي پهچڻ تي ڀليڪار۔

    سائين نثار ابڙو رهندو ته مڪي پاڪ ۾ آهي پر بقول سندس ته هن جو جسم سعودي عرب ۾ هوندو آهي باقي سندس روح ۽ دل سنڌ ۾ ڀٽڪندا رهندا آهن۔ سنڌ کان دوري سندس هر لکڻي مان چٽي طرح نمايان هوندي آهي۔ رات جو دير سان ئي سائين نثرا سان اهو طعي ٿيو هو ته مان کيس ايئرپورٽ تان وٺڻ ايندس۔ اڄ صبح جو ساڍي ڇهين بجي مان ۽ اسان جو دوست غلام سرور جوکيو سائين کي ايئرپورٽ تي وٺڻ لاء روانا ٿياسون۔ جهاز ستين بجي لهڻو هو پر اڌ ڪلاڪ ليٽ هجڻ سبب ساڍي ستين بجي لينڊ ٿيو ۽ اٺين بجي سائين اسان سان گڏ ايئرپورٽ لائونج ۾ هيو ۽ سندس ڀاڪر ۾ ئي سنڌ ۽ دوستن لاء سڪ سمايل هئي۔

    سائين سان گڏ سچل ڳوٺ پهتاسون ته اتي به ڪجهه دوست سائين سان ملڻ لاء بيقرار هيا ۽ ڀاڪرين پئي سڀني سان مليا۔ باقي ڪچهريون ته قائم هونديون ۽ سائين ٻن مهينن لاء سنڌ ۾ ئي هوندو ۽ انشاء الله سنڌ سلامت جي دوستن سان به ڪي گڏجاڻين جا پروگرام رکبا۔
    [/JUSTIFY]



    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جتوئي صغير

    جتوئي صغير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    محترم سائين نثار ابڙو صاحب کي سنڌ ديس جي سهڻي سرزمين تي پهچڻ جون لکين واڌيون هجن، اسان جون دعائون سائين جي هميشه سٿ ۾ رهنديون۔
    صغير جتوئي
    جده _ سعودي عريبيه
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    واھ سائين واھ۔۔۔۔۔سائين نثار کي ڏسندي تمام گھڻي خوشي ٿيندي آھي۔
    محترم جي شخصيت تي جيڪڏھن ڪتاب لکجن ته به مان سمجھان ٿو ته گھٽ ڳالھ ھوندي۔
    سائين نثار ابڙو صاحب جن کي اسان سنڌ پنھنجي ماڳ اچڻ تي دل جي گھرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔
    سليمان سائين جن جا به ٿورا جو سائين جن جو تازو درشن ڪرايائون۔

    [​IMG]

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    واهه ۔۔۔۔

    عاشق سولنگي صاحب جي اهائي ته خوبي آهي ۔۔۔۔۔۔۔ تصوير ملي ناهي ۽ ايڊيٽنگ شروع ۔۔۔۔۔۔۔۔ بهترين ڀيٽا
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    اڄ اڱڻ منهنجي هٻڪار آهي
    مهمان ڪو اهڙو آيو آ
    رڳو مان ئي نه آهيان۔۔ پر ٻين به هتي
    اڄ ڳوٺ سڄي کي سجايو



    سائين اوهان کي سنڌ ڌرتي جي دل يعني ڪراچي آمد تي خوش آمديد چوان ٿو۔۔
    اوهان جي شخصيت تي ڀلا ڇا لکي ڇا لکان۔۔ لفظ ڀائن نه ٿا جيڪي تو نائن ڪيان۔۔
    دعا آهي ته رب پاڪ اوهان تي پنهنجي رحمتن جو سايو برقرار رکي۔۔


    [​IMG]


    اڳي دور هوندو هيو ته بادشاهه پنهنجي وزيرن کي حڪم ڪندا هئا ته جنهن مهمان جي اچڻ جي پهريان خبر ڏني ان کي انعام ملندو۔۔۔

    هاڻي مسئلو آهي ته نه مان بادشاهه آهيان ۽ نه ئي درويش ڪنهن کي حڪم ڏئي سگهي ٿو۔۔

    پر پوءِ به ادا سليمان وساڻ جنهن اسان تائين اها خوشخبري پهچائي آهي۔۔ انهن جا دل سان لک ٿورا۔۔



    دعا ۾ ياد











    .
     
  6. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين نثار ابڙو کي سنڌ جيجل ما جي قدم بوسي تي کيس لک لک واڌايون
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    يار واه جي اطلاع ڏنؤ۔ وڏو انتظار هو سائين جو۔ هاڻي ته ضرور ملبو سائين سان۔ ڪوشش ڪريو ته سنڌسلامت جي دوستن جون سائين نثار ابڙو جي هوندي ملاقاتون ڪرايو۔ مهرباني۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سنڌ سلامت جي سهني دوست ادا نثار ابڙو کي خيريت سان سنڌ پهچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿا چئون
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    ادا حفيظ مان به اهوئي سوچيو آهي ۔۔۔۔۔

    عيد تي ڳوٺ پيو وڃان، واپسي ۾ سائين سان اهڙو پروگرام رکبو۔ باقي اوهان به عيد تي سچل ڳوٺ ۾ آهيو ۽ سائين نثار به سچل ڳوٺ ۾ هوندو۔ تيسين اوهان ڪچهريون ڪجو جيسين اسان واپس ٿيون۔
     
  10. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين اوهان کي سنڌ ڌرتي جي دل يعني ڪراچي آمد تي خوش آمديد چوان ٿو۔
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    جنهن وقت سنڌ سلامت جو هڪ نائيب منتظم سائين نثار ابڙو جن جو جهاز سنڌ ۾ لينڊنگ ڪرڻ وارو ان ئي وقت سنڌ سلامت جو ٻيو نائيب منتظم ادا علي علي جو جهاز سنڌ جي ڌرتي ڇڏي سنڌ جي هوائن کي ڇُهي رهيو هيو ۔۔۔ سموري سنگت جي خواهشن باوجود روايت ساٿ نه ڏنو ۔۔۔ نه سائين نثار ابڙو جو جهاز وقت تي پهتو ۽ نه وري ادا علي علي واري جهاز نڪرڻ ۾ دير ڪئي۔۔۔ سنگت جون خواهشون دل ۾ ئي رهجي ويون۔۔۔
    پر پر گهٻرائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي اسان وٽ اهڙو پليٽ فارم موجود آهي جتي نه ڪنهن جهاز جي ۽ نه وري ڪنهن گاڏي جي ضرورت آهي اسان اتي روز ملون به ٿا ته موڪلايون به ٿا۔۔۔ رُسون به ٿا ته پرچون به ٿا۔۔۔۔ روئون به ٿا ته کِلون به ٿا۔۔۔ خاموش به آهيون ته ڳالهايون به ٿا۔۔۔ ان ڪري اسان جي دل ۾ دوستن سان محبت آهي جا گهٽجي ئي نه ٿي۔۔۔ چاهتون سدا قائم ۽ دائم آهن ۽ رهنديون۔۔۔

    دوستن جي ڀليڪار ۾ جيتري محبت سمايل آهي۔۔۔ اها رڳو سنڌ سلامت فورم جي نه پر سموري سنڌ جي نمائندگي آهي۔۔۔ ۽ ڇو نه هجي اسان جو محترم سائين ان محبت جي لائق جو آهين۔۔۔ بس دعا آهي ته سعودي وانگر سنڌ به سائين کي موقعو ۽ وقت ملي ته سنڌ سلامت جي رنگينين ۽ دوستن جي هن محبت واري انداز کي ڏسي، سمجهي، پڙهي ۽ محسوس ڪري سگهن۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين جن کي سنڌي جي دل يعني ڪراچي جي پاڪ ڌرتي تي ڏسي ڏڍي دل خوش ٿي، سائين جن سان جلدي مُلاقات ڪنداسين ۽ ادا سُليمان وساڻ جا ٿورا جن سائين جن جو تازو ديدار ڪرايو، قُرب
     
  13. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين سبحان الله اسان جي دل جي حسرت به پوري ٿيندي انشاءِ الله سائين جي قدم بوسي جو شرف اسان کي به ملندو سائين ابڙا صاحب ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا الله اوهان جي ڇانَوَ اسان جي مٿان هميشه دائم و قائم رکي۔
    وسلام
     
  14. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    محترم سائين نثار ابڙو صاحب کي سنڌ ديس جي سهڻي سرزمين تي پهچڻ تي ڀليڪار۔
    ادا سليمان صاحب اوهان جا به لک ٿورا۔
     
  15. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين نثار ابڙي کي دل جي گهراين سان سنڌ ڌرتي تي قدم رکڻ تي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو۔
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سڀ کان پهريان ته سهڻي دوست سليمان جا ٿورا ۔۔۔ ڇاڪاڻ پاڻ سنڌ سلامت جي دوستن سان نڀائڻ کي پنهنجو فرض ۽ اهو به دل جي گهراين سان ۔۔۔ اڄڪلهه جي هن نفسانفسيءَ جي دور ۾ ڪير ٿو ڀلا ڪنهنکي پنهنجيون بي لوث محبتون آڇي، پر اهو ڪم سليمان وساڻ خوب ڪرڻ ڄاڻي، دوستن کي مان ڏيڻ کائنس ڪو سکي ۔۔۔ مون ساڻس ڳالهه ڪئي ته سڀاڻي آءُ اچانٿو ته ائرپورٽ تائين اچڻ جي اهڙي ته صلاح ڪيائين جو کيس اهو چئي نه سگهيس ته تڪليف نه ڪريو، ڇاڪاڻ اهو چوڻ به دوست جي شان ۾ گستاخي ٿي سمجهيم،

    سچ پڇو ته ائرپورٽ تي سليمان ۽ سچل ڳوٺ جي پياري انسان ۽ دوستن جي دوست غلام سرور جوکيو صاحب جو ديدار ٿيندي ئي سڪون مليو ۽ ڀاڪر پائي سنڌ مٽيءَ جي هٻڪار ملي ۔۔۔

    ننڍڙي لاءُ جڏهن آءُ لطيف سرڪار جو سر مارئي پڙهندو هوس ته حيرانگي ٿيندي هئي ته، مارئي پنهنجن ماروئڙن لاءِ ايترو تڙپي ڇو ٿي ۔۔؟ پر اها خبر تڏهن پئي جڏهن آءُ پنهنجي ڌرتي ۽ سنڌ وطن کان جدا ٿيس ۔۔۔ سنڌ کان جدائي ڇا ٿي ، اندر ۾ مارئيءَ اچو گهر ڪيو ۽ لطيف جي ڪلام هيئون ئي لوڙهي وڌو ...

    آئُون ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَهارَنِ پَچارَ؟
    جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُهارَ؛
    ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، هِنئڙي مَنجِھ هَزارَ؛
    پَکا ۽ پَنوَهارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهَن ٿِيا.

    سرمارئيءَ جي سمجهه پرديس ۾ گهڻو ٿئي ٿي ۽ مارئيءَ جا سور سمجهه ۾ اچنٿا ... آءُ پاڻ کي گهڻو ئي پليندو آهيان، سمجهائيندو آهيان ته؛ اڙي نثار!، سنڌ ۾ ڇا رکيو آهي، ماڻهون ڏنگا ڦڏا ٿي ويا آهن، سياسي ۽ قانون حالتون ابتر کان ابتر آهن، معاشي نفسانفسي لڳي پئي اهي، قتل و گارت گري ۽ ڦرلٽ لڳي پئي آهي، سنڌ کي ايترو ياد نه ڪر ۽ وساري ڇڏ ته هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهون، ڪيترائي ڀيرا سوچيم ته ٻچڙن سميت لڏي هليو وڃجي، پر جڏهن لطيف سرڪار کي پڙهندو آهيان ۽ خاص ڪري سر مارئي پڙهندو آهيان ته پنهنجن ارادن تي پاڻي پئجي ويندو آهي ... ۽ ڌرتيءَ سان نڀائڻ جا وچن ٿين ٿا ...

    الا! اِئَن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بَندَ ۾!
    جُسو زنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينهان روءِ؛
    پَهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَنڙا!

    ڀلا، حب الوطن، انسان جنهنکي پنهنجي مٽي سان محبت هجي، ماروئڙن جا سڪ سوائي هجي ۽ پرين پيارن، دوستن جي دوستيءَ تي ڀرم هجي سو ڪئين ٿو پنهنجي ملڪ کي وساري ..؟

    الله جا شڪر آهن، سنڌ ۾ اڃان دوستيون قائم آهن، اڃان محبتي ماڻهون جيئرا آهن، اڃان آئي ويل ڪم اچڻ وارا آهن، انڪري آءُ سنڌ سان ائين جڙيل آهيان جيئن ڪو ابهم ٻار پنهنجي ماءُ جي ٿڃ سان جڙيل هجي ٿو ...

    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جا قرب ڏسي سنڌ سلامت کان ڏور ٿيڻ ممڪن ناهي ۽ سچ چيو آهي ادي رشيد ته، هُنَ اهڙي اوطاق ٺاهي سنواري رکي آهي جت هر طرف کان دوست اچي ڪٺا ٿين ٿا ۽ ڀل هو ڪيترو به پري ويندا هجن، ملڪ ۾ هجن يا ملڪ کان ٻاهر پر سنڌ سلامت جا سچا ۽ سنڌيت سان پيار ڪندڙ دوست جڏهن به انٽرنيٽ کوليندا ته سنڌ سلامت تي ڀيرو ضرور ڀريندا آهن ...

    آءُ ٿورائتو آهيان سڄي سنگت جو جن دلي گهراين سان ڀليڪار ڪئي آهي ۽ قرب ڏنا آهن، ٿورا ناهن ٿورا، ڳڻي ڳڻبا ڪيترو ... سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جا اهي قرب ئي ته آهن جو اسانکي سنڌ سلامت سان جڙيل رکي ٿو ۔۔۔

    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين نٽار ابڙو صاحب سنڌ سلامت جي سونهن سائين جي لاء جيترا به لفظ لکجن گهٽ اهن۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ پهچڻ تي کيس دل جي گهرائين سان ڀليڪار

    [​IMG][/center][/img]
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    [JUSTIFY]سائين نثار جڏهن ڪنهن سان دوستي ڪبي آهي ته اها نڀائبي به آهي ۽ اها اسان سنڌين جي پراڻي ريت ۽ رسم آهي۔ پنهنجن سان ملڻ وقت ٿورا يا گهنا ناهن ڏسبا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻيو وري نثار ابڙو اچي ۽ اسان ايئرپورٽ تائين به نه وڃون ته پوء سچ پڇو ته مزو ئي نه اچي ها ۔۔۔۔۔ سائين غلام سرور جوکيو هر روز اوهان جو پڇندو هو ته سائين ڪڏهن ٿو اچي ته وٺڻ هلونس۔ مڪي ۾ اوهان پاران دوستن کي ڏنل موٽ ۽ محبت ڪا وسرڻ جي آهي ڇا ؟؟

    مان درويش کي ڪونه ٻڌائي سگهيس ان لاء درويش کان معافي، ڇو ته هو ويجهو هيو ۽ جلدي اچي پئي سگهيو۔ باقي عرس کي فون ڪيم ته ان جو فون بند مليو هو۔

    مان سوچيو هو ته اهي ڀاڪرن وارا لمحا ڪيمرا ۾ قيد ڪبا پر ڪيمرا کي عين ان وقت الائي ڪهڙو مرض لڳو جو ان وقت ڪڍيل ڦوٽو محفوظ ئي ڪونه ٿيا ۔۔۔ پوء به غلام سرور جوکيي ۽ اوهان وارو ڀاڪر مڙئي محفوظ ٿي ويو هو۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    سائين نٽار ابڙو کي سنڌ پهچڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار جنهن ڏينهن اسا روانا ٿياسين ان ڏينهن سائين جن پهتا نه ته اسان به سائين جن جو آڌر ڀاء ڪيون ها پر يقينن سليمان وساڻ جو ڀاڪر اسان سڀني دوستن جي طرفان هو الله پاڪ اوهان کي خوش رکي
     
  20. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سعودي عرب کان سنڌ پهچڻ تي سائين نثار ابڙو کي ڀليڪار

    محترم ۽ مانواري اسان جي سر جي سائين نثار ابڙي کي ڀليڪار

    سليمان جي سهاري اسان جون به ادا نثار سان نيٽ تي ڳالهيون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون پر انتظار هو سائين جي وطن اچڻ جو۔ منهنجو به ارادو هو ته ايئرپورٽ ويندس پر نڀاڳي ننڊ اهڙي جو صبح جو اک کُلي ئي ڪانه۔ سليمان به بادشاهه ماڻهو آهي جو ڪونه اٿاريائين ۽ ايئرپورٽ هليو ويو۔ پر شام جو مان به دڳ وٺي ويهي رهيس ۽ سائين جيئن گذريو ته اهڙو ڀاڪر پاتائين جو دل خوش ٿي وئي۔

    ڪچهريون قائم آهن ۽ سائين پنهنجي علمي ڄاڻ ذريعي ۽ دوستن سان گڏ هتي ڪچهرين ۾ آهي۔۔۔۔ واهه واهه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو